diff --git "a/sd/shard-4.txt" "b/sd/shard-4.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sd/shard-4.txt" @@ -0,0 +1,5429 @@ + + +وڪي اخبار ٻين ٻولين ۾ پڻ موجود آهي: + + +متحده مجلس عمل جي اڳواڻ پروفيسر خورشيد احمد مطالبو ڪيو آهي ته نواب اڪبر بگٽي جي قتل جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي جج کي مقرر ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن مشاهد حسين واري ڪاميٽي بگٽي سان ڳالهيون ڪري رهي هئي ان جي رپورٽ ملڻ کان هفتو پوءِ اهو آپرييشن شروع ڪيو ويو. هن مطالبو ڪيو ته بلوچستان ۾ آپريشن هڪدم بند ڪيو وڃي. + + +پاڪستان، ڊينئل پرل تي ٺهندڙ فلم جي شوٽنگ ملڪ ۾ ٿيڻ لاءِ آمادگيءَ جو امڪان ڏيکاريو آهي. ان فلم کي پاڪستان ۾ شوٽنگ ڪرڻ کان روڪيو پئي ويو. +هوم سيڪريٽري سنڌ جو چوڻ هو ته شوٽنگ تي آيل يونٽ اڳ ۾ ڪابه اجازت نه ورتي هئي جنهنڪري کين شوٽنگ کان روڪيو ويو هو. +فلم ۾ هيروئن جو ڪردار هالي ووڊ جي مشهور اداڪاره انجلينا جولي ڪري رهي آهي. فلم جي ڪهاڻي هڪ اهڙي عورت تي مشتمل آهي جنهن جو مڙس گم ٿي وڃي ٿو، فلم جي ڊائريڪشن مائڪل ونٽر باٽم ڏيئي رهيو آهي. + + +صدر پرويز مشرف طرفان ڏنل هڪ بيان جنهن ۾ هن چيو هو ته طالبان، القائده کان وڌيڪ خطرناڪ آهن. مشرف جي اهڙي بيان تي افغانستان طرفان افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي، جڌهن ته پاڪستان جو چوڻ آهي ته صدر مشرف جي بيان کي ٽوڙي پيش ڪيو ويو آهي. +ياد رهي ته اهڙو بيان صدر مشرف ڪاميٽي آف فارئين افيئرس يورپي پارليامينٽ کي خطاب ڪندي ڪيو هو. افغانستان, صدر مشرف جي بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ته طالبان آءِ ايس آءِ جا ئي پيدا ڪيل آهن جن جي هاڻ مخالفت ڪئي پئي وڃي. + + +پاڪستان جي قومي اسيمبلي متفقه طور پوپ بينڊڪٽ جي جهاد بابت ڏنل بيان جي مخالفت ۾ قرارداد منظور ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پوپ کي سڀني مذهبن ۾ ڀائيچارو قائم رکڻ لاءِ پنهنجي ڏنل بيان تي معافي وٺڻ گهرجي. +پوپ بينڊڪٽ جي بيان تي مسلمان حلقن ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي، ياد رهي ته پوپ بينڊڪٽ پنهنجي بيان ۾ هڪ عيسائي شهنشاهه جا لفظ استعمال ڪندي چيو هو ته اسلام جو پيغمبر تشدد پسند هو جڏهن ته اسلام کي تلوار جي زور تي ڦهلايو ويو. پوپ مذڪوره جملا رگنسبرگ يونيورسٽي ۾ خطاب دوران استعمال ڪيا هئا. +جيتوڻيڪ ڪليسا طرفان پنهنجي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پوپ جو مقصد مسلمانن جي دل آزاري ڪرڻ نه هو، بلڪه هو ته سڀني مذهبن وچ ۾ مفاهمت جو قائل آهي. جڏهن ته ٻئي طرف پوري دنيا جي مسلمانن طرفان شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته پوپ کي اهڙي بيان ڏيڻ تي فوري طور معافي وٺڻ گهرجي. + + +هاڪي ورلڊ ڪپ جي هڪ ميچ ۾ انگلستان جي ٽيم شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان جي ٽيم سخت ڪوشش جي باوجود هڪ به گول نه ڪري سگهي. اهڙيءَ ريت انگلستان پنجين پوزيشن ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. +ياد رهي ته پاڪستان هاڪيءَ جو چار ڀيرا ورلڊ ڪپ جو فاتح رهي چڪو آهي. هيءُ ميچ هارائڻ کان پوءِ پاڪستان ڇهين نمبر جي پوزيشن ماڻي ورتي آهي. + + +”ٽاهوما“ فونٽ لاءِ گوگل بجاءِ سڌي لنڪ +مهرباني ڪري فونٽ ڊائون لوڊ لاءِ سڌي طرح فونٽ ڊائون لوڊ جي لنڪ رکو مثال طور: + + +هي پوري ويب سائٽ جو پهريون صفحو آهي، جيڪڏهن اوهان ان ۾ تبديلي چاهيو ٿا ته هتي لکي ڇڏيو. + + +پاڪستاني سائنسدان ۽ نيوڪليئر بم جي خالق ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي اسپتال مان فارغ ڪيو ويو آهي، چيو پيو وڃي ته سندس صحت بلڪل ٺيڪ آهي. ڊاڪٽر کي 16 سيپٽمبر صبح جو فارغ ڪيو ويو. ياد رهي ته ڊاڪٽر صاحب ڪراچيءَ جي مشهور اسپتال آغا خان ۾ داخل هو. +ڊاڪٽر خان کي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن جي سخت پهري هيٺ گهر منتقل ڪيو ويو. جتي گهر وارن کان سواءِ ڪنهن کي به ساڻس ملڻ جي اجازت نه هوندي. + + +مان پنهنجي حصي جو ڪم جيترو مون کان ٿي سگهي ٿو ڪري رهيو آهيان اميد ته اوهان به سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪجهه وقت استعمال ڪندا، مهرباني. +ادا لغاري صاحب اسلام عليڪم. +اوھان جي مھرباني جو ڀليڪار چيو مون کي سنڌي وڪي اخبار ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿي اميد ته ڪامياب ٿيندا خبرن جي ميدان ۾ منھنجو تجربو بلڪل به ڪونھي ان ڪري مون مان ڪم جي گھڻي توقع نه ٿي رکي سگھجي البت گھمندو ضرور رھندس جيڪڏھن ڪجھھ ڪرڻ جھڙو ٿيس ته ضرور ڀاڱيداري نڀائينس اوھان کي ھن نيڪ ڪم تي مباروڪون ھجن سنڌ جا جيڪي ٻه ٻيٽ وڪڻي ڇڏيا اٿن اھو ھڪ انتھائي نازڪ معاملو ۽ وڏو ظلم آھي ٿي سگھي ته ان مسئلي کي کڻجَو +ادا ضرور! ڪوشش ڪبي ته جيڪي به خبرون ٻيٽن جي باري ۾ هٿ اينديون ته هتي ڏبيون، ٻيو اهو ته دوستن کي پڻ چئبو ته تجزياتي مضمون ان باري ۾ لکن. +اوهان جي مهرباني جو اوهان وقت ملڻ تي حصيداري ڪندا. قرب ڪري اهو ٻڌائيندا ته هتي موجود سنڌي اکر پڙهڻ ۾ آرام سان اچن ٿا يا نه؟ + + +پاڪستان انڊيا جي چار ٻيڙين سوڌو 25 مهاڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جيڪي پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيا هئا. پاڪستان ميرين جي آفيسر مطابق اهي مهاڻا پاڪستاني حدن اندر 50 ڪلوميٽر تائين داخل ٿي ويا هئا تنهنڪري کين گرفتار ڪيو ويو. +ياد رهي ته پاڪستان ۽ انڊيا لاڳيتو هڪٻئي جا مهاڻا سرحدن جي ڀڃڪڙي جي الزام تحت گرفتار ڪندا رهيا آهن. گذريل ڏينهن دوران پاڪستان ۽ انڊيا هڪٻئي جي 587 گرفتار شهرين کي آزد ڪري چڪا آهن. +هن وقت تائين پاڪستان، انڊيا جي 260 شهرين کي انهيءَ الزام تحت گرفتار ڪري چڪو آهي. 2004ع جنوري ۾ انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل امن ڳالهين ۾ اهو طئي ٿيو هو ته اهي هڪٻئي جي گرفتار مهاڻن کي رعايت ڏيندا، انڊيا جي گرفتار انهن 25 مهاڻن کي ڪراچي پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي. + + +هن ويب سائٽ کي تيار ڪرڻ ۾ ڪنهن اداري نه بلڪه اوهان ۽ اسان جو هٿ آهي. هن سائٽ تي موجود مواد کي هرڪو ايڊٽ ڪري سگهي ٿو. +ڪجهه وڪي اخبار جي باري ۾ +هتي موجود مواد کي هرڪو ايڊٽ ڪري سنواري ۽ سڌاري سگهي ٿو. اسان جي پاليسي آهي غير جانبدار نموني سان خبرن ۽ مضمونن کي شايع ڪرڻ. وڪي اخبار والينٽئرس جي سهاري هلي ٿي جيڪي هن کي پنهنجو قيمتي وقت ۽ پئسن جي سپورٽ وغيره ڪن ٿا. هن اداري وٽ ڪي به اشتهار نه آهن. هتي بحث مباحثي کي هميشه اتساهيو ويندو آهي. هن کي اهڙي طرح تيار ڪيو ويو آهي جو پهريون ڀيرو ايندڙ به آسانيءَ سان هن سائٽ تي ڪم ڪري سگهي. +مان ڪٿان ۽ ڪيئن شروع ڪري سگهان ٿو؟ +سڀ کان پهريان اوهان کي ڏسڻو پوندو خامي ڪٿي آهي، جيڪڏهن ڪنهن پيج تي خامي موجود آهي ۽ اوهان چاهيو ٿا ان خاميءَ کي دور ڪرڻ گهرجي ته پوءِ صفحي مٿان موجود ايڊٽ کي تي ڪلڪ ڪري اوهان اهي درستگيون ڪري سگهو ٿا. +جيڪڏهن اوهان ڪا نئين خبر پوسٽ ڪرڻ چاهيو ٿا ته صرف ان خبر جو عنوان پهرين صفحي تي موجود ”ڪريئيٽ آرٽيڪل“ واري خاني ۾ لکو ۽ ڪلڪ ڪريو اهو صفحو اوهان کي ايڊٽ واري خاني ڏانهن وٺي ويندو جتي اوهان پنهنجو مواد لکي پوسٽ ڪري سگهو ٿا. +خبر يا مضمون جي آخر ۾ ڪيٽگري ”ٽيگ“ لڳائڻ +هر خبر يا مضمون جي آخر ۾ ضروري آهي ته ”ڪيٽگري“ جو ٽيگ لڳايو وڃي جيڪڏهن اوهان جو ٽيگ شايع ٿيل ڪيٽگري جو آهي ته ان جو مطلب اوهان جي پوسٽ ڪيل خبر خودڪار طور تي پهرين صفحي تي ظاهر ٿي ويندي. اهڙي طرح ٽيگ جو استعمال انتهائي اهم آهي. +هن ٽيگ جو مطلب آهي ته اوهان جي پوسٽ ڪيل خبر هڪدم پهرين صفحي تي شايع ٿي ويندي. هن ٽيگ کي لکڻ جو طريقو آهي هيٺ ڏنل آهي سمورو مواد لکي آخر ۾ ڪيٽگري ٽيگ لڳائڻ ضروري آهي ٻي صورت ۾ اوهان جي خبر ته موجود رهندي پر پهرين صفحي تي شايع ٿيڻ کان رهجي ويندي. +ان کان علاوه پهرين صفحي تي موجود ڪيٽگريز مان ڪهڙي به ڪيٽگري جو ٽيگ استعمال ۾ آڻي سگهو ٿا. مثال طور: سنڌ، پاڪستان، ايشيا، رانديون وغيره. ياد رهي ته خبر جي مواد جو جنهن ڪيٽگري سان تعلق هجي صرف اهو ئي ٽيگ لڳائڻ کپي، غير ضروري ٽيگ کي هٽائي سگهجي ٿو. اوهان نيون ڪيٽگريون به هڻي سگهو ٿا. +بنا تعصب تازه ترين اعتبار جوڳيون اهم توڙي تفريحي خبرون== +وڪي اخبار حصيداري واري صحافت کي هٿي ڏيئي ٿي، اسان کي يقين آهي ته هر شهري ڄاڻي ٿو ته اصل ۾ خبر ڇا آهي. اوهان به هن ڪوشش ۾ شامل ٿي پنهنجي دلچسپيءَ جون خبرون ٻين تائين پهچايو. +وڪي اخبار ٿورين اصل خبرن جي باوجود ڪارائتو آهي ڇاڪاڻ ته اهو ٻئي هنڌان مفت، غيرجانبدار، مختصر ۽ جامع خبرون مهيا ڪري ٿو. + + +صحت جي صوبائي وزير شبير احمد قائمخاني چيو آهي ته سنڌ سرڪار تازين برساتن سبب حيدرآباد ۾ آيل تباهيءَ لاءِ ٻه سو ڪروڙ منظور ڪري ورتا آهن. هن اها ڳالهه هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪئي. +هن چيو ته 8 سيپٽمبر کان پوءِ 32 هزار کان مٿي ماڻهن جو علاج ڪيو ويو آهي. حيدرآباد جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري مريضن جو علاج ڪيو ويو. حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ 15 ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ويون. هن وڌيڪ چيو ته صرف ايم ڪيو ايم جا وزير اندرين سنڌ جا دورا ڪندا رهيا آهن جڏهن ته اتحادي حڪومت جي ٻين وزيرن مان ڪوبه دوري تي نه ويو آهي. + + +مهرباني ڪري هيٺين مواد کي سنڌي ۾ ترجمو ڪريو ۽ انگلش مواد به ڀيٽڻ لاءِ اتي پيو هجي + + +هن مواد کي سنڌي ۾ ترجمو ڪريو ۽ انگريزي مواد ڀيٽا لاءِ هيٺ رهڻ ڏيو + + +پاڪستان جي انسان حقن وارين 11 تنظيمن گڏيل گُهر ڪئي آهي ته حدود آرڊنينس کي ختم ڪيو وڃي. انهن جو چوڻ هو ته اهڙو قانون جنهن ۾ اهو چيل هجي ته جيڪڏهن ڪنهن عورت سان زنا باالجبر ٿي هجي ته ان کي چار گواهه پيش ڪرڻا پوندا، اهڙو قانون اسلام جي نظام کي تڪراري بنائڻ ۽ دنيا ۾ اسلام کي بدنام ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه نه آهي. +ياد رهي ته اهو آرڊنينس 1979ع کان لاڳو ڪيو ويو هو، تازو ان کي قومي اسيمبليءَ ۾ ترميمن سان پيش ڪيو ويو آهي ۽ ان مان چار گواهن وارو شرط پڻ ميساريو ويو آهي. عورت فائونڊيشن جي نعيم مرزا جو چوڻ هو ته اهو قانون اسلام جي خلاف منفي پروپيگنڊا کي هٿي ڏئي رهيو آهي. +خبرن مطابق گورنمينٽ طرفان ڪوشش ڪئي ويندي ته بل کي صدر مشرف جي واپس موٽڻ تائين مهمل رکيو ويندو، صدر مشرف هن مهيني جي آخر ۾ پاڪستان واپس ورندو. + + +ڀلي ڪري آيا، جيڪڏهن اوهان سنڌي آهيو ته ڏنل هدايتن تي عمل ڪري ڪم جي شروعات ڪريو، جيڪڏهن ڪابه مشڪل هجي ته مهرباني ڪري تجربيگاهه ۾ پوسٽ ڪندا، اسان سڀني سنڌي دوستن جي ڪم جي شروعات جا منتظر آهيون. + + +تازين برساتن سبب آيل تباهيءَ لاءِ امداد طور آزاد جمون ڪشمير حڪومت طرفان سنڌ لاءِ ٽن ٽرڪن تي مشتمل امدادي سامان موڪليو ويو آهي. موڪليل سامان ۾ خيما ۽ کاڌي جو سامان وغيره شامل آهي. +آزاد جمون ڪشير جي قائم مقام اسپيڪر اسيمبليءَ کي ٻڌايو ته سنڌ جي وڌيڪ امداد پڻ ڪئي ويندي. +ياد رهي ته گذريل 8 سيپٽمبر کان آيل برساتن حيدرآباد شهر کي تمام گهڻ�� نقصان پهچايو آهي، برساتن سبب ڪيترين ئي وچڙندڙ بيمارين منهن ڪڍيو آهي. سنڌ حڪومت اڳ ۾ ئي حيدرآباد جي شهرين جي امداد لاءِ ٻه سو ڪروڙ روپين جو اعلان ڪري چڪي آهي. + + +ڪشميري ويڙهاڪ گروپ حزب المجاهدين انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ امن ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته انهن ڳالهين ۾ ڪابه نئين ڳالهه نه آهي. ڪشميرين کي صرف اهي ڳالهيون منظور آهن جنهن ۾ ٽائيم فريم ڏئي ڪشمير جو مسئلو مستقل بنيادن تي حل ڪيو وڃي. +ٻئي طرف فن لينڊ جي ايلچي نومينن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته يورپي يونين ڪشمير مسئلي تي انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ٽياڪڙي وارو ڪردار ادا نه ڪندي. +ياد رهي ته جولاءِ 2006 بمبئي ۾ ٿيل ريل ڌماڪن کان پوءِ اهي ڳالهيون تعطل جو شڪار هيون جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا، جڏهن ته ڪنهن به ڪشميري ويڙهاڪ گروپ انهن ڌماڪن جي ذميواري قبول نه ڪئي هئي. + + +پاڪستان جي علائقي خار ڀرسان روڊ تي بم ڌماڪي سبب ٻن عورتن سميت چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. زخمي عورتون نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊويلپمينٽ ۾ ڪم ڪنديون هيون. +ذريعن مطابق اهو ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو ويو. جڏهن ته ڌماڪي جي ذميواري ڪنهن به قبول ڪانه ڪئي آهي. ڌماڪا ان وقت ٿيا آهن جڌهن هفتو کن اڳ هڪ مذهبي گورپ اين جي اوز کي خبردار ڪندي چيو هو ته عورتن کي هيلٿ ورڪر يا ٽيچر طور ڀرتي نه ڪيو وڃي. انهن هڪ پمفليٽ ذريعي خبردار ڪندي ايڊ گروپس کي علائقي مان نڪري وڃڻ جو چيو هو. + + +پاڪستاني علائقي وزيرستان جي شهر لارا منڊي وٽ ٽي آمريڪي گن شپ هيليڪاپٽر داخل ٿي ويا، اهي ان وقت داخل ٿيا جڏهن ويڙهاڪن اتحادين تي پاڪستاني بارڊر ڀرسان حملو ڪيو. +آمريڪي هيليڪاپٽر ڇهه کان وڌيڪ ڀيرا پاڪستان جي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪري چڪا آهن. جڏهن ته هن وقت تائين پاڪستاني فورسز ڪوبه ردعمل نه ڪيو آهي. +اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته اهي هيليڪاپٽر ڪٿان اُڏاڻا. +ٻئي طرف آمريڪي ۽ نيٽو جي ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن کي مليٽري ايڪشن ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي، ان ڪري ضروري نه آهي ته اسلام آباد وٽان صلاح ورتي وڃي. + + +آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش چيو آهي ته اسامه بن لادن جي ڳولا لاءِ آمرڪي فوجين کي پاڪستان جي علائقن اندر داخل ڪري سگهجي ٿو. اهڙو اظهار صدر بش سي اين اين سان ڳالهائيندي ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان ان کان انڪار ڪيو آهي پر ضرورت پئي ته ائين ڪري سگهجي ٿو. +پاڪستاني حدن ۾ اهڙو حملو جنوري ڌاري به ٿي چڪو آهي جنهن ۾ اسامه جي موجودگيءَ جي شڪ تي اهڙو حملو ڪيو ويو. +بش پنهنجي انٽرويو دوارن چيو ته اسامه بن لادن جا حامي 3 هزار آمريڪين کي ماري چڪا آهن. انهن کي طالبان حڪومت افغانستان ۾ پناهه ڏني هئي جتي ويهي بن لادن آمريڪا تي حملن جي پلاننگ ڪئي. +ٻئي طرف ونزيلين صدر هگو شاوز چيو آهي ته بش هڪ شيطان آهي هن گڏيل قومن ۾ ائين خطاب ڪيو ڄڻ هو سڄي دنيا جو مالڪ هجي. + + +هيٺين صفحن تي ڪم جاري آهي، جيڪڏهن اوهان انهن صفحن تي ڪم ڪندا ته اسان کي خوشي ٿيندي. + + +مان ظفر جي سسٽم آپريٽر ٿيڻ جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو ڇاڪاڻ ته هن هڪ ته پروجيڪٽ کي شروع ڪيو ٻيو اهو ته هن وقت تائين هو لڳاتار محنت ڪري نيون خبرون اسان سڀني لاءِ پوسٽ ڪندو ٿو اچي. خبرون پوسٽ ڪرڻ ڏکيو مرحلو آهي. پهريان خبرون مختلف ذريعن مان هٿ ڪريو وري انهن کي ڪمپوز ڪريو. آخر ۾ ان ۾ مخصوص ٽيگ ۽ ڪيٽگريز لڳائڻ. مان سمجهان ٿو ظفر اهو ڪم فل ٽائيم جاب طور الاهي ڪيئن ڪري پيو. ان ڪري ظفر جس لهڻي. سنگت کي به هن جي سپورٽ ۽ حمايت لاءِ صلاح ڏيان ٿو +مان ظفر جي حمايت ڪيان ٿو ڇاڪاڻ ته مان جڏهن کان ميمبر ٿيو آهيان روزانه وزٽ ڪندو رهيو آهيان هڪ ٻه دوست آهن جيڪي خبرون لکن ٿا. جيڪڏهن انهن مان ڪو دوست دعوا ڪري ٿو ته ان جي حمايت ڪرڻ گهرجي. +مان ظفر جي حمايت ڪيان ٿو +منهنجون همدرديون ۽ حمايت ظفر سان آهي، هن جي ڪم کي ڏسندي اهو هن جو حق ٿئي ٿو ته هو ئي ان کي سنڀالي. ضرورت ته وڌيڪ دوستن جي آهي ڇاڪاڻ ته هي ڪم ڪنهن اڪيلي ماڻهو جو نه آهي. يا ته فل ٽائيم جاب هجي يا وري سمورا دوست گڏجي ڪم کي اڳتي وڌائين + + +قلات ۾ خان آف قلات جي صدارت ۾ هڪ جرڳو ٿي گذريو جنهن ۾ بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب جي بلوچ سردارن تمام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. بلوچ سردارن متفقه طور مطالبو ڪيو آهي ته بلوچستان جي ورهاڱي کان اڳ واري حيثيت بحال ڪئي وڃي. +اهو جرڳو پنهنجي نوعيت جي حوالي سان 100 سالن کان پوءِ ٿيو. جرڳي ذريعي ست نڪاتي اعلان ڪيو ويو. ان اعلان مطابق مطالبو ڪيو ويو ته گوادر ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن مان ملٽي نيشنل ڪمپنين سان اهڙا سمورا معاهدا رد ڪيا وڃن جن تي بلوچن جي رضامندي شامل نه آهي. +جرڳي ۾ اهو پڻ چيو ويو ته سرڪاري سرپرستي ذريعي بگٽي قبيلي جي ٿيندڙ جرڳن کي پڻ رد ڪيو ويو. جرڳي جي فيصلن بابت اعلان وقت موجود نوجوانن ”آزادي آزادي“ جا نعرا هنيا ويا. +جرڳو خان آف قلات سلمان دائود جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ نواب اڪبر بگٽي جي قتل جي سخت مذمت ڪئي وئي، ان کان علاوه اها به گهر ڪئي وئي ته نواب اڪبر بگٽي جي ملڪيت ان جي مخالفن ۾ نه ورهائي وڃي. +جرڳي گڏيل طور فيصلو ڪيو ته بلوچستان کي حق ڏيڻ جي حوالي سان انصاف جي عالمي عدالت سان رابطو ڪيو ويندو. اتي مطالبو ڪيو ويو ته بلوچستان ۾ جاري فوجي آپريشن فوري طور بند ڪيو وڃي. +جرڳي ۾ ذوالفقار مگسي، بلخ شير مزاري، اختر مينگل سميت تقريبن نوي سردارن شرڪت ڪئي. جرڳي ۾ چيو ويو ته پاڪستان سان بلوچستان جي الحاق وقت مڪمل صوبائي خودمختياري جو معاهدو ٿيو هو ۽ بلوچستان جي سمورن وسيلن جا مالڪ بلوچ آهن. +ياد رهي ته ٽن رياستن کي جوڙي موجوده بلوچستان جي شڪل ڏني وئي هئي. + + +ڪراچي جي بلوچ صحافي جي لاپته ٿيڻ بابت صحافين چيو آهي ته سعيد سربازي خفيه ادارن جي تحويل ۾ آهي. ياد رهي ته سعيد سربازي هڪ انگلش اخبار بزنس رڪارڊر ۾ نيوز ايڊيٽر ۽ ڪراچي پريس ڪلب جو جوائنٽ سيڪريٽري آهي. چيو پيو وڃي ته اربع جي مجهند کان گم ٿي ويو آهي جنهن جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي. +صحافين، سعيد سربازيءَ جي لاپته ٿيڻ ۽ کيس جلد کان جلد بازياب ڪرائڻ خاطر خميس ۽ جمع ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جو بائيڪاٽ ڪيو. سنڌ جي گهرو وزير رئوف صديقي ردعمل ۾ چيو آهي ته قانون کان ڪوبه مٿاهون نه آهي، جيڪڏهن ڪوبه مجرم آهي ته ان خلاف قانوني ڪاروائي ضروري آهي. هن صحافين کي پڪ ڏياري ته هو سعيد سربازي جي بازيابي ۾ مڪمل تعاون ڪندو، هن اهو به چيو ته صحافي پوليس جي تحويل ۾ نه آهي. +صحافين سنڌ اسيمبليءَ وٽ ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي پڻ ڪئي. هنن چيو ته اهڙي طرح ڪيترا ئي صحافي گم ٿيندا رهيا آهن، جنهن ۾ ميهرالدين مري (جيڪو 27 جون کان گم آهي)، مڪيش، سنجي ڪمار شامل آهن. اهڙن صحافين مان گذريل ڊسمبر ۾ حيات خان مرده حالت ۾ لڌو ويو هو. جڏهن ته منير مينگل پڻ 7 اپريل کان لاپته آهي. +ڌرڻي کي پاڪستان يونين آف جرنلسٽ جي سيڪريٽري جنرل مظهر عباس خطاب ڪندي چيو ته سربازي کي حيات خان نه بڻايو وڃي، جيڪڏهن سعيد ڪو جرم ڪيو آهي ته ان تي مقدمو قائم ڪيو وڃي. ان موقعي تي اعلان ڪيو ويو ته جيستائين مذڪوره صحافي کي بازياب نٿو ڪرايو وڃي ان وقت تائين اسان جو احتجاج جاري رهندو. + + +ڊيرا غازي خان جي مال پڙي ۾ هڪ بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ هڪ نوجوان ۽ هڪ ستر سالا شخص مارجي ويا گهٽ ۾ ويهه ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. +چيو پيو وڃي ته اهو ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن مال پڙي ۾ خريد و فروخت جاري هئي ۽ ماڻهن جي تمام گهڻي رش هئي. شروعاتي تفتيش مطابق بم هڪ سائيڪل ۾ ٻڌل هو ۽ ان جو وزن تقريبن اڍائي ڪلو هو. +ياد رهي ته ڊيرا غازي خان بلوچستان جي علائقي ڪوهلو ڀرسان آهي. جتي نواب اڪبر بگٽي جي فوجي آپريشن ۾ مارجي وڃڻ کان پوءَ سخت ڪشيدگي واري صورتحال آهي. +رپورٽن مطابق ڪجهه زخمين جي حالت خطري هيٺ آهي، جنهن ڪري وڌيڪ جاني نقصان جو انديشو ظاهر ڪيو ويو آهي. + + +صحافي سعيد سربازي ٽي ڏينهن لاپته رهڻ بعد واپس موٽي آيو. سعيد سربازي چيو آهي ته کيس ايجنسين اغوا ڪري کانئس بلوچستان لبريشن آرمي بابت پڇا ڳڇا ڪئي ويئي. +صحافي مطابق کيس اربع ڏينهن جڏهن هو ڀيم پوره جي علائقي مان پريس ڪلب اچي رهيو هو ته جميله چوڪ وٽ ايجنسين جي ماڻهن گن پوائنٽ تي کيس وٺي ويا. سندس چوڻ هو هن تي تشدد پڻ ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته مان کين چوندو رهيس ته مان دهشتگرد نه آهيان مون کي ٻڌايو وڃي ته مونکي ڇو حراست ۾ ورتو ويو آهي. جنهن تي هنن پين پنو ڏنو ۽ چيو ته توکي بلوچستان لبريشن آرمي جي باري ۾ جيڪا معلومات آهي اها لکي ڏي. اهڙي طرح نيٺ انهن چيو ته ”اسان کي افسوس آهي اسان غلط ماڻهو کنيو آهي تون ته صحافي آهين.“ + + +عراق جي شهر بغداد ۾ هڪ ڪار بم ڌماڪو، ڌماڪي سبب گهٽ ۾ گهٽ 31 ماڻهو مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ عورتون به شامل آهن. بم ڌماڪو شيه اڪثريتي علائقي ۾ ٿيو. ڌماڪي ۾ لڳ ڀڳ ويهه ماڻهو پڻ زخمي ٿي پيا. +ڪنهن به گروپ ان بم ڌماڪي جي ذميواري نه قبولي آهي. زخمين کي الصدر اسپتال پهچايو ويو آهي. اقوام متحده عراق ۾ وڌندڙ دهشتگرديءَ جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. + + +پاڪستان جي اڪثريتي علائقن جي بجلي بند ٿيڻ سبب علائقا اوندهه ۾ ٻڏي ويا، چيو پيو وڃي ته ان ۾ ڪنهن به تخريبڪاري جو ڪو به هٿ نه آهي. سڀ کان پهريان اسلام آباد ۽ پنجاب جي ڪجهه ٻين علائقن جي بجلي بحال ڪئي ويئي. +بجلي منجهند جو لڳ ڀڳ ٻين بجي ڌاري بند ٿي، اڃا تائين ڪافي علائقن جي بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي. سرڪاري ذريعن مطابق فني خرابي سبب بجلي بند ٿي ويئي هئي ست کان اٺ ڪلاڪن ۾ سمورن علائقن ۾ بجلي بحال ٿي ويندي. +وزير اعظم بجلي جي بند ٿيڻ بابت تحقيقات جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ڪابه تخريب ڪاري نه ٿي آهي بجلي فني خرابي سبب بند ٿي آهي ۽ ايندڙ ست کان اٺ ڪلاڪن ۾ سمورن علائقن جي بجلي بحال ٿي ويندي. +ياد رهي ته بجلي بند ٿيڻ سبب سڄي پاڪستان ۾ مختلف قسمن جا افواهه گشت ڪندا رهيا جن ۾ مشرف جي حڪومت ختم ٿيڻ، نواز شريف ۽ بي نظير ڀٽو جي واپس اچڻ جهڙا افواهه پڻ شامل هئا. + + +ڪوئٽه ۾ نامعلوم ماڻهن گيس پائپ لائن کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو جنهن ڪري بروري جي علائقي کي گيس جي فراهمي معطل ٿي ويئي. پوليس جي چوڻ مطابق بولان ميڊيڪل ڪامپليڪس ڀرسان گذرندڙ پائپ لائن کي ڌماڪي سان اُڏايو ويو آهي، واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع نه مليا آهن. +چار انچ قطر جي ان پائپ لائن جي مرمت جي حوالي سان چيو ويو آهي ته ��بح جو سيڪيورٽي جي اجازت کان پوءِ ئي اُتي ڪم شروع ڪيو ويندو. چيو پيو وڃي ته ڌماڪو ڪندڙن ۽ سيڪيورٽي وچ ۾ جهڙپ به ٿي آهي جنهن ۾ پڻ ڪنهن جي گرفتاري يا زخمي ٿيڻ جا اطلاع نه آهن. جڏهن ته سرڪاري طور ان ڳالهه جي تصديق نه ٿي سگهي آهي. + + +ڀارتي ڪشمير ۾ فوج جي مختلف جهڙپن دوران گهٽ ۾ گهٽ ست ويڙهاڪن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي آهي. ڀارتي فوج جي ترجمان مطابق مارجي ويل پاڪستان هئا ۽ انهن وٽان ٽي ريڊيو سيٽ ۽ هٿيار لڌا ويا آهن. +اهڙي هڪ جهڙپ آچر تي صبح جو ٿي جنهن ۾ چار ويڙهاڪ مارجي ويا. جن کي پاڪستاني چيو پيو وڃي. واقعو بارامولا ضلعي ۾ ٿيو جڏهن ڀارتي فوج خبردار ڪري ڪجهه ماڻهن کي بيهڻ جو چيو، ڀارتي فوجي ترجمان مطابق انهن جي نه بيهڻ سبب فوج فائرنگ ڪري ڏني. +ڀارتي فوجي ترجمان مطابق مارجي ويلن ۾ هڪ عورت پڻ شامل آهي، غيرجانبدار ميڊيائي حلقن انهن جي پاڪستاني هجڻ جي تصديق نه ڪئي آهي. + + +ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران منعقد سنڌ يونيٽي فورم انٽرنيشنل ”سنڌ ۽ جمهوريت“ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته سنڌين کي گڏيل قومن جي نگراني ۾ ريفرينڊم ذريعي پنهنجي مستقبل جي فيصلي جو اختيار ڏنو وڃي. +وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ ڏهه هزار سالن کان آزاد حالت ۾ رهي آهي. جڏهن 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي کان پوءِ سنڌ جي آزاد حالت کي ختم ڪيو ويو هو. 1940ع جي قرارداد ۾ سنڌ جي آزاد حالت ۾ بحالي جو وعدو ڪيو ويو هو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ کي اهڙو حق نه ڏنو ويو. +ورلڊ سنڌي ڪانگريس سموري دنيا جي سڄاڻ حلقن کي اپيل ڪئي آهي ته ڪروڙين سنڌين جي تاريخي حق جي حاصلات لاءِ مدد ڪئي وڃي. + + +افغانستان ۾ گورنر جي آفيس ڀرسان هڪ بم ڌماڪي ۾ 18 ماڻهو مارجي ويا. اهو ڌماڪو صوبي هلمند ۾ ٿيو. چيو ويو آهي ته ڌماڪو هڪ خودڪش بم حمله آور ڪيو جڏهن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. +ٻئي طرف ڪابل ۾ پڻ هڪ بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ هڪ نيٽو فوجي مارجي ويو. فوجي جي باري ۾ چيو ويو آهي ته ان جو تعلق اٽلي سان هو. +سرڪاري ذريعن مطابق هلمند واري بم ڌماڪي ۾ ٽي پوليس وارا پڻ مارجي ويا. ذريعن مطابق ان ڌماڪي ۾ ٻارنهن عام شهري ۽ ٽي فوجي پڻ مارجي ويا. جڏهن ته سترنهن ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. + + +سرحد، خاص طور پشاور ۾ پاڪستان اسلامڪ الائنس جي دٻاءَ تحت سينمائون بند ٿي ويون. چيو پيو وڃي ته ڪجهه سينما مالڪن انهن جي چوڻ تي سينمائون بند ڪري ڇڏيون جڏهن ته ڪجهه کي دٻاءَ سبب بند ڪرڻيون پيون. +سينما مالڪن جو چوڻ آهي ته سمورو مهينو ڪاروبار بند ڪرڻ سبب کين ٽيڪسن ۾ رعايت ڏني وڃي. جڏهن ته اهڙي ئي قسم جو حڪم نامو بعد ۾ گورنمينٽ پڻ جاري ڪيو ۽ سينمائن کي بند ڪرڻ ضروري قرار ڏنو ويو. +ڪجهه مالڪن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کان زوري سينمائون بند ڪرايون ويون آهن ۽ چيو پيو وڃي ته خوشيءَ سان بند ڪيون ويون. + + +راڪيش اوم پرڪاش مهرا ۽ اداڪار عامر خان جي گڏيل محنت ”رنگ دي بسنتي“ آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ٿي ويئي آهي. ايوارڊ لاءِ اٺ فلمن مان ان فلم کي چونڊيو ويو آهي. +چيو پيو وڃي ته نامزدگيءَ لاءِ ”رنگ دي بسنتي“ ۽ ”لگي رهو منا ڀائي“ وچ ۾ سخت مقابلو هو. پر سينماٽوگرافي سبب رنگ دي بسنتي ميدان ماري ورتو. +ياد رهي ته آسڪر ايوارڊ ۾ 83 ملڪن جون فلمون شامل هونديون آهن ۽ انهن مان صرف پنجن کي اهو ايوارڊ نصيب ٿيندو آهي. بهرحال فلم جي نامزدگيءَ تي اداڪار عامر خان تمام گهڻو خوش آهي. + + +ايڊيشنل سيشن جج رويندر ڪمار چيو آهي ته جيش محمد جي ويڙهاڪ محمد افضل کي 20 آڪٽوبر تي ڦاهيءَ چاڙهيو ويندو. +ياد رهي ته محمد افضل تي 2001ع ۾ پارليامينٽ تي حملي جو ڪيس هلندڙ هو. کيس اسپيشل پي او ٽي اي ۽ سيڪشن 302 تحت کيس ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي هئي. +4 آگسٽ 2005ع ۾ سپريم ڪورٽ بيچ سندس ڦاسي جي سزا کي بحال رکيو جڏهن ته ٻئي کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. + + +ناروي جي بلوچ تنظيم گريٽر بلوچستان نيشنل ڪانگريس جي سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته پاڪستاني سرڪار طرفان بلوچ ويب سائٽن کي بند ڪرڻ سان بلوچستان جي آواز کي بند نٿو ڪري سگهجي. +هن وڌيڪ چيو ته ڪوبه اسان کي بلوچستان جي آزادي جي حاصلات کان روڪي نٿو سگهي، اهو اسان جو بنيادي حق آهي. پاڪستان کي چيڪوسلواڪيه، سربيه ۽ مونٽينگرو مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. + + +ڀارتيه جنتا پارٽي جي صدر راجناٿ سنگهه چيو آهي ته جيستائين پاڪستان، انڊيا خلاف دهشتگردي کي همٿائڻ بند نه ڪري ان وقت تائين ان سان رابطا نه وڌايا وڃن. +هن چيو ته واجپائي گورنمينٽ دنيا کي اهو ٻڌائڻ ۾ ڪامياب رهي هئي ته پاڪستان دهشتگردي جي حمايت ڪري رهيو آهي. راجناٿ چيو ته جيستائين اسلام آباد پنهنجي ڌرتي دهشتگردي لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ ڏئي رهيو آهي ان وقت تائين پاڪستان سان سي بي ايم ڳالهيون ملتوي ڪيون وڃن. +هن وڌيڪ چيو ته ڪارگل اصل ۾ پاڪستان جي هار ۽ انڊيا جي فتح هئي. هن ان ڳالهه کي رد ڪيو ته پاڪستان پاڻ دهشتگرديءَ جو ستايل آهي. + + +مورو ڀرسان دادو ويندي سبيل بس اسٽاپ وٽ هڪ ويگن جي ٽرالر سان ٽڪرائجي وڃڻ سان گهٽ ۾ گهٽ 22 ماڻهو حادثي جو شڪار ٿي ويا، مري ويلن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا پڻ شامل آهن ۽ هڪ ئي خاندان جا چار ڀاتي پڻ شامل آهن. حادثي ۾ ست کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا جن مان گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. +چيو ويو آهي ته ويگن جي مختلف حصن کي ڪٽي زخمين ۽ لاشن کي ٻاهر ڪڍيو ويو. حادثو خميس ڏينهن 3 بجي ڌاري ان وقت پيش آيو جڏهن تيز رفتار ويگن ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. +حادثي کان پوءِ ڀرپاسي جي علائقن جا ماڻهو مدد لاءِ ڊوڙي حادثي واري جاءِ تي پهتا، ۽ ويگن جي مختلف حصن کي ڪٽي زخمين ۽ مري ويلن جي لاشن کي ڪڍيو. مورو تعلقه اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. چيو پيو وڃي ته نازڪ حالت وارن زخمين کي نوابشاهه اسپتال موڪليو ويو آهي. + + +انگلينڊ جي حڪومتي ڪميشن رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ايجنسي آءِ سي آءِ القائده ۽ طالبان کي همٿائي رهي آهي. رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته پاڪستان خفيه طور مذهبي جماعتن جهڙوڪ ايم ايم اي جي حمايت ڪري کين همٿائي رهيو آهي. +رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان آرمي ٻٽو ڪردار ادا ڪري رهي آهي هڪ طرف اهي دهشتگردي خلاف جنگ واري ويڙهه جي دعوا ڪري ٿي ته ٻئي طرف اها پاڪستان ۾ موجود مذهبي جماعتن جي خفيه حمايت پڻ جاري رکيو پئي اچي. ان سان گڏ اها آءِ ايس آءِ ذريعي طالبان جي پڻ خفيه حمايت جاري رکيو پئي اچي. +ياد رهي ته رپورٽ جو خالق جون ۾ پاڪستان جو دورو ڪري چڪو آهي ۽ ان هتي آرمي جي آفيسرن سان ملاقاتون پڻ ڪيون هيون. بي بي سي ان ماڻهوءَ جو نالو ظاهر ڪرڻ کان نابري واري آهي. +جڏهن ته پاڪستان ان دعوا کي رد ڪري ڇڏيو آهي. چيو ويو آهي ته رپورٽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي. + + +صدر مشرف جي لنڊن آمد وقت سنڌي ۽ بلوچ قومپرستن احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرو بليئر جي ذاتي رهائش گاهه جي ان دروازي وٽ ڪيو ويو جتان مشرف کي اندر داخل ٿيڻو هو پر مشرف ان رستي بجاءِ اسٽاف گيٽ استعمال ڪندي اندر داخل ٿيو. +مظاهري جو ب��دوبست انگلينڊ ۾ رهندڙ سنڌي ۽ بلوچ تنظيمن گڏجي ڪيو هو. مظاهري ۾ صدر مشرف ۽ فوج جي خلاف بئنر کنيل هئا. +مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو ڳڙهه آهي، ۽ پاڪستان طالبان ۽ القائده کي همٿائي رهيو آهي. پاڪستان ۾ قومپرستن خلاف ڪاروايون ڪيون پيون وڃن. مظاهري ۾ نواب اڪبر بگٽي کي مارڻ واري عمل جي شديد مذمت ڪئي وئي. +خطاب ڪندڙن بين الاقوامي برادي کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪندي قومپرستن تي ٿيندڙ ظلم بند ڪرائين. + + +ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان هر شڪي دهشتگرد جا آمريڪا کان پنج هزار ڊالر وٺي ٿو. هيل تائين سوين ماڻهن کي شڪ جي بنياد تي پڪڙي آمريڪا جي حوالي ڪري ڏوڪڙ ڪمايا ويا آهن. +رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صرف پڪڙڻ واري جي شاهدي جي بنياد تي ماڻهن کي دهشتگرد قرار ڏيئي آمريڪا کي فروخت ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح آمريڪا جي حوالي ٿيندڙ ماڻهن کي افغانستان بگرام ايئربيس يا آمريڪا جي خفيه جيلن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي. +ياد رهي ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان سنڌي ۽ بلوچ قومپرستن کي ايجنسيون اغوا ڪري گم ڪنديون رهيون آهن، جنهن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ ڪيترائي صحافي پڻ شامل آهن. + + +بمبئي ۾ تازو ٿيل ريل ڌماڪن ۾ پاڪستان جون ايجنسيون ملوث آهن، انهن جي ئي همٿائڻ تي لشڪر طيبه انهي سازش کي عملي جامو پهرايو. +پاڪستان ان الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي. بمبئي جي پوليس ڪمشنر اي اين راءِ چيو آهي ته پاڪستان جي آءِ ايس آءِ انهن ڌماڪن ۾ ملوث آهي ۽ اڻ سڌي طرح سڄي سازش جي ذميوار پڻ آهي. +ڪمشنر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٽي ٽيمون مختلف رستن کان ٿينديون بمبئي پهتيون، تقريبن يارنهن پاڪستاني انڊيا پهتا جن وٽ ڌماڪيدار مواد پڻ هو. ڪمشنر مطابق ملوث اهي پاڪستاني يا ته انڊيا مان فرار ٿي ويا آهن يا ڪٿي روپوش آهن. +ياد رهي ته پوليس هڪ همره ڪمال الدين انصاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي، سندن دعوا مطابق اهو پڻ انهن ڌماڪن ۾ ملوث هو. + + +افغانستان جي گادي واري هنڌ صبح ڌاري هڪ خودڪش بم حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻارنهن ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿي پيا. بم ڌماڪو وزارت داخله جي آفيس ٻاهران ٿيو. +اکين ڏٺن شاهدن مطابق حمله آور سيڪيورٽي گارڊز جي چيلينج ڪرڻ تي بم کي هلائي ڇڏيو. صحت واري وزارت مطابق لڳ ڀڳ 46 ماڻهو ان ڌماڪي ۾زخمي ٿيا آهن. +چيو پيو وڃي ته ڌماڪي جي اڪثر متاثرين جو تعلق وزارت داخله سان آهي، ڌماڪي سان آسپاس جي ڪيترين ئي عمارتن کي پڻ نقصان پهتو آهي. + + +سنڌي قومي اتحاد جي چيئرمين ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جي اڳواڻ ممتاز ڀٽي چيو آهي ته سنڌ ۾ ٿيل حاليه برساتن جي تباهي لاءِ مرڪزي حڪومت توڙي ٻئي ڪنهن صوبي ڪابه مدد نه ڪئي آهي. +پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ممتاز ڀٽي چيو ته سنڌ زلزلي متاثرين جي هر سطح تي مدد ڪئي هئي، سنڌ جو 65 سيڪڙو ريوينو زلزلي متاثرين جي واهر طور ڏنو ويو هو پر ڏکئي وقت ۾ سنڌ جي ڪابه مدد نه ڪئي ويئي. +هن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن جو بلوچستان سان رويو بنگلاديش وارو ساڳيو آهي ۽ وزيرستان ۾ پڻ شهرين کي ماريو پيو وڃي. +هن چيو ته صدر سٺ ڄڻن جو وفد وٺي پرڏيهه جا دورا ڪري رهيو آهي جڏهن ته سنڌ ۾ برسات جي تباه حال ماڻهن جي ڪابه واهر نه پئي ڪئي وڃي. + + +سَرور ٽائيم سان مقامي ٽائيم جو فرق + + +پوليس هٿان ڪوئٽا جي هڪ پرائيوٽ اسپتال مان زخمي حالت ۾ ٽي شڪي طالبان ويڙهاڪ گرفتار ٿي ويا آهن. پول��س مطابق سمورا همراهه زخمي حالت ۾ هئا ۽ افغانستان جي ڏکڻ ۾ ويڙهه دوران زخمي ٿيا هئا. +پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته انهن سان گڏ ٽن ٻين ماڻهن کي پڻ شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. +ياد رهي ته جولاءِ ۾ لڳ ڀڳ 250 شڪي طالبان کي گرفتار ڪيو ويو هو. وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ سوين القائده جي دهشتگردن کي ماري چڪو آهي. + + +{{Warn}}هن خبر جا ذريعا يا حوالا لکيل نه آهن، خبر جا ذريعا لڳائي نوٽيس کي ختم ڪري سگهجي ٿو. +جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ پنجاب جو مطلب هڪ ئي آهي، سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد سندن قبضي هيٺ آيل علائقا آهن. جن جي قدرتي وسيلن تي پنجاب جو قبضو آهي. +بشير قريشي وڌيڪ چيو ته سنڌ کي گذريل سٺ سالن کان ڦريو ۽ لٽيو ويو آهي، جيئن تاريخ ۾ سنڌ جا حڪمران هڪٻئي جون دانهون کڻي دهلي ويندا هئا ساڳي طرح اڄ جا وڏيرا سنڌ جي لٽ ڦر ڪرڻ واسطي پنجاب جي چوڌرين جا بوٽ پيا چٽين. سنڌ جا اهي وڏيرا ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جا سڄڻ نه ٿا ٿي سگهن. +بشير قريشي، ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ ٻين قومپرستن جي حوالي سان چيو ته انهن کي پنجاب جون ايجنسيون اغوا ڪري ويون آهن، هاڻ ته سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي ايجنسين جو ڪردار وائکو ٿي ويو آهي ته اهي بيگناهه ماڻهن کي گرفتار ڪري پيسا ڪمائڻ لاءِ آمريڪا حوالي ڪري ڇڏين ٿا. +هن پاڪستاني اختيارين کي خبردار ڪندي چيو ته ڊاڪٽر صفدر سرڪي سميت سمورن سنڌي ۽ بلوچ قومپرستن کي ظاهر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ملڪ جي حالتن جي ذميواري مٿن هوندي. + + +ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ڌي 2004ع ۾ سندس گرفتاري کان پوءِ پهريون بيان جاري ڪندي چيو آهي ته صدر مشرف پنهنجي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي باري ۾ جيڪو ڪجهه چيو آهي اهو غلط بياني تي ٻڌل آهي. +ياد رهي ته صدر مشرف پنهنجي ڪتاب ”ان د لائن آف فائر“ ۾ لکيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان پنهنجي ڌيءَ دينا کي خط لکيو هو ته هڪ برطانوي صحافي ذريعي ايٽمي راز کولي ڇڏ، ڊاڪٽر قدير جي ڌي صدر جي اهڙي بيان کي ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو آهي ته مذڪوره خط سندس لاءِ نه بلڪه منهنجي ماءَ لاءِ لکيو ويو هو ۽ ان ۾ اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي اصل ۾ ٿي گذريون هيون. +دينا جي چوڻ مطابق خط ۾ اهو چيو ويو هو ته جيڪڏهن کيس (ڊاڪٽر عبدالقدير کي) ڪجهه ٿي وڃي يا کيس ماريو وڃي ته پوءِ حقيقي ڳالهين کي منظر عام تي اچڻ گهرجي. هن جو چوڻ آهي ته خط ۾ ايٽمي رازن جو ذڪر نه آهي. +ڊاڪٽر جي ڌي دينا جو وڌيڪ چوڻ هو ته کيس پيءُ سان ملڻ جي اجازت مليل نه هئي بلڪه هڪ سال تائين ته کيس پاڪستان اچڻ جي اجازت پڻ ڪانه هئي. اسان جي ايندڙ سموري ٽپال کولي ويندي هئي، اسان جا فون ٽيپ ڪيا ويندا هئا ۽ اسان جي گهر جي جاسوسي پڻ ڪئي ويندي هئي. +ياد رهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان اڃا تائين نظربند آهي ۽ تازو سندس مثاني جو آپريشن پڻ ڪراچي ۾ ٿي گذريو آهي. دينا جي چوڻ مطابق ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڊاڪٽر صاحب نظربندي دوران ئي مري وڃي ۽ ماڻهو کيس وساري ڇڏين. + + +سومر تي اسلام آباد ۾ صبح جو يارهين بجي سانگهڙ جي هڪ سنڌي نوجوان پنهنجو پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏيئي ڇڏي سندس سٺ سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي. واضع طور هن جي ان عمل جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي، چيو پيو وڃي ته هن بيروزگاري کان تنگ ٿي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. +نياز نالي ان نوجوان سپريم ڪورٽ اڳيان پاڻ کي باهه ڏني ۽ عمارت ۾ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. اُتي موجود پوليس وارن سندس باهه وسائي کيس اسپتال پهچايو. اسپتال جي ذريعن مطابق نوجوان جو جسم گهڻو سڙي وڃڻ ڪري سندس حالت خراب آهي پر خطري کان ٻاهر آهي. +شروعاتي جاچ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته نوجوان نياز ٽن ٻارن جو پيءَ آهي ۽ بيروزگار پڻ آهي ۽ هو جن ماڻهن وٽ رهندو هو اهي کيس گهٽ وڌ پڻ چوندا رهندا هئا جنهن تي هن کي ڪاوڙ هئي. سنڌي ٽي وي چينل ڪي ٽي اين مطابق جڏهن نوجوان نياز جي پيءَ سان رابطو ڪيو ويو ته ان ٻڌايو، نياز جو ذهني توازن بلڪل درست آهي اها خبر نه آهي ته هن خودڪشي جي ڪوشش ڇو ڪئي آهي. + + +ڀلي ڪري آيا، مهرباني ڪري هن ويب سائٽ تي خبرون پوسٽ ڪري حصيداري ڪريو، ڪو به سوال ذهن ۾ هجي ته هتي پوسٽ ڪريو. + + +ڀلي ڪري آيا، مهرباني ڪري هن ويب سائٽ تي خبرون پوسٽ ڪري حصيداري ڪريو، ڪو به سوال ذهن ۾ هجي ته هتي پوسٽ ڪريو. + + +سنڌو ڪلاڪار منڊل پاران سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر جناب ارجن حاسد سان شام ملهائي وئي. پروگرام جي صدارت جناب موتي پرڪاش ڪئي جڏهن ته ڪيترن ئي ادب شناسن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جن ۾ ديا لال چنداڻي، گهنشام ساگر، موتي رام رامچنداڻي ”باغي“، جگديش شهدادپوري، ڪشن خوبچنداڻي، واسديو موهي ۽ ٻيا شامل هئا. +ان موقعي تي ارجن حاسد چيو ته هو اردو جي شاعري کان تمام گهڻو متاثر آهي، ساحر لڌيانوي، ڪيفي اعظمي ۽ ٻيا اردو جا تمام سٺا شاعر رهيا آهن. هن چيو ته شاعري سمجهڻ لاءِ نه پر تفريح لاءِ هوندي آهي. شاعري جون پنهنجون وصفون ۽ تشريحات آهن جيئن ڪنهن ٻي آرٽ ۾ ٿي سگهن ٿيون. +ياد رهي ته ارجن حاسد جي جنم ڀومي ڪراچي شهر آهي جتي هو 7 جنوري 1930ع ۾ ڄائو. انڊيا لڏي وڃڻ کان پوءِ هن شاعري جي شروعات ڪئي، هن وقت تائين هن جا پنج ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. + + +اسلام آباد ۾ نرگس بلوچ جي لکيل ڪتاب ”شينهن جي موت“ جي مهورتي تقريب ٿي گذري. ڪتاب جو موضوع بلوچستان ۽ نواب اڪبر بگٽي آهن. مهورتي تقريب ۾ ڪيترن ئي مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي جنهن ۾ احمد فراز ۽ حاميد مير پڻ شامل هئا. +احمد فراز ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته نرگس بلوچ بلوچستان جو ڪيس عام ماڻهن اڳيان ڪتابي صورت ۾ پيش ڪري داد لائق ڪم ڪيو آهي. ڪتاب جي ليکڪه نرگس بلوچ ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مون بلوچستان جي حالتن کي ويجهڙائي کان ڏٺو آهي، هن جو چوڻ هو ته چوڌري شجاعت ۽ مشاهد حسين هڪ بهتر ڪوشش ڪئي هئي پر حالتن ٻيو رخ اختيار ڪري ورتو جنهنڪري حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون. + + +بلوچستان جي علائقي ڪوهلو ۾ نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري سيڪيورٽي فورسز جي ٽن ماڻهن کي ماري ڇڏيو آهي. ذريعن مطابق مارجي ويلن ۾ هڪ ليفٽينينٽ، هڪ نائب صوبيدار ۽ هڪ سپاهي شامل آهن. +حڪومتي انتظاميه مطابق علائقي ۾ موجود سمورين فراري ڪئمپن جو خاتمو ڪيو ويو آهي پر ڪجهه مسلح قبائلي اهڙيون ڪاروايون ڪري رهيا آهن. + + +بلوچستان ۾ ٻيو ڀيرو ٿيل گرانڊ جرڳي ذريعي فيصلو ڪيو ويو آهي ته بلوچستان جو ڪيس انصاف جي عالمي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. جرڳي جي صدارت خان آف قلات مير سليمان دائود ڪئي. ذريعن موجب جرڳي ۾ عالمي عدالت ۾ ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي پڻ جوڙي ويئي آهي. +ياد رهي ته نواب اڪبر بگٽي کي 26 آگسٽ تي هڪ فوجي آپريشن ذريعي ڪوهلو ڀرسان قتل ڪيو ويو هو ان کان پوءِ خان آف قلات جي صدارت ۾ بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب جي بلوچ سردارن هڪ جرڳو ڪيو هو جنهن ۾ اڪبر بگٽي کي مارڻ واري واقعي جي شديد مذمت ڪئي ويئي هئي ۽ اعلان ڪيو ويو هو ته انصاف لاءِ عالمي عدالت ۾ بلوچستان س��ن ٿيندڙ زيادتين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. +تازو ٿيل جرڳي ۾ اعلان ڪيو ويو آهي ته انصاف جي عالمي عدالت ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويندو ته پاڪستان 1947ع ۾ بلوچستان سان جيڪو معاهدو ڪري ملڪ ۾ شامل ڪيو هو ان تي ڪڏهن به عمل نه ڪيو ويو آهي. اهڙي حق جي حاصلات لاءِ ڪائونسل جوڙي ڪيس انصاف جي عالمي عدالت ڏانهن نيئو ويندو. + + +بي بي سي پنهنجي هڪ شايع ٿيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته زلزي متاثرين لاءِ آيل فنڊ ڪجهه انتهاپسند تنظيمن ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ تنظيم نالي الرشيد ٽرسٽ جنهن تي آمريڪي سيڪيورٽي ڪائونسل بندش جو اعلان ڪيو آهي اها پڻ اهڙين سرگرمين ۾ ملوث آهي. +ياد رهي ته اها تنظيم پاڪستان جي پنهنجي واچ لسٽ ۾ پڻ شامل آهي. جڏهن ته زلزي متاثر علائقن ۾ موجود آمريڪي پڻ ان تنظيم سميت ٻين اهڙين تنظيمن جهڙوڪ جماعت الدعوا وغيره سان گڏ اتي واهر لاءِ ڪم ڪندا رهيا آهن. + + +سرحد صوبي جي شهر هري پور ۾ پوليس هڪ اسلامي مرڪز تي ڇاپو هڻي 150 ماڻهن کي آزاد ڪرائي ورتو آهي. خبر موجب انهي مرڪز جي ست ماڻهن کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو آهي. +وڌيڪ چيو ويو آهي ته مرڪز ۾ باندي بڻايل ماڻهن تي جسماني توڙي جنسي تشدد ڪيو ويندو هو. پوليس کي اهڙو اطلاع مرڪز مان فرار ٿيل ٻن ماڻهن ڏنو. آزاد ٿيلن مان هڪ همراهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اتي ڪجهه پرڏيهي ماڻهو پڻ قيد هئا. هن وڌيڪ چيو ته اتي انتهائي ناموزون کاڌو ڏنو ويندو هو ۽ جسماني تشدد پڻ ڪيو ويندو هو. + + +افغانستان جي جاسوسي ايجنسي پاڪستان تي الزام هنيو آهي ته افغانستان جي سرحد ويجهو پاڪستاني علائقن ۾ ماڻهن کي خودڪش بم حملن ڪرڻ لاءِ سندن برين واش ڪيو ويندو آهي. +افغانستان جي نيشنل سيڪيورٽي جي ترجمان اهڙي دعوا انهن 17 ماڻهن جي حوالي سان ڪئي جن کي سندس چوڻ مطابق حملي ڪرڻ کان اڳ گذريل مهيني گرفتار ڪيو ويو هو. +ترجمان وڌيڪ چيو آهي ته گرفتار سمورن ماڻهن قبول ڪيو آهي ته انهن کي خودڪش حملن جي ٽريننگ پاڪستان جي علائقن ۾ عرب، چيچن ۽ اُزبڪ استادن ڏني. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جي اڻ پڙهيل ۽ پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن کي پاڪستاني ٽريننگ ڪيمپن ۾ تربيت ڏئي افغانستان موڪليو پيو وڃي. +ترجمان مطابق ڪيترائي عرب ۽ وچ ايشيا جا ويڙهاڪ افغانستان مان پاڪستان جي علائقن ڏانهن فرار ٿي ويا جڏهن آمريڪي فوجين افغانستان ۾ طالبان حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو هو. + + +پٺاڻ ڪوٽ انڊيا ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جي باري ۾ چيو ويو آهي ته اهو پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ جو ايجنٽ آهي ۽ پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ ٿيل ڪرڪيٽ ميچن دوران لاپته ٿي ويو هو. +پوليس جي ذريعن مطابق گرفتار همراهه خالد پرويز پوليس اڳيان انڪشاف ڪيو آهي ته هو آءِ ايس آءِ جو ايجنٽ آهي کيس پاڪستاني فوج ٻن مهينن تائين ٽريننگ ڏني، هن کي موڪلڻ جو مقصد انڊين فوج جي جاسوسي ڪرڻ هو. +پوليس جي دعوا مطابق کين خالد پرويز وٽان هڪ ڊائري، ڪجهه ڪاغذ، ڪيمرا ۽ حساس جاين جا فوٽو پڻ هٿ آيا آهن. وڌيڪ چيو ويو آهي ته هو انٽرنيٽ ڪيفيز تان اي ميل ذريعي پاڪستان کي معلومات موڪليندو هو. + + +پاڪستان جي قومي اسيمبلي بلڊنگ ڀرسان بم ڊسپوزل عملي ٻن راڪيٽن کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو جيڪي اسيمبلي طرف سيٽ ڪيل هئا ۽ انهن کي موبائل فونن سان ڳنڍيو ويو هو. +خميس ڏينهن صبح جو انهن راڪيٽن کي ناڪاره بڻايو ويو. سرڪاري ذريعن مطابق راڪيٽ تباهي مچائيندڙ نه هئا پر شايد اهي هراس ۽ خوف پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ها. وڌيڪ چيو ويو آهي ته انهن جي باري ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي. + + +سنڌي وڪي اخبار ۾ اهڙو مواد شامل نه ڪيو وڃي جيڪو ”ڪاپي رائٽ“ تحت محفوظ ٿيل هجي ۽ جنهن جي ٻيهر استعمال بابت منع ٿيل هجي. اهڙو مواد شامل ڪيو ويو ته ان کي سائٽ تان هٽايو ويندو. +جيڪڏهن اوهان وٽ استعمال ڪرڻ جي اجازت ورتل آهي ته پوءِ ان مواد کي شامل ڪيو ويندو پر اوهان کي ثابت ڪرڻو پوندو ته اوهان وٽ اهڙو اجازتنامو موجود آهي. + + +اوهان جي خيال ۾ مٿين ڳالهه صحيح آهي يا غلط، جيڪا به اوهان جي راءِ آهي هتي لکڻ لاءِ مٿي موجود ”ايڊٽ“ جي لنڪ تي ڪلڪ ڪري ايڊٽ صفحي جي بلڪل هيٺان پنهنجي راءِ لکو، اوهان پنهنجي راءِ سنڌي توڙي انگريزي ۾ لکي سگهو ٿا. اوهان جي راءِ بروقت شايع ٿي ويندي. +*جيڪڏهن اوهان هن سائٽ جا ميمبر آهيو ته: +آخر ۾ چار ”ٽائيڊس“ جا نشان ضرور لڳايو. +*جيڪڏهن اوهان هن سائٽ جا ميمبر نه آهيو ته: +آخر ۾ پنهنجو نالو، شهر ۽ اي ميل لکي ڇڏيو. +ادا پنهور صاحب! اوهان جي راءِ اکين تي، ڇو ته جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته هي سائٽ ملٽري يا فوج طرفان جوڙائي وئي آهي يا هن سائٽ جو انهن سان ڳانڍاپو آهي اوهان جي اهڙي راءِ اسان هميشه لاءِ هتي محفوظ ڪري ڇڏي آهي. اهڙي راءِ رکڻ جو اوهان کي حق حاصل آهي بلڪه ڪهڙي به راءِ رکڻ اوهان جو بنيادي انساني حق آهي. ها اها الڳ ڳالهه آهي ته اُها راءِ صحيح آهي يا غلط. اهو فيصلو اسان نٿا ڪريون اوهان تي ۽ انهن دوستن تي ڇڏيل آهي جيڪي هن سائٽ تي ڪم ڪن ٿا يا روزانه هن سائٽ کي خبرن لاءِ پڙهن ٿا. +منهنجا ڀاءَ اوهان اٿاريل سوال تي راءِ ڏيڻ شايد وساري ويٺا آهيو، اميد ته هن سائٽ کي روز وزٽ ڪندا رهندا. اوهان جا شڪ ۽ انومان به اسان کي پيارا آهن. +پ پ پ وارا چريا آھن +جو بنگلا ڪارون. ڇڏي ڪري عوام سان گڏ بيھندا اھو دور ٻيو ھيو جو ايڏيون وڏيون تحريڪون ھليون ھاڻي ته ٻين ڏي ٿا نھارين ته، ڪڏھن ٿا اسان کي وارو ڏين باقي الله الله خير صلا +باقي پ پ پ ڪڏھن به اثرائتي تحريڪ ڪونه ھلائيندي +*السنڌي مڪا شريف سعودي عرب +پ پ تحريڪ ضرور هلائيندي پر جڏهن کين سگهارين طاقتن جو اشارو ملندو. ٻي صورت ۾ جيئن سالن جا سال گذري ويا آهن تيئن ٻيا به ڪيترائي سال گذري ويندا پر پ پ ڪابه تحريڪ نه هلائيندي. +پ پ ڪڏهن به حڪومت خلاف اثرائتي تحريڪ نه هلائيندي، ان جو سبب اهو آهي ته پ پ کي ڪڏهن به عوامي طاقت تي ڀروسو نه رهيو آهي اهي سدائين حاوي طاقتن جي اشارن جو انتظار ڪندا رهيا آهن. جيڪڏهن بينظير ڀٽو کي عوامي طاقت تي ٿورو به اعتماد هجي ها ته ڇا هو پرڏيهه وڃي ويهي رهي ها؟ +ڇا ٿو چئي سگهجي، 1983ع ۽ 1986ع ۾ هلايل ايم آر ڊي تحريڪ به پ پ هلائي هئي، پر گذريل ڪجهه سالن کان پ پ جي گوٿناٿ ڏسي لڳي ٿو ته هو هاڻ ڀاڙيا ٿي پيا آهن يا انهن جو هاڻ عوامي طاقت تان ويساهه ئي کڄي ويو آهي. +مخدوم امين فهيم کي رڳو بڇڙو ٿيڻ لاءِ عهدو ڏنو ويو آهي، هن کي چيو ويندو آهي ته ميڊيا کي ٻڌاءَ ته پ پ ڪابه ڊيل حڪومت سان نه پئي ڪري ۽ تازو بينظير وري چيو آهي ته حڪومت سان خفيه ڳالهيون هلن پيون پر اڃا ڪجهه ڳالهين تي اختلاف برقرار آهن، افسوس ويچارو امين فهيم اڻ ڄاڻ رهجي ويو ان مان ظاهر ٿيو ته پ پ تحريڪ بجاءِ ڳالهيون ڪندي اقتدار هٿ ڪندي هونءَ به امين فهيم چئي چڪو آهي ته گرينڊ الائنس جي ڪابه ضرورت ڪانهي. +اوهان کي ائين نه چوڻ گهرجي، مخدوم عزت وارو ماڻهو آهي. پ پ تحريڪ هلائي يا نه هلائي پر مخدومن هميشه پنهنجي حيثيت کي برقرار رکيو آهي. +وقت اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي +ان ڳالهه تي بحث ئي اجايو آهي ته پ پ ڪا تحريڪ هلائيندي، ڇو ته انهن وٽ هاڻ اها طاقت ئي نه رهي آهي جهڙي ايم آر ڊي واري دور ۾ هئي. هاڻ ته صرف چند مفادپرستن جو ٽولو وڃي رهيو آهي جيڪو ڪنهن سٺي ايندڙ وقت جي انتظار ۾ آهي. +پ پ پ مان تحريڪ جي اميد نه رکو +منهنجي خيال ۾ پ پ پ مان تحريڪ جي اميد رکڻ ئي اجائي آهي، جنهن دوست اهو لکيو آهي ته پ پ پ ايم آر ڊي جي تحريڪ هلائي هئي اهي ڀليل آهن. اها تحريڪ صرف پ پ پ نه پر عوامي تحريڪ ۽ ٻين ڪيترن ئي جماعتن جي طاقت تي هلي هئي. هونءَ به دوستن کي ياد رکڻ گهرجي ته ايم آر ڊي واري تحريڪ 83ع ۾ هلي هئي. توهان کي ياد هوندو ته ڀٽي کي ڦاسي 79ع ۾ آئي هئي ان وقت به پ پ پ ڪابه سگهاري جدوجهد نه هلائي سگهي هئي. اهي هميشه عوامي تحريڪن کان نٽائيندا رهيا آهن. هن وقت به ڪنهن اشاري جي انتظار ۾ آهن. آمريڪا جي اليڪشن شايد پ پ پ لاءِ ڪنهن حد تائين رستو صاف ڪري ڇڏيو آهي. مان دعوا سان چوان ٿو ته پ پ پ طرفان سگهاري تحريڪ جا امڪان هاڻي زيرو ٿي ويا آهن. +وقت هي ڳالهيون سچيون ثابت ڪندو. جيئي لطيف. جيئي لطيف جي ٻولي. +جي پ پ ملڪ گير تحريڪ هلائي ته اسان سنڌين کي ڇا ورندو، اوهان ماڻهو اڃا پ پ ۾ اميد رکيو ويٺا آهيو، انهن جي حڪومت ۾ سنڌين سان سدائين ويساهه گهاتيون ڪيون ويون آهن. سنڌين لاءِ پ پ جي حڪومت هڪ ”لالي پاپ“ آهي جيڪو مناسب وقت تي استعمال ڪيو ويندو. +ڇو پيا وقت ضايع ڪريو ان بحث تي اوهان کي ٻيو ڪو ڪم ڪار نه آهي ڇا؟ +پيارا دوست حيدر! اهو بحث اجايو نه آهي، پ پ جي گذريل ڪيترن سالن جي ڪارڪردگي سنڌ جي حوالي سان ڪمپرومائز واري رهي آهي، اسان سنڌين لاءِ ڪوبه حڪمران هجي فرق نه آهي ۽ اهو ئي پ پ جي حوالي سان سڀ کان وڏو سچ آهي. ڳالهه جو مطلب ٿيو ته پ پ جيڪڏهن اقتدار ۾ اچي به وئي ته ڇا ڪندي. اهو ئي نه جيڪو اڳ ۾ ڪيو ويو. يعني ڪالاباغ ڊيم لاءِ رقم رکي وئي يا 1991ع واري پاڻي ٺاهه کي رد ڪري 1994ع ۾ ٻيو معاهدو ڪري سمنڊ ڏانهن ويندڙ پاڻي کي ضايع ٿيڻ قرار ڏنو ويو. بحث ٿيندا ته پارٽين جو اصل ڪردار وائکو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. + + +سنڌ جي چار ضلعن سانگهڙ، بدين، عمر ڪوٽ ۽ خيرپور ۾ بند پيل اسڪولن جي سلسلي ۾ فوج کان مدد ورتي ويندي. فيصلي مطابق فوج تعليمي آفيسرن سميت بند پيل يا اوطاقن ۾ تبديل ٿيل اسڪولن ۽ گوسڙو استادن خلاف ڪاروائي ڪندي. +ذريعن مطابق تعليمي ڊپارٽمينٽ فيصلو ڪيو آهي ته مذڪوره ضلعن جي اسڪولن جي نظرداريءَ لاءِ فوج کي موڪليو ويندو. سنڌ جي اهڙي تجويز وفاق قبول ڪري ورتي آهي. انهن ضلعن جي ناظمن ان قدم جي مخالفت ڪئي آهي. +ياد رهي ته اڳ ۾ به فوج کي واپڊا جي اداري ۾ موڪليو ويو هو پر ڪوبه خاطر خواه يا بهتر نتيجو نه نڪتو هو، واپڊا جو ڊپارٽمينٽ جهڙو هو اهڙو ئي رهيو. + + +يادگيري اوهان ”لاگ ان“ ٿيل نه آهيو، تنهنڪري اوهان جي ”آءِ پي“ هن صفحي جي تاريخ ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي. + + +ta['ca-edit new Array اوهان ترميمي سگهو ٿا. سانڍڻ کان اڳ پيش نگاهه ڏسو + + +آمريڪا، برطانيه، ڪينيڊا، ڊينمارڪ ۽ نيڌرلينڊ جي افغانستان ۾ موجود فوجي ڪمانڊرن پنهنجن ملڪن کان گهر ڪئي آهي ته پاڪستان کي طالبان جي سپورٽ ڪرڻ کان روڪيو وڃي. +انهن پاڪستان کان پڻ گهر ڪئي آهي ته اهي طالبان جي سپورٽ بند ڪن جيڪي پاڪستان مان سرحد پار ڪري افغانستان ۾ ڪاروايون ڪرڻ اچن ٿا. +ذريعن موجب هڪ ڪمانڊر جو چوڻ هو ته پاڪستان کي چيو وڃي ته هو اسان سان آهي يا ا��هن سان آهي. هن جو چوڻ هو ته 4 ۽ 17 سيپٽمبر جي واقعن مان ثابت آهي ته پاڪستان جي ايجنسي آءِ ايس آءِ طالبان کي اتساهي رهي آهي. + + +''خودڪار لسٽ: مضمون موجود ناهي + + +''خودڪار لسٽ: تمام گهٽ ڪيٽگريون + + +''خودڪار لسٽ: وڌيڪ ڪيٽگريون لکڻ جي ضرورت آهي + + +سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر آثم ناٿن شاهي 73 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سنڌي ادبي سنگت طرفان آثم ناٿن شاهي جي لاڏاڻي تي ٻه ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. +آثم ناٿن شاهي جي وفات سندس ڪراچي واري گهر ۾ ٿي، مرحوم ڪافي عرصي کان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو. +هن لڳ ڀڳ 44 ڪتاب لکيا پر انهن مان صرف ٽي ڪتاب ڇپجي سگهيا، سنڌي ادبي بورڊ ڪجهه ڏينهن اندر سندس هڪ ڪتاب ڇپڻ جو اعلان ڪيو آهي. +* ڪي ٽي اين نيوز +* سنڌ ٽي وي نيوز + + +''خودڪار لسٽ: تمام وڌيڪ ڪيٽگريون + + +هي صفحو ترميمي نٿو سگهجي! اوهان ان جو ڪوڊ رڳو ڏسي يا نقل ڪري سگهو ٿا. + + +اوهان جون تجويزون ۽ رايا هن سنڌي پروجيڪٽ لاءِ سڀ کان مقدم آهن، مهرباني ڪري مٿي موجود ”ايڊٽ“ تي ڪلڪ ڪري پروجيڪٽ جي بهتريءَ لاءِ تجويزون ڏيو. +*جيڪڏهن اوهان هن سائٽ جا ميمبر آهيو ته: +آخر ۾ چار ”ٽائيڊس“ جا نشان ضرور لڳايو. +*جيڪڏهن اوهان هن سائٽ جا ميمبر نه آهيو ته: +آخر ۾ پنهنجو نالو، شهر ۽ اي ميل لکي ڇڏيو. +سنڌي ڀائرن جي لاءِ هي هڪ واقعي ساراهه جوڳي ڪاوش آهي. دعا آهي ته سنڌي وڪي اخبار وڌ کان وڌ ترقي ڪري +هڪ گذارش آهي ته سنڌي وڪي اخبار جو جيڪو فونٽ آهي اُهو تبديل ڪري انهيءَ جي جڳهه تي ايم بي لطيفي استعمال ڪيو وڃي. ان جا ٻه ڪارڻ آهن. هڪ ته اسان کي گھرجي ته نج سنڌي رسم الخط واري سنڌي فونٽ کي ترقي وٺرايون ۽ وڌ ۾ وڌ ويب سائيٽن ۾ هُن کي استعمال ڪري انهن سنڌي فونٽن کي ترقي وٺرايون. بيو ته ايم بي لطيفي هاڻي ايترو ته عام ٿي چڪو آهي جو تقريبن گھڻن سنڌين وٽ پهرين کان موجود هوندو. باقي جنن وٽ نه هوندو ته اُهي هتان ڊائون لوڊ ڪري سگھندا. +هڪ ٻي گذارش ته ايڊٽنگ ٽيڪسٽ باڪس جو جيڪو فونٽ آهي اُهو به ايم بي لطيفي سيٽ ڪري ڇڏيو +اڃان به هڪڙي گذارش آهي يا سوال ئي سمجھو ته اسين جيڪڏهن پنهنجو ڪو حالاتِ حاضره تي موجود مضمون هتي ڏيڻ چاهيون ته اِهو ڪٿي پوسٽ ڪريون. +سڀ کان پهرين ڀليڪار ۽ مهرباني جو اوهان ميمبر ٿيا ۽ مشورا پڻ ڏنا +اسان اوهان جون ڳالهيون غور سان پڙهيون آهن. اسان به چاهيون ٿا ته هتي اهڙا سنڌي فونٽ استعمال ڪيا وڃن جن ذريعي شاه لطيف جي شاعري جهڙي پيچيده ڪم کي پڻ آساني سان لکي ۽ نشانيون وغيره ڏيئي سگهجن. پر ان لاءِ ڪجهه ٽيڪنيڪل ڏکيائيون آهن. هي فونٽ جناب ماجد ڀرڳڙيءَ سان مشوري کان پوءِ استعمال ڪيو ويو آهي. ان جا ڪجهه ڪارڻ مان هتي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس. +1. هيترا ننڍا اکر ڪنهن به ٻئي فونٽ ذريعي درست نٿا نظر اچن. +2. ٻين فونٽن ۾ جيئن ايم بي لطيفي وغيره، اهي اکر 4 سائز ۾ درست نظر اچن ٿا تڏهن اهي مهيا ٿيل سافٽ ويئر کي بگاڙي ڇڏين ٿا ۽ مٿي موجود لوگو توڙي ٻيا اکر ٽڙي پکڙي خراب ٿي وڃن ٿا. +3. ٽاهوما فونٽ 2 سائز ۾ به شاندار رزلٽ ڏئي ٿو ۽ اهو ايڪس پي ۾ اڳ ئي لڳل هوندو آهي. ان کي ونڊو 98 تي پڻ آساني سان ننڍن اکرن ۾ پڙهي سگهجي ٿو. +ها جيڪڏهن اهڙي قسم جا مسئلا حل ٿي ويندا ۽ انشاالله ضرور حل ٿيندا ته پوءِ اهو فونٽ استعمال ڪيو ويندو. ان وقت تائين مجبوري آهي. +اوهان جو ٻيو سوال اهو آهي ته اوهان مضمون لکڻ چاهيو ٿا. بيشڪ ادا حالاتِ حاضره تي مضمون لکو ۽ هتي پوسٽ ڪريو. اوهان معروف شخصيتن کان انٽرويو ڪري فوٽن سميت به هتي پوسٽ ڪري سگهو ٿا. ان لاءِ هيٺين ڳالهين تي عمل ڪريو. +1. پهرين صفحي تي موجود باڪس ۾ پنهنجي مضمون جو سرو يا عنوان هن طرح لکو: +ماضيءَ جي سنڌ ۽ اسان جو مستقبل، تحرير: الف ب ت +2. جڏهن اوهان ان انداز سان سرو يا عنوان لکي ”ڪرئيٽ آرٽيڪل“ تي ڪلڪ ڪندا ته اوهان کي نئون ايڊٽ باڪس مهيا ٿي ويندو. ان ۾ سمورو مضمون جو مواد پنهنجي نالي کان سواءِ پوسٽ ڪري ڇڏيو، ڇو ته نالو اڳ ۾ ئي عنوان ۾ موجود هوندو. +3. جيڪڏهن مضمون افاديت وارو هوندو ته ان کي ”تحفظ“ مهيا ڪيو ويندو. +منهنجي خيال ۾ اوهان سمجهي ويا هوندا. جيڪڏهن اڃا به ڪا ڳالهه رهجي وئي هجي ته اسان حاضر آهيون. اميد ته پنهنجي حصيداري ضرور ڪندا ۽ دوستن کي پڻ اسان جي طرفان اهڙي گذارش ڪندا. +مدد واري مواد کي آسان انداز سان لکيو وڃي. +هر شهر جي صحافين سان خبرن لاءِ رابطو ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي پابند بڻائڻ گهرجي ته هو روزانو خبرون موڪلين . +* سعيد سنڌي جيڪب آباد +مان سعيد جي ڳالهه سان متفق آهيان پر ان کي بدلائي ٿورو هيئن چوڻ چاهيندس ته هر ضلعي، تعلقي، شهر توڙي ڳوٺ ۾ وڪي اخبار جا نمائندا هجڻ گهرجن جيڪي وقت تي خبرون لکن. ها ايترو ضرور آهي ته انهن جي ڪانه ڪا سڄاڻپ هجڻ گهرجي جيئن هتان جا سينئر ميمبر ان جي ساک کڻن يا اهو خودساخته نمائندو نگراني هيٺ هجي، ٻي صورت ۾ ان ڳالهه جي ضمانت ڪير ڏيندو ته خبر سچي آهي يا ڪوڙي. +جنهن کي مدد جو مواد سڏيو ويو آهي اهو سمجهه ۾ نه اچڻ جهڙو آهي، مهرباني ڪري اهڙي طرح مواد ترتيب ڏيو جو اسان کي سمجهه ۾ اچي سگهي ته خبر ڪيئن لڳايون؟ +تصويرون اپ لوڊ نٿيون ٿين +مون جڏهن تجرباتي طور خبر لڳائڻ چاهي ۽ ان ۾ تصوير ڏيڻ لڳس ته اها اپ لوڊ نه پئي ٿي. مان ميمبر به ٿيس تڏهن به مان تصوير اپ لوڊ نه ڪري سگهيس. اهو وڪي ڪامن ڇا آهي آهي ڇا اتي به ميمبر ٿيڻو پوندو. مان ڪهڙي طريقي سان تصويرن سميت خبرون ڏئي سگهان ٿو؟ مون کي گائيڊ ڪندا. +*ڀائڙا! اوهان جي ڳالهه صحيح آهي تصويرن جي اجازت هن سنڌي پروجيڪٽ ۾ في الحال نه آهي. اوهان خبرون ڪامن تي اپ لوڊ ڪري پوءِ هتي ڏئي سگهو ٿا جيئن اڳ ۾ موجود خبرن ۾ تصويرون ڏنل آهن. خاص طور پورٽل صفحن ۾. ها اوهان کي اُتي اپ لوڊ ڪرڻ لاءِ نئون اڪائونٽ ٺاهڻو پوندو. +محترم ڪبير! اوهان ته سمورو مواد ڊاهي پنهنجي هڪ سِٽ رکي ڇڏي هئي. جڏهن ته اوهان کي هن مواد جي هيٺان يا ڪٿي به صرف پنهنجي راءِ يا جيڪو ڪجهه اوهان لکڻ چاهيو ٿي لکي سگهو پيا. اوهان کي سمورو مواد نه ڊاهڻ کپي ها. بهرحال خير آهي. سنڌي وڪي اخبار ۾ اوهان کي ڀليڪار. اميد ته سائٽ جي وزٽ ڪندا رهندا. +مون کي اها خبر پڙهي افسوس ٿيو ته سنڌ جي زمين رينجرز کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ جي اها ڦرلٽ ڪا نئين ڳالهه نه آهي پر ڏک رڳو ان ڳالهه جو ٿئي ٿو ته اسان جون قومپرست پارٽيون خاموش ويٺيون آهن. +”زنا باالجبر“ جو حدود آرڊيننس سان ڪو تعلق ئي ڪونهي. ”زنا باالجبر“ حدود آرڊيننس جي زمري ۾ ايندڙ ڏوهه کان به وڌيڪ آهي. اهو ته ٻٽو جرم آهي. اهو زنا سان گڏ زبردستي به آهي ۽ جيئن ٻئي ڪا زبردستي ٿيندي آ، ان وانگر ڊيل ڪيو وڃي، ان جي تشريح ڪرڻ يا ان جي سزا تجويز ڪرڻ ۽ طئي ڪرڻ ته جدا ڳالهه آهي ۽ اها رياست جي ذميواري آهي. ان لاءِ مزيد قانون سازي ٿئي يا عدالتون نوٽيس وٺن. حڪومت خواه مخواهه عوام کي دين سان پئي وچڙائي ۽ بدزن ڪري. حڪومت زنا ختم نه ٿي ڪرائي سا زنا باالجبر ڪٿان ختم ڪرائيندي؟ اها حڪومت جي بدنيتي آهي. +اوهان جو تجربو بهتر آهي +پيارا ستار! مٿيون مضمون مون ڊاهيو آهي ڇاڪاڻ ته هي تجربيگاهه آهي، تجربو بهتر آهي، بنيادي طور ”وڪي اخبار“ خبرن پوسٽ ڪرڻ لاءِ آهي پر جيڪڏهن اوهان پنهنجو ڪو مضمون ڏيڻ چاهيو ٿا سو به پنهنجي نالي سميت ته پوءِ اوهان کي تجزياتي مضمون لکڻو پوندو سو به اهڙي موضوع تي جيڪي هن سائٽ تي خبرن جي صورت ۾ اچي چڪا هجن، اهڙي طرح اوهان کي ان جا حوالا پڻ شامل ڪرڻا پوندا. ان لاءِ اوهان مين پيج تي موجود باڪس ۾ عنوان هن طرح لکي شروعات ڪري سگهو ٿا. +حدود آرڊينينس ۽ پاڪستان سرڪار، تحرير: ستار زنگيجو +غلطين جو خير آهي اهي پوءِ به سڌاري سگهجن ٿيون اهم ڳالهه آهي شروعات ڪرڻ اميد ته حصيداري ڪندا. وڌيڪ سيٽنگ جون درستگيون مان پاڻهي ڪري ڇڏيندس. اوهان اڃا رجسٽر نه آهيو سائٽ ۾ رجسٽر ٿيو پوءِ اوهان جو يوزر نيم چار ٽائيڊ لڳائڻ سان پاڻهي اچي ويندو جيئن منهنجو آيو آهي. +سلام سنڌ وڪي نيوز تمام سٺو پيج آهي +سائين! اوهان ڪجهه به حصيداري نه ڪئي آهي. اوهان کي عرض آهي ته ڪم جي شروعات ڪريو پوءِ جهڙو به ڪري سگهو ته اسان کي خوشي ٿيندي. +دوستو اميد ته خوش هوندا، هي ڪم ساراه لائق آهي. مون هن سائٽ جا تاريخوار صفحا ڏٺا شايد توهان اهو ڪم تازو شروع ڪيو آهي. اميد ته قافلو هلندو رهندو. +لاٽ ٻرندي رهي، ساٿ هلندو رهي. +اميد ته سائٽ تي ايندا رهندا ۽ خبرن جي سلسلي ۾ اسان جي مدد پڻ ڪندا. +سنڌ لاءِ هڪ بهتر قدم آهي +سنڌ ۽ سنڌين لاءِ هڪ بهتر قدم +جنهن به دوست هن آزاد اداري جي ڪوشش ڪئي سا بهتر آهي پر خبرون موڪلڻ جو طريقي ڪار سمجهائڻ لاءِ ويب سائيٽ تي مواد ڏيڻ کپي مان هڪ صحافي آهيان مان چاهيان ٿو ته هن آزاد اداري ۾ خبرون موڪليان . +مهرباني ڪري مڪمل خبرون موڪلڻ جو طريقي ڪار سمجهائيندا ته جيئن مان روزاني خبرون موڪلي سگهان . +سعيد سنڌي جيڪب آباد سنڌ +ادا مان ڪوشش ڪندس ته اوهان ڏي جدا اي ميل ڪريان، خبرون موڪلڻ جي ضرورت نه آهي پر اوهان سڌي طرح هتي پوسٽ ڪري سگهو ٿا جيئن اوهان پنهنجا مٿيان اکر پوسٽ ڪيا آهن ائين مرڪزي صفحي تي وڃي خبر جو عنوان لکي خبر پوسٽ ڪريو ان ۾ ڪا غلطي هوندي ته نشاندهي ڪبي اميد ته اوهان حصيداري ڪندا رهندا. +مان پهريون ڀيرو هن سائٽ تي آيو آهيان +بهترين سائٽ آهي خبرون پڻ تازيون توانيون ملن ٿيون، ڀلا اسان کي به ٻڌايو ته هتي ڪيئن حصو وٺي سگهجي ٿو. لڳي ٿو ڪافي مشڪل آهي مون ڪجهه خبرون کولي انهن کي ايڊٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر لڳو ته ڪم ڏکيو آهي. ڀلا اسان پنهنجون اکين ڏٺل خبرون به موڪلي سگهون ٿا يا نه؟ +*ادا شهباز! ڀليڪار، هي ڪم ڏکيو بلڪل نه آهي اوهان جيئن هن صفحي تي لکيو آهي بلڪل ساڳي طرح ”پهرين صفحي“ تي موجود باڪس ۾ پنهنجي خبر جو عنوان لکي اها خبر لکي سگهو ٿا. بس وڌيڪ ايترو ڪرڻو پوندو ته اوهان کي اُتي ذريعا لکڻا پوندا جتان اوهان خبر کنئي هوندي. جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي ته ان جو خير آهي ان کي پوءِ به سُڌاري سگهجي ٿو. +سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو +سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو! +سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو! +جهولَ جهلي جنهن وقت ڀٽائيءَ +سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو! +ڪنبدي نيٺ ڪٽار، او يار! +سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو! +نيٺ ته ڊهندي، ڪيسين رهندي، +دوکي جي ديوار، او يار! +سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو! +گھڙا کڻي گھڙينديون، سوَ سهڻيون، +مرندا سو ميهار، او يار! +سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو! +سِرَ جي سَين هڻي ڏس چارَڻَ +ٻيجلُ ٿي ٻيهارَ او يار! +سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو! +* ادا وسيم جمالي صاحب! اوهان کي عرض آهي ته مهرباني ڪري ميمبر ٿيو ۽ اوهان کي سنڌي لکڻ اچي ٿي مهرباني ڪري خبرن لکڻ ۾ اسان جي مدد پڻ ڪندا. +اسين پاڻ سنڌي ڊڪشنري ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ آهيون، ڊڪشنري جو ڪوڊ ته مڪمل ٿي ويو آهي پر اسان کي سنڌي لفظن جي ضرورت آهي، پر اهو تمام مشڪل آهي ٿي سگهي ٿو ته اهو زندگي جو ارمان رهجي وڃي. +هي مڪمل ناهي، پر دل چوي ٿي هڪ ڏينهن ضرور پوري ٿيندي، هڪ خواب آهي هڪ ساڙ آهي، هر زبان جي ڊڪشنري آهي پر اسان جي ڇو ناهي. +* ادا وسيم! اوهان جي محنت جس لهڻي، نااميد نه ٿيو سنڌي ٻوليءَ لاءِ ايندڙ وقت شاندار هوندو ڇاڪاڻ ته تمام گهڻا نوجوان دوست ان تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ مون کي يقين آهي ته اوهان جا سمورا ارمان پورا ٿيندا ۽ سنڌي ڊڪشنري هڪ ڏينهن ضرور تيار ٿي ويندي. +دوستن جي محنتن کي سلام +انهن دوستن جي محنتن کي منهنجا سلام جيڪي هن ويب سائٽ کي هلائين پيا، ڇاڪاڻ ته اسان کي سنڌ سميت دنيا جون تازيون خبرون انٽرنيٽ تي سنڌيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ملي وڃن ٿيون. +سائين مون کي ٿورو گائيڊ ڪيو +سائين ظفر، مون قائدعوام يونيورسٽي مان بي اي ڪئي آهي. اتي دوستن مون کي ٻڌايو ته سنڌي خبرن لاءِ هڪ نئون سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ هر ڪو پنهنجي علائقي جون خبرون ڏئي سگهي ٿو. ڇا مان ان ڪم ۾ اوهان جو هٿ ونڊائي سگهان ٿو. يا ان جي لاءِ ڪجهه خاص ڪرڻو پوندو؟ مان اصل ۾ ڪنڊياري شهر جو آهيان ۽ مان چاهيان ٿو ته اتان جون خبرون هتي روزانه ڏيان. مون کي تفصيل سان ٻڌايو ته اهي خبرون اوهان دوستن کي ڪيئن اماڻيان. مهرباني. +سنڌو! سنڌي وڪي اخبار تي اوهان کي ڀليڪار چئجي ٿو. +اچو ته گڏجي هن پروجيڪٽ کي سنواريون ۽ وڌايون. اوهان ۾ اميد آهي ته اوهان پنهنجي علائقي جون خبرون ضرور پوسٽ ڪندا. جيڪڏهن اوهان چاهيو ته عالمي توڙي علاقائي خبرون انٽرنيٽ تان انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري پڻ ڏئي سگهو ٿا. خبرون تازيون هجڻ گهرجن. اميد ته دوستن کي به اهڙي گذارش ڪندا. +پاڪستان جا حڪمران خاص طرح پنجاب پرست ۽ سنڌ دشمن جي اسان جي ڌرتيءَ کائيندي به اسان جا ناهن، اهي هميشه سنڌ ڌرتي ۽ سنڌين سان مختلف طريقن ذريعي نفرت جو اظهار ڪندا آهن. +* ادا اوهان سنڌ جي نالي سان نئون صفحو جوڙي ان ۾ مٿين راءِ لکي هئي. اهو طريقو غلط آهي ان ڪري اوهان جي راءِ هتي رکي وئي آهي. نئون صفحو صرف اهو قابل قبول هوندو جيڪو ڪنهن نئين خبر تي مشتمل هوندو. ڇاڪاڻ ته هي خبرن جو پروجيڪٽ آهي. +هي ديوانن جي فطرت آ، ڪو ڏوهه نه ڌربو مقتل تي، +جي سر تان گذري ڄاڻن ٿا تن مور نه ڀاڙيو اٽڪل تي. +جو رات رَتي نيلام ڪري ۽ گھور گھڙيون قتلام ڪري +جو ويٺو ٿو وسرام ڪري مون ٽهڪ ڏنا هن توڪل تي. +ٿو دونهون دونهون وگھري آ ۽ ڪرڻو ڪرڻو وکري آ +جو ٽم ٽم ٽم ٽم پڄري آ، پر مير نه آيو مشعل تي. +تو پور بندر سين پانارو، جت لهرون لهرون اجيارو +هت نگر نگر جو وڻجارو اڻ ڪوٺيو ايندو ڦرڦل تي. +ڪجھه تارن جي اوجارن مان، ڪجھه ڪونجن جي اوڏارن تان +ڪجھه گلڙن جي هوٻارن سان هي منڊ منڊيو ٿئون محفل تي. +جت ڏونگر ۾ ٿو ڏينهن ٻڏي ۽ دور دڳن ۾ ڌوڙ اڏي +جت هٿ هٿ ۾ ٿو جام لڏي ڪو جھلجي پو ڪيئن جهلپل تي. +جي سپنا آئي رات کڻي ڏسجان نه وڃن ڇپرن مان ڇڻي +ڪا گھات ملي، ڄڻ بات بڻي، ڪو موڙ نه آڏو منزل تي. + + +* قومون، عقيدن ۽ نظرين تي جنم ناهن وٺنديون، پر وطن، زبان، تهذيب، جاگرافي حدن ۽ اقتصادي بنيادن تي ٺهنديون آهن. +* بلاشڪ اهڙن ماڻهن کي اصل معاف نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي غلط ڪم ڪري پوءِ به پڇتائين ڪونه ٿا. +* جيڪا ڳالهه زوري مڙهي ويندي آهي اها پائيدار نه هوندي آهي. +* جيسين اسان جي ڪارڪنن جو اخلاق درست نه ٿيندو تيسين هو ڪجهه به ڪري نه سگهندا. +* مون وٽ ته ڇا پر ڪنهن وٽ به ڪا ”نئين شيءِ“ ڪو نه آهي، اهي سڀ پراڻيون شڪليون آهن جن کي نئين نموني ۽ نئين انداز سان ورجايون ٿا. +* هر اها ڳالهه ڪريو جيڪا ڪري سگهو اوهان ”غلام“ آهيو. اوهان جو حڪومت تي ڪو به ”دٻاءَ“ يا ”اثر“ نه پوندو. +* اقتصاديات کي درست ڪرڻ سان ئي انصاف درست ٿيندو. + + +پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ +پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ +سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا! +سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار +هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڌار +مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين. +هلندي هوت پنهونءَ ڏي کهجن ڪي کوٽيون +پهڻ تن پب ٿئي، جي لئي لالڻ لوٽيون +ٻانڀڻ ٿي ٻوٽيون، ته ڪتا کائين ڪيچ جا! +جتا شال جيئو جيئو ۽ جاڙون ڪريو +ٻانڀڻ عشق ٻروچ ريءَ ٻيلي ناهه ٻيو +ڇنڻ تان نه پيو هي سنڱ نه ڇنڻ جهڙو! +دنگيءَ ۾ داڻا، وٺي وجهه وکر جا +وير وڙهند ۽ ويسرا، ويهه مَ ويڳاڻا +هيءَ ننڊ نه ڄاڻان، ڪڏهن هڻندئي ڪن ۾! +شاه عبداللطيف سنڌي شاعرن جو سرتاج شاعر آهي +جنين ڏاند نه ٻج، تنين پڻ تنهنجو آسرو +پوءِ اُڀارين سج، اول ڏين انهن کي. +ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي +ته شاه عبداللطيف سنڌيءَ جو واقعي به سرتاج شاعر آهي. لطيف جي ٻولي ئي سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ جي ضمانت آهي. +شاه صاحب جا ڪجهه شعر عرض آهن: +جوري واري جوءِ ويندو راڄ ورائيو، +سڙي لامان پوءِ ڪم جو مورو موريو. +سر نسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين، +مون تو ڪارڻ ڪانڌ سهسين سکائون ڪيون. +سر لوهيڙا ڳڀيا ڪسر نسريا، +تو ڪيئن وسريا، ڍوليا ڏينهن اچڻ جا؟ +پره ڦٽي، رات گئي، جهيڻا ٿيا نکٽ، +هاري، ويءِ وٽ، گهڻا هڻندين هٿڙا. +نڪو سک نکٽين، نه ويساند نئين، +جيڪا اچئي سامهون، پائين سا سئين، +موڙي ڪوه مئين؟ جيئن سڄيون راتيون سمهين؟ +منهنجو پسنديده شاعر شاه صاحب آهي +شاه صاحب منهنجي پسند جو شاعر آهي، سندس رسالو اسان سنڌين لاءِ قرآن جي حيثيت رکي ٿو. هن جو هڪ شعر تڪڙ ۾ هتي لکان ٿو: +لوڪ لهوارو وهي، تون اوچو وهه اوڀار، +منجهان نينهن نهار، وون پٺيرو پرينءَ ڏي. + + +{{Warn}}هن خبر جا ذريعا يا حوالا لکيل نه آهن، خبر جا ذريعا لڳائي نوٽيس کي ختم ڪري سگهجي ٿو. +شڪار پور لڳ همايون ٿاڻي جي حد ۾ قمبراڻي ۽ مارفاڻي برداري جي هڪ سال کان جاري قبائلي جهيڙي ۾ ٺاپر نه اچي سگهي اڄ صبح مارفاڻي برادري جي هٿياربندن قمبراڻين جي ڳوٺ تي حملو ڪري 2 ڄڻن محمد ايوب ولد محمد سچل بکراڻي ۽ عبدالحئي عرف لالائي بکراڻي کي شديد فائرنگ ڪري قتل ۽ ٽن ڄڻن کي سخت زخمي ڪري وڌو واضح رهي ته هڪ سال اڳ پاڻي جي مسئلي تان قمبراڻي برادري پاران مشهور پاٿاريدار طوطو مارفاڻي کي قتل ڪرڻ کان بعد شروع ٿيل قمبراڻي ، مارفاڻي جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين جا هن مهل تائين 40 کان مٿي ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن جڏهن ته ضلعي ۽ صوبائي حڪومت توڙي پوليس انتظاميا قمبراڻي ، مارفاڻي جهيڙي کي روڪڻ ۾ مڪمل ٿي ناڪام ٿي چڪي آهن . + + +ڪوئٽا ۾ لڳ ڀڳ 48 افغانين کي طالبان هجڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جي چوڻ مطابق اهي ماڻهو افغانستان مان ٽولن جي صورت ۾ اچي هتي لڪا آهن. +پوليس طرفان ٻڌايو ويو آهي ته انهن مان هڪ همراهه زخمي حالت ۾ آهي. انهن ماڻهن کي اڳ گرفتار افغانين وٽان مليل معلومات ۽ پوليس طرفان گڏ ڪيل معلومات جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ اهو سلسلو جاري رهندو. +اهي گرفتاريون ڪوئٽا مان پشتون آبادي واري علائقي ڪچلاڪ، نوان ڪلي ۽ بروري مان ٿيون آهن. +ياد رهي ته اهي گرفتاريون افغانستان ۾ موجود پنجن ملڪن جي ڪمانڊرن طرفان پنهنجن ملڪن تي زور وجهڻ بعد عمل ۾ آيون آهن جنهن ۾ انهن ڪمانڊرن پنهنجن ملڪن کي چيو هو ته پاڪستان کي طالبان جي سپورٽ ڪرڻ کان روڪيو وڃي. + + +انجلينا جولي ۽ بريڊ پٽ چيو آهي ته صحافي ڊينئل پرل تي ٺهندڙ فلم ”اَ مائٽي هرٽ“ جي شوٽنگ پاڪستان ۾ نه ٿيڻ تي سخت افسوس ٿيو آهي. +اها شوٽنگ پاڪستان ۾ رٿيل هئي پر سيڪيورٽي رسڪ هجڻ ڪري ان کي انڊيا جي شهر پوني ۾ فلمايو ويندو. ياد رهي ته پاڪستان ۾ پڻ ڪجهه سينز جي شوٽنگ ڪئي ويئي هئي. +انجلينا جولي چيو ته منهنجي خواهش هئي ته فلم جي شوٽنگ پاڪستان ۾ ٿئي. پر اتي شوٽنگ نه ٿيڻ سان افسوس ٿيو آهي جنهنڪري شوٽنگ انڊيا ۾ ڪرڻ اسان لاءِ ناگزير ٿي ويو. +فلم ”اَ مائٽي هرٽ“ 38 ساله آمريڪي صحافي ڊينئل پرل تي ٺهيل آهي جنهن کي ڪراچي مان اغوا بعد کيس قتل ڪري هڪ ٽيپ جاري ڪئي وئي هئي جنهن ۾ هن جو ڳلو ڪپندي ڏيکاريو ويو هو. + + +اسلام آباد جي علائقي زيرو پوائنٽ وٽان ٻه ٻيا راڪيٽ هٿ ڪيا ويا آهن، ٻنهي راڪيٽن کي ناڪاره بنايو ويو. گذريل ڏهاڙي پڻ اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي بلڊنگ وٽان ٻه راڪيٽ هٿ آيا هئا. +ذريعن مطابق اهو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي ته اهي راڪيٽ ڀرسان موجود آءِ ايس آءِ جي آفيس کي نشانو بنائڻ لاءِ آندا ويا هجن. +ياد رهي ته پنجين آڪٽوبر واري واقعي کان پوءِ پوليس ڪجهه ماڻهن کي پڇا ڳڇا لاءِ گرفتار ڪري ورتو هو. + + +$1 نالي يوزر کاتو کلي چڪو آهي. + + +اوهان جو يوزر کاتو اڳ ئي کلي چڪو آهي، اوهان وڌيڪ کاتا نٿا کولي سگهو. + + +اوهان اڳ ۾ ئي ”لاگ ان“ ٿيل آهيو! + + +هي اهڙي يُوزر جو مباحثي صفحو آهي، جنهن اڃا پنهنجو کاتو نه کوليو آهي. اسان ان جي ”آءِ پي“ نمبر کي سڃاڻپ طور استعمال ڪيو آهي. جيڪڏهن اوهان به کاتو نه کوليو آهي ته پوءِ نئون کاتو کولي وٺو، ڇاڪاڻ ته ”آءِ پي“ جي استعمال سان مونجهارو جنم وٺي ٿو! + + +اوهان يوزر نانءُ طور تمام ٿورن اکرن جي چونڊ ڪئي آهي، مهرباني ڪري ٿورو وڏو يوزر نانءُ چونڊيو. + + +مونجهاري کان بچڻ لاءِ هيءُ نالو استعمال ڪرڻ منع آهي، مهرباني ڪري ٻي نالي جي چونڊ ڪريو. + + +انهيءَ عنوان سان صفحو اڳ ئي موجود آهي. مهرباني ڪري ٻيو ڪو عنوان پسند ڪريو. + + +اوهان کي ان عمل جي اجازت نه آهي! + + +اهو عمل گروهه جي يوزرس لاءِ مخصوص آهي! + + +اهو عمل ڪنهن ٻي يوزر لاءِ مخصوص آهي! + + +اهو عمل ڪنهن ٻي ”يوزر“ لاءِ مخصوص آهي! + + +اهو عمل هن صفحي تي نه ٿيندو. + + +فائيل نانءُ بدلجي 1" ٿي چڪو آهي. + + +اهو عمل اڳتي نه وڌندو ڇاڪاڻ ته اوهان ٽن اکرن تي مشتمل لفظ لکيو آهي يا اوهان غلط لفظ لکيا آهن، مثال طور ”مڇي ۽ ۽ ڄار“. ٻيا لفظ لکي ورائي ڳوليو. + + +اوهان جو ڏنل ڳجھو لفظ ڀيچجي نه سگهيو آهي. ورائي لکو! + + +گُهربل صفحي جو عنوان غلط، خالي يا اهڙو آهي جنهن ۾ ڪجهه اهڙيون نشانيون شامل ٿيل آهن جن کي عنوان ۾ استعمال نٿو ڪري سگهجي. + + +1 ۾ اوهان جون ڪيل ترميمون هيٺينءَ ريت آهن: + + +1 جو ذريعو هيٺ ڏجي ٿو: + + +هيٺ اهڙن ٻين ادارن جي فهرست ڏنل آهي جيڪي نوان ۽ استعمال ٿيل ڪتاب وڪرو ڪن ٿا. اوهان وڌيڪ معلومات لاءِ سندن سائٽ وزٽ ڪري سگهو ٿا. + + +هيءُ گھربل صفحي جو ڪيشي سانڍيل پرت آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو تازه ترين نه هجي. + + +خودڪار ”اسپام“ کان تحفظ لاءِ اوهان کي ڏنل انگن جي جوڙ يا ڪٽ ڏيڻي پوندي. + + +غير درست يا اڻپُورو ڳجھو لفظ! + + +غلط ڳجھو لفظ داخل ڪيو ويو، ٻيهر ڪوشش ڪريو. + + +توهان جو ڏنل ڳجھو لفظ خالي هو. مهرباني ڪري وري ٽائيپ ڪندا. + + +$1 تي اوهان لاءِ نوان نياپا آهن! + + +سنڌ جي سمنڊ تي موجود ٻن ٻيٽن تي ماڊل سٽي جي نالي سان منصوبو جوڙڻ واري اعلان تي سنڌ جي سياسي توڙي سماجي حلقن ان جي مخالفت ڪئي آهي. انهن ٻيٽن تي رهندڙ ماهيگيرن سخت مزاحمت جو اعلان پڻ ڪيو آهي. +بنڊاڙ ٻيٽ تي رهندڙ هڪ اسي ساله عورت چيو ته مان هتان ڪڏهن به نه ويندس، منهنجو لاش ئي هتان ويندو. شهر کان چار ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود انهن ٻيٽن کي دبئي جي هڪ ڪمپني جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. +سخت اختلافن هوندي به ان منصوبي جي تياري ڪئي پئي وڃي، ان منصوبي کي ڊائمنڊ آئلينڊ سٽي جو نالو ڏنو ويو آهي. بنڊاڙ ٻيٽ جي ايراضي چار هزار ايڪڙن تي مشتمل آهي. +ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير چيو هو ته ان منصوبي لاءِ سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو ۽ صلاح مشوري کان سواءِ اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي. +ٻئي طرف سنڌ قومي اتحاد ۽ فشر فوڪ فورم پڻ ان منصوبي جي مخالفت ڪري چڪا آهن. مخالفت ڪندڙ ڌرين جو چوڻ آهي ته اهي ٻيٽ تاريخي حيثيت سان گڏ اُتي رهندڙ ماڻهن جي جيئدان جو ذريعو پڻ آهن. ان منصوبي جي هر سطح تي مخالفت ڪئي ويندي. +* سنڌي ٽي وي چئنل ”ڪي ٽي اين“ نيوز +* سنڌي ٽي وي چئنل ”سنڌ“ نيوز + + +سرحد ۾ مشهور مذهبي اڳواڻ سيد قبول شاهه کي نامعلوم هٿياربندن گهر ڀرسان فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. هن موقعي تي دم ڏنو. +ڪنهن به گروپ قتل جي ذميواري نه قبولي آهي. هڪ مزار جي تنازعي تان شروع ٿيل ان خونريزي ۾ هينئر تائين لڳ ڀڳ 23 ماڻهو مارجي چڪا آهن. جڏهن ته قبائلين جو چوڻ آهي ته ان کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن. + + +پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم ۽ اڄڪلهه دبئي ۾ رهندڙ بينظير ڀٽو چيو آهي ته حڪومت سان خفيه طور تي پ پ جون ڳالهيون هلندڙ آهن پر اڃا ڪجهه ڳالهين تي اختلاف برقرار آهن. +هن وڌيڪ چيو آهي ته هوءَ واپس اچي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿي پر کيس اڃا مشڪلاتون نظر اچن پيون. هن اهي ڳالهيون هڪ انٽرويو دوران چيون. +بي نظير ڀٽو جو وڌيڪ چوڻ هو ته هوءَ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اختلافن جي حوالي سان هن چيو ته 2007ع جي اليڪشن ۽ ٻين معاملن تي حڪومت سان سندس اختلاف برقرار آهن. +ياد رهي ته پاڪستان ۾ پ پ جي سنڀالداري ڪندڙ مخدوم امين فهيم ڪيترائي ڀيرا ان ڳالهه کان انڪار ڪندو رهيو آهي ته پ پ جا حڪومت سان ڪي به خفيه رابطه نه ٿيا آهن. بينظير ڀٽو جي اهڙي انڪشاف بعد اها ڳالهه پڌري ٿي آهي ته پردي پٺيان پ پ جا حڪومت سان خفيه رابطه هلندڙ هئا. +* سنڌي ٽي وي چئنل ”ڪي ٽي اين“ نيوز + + +ڀلي ڪري آيا! جناب عرساڻي صاحب +اميد ته اوهان پنهنجي قيمتي لمحن مان ڪجهه وقت ڪڍي هتي به ڏيندا. +ڊاڪٽر منظور قادر جو شعر آهي ته: +ٽٽل دلين ۽ رشتن کي + + +{{Warn}}هن خبر جا ذريعا يا حوالا ۽ ڪابه ڪيٽگري لکيل نه آهي، خبر جا ذريعا ۽ ڪيٽگري لڳائي نوٽيس کي ختم ڪري سگهجي ٿو. +پاڪستان جي وفاقي حڪومت جي تعليمي وزير بيان ڏنو آھي ته ايندڙ پنجن سالن دوران پاڪستان ۾ مڙني سرڪاري اسڪولن ۾ ذريعه تعليم انگريزي ڪيو ويندو، جڏھن ته ٻولين ۾ رڳو اردو پاڙھي ويندي. ان جو مطلب اھو ٿيو ته سمورا سنڌي ميڊيئم اسڪول بند ڪيا ويندا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي حيثيت ختم ڪئي ويندي نه رڳو ايترو بلڪه سنڌي ٻوليءَ کي ھڪ مضمون طور به نه پاڙھيو ويندو. اڃا افسوس ناڪ ڳالهه اھا آھي ته ان خلاف ڪنھن ھڪ به سنڌي سياسي يا غير سياسي تنظيم آواز نه اٿاريو آھي ۽ نه ئي ڪنھن سنڌي عالم يا اديب رد عمل ظاھر ڪيو آھي سنڌي ميڊيا ڪالاباغ ڊيم جھڙن معاملن تي ته ڳالھائي ٿي پر سنڌي ٻوليءَ جي مسئلي تي مظبوط آواز نه ٿي اٿاري. + + +ليفٽنينٽ جرنل ڊيوڊ رچرڊس اسلام آباد وڃي رهيو آهي، جتي هو پاڪستان جي صدر مشرف کي پاڪستان جي ايجنسين پاران طالبان جي سپورٽ بابت احوال ڏيندو ۽ کيس زور ڀريندو ته پاڪستان ۾ رهندڙ طالبان کي گرفتار ڪيو وڃي. +جنرل ڊيوڊ جو چوڻ هو ته صدر پاڪستان ڪيترائي ڀيرا مڃي چڪو آهي ته طالبان مسئلو پاڪستان بارڊر وٽان ٿي رهيو آهي. مون کي اميد آهي ته صدر پاڪستان ايجنسين جي ڪم تي نظرداري ڪندو. +هڪ برٽش آفيسر چيو آهي ته اسان جا ماڻهو پاڪستان جي ڪري مارجي رهيا آهن. اسان ان ڳالهه کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون، مشرف کي ظاهر ڪرڻو پوندو ته اصل ۾ هو طالبان جو طرفدار آهي يا نه. + + +سرڪار جن ٻيٽن کي خالي ڄاڻائي انهن کي دبئي جي هڪ تعميراتي ڪمپني حوالي ڪرڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي ان بابت انڪشاف ٿيو آهي ته مذڪوره ٻيٽن تي ماهيگيرن جو قديم وسنديون آباد آهن. +سنڌي اخبار عوامي آواز مطابق ڀنڊار ٻيٽ تي سوين سالن کان قديم آبادي ۽ قديمي قبرستان موجود آهي جنهن کي خالي ڄاڻايو ويو هو. جڏهن ته زمين جي ايراضي تي پڻ اختلاف آهن اها ايراضي 12 هزار ايڪڙ ظاهر ڪئي وئي هئي پر اصل ۾ اها 35 هزار ايڪڙن تي مشتمل آهي. +سياسي ۽ سماجي تنظيمن ۽ ٻيٽن جي رهواسين سخت مزاحمت جو اعلان ڪيو آهي، ڌرين چيو ته عيد کان پوءِ ملڪ گير احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. + + +نسرين شڪيل پٺاڻ جيڪا ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ جي نجي جيلن ۽ ٻين مسئلن تي سرگرم ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، چيو آهي ته کيس عاصمه جهانگير، اقبال حيدر، آءِ اي رحمان ۽ زهره يوسف زور ڀريو ته هوءَ خاموشيءَ سان رزائن ڪري ڇڏي. +ياد رهي ته نسرين شڪيل پٺاڻ سنڌ سان تعلق رکي ٿي ۽ سنڌ ۾ انساني حقن لاءِ جدوجهد جي باني رهي آهي. هن نجي جيلن، جاگيرداري توڙي ٻين مسئلن تي هميشه سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي. +نسرين شڪيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته سندس زور ڀرڻ جي باوجود کيس معطل ڪرڻ جو سبب نه ٻڌايو ويو آهي. نسرين کي سندس مڙس شڪيل پٺاڻ جي وفات کان پوءِ ڪوآرڊينيٽر طور رکيو ويو هو. + + +توهان SITENAME کي گمناماً استعمال ڪري سگھو ٿا، يا وري ساڳي يا مختلف يُوزر جي حيثيت ۾ لاگ اِن ٿِي سگھو ٿا. اهو ذهن ۾ رکندا ته ڪي صفحا اڃا به ائين ظاهريندا ڄڻ توهان اڃا لاگ اِن ئي آهيو، جيستائين توهان پنهنجي جھانگُوءَ جِي ڪيشي کي صاف نه ٿا ڪريو. + + +  شاهه لطيف جي شاعري]] +نوٽ: ٿي سگهي ٿو اوهان کي پراڻيون خبرون نظر اينديون هجن صفحي کي نئون ڪرڻ لاءِ Refresh ڪريو. + + +ڳجھو لفظ ٻيهر ٽايپ ڪريو + + +ترميمڻ لاءِ ”لاگ اِن“ ٿيڻ جي لازمي آهي. + + +اوهان کي کاتو کولڻ جي اجازت نه آهي. + + +توهان جو کاتو کلي چڪو آهي. پنهنجون SITENAME ترجيحات بدلائڻ نه وساريندا. + + +اهو يوزر نانءُ اڳي ئي استعمال هيٺ آهي، مهرباني ڪري ٻيو يوزر نانءُ پسند ڪريو. + + +”لاگ اِن“ ٿيل نه آهيو + + +جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشي چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت قومپرستن کي مارڻ چاهي ٿي. هنن جي رٿا آهي ته جيئن نواب اڪبر بگٽي کي ماريو ويو اهڙي طرح سڀني قومپرستن کي منهن ڏنو وڃي. +بشير قريشي وڌيڪ چيو ته پنجاب ۽ ان جا حامي ڪالاباغ ڊيم جوڙڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. سنڌ جي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپنين حوالي ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا ويا آهن. هن ان رٿا جي سخت مخالفت ڪندي چيو ته سنڌ دشمن منصوبن خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جي جدوجهد جاري رهندي. + + +اُتر ڪوريا جي حڪومت پهريون ڀيرو زمين هيٺ ايٽمي تجربو ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. انهن هن کي اُتر ڪوريا لاءِ تاريخي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. +ذريعن مطابق ڏکڻ ڪوريا جي صدر پنهنجي فوج کي ايٽمي تجربي بعد تيار رهڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڏکڻ ڪوريا پڻ اها نشاندهي ڪئي آهي ته اُتر ڪوريا جي صوبي ”حيم ينگ“ ۾ اهو تجربو ڪيو ويو. +چين اُتر ڪوريا جي ان تجربي جي مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته جاپان خاص ٽاسڪ فورس پڻ جوڙي ورتو آهي. +ياد رهي ته اُتر ڪوريا گذريل هفتي ايٽمي ڌماڪو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي جنهن کي هاڻ عملي جامو پهرايو ويو. + + +سنڌي ٻوليءَ جي اخبارن ايڊيٽوريل لکي پنهنجو موقف واضع ڪندي ڪراچي جي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪئي آهي. +روزاني سنڌو لکيو آهي ته ٻيٽن کي وڪرو ڪرڻ کان اڳ ۾ حيدرآباد کان ڪراچي تائين جي سموري زمين وڪرو ڪئي وئي. هاڻ حڪومت جي رٿا آهي ته قيمتي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪيو وڃي. ان عمل مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي. +اخبار سنڌ حڪومت کي صلاح ڏيندي چيو ته ان کان بهتر آهي ته سنڌ حڪومت پاڻ اُتي پروجيڪٽ شروع ڪري ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جا ذريعا پڻ مهيا ڪري. اها حقيقت آهي ته هر حڪمران سنڌ جي وسيلن کي وڪرو ڪيو آهي جنهن جي سنڌو اخبار پاران مذمت ڪئي وئي. +روزاني ڪوشش پنهنجي ليک ۾ چيو آهي ته افسوس آهي جو سنڌ جو وڏو وزير چوي ٿو ته کيس ان رٿا بابت ڄاڻ نه هئي. اخبار لکيو آهي ته سنڌي ترقيءَ جا مخالف نه آهن پر پرڏيهي اچي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضا ڪن اهڙي ترقي قبول ڪانه آهي. اخبار مطابق جيڪڏهن سنڌي قوم ڪنهن ٻئي خطي جي مال ملڪيت تي ميري نظر نٿي رکي ته اهڙي نظر سنڌ جي زمين تي پڻ نه رکڻ ڏني ويندي. +روزاني عبرت لکيو آهي ته اهي ٻيٽ سنڌي قوم جا آهن ۽ اهڙي فيصلي جو اختيار به وٽن آهي، حڪمران پنهنجي طور تي اهڙن فيصلن ڪرڻ جا مجاز نه آهن. سنڌ حڪومت کي وفاق اڳيان منصوبي جي مخالفت ڪرڻ گهرجي نه ته اها سنڌين سان تاريخي ويساهه گهاتي ليکي ويندي. + + +هي ذريعات وڪي نانءُ پولار جي فهرست آهي. + + +اوهان جي چونڊيل ٻوليءَ جي ”انٽرفيس“ کي پشت حاصل نه آهي. + + +سمورا صفحا ”نانءُ پولار“ ۾ شامل نه آهن. + + +[Special:Allmessages] استعمال نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته اهو بند آهي. + + +هي سمورا فائل چاڙهيو، صفايو، بچاء، روڪ ۽ سِسوپ جا گڏيل صفحا آهن، اوهان ”لاگ“ منتخب ڪري انهن جي ڊيگهه گهٽائي سگهو ٿا. + + +هن مُنڍ کان صفحا شروع ٿيندا: + + +اهي صفحا جن سان اڳياڙي آهي: + + +خودڪار روڪ، ڇاڪاڻ ته اوهان جي ”آءِ پي“ تازو ڪنهن ٻي استعمال ڪئي آهي. + + +اڻڊاٺ ناڪام! ٿي سگھي ٿو ته ڪنهن ٻي اڳ ئي صفحو اڻڊاهي ڇڏيو هجي. + + +اهو صفحو يا فائيل نٿو ڊاهي سگھجي، ڇاڪاڻ ته اهو اڳي ئي ڊٺل آهي. + + +اها ��رميم نٿي اڻڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته صفحي جو لکندڙ اُن صفحي جو اڪيلو ڀاڱيدار آهي. + + +عام ماڻهن جو مواد جمع ڪندڙ سائيٽون يعني کليل مواد سائيٽون جهڙوڪ وڪي اخبار، تي اڪثر ”اسپامرس“ جو لامارو رهندو آهي جيڪي خودڪار ذريعن سان غير واسطيدار سائٽس جا ڳنڍڻا يا مواد رکي ڇڏيندا آهن. تنهنڪري اوهان کي مليل انگن جي جوڙ يا ڪٽ ڏيڻي پوندي. واپس وڃڻ لاءِ پنهنجي جھانگُوءَ جي BACK بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو. + + +وڪي اخبار ۾ هيٺيون ڪيٽگريز آهن. + + +ڪيٽگري 1) ۾ شامل مضمون + + +هن ڪيٽگريءَ ۾ شامل مضمونن جو ڪُل تعداد $1 آهي. + + +نوٽ: جيڪڏهن اوهان کي صفحا پراڻا نظر پيا اچن ته اوهان کي جھانگُوءَ جو ڪيشي صاف ڪرڻو پوندو، جنهن کان پوءِ ئي اوهان تبديليون ڏسي سگهو ٿا. + + +1 صفحي جو ڪيشي صاف ڪريو. + + +اها ترميم ڪرڻ لاءِ برق ٽپال جي تصديق ڪرڻ لازمي آهي. + + +ڳجھو لفظ غير درست يا پراڻو آهي. + + +اوهان جي برق ٽپال تصديقجي چڪي آهي. + + +برق ٽپال تصديقڻ لاءِ توهان کي $1 ڪرڻو پوندو. + + +[[Special:Preferences|”منهنجون ترجيحات“ ۾ توهان جي ڄاڻايل برق ٽپال ڪارگر نه آهي. + + +تصديق لاءِ برق ٽپال اماڻجي نه سگھي، پنهنجي برق ٽپال پتي جي درستگي ڪريو. + + +تصديق لاءِ برق ٽپال اماڻي وئي آهي. + + +اوهان جي برق ٽپال تصديق مڪمل ٿي وئي آهي. + + +برق ٽپال گڻ استعمال ڪرڻ لاءِ اوهان کي برق ٽپال جي تصديق ڪرائڻي پوندي. + + +پنهنجي مضمون جو عنوان هتي داخل ڪري لکڻ شروع ڪريو. + + +”لاگ اِن“ ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته اوهان جي ڳڻپيوڪر تي ”ڪوڪيز“ جي قبوليت ٿيل هجي. + + +اڳي ئي کاتو رکو ٿا؟ $1 + + +منهنجي ”لاگ اِن“ کي هن ڳڻپيوڪر تي ياد رکو + + +نوٽ برق ٽپال پتو ڏيڻ بهتر آهي ڇاڪاڻ ته ايئن ٻيا رڪن اوهان سان سڌو رابطو ڪري سگهندا. ٻي صورت ۾ اهي اوهان جي ”يوزر صفحي“ ذريعي رابطو ڪندا. + + +ڇا توهان سچ پچ هن صفحي کي تحفظڻ چاهيو ٿا؟ + + +منهنجي ”لاگ اِن“ کي هن ڳڻپيوڪر تي ياد رکيو وڃي. + + +ڳجھو لفظ اماڻيو ويو آهي. + + +هيءُ صفحو $2، $1 تي $3 ترميميو. + + +هيءُ صفحو آخري ڀيرو $2، $1ع تي ترميميو ويو هو. + + +$1 ڊهي چڪو آهي، ڏسو تازو ڊاٺل $2 رڪارڊ. + + +هوشيار! توهان جي ترميم هيٺ هوندي هيءُ صفحو ڪنهن ٻي يُوزر هٿان ڊهي چڪو آهي. + + +اعدادخاني ۾ اهڙو ڪو به صفحو نه آهي يا اهو صفحو ڊهي چڪو آهي. جيڪڏهن ايئن ناهي ته پوءِ هن سافٽويئر ۾ ”بَگ“ آهي. مهرباني ڪري منتظم کي آگاهه ڪندا. + + +اهو صفحو ڊهي چڪڻ جي باوجود نئين سِر جوڙيو + + +اهو مضمون ڊهي چڪو آهي. ان جو سبب هيٺ ”سمري“ ۾ ڏيکاريل آهي، تفصيل صرف منتظمين لاءِ موجود آهن. + + +سڀني ”يوزرس“ لاءِ خاص صفحا + + +هي نانءُ پولار ٽيمپليٽ ۾ شامل صفحن جي مڪمل فهرست آهي جيڪي ٻي صفحي ۾ شامل نه آهي. ٽيمپليٽس کي ڊاهڻ کان اڳ اهو ڏسڻ مه وساريندا ته اهي ڪٿان ڪٿان ڳنڍيل آهن. + + +هوشيار: اوهان هن صفحي جي پراڻي ورزن کي ترميمي رهيا آهيو، جنهن کي سانڍڻ سان بعد ۾ ڪيل سموريون نيون ترميمون وڃائجي وينديون. + + +هيٺين معلومات ”ڪيشي“ مان ورتل ٿي سگهي ٿي ۽ آخري دفعو $1 تي تبديل ٿي. + + +هيٺ نتيجا $2 کان شروع ٿين ٿا ويندي $1 تائين. + + +مهرباني ڪري وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسو 1 + + +1 ڏسڻ يا بحالڻ گھرو ٿا؟ + + +پوين $2 ڏينهن ۾ ڪيل $1 ترميمون ڏسو. + + +گروهي رڪنيت تبديل ٿي $1 کان $2 ۽ $3 تائين + + +هيٺيون ”ريڊائريڪٽ“ ڪنهن به صفحي سان ڳنڍيل نه آهن: + + +هيٺيان صفحا ڪنهن به ٻي صفحي سان ڳنڍيل نه آهن. + + +هيٺيان صفحا واسطيدار موضوع وارن صفحن سان ڳنڍڻ گهرجن. + + +هر قطار جا ڳنڍڻا پهرين ۽ ٻين ”ريڊائريڪٽ“ تي ٻڌل آهن. + + +$1 ننگ في صفحو ڏيکاريو + + +هيٺ ڏنل $1 تبديليون $3 تائين گذريل $2 ڏينهن جون آهن. + + +ڏسو نيون تبديليون جيڪي $1 کان شروع ٿين ٿيون. + + +گذريل $2 ڏينهن ۾ ڪيل پويون $1 تبديليون ڏيکاريو + + +نوٽ: هيءُ صفحو نيم تحفظيل آهي. هن کي صرف پنهنجو کاتو رکندڙ رڪن ئي ترميمي سگهن ٿا. + + +کاتو نه ٿا رکو؟ $1. + + +ان نالي سان خاص صفحو وجود نٿو رکي. + + +گُهربل عمل نه ٿي سگهندو. + + +گُهربل عمل نه ٿي سگهندو. + + +هوشيار: هيءُ صفحو تحفظيل آهي، تنهنڪري صرف منتظمين ئي هن صفحي کي ترميمي سگهن ٿا. + + +هاڻي توهان وڪي اخبار ۾ $1 يوزر نانءُ سان ”لاگ اِن“ ٿيل آهيو. + + +افسوس! اهو عمل نٿو ٿي سگهي. مهرباني ڪري ٻيهر ڪوشش ڪريو. جيڪڏهن پوءِ به ڪم نه ٿي ته ”لاگ آئوٽ“ ٿي نئين سر ”لاگ اِن“ ٿيو. + + +هيءُ صفحو وڪي سافٽويئر جي باهمرُو لاءِ مواد ميسر ڪري ٿو، ۽ غلط استعمال ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ تحفظيل آهي. + + +هن صفحي ۾ استعمال ٿيل ٽيمپليٽ: + + +هوشيار: جنهن صفحي کي ڊاهيو پيا سو تاريخ به رکي ٿو. + + +منھنجي خيال ۾ تھ ھر مضمون جو ھڪ عنوان ھوندو آھي، جنھن سان مضمون سڃاتو ويندو آھي. تنھنڪري لفظ سرو کان لفظ عنوان بھتر رھندو ٻيو عرض اھو تھ ڪوشش ڪري ڳنڍڻن جا نالا اھڙا رکو جن سان ھڪجھڙائي ۽ يڪسانيت پيدا ٿي ۽ مفاھمت محسوس ٿي جيئن تھ وڪيپيڊيا ۽ وڪشنري پراڻيون رٿائون آھن، تنھنڪري ساڳيا اھي ئي لفظ استعمال ڪجن جيڪي اتي استعمال ٿيل آھن تھ بھتر رھندو ٻين کان بھ راءِ وٺي ڏسندا. +سائين اوهان جي صلاح اکين تي، منهنجي راءِ يا لفظ قطعي طور حرف آخر نه آهن. لفظ ”سرو“ جو مطلب آهي مُنڍ ۽ ان ئي لفظ کي ادبي حلقن عنوان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ استعمال ڪيو آهي، هتي ٽائيٽل جو متبادل عنوان ئي هجڻ گهرجي پر هيڊلائن لاءِ سرو ئي بهتر لفظ آهي. پوءِ به سائين هي آخري راءِ نه آهي مان پنهنجي عقل ۽ فهم تحت ڪم ڪريان پيو، جڏهن ڪجهه دوستن جا رايا ظاهر ٿيندا ته بدلائي وٺبو، اڃا ته شروعات آهي. + + +انڊيا ۾ ٻارن جي گهرن ۾ پورهئي کي غيرقانوني قرار ڏئي بندش هيٺ آندو ويو آهي. ان قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ٻه سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا رکي وئي آهي. +حڪومت مطابق اُتي ڏهه لک کان مٿي تعداد ۾ ٻار گهرن ۾ پورهيو ڪن ٿا. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وچولي طبقي جا ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ ٻارن کي نوڪر طور رکن ٿا ۽ کانئن ڪيترائي ڪم وٺن ٿا، ان کان علاوه ٻار هوٽلن تي پڻ ڪم ڪن ٿا. +ياد رهي ته انڊيا جي قانون مطابق قالين ۽ تعميرات جي شعبن ۾ اڳ ئي ٻارن جي پورهئي تي بندش پيل آهي ۽ هاڻ ان ۾ ٻارن جو گهرن ۾ پورهيو پڻ غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي. + + +ڏکڻ سنڌ ۾ گذريل ڪافي ڏينهن کان سنڌين لاءِ اڻ ڏٺي مخلوق ڪاهي آئي آهي جنهن کي هو ”اڏامندڙ لومڙي“ جو نالو ڏين ٿا. انهن ماڻهن جي چوڻ مطابق اها مخلوق انب جي فصل کي ڪاپاري نقصان پهچائي رهي آهي. +ميڊيا تي ان جا فوٽا پڻ جاري ڪيا ويا آهن ۽ سنڌي ٽي وي چينلن پڻ ان مخلوق جي ريڪارڊن ڪئي آهي، اها مخلوق چمڙي نما آهي ان جا پَر چار فٽ ڊگها چيا وڃن ٿا. +ٻئي طرف وائلڊ لائف وارن چيو آهي ته جيتوڻيڪ اها مخلوق گوشت خور آهي پر انسانن لاءِ سڌيءَ طرح نقصان ڪار نه آهي ۽ ٻيو اهو ته ان مخلوق مان انبن جي فصل کي ڪوبه نقصان نه ٿيندو. وڌيڪ چيو ويو آهي ته اها اُٽلندو انهن جيتن ۽ جانورن کي کائيندڙ مخلوق آهي جيڪي انبن جي فصل کي نقصان ڏين ٿا. هنن جو چوڻ هو ته اها مخلوق سنڌ ۾ مهمان آهي ۽ ڪچهه ڏينهن اندر هلي ويندي. +* سنڌ ٽي وي (سنڌي چينل) + + +پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان ڪراچي ۾ سڏايل هڪ اجلاس ۾ سنڌ جي اڪثر قومپرستن، وفاقي جماعتن جي اڳواڻن، مذهبي اڳواڻن ۽ پورهيت تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن جي 12 هزار ايڪڙ زمين پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪرڻ خلاف 11 آڪٽوبر تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي جلوس ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو. +اجلاس ۾ 20 نومبر تي بنڊاڙ ٻيٽ تي هڪ جلسي جو اعلان پڻ ڪيو ويو. اجلاس ۾ گُهر ڪئي وئي ته بنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپنيءَ کي ڏيڻ کان روڪيو وڃي. مذڪوره ٻيٽن کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي محفوظ بڻايو وڃي. +اجلاس ۾ متفقه طور عيد کان پوءِ هڪ ملڪ گير احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو، جنهن تحت سنڌ جي هر شهر ۾ احتجاجي جلوس ۽ جلسا ڪيا ويندا ۽ اسلام آباد ۾ گڏيل مشاورتي ڪائونسل گهرائي پارليامينٽ آڏو پڻ احتجاج ڪيو ويندو. +اجلاس دوران رسول بخش پليجي چيو ته سنڌ پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي غلام آهي. هن ايم ڪيو ايم جي نالي وٺڻ کان سواءِ چيو ته اسان غنڊن دوستن کي چئون ٿا ته پنهنجو رويو درست ڪن ٻي صورت ۾ کين واپس انڊيا وڃي دربدري واري زندگي گذارڻي پوندي. +بشير قريشي چيو ته سنڌين سان غلامن جيان ورتاءُ ڪيو پيو وڃي. ٻيٽن تي قبضو اصل ۾ سنڌين کي اُتان بيدخل ڪرڻ جي سازش آهي. اجلاس کي عبدالخالق جوڻيجي، مولانا اسدالله ڀٽي، علي حسن چانڊيي، امير ڀنڀري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. + + +نيٽو ڪمانڊر جي پاڪستان دوري وقت اهي ڳالهيون سامهون آيون آهن ته مذڪوره ڪمانڊر پاڪستان جي صدر کي ملاقات وقت طالبان بابت وڊيو ٽيپ، فوٽو ۽ ڪاغذ وغيره ڏيکاريندو جنهن مان ثابت ٿيندو ته پاڪستان طالبان کي همٿائي رهيو آهي. جڏهن ته نيٽو ذريعن ميڊيا تي آيل اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي آهي. +نيٽو ذريعن مطابق ڪمانڊر جو اهو دورو صدر مشرف سان وچڙڻ ڦٽائڻ وارو مامرو نه پر روٽين جو دورو آهي جنهن ۾ طالبان ۽ افغانستان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. خبرن مطابق نيٽو پنهنجي جاسوسي ۾ ڄاڻي ورتو آهي ته مُلا عمر ڪجهه وقت اڳ ڪوئٽه ۾ موجود هو. +نيٽو جي ذريعن مطابق کين ”ميڊسا“ ويڙهه دوران ڪيترن ئي زخمي طالبان کي پاڪستان جي حدن اندر داخل ٿيڻ جون شاهديون مليون. گذريل مهيني صدر مشرف پاڻ مڃي چڪو آهي ته طالبان طرفان ڪجهه حملا پاڪستان وٽان ڪيا ويا آهن. پر هن آءِ ايس آءِ جي حاضر سروس مان ڪنهن جي ملوث هجڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ٿي سگهي ٿو ڪي ريٽائر آفيسر ملوث هجن. +صدر جي ان ڳالهه جي حوالي سان جنرل حميد گل جو چوڻ هو ته آءِ ايس آءِ مان ڪير به ملوث نه آهي اها ڳالهه چوڻ ئي بيوقوفي آهي. + + +وڪي اخبار ۾ ڏنل ڪنهن به سائٽ ڳنڍڻي جي ڳولا ڪريو، اوهان جهڙيءَ طرح پنهنجي ڳڻپيوڪر ۾ فائيل ڳولڻ لاءِ جو نشان ڏيندا آهيو تيئن ڪن��ن سائٽ جي ڳولا لاءِ اهو نشان هتي به ڪتب آڻي سگهجي ٿو. + + +ٽيٽ فهرست ۾ شامل ٿي ويو. + + +صفحو 1) اوهان جي ٽيٽ فهرست مان هٽايو ويو آهي. + + +وڪي ذريعات جي امينن جي ڪچهريءَ جون چونڊون + + +بندشيل آءِ پيز ۽ يوزر نانءُ + + +وڪي ذريعات جي سموري فهرست + + +گھڻي ۾ گھڻين ڪيٽگريز سان ڳنڍيل صفحا + + +گھڻي ۾ گھڻو ترميميل صفحا + + +هن عنوان جو صفحو خالي آهي اوهان ان صفحي جي عنوان کي ٻين صفحن ۾ ns:special Search PAGENAME ڳولي سگهو ٿا، يا اوهان پاڻ انهيءَ صفحي کي fullurl FULLPAGENAME action=edit ترميميو]. + + +ڊاٺل صفحا ڏسو ۽ بحاليو + + +جيڪڏهن اوهان هن صفحي کي بحال ڪيو ته ان جو تاريخ صفحو پڻ بحال ٿي ويندو. + + +جيڪڏهن اوهان هن صفحي کي بحالڻ چاهيو ٿا ته پوءِ تاري مان ڪو به صفحو نه چونڊيو. جيڪڏهن اوهان انهن مان ئي ڪو صفحو بحالڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ان تاريخ کي چونڊيو. جيڪڏهن راءِ ڏيڻ چاهيو ته موجود دٻيءَ ۾ پنهنجي راءِ لکو، آخر ۾ صفحي جي بحاليءَ لاءِ ”بحاليو“ تي ڪلڪ ڪريو. + + +ڊينمارڪ جي ٽي وي چينل تي ڊينش پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي اهڙا ڪارٽون ٺاهيندي ڏيکاريو ويو آهي جن سان مبينه طور اسلام جي توهين ٿئي ٿي. +ڊينمارڪ جي وزيراعظم هڪ سال اڳ واري ڪارٽون تنازعي سبب بچاءُ لاءِ هن ڀيري ڊينش پيپلز پارٽي تي سخت تنقيد ڪئي آهي. هن جو چوڻ هو ته سموري ميڊيا کي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي ۽ سمجهڻ گهرجي ته مذڪوره ڪارٽون ٺاهڻ وارا اسلام يا مسلمانن جي نمائندگي نٿا ڪن. +ايران ان عمل جي مذمت ڪندي ڊينمارڪ جي حڪومت کي چيو آهي ته ڊينمارڪ ۾ اهڙيون ڌريون آهن جيڪي ڊينمارڪ جا تعلقات اسلامي ملڪن ۽ مسلمانن سان خراب ڪرڻ چاهين ٿيون. + + +انڊيا جي ليکڪه ڪرن ڊيسائي برطانيه جو سڀ کان وڏو ادبي انعام ”بُڪر پرائز“ ماڻي ورتو آهي. اهو ايوارڊ سندس ناول ”دَ انهريٽينس آف لاس“ تي مليو. +ڪرن ڊيسائي سڀ کان ننڍي عمر يعني صرف 35 سالن ۾ اهو انعام ماڻيو. ڇهه منصفن وچ ۾ مقابلو هو. ڪرن ڊيسائي انڊيا سان واسطو رکندڙ ٻي ليکڪه آهي جنهن اهو ادبي انعام ماڻيو آهي. ان کان اڳ اهو ايوارڊ مشهور ليکڪه ارون ڌتي راءِ ماڻي چڪي آهي. +پنجاه هزار پائونڊ واري ان ادبي انعام لاءِ ساره واٽرز کي پسنديده قرار ڏنو پئي ويو. مذڪوره ناول هڪ رٽائرڊ جج جي ڪهاڻي تي مشتمل آهي جيڪو پنهنجي پوٽي ۽ هڪ نوڪر سان گڏ هماليه ۾ رهي ٿو. +ياد رهي ته ڪرن ڊيسائي مشهور ليکڪه انيتا ڊيسائي جي ڌيء آهي جنهن کي پڻ ٽي ڀيرا ان انعام لاءِ نامزد ڪيو ويو هو پر هوءَ انعام نه ماڻي سگهي هئي. + + +ٻيا صفحا ڏسڻ لاءِ اوهان کي ضرور $1 ٿيڻو پوندو. + + +”لاگ اِن“ ٿيڻ جي ضرورت آهي + + +اوهان جي ”لاگ اِن“ سان ڪو مسئلو آهي، ٻيهر ڪوشش ڪريو! + + +هيٺيان صفحا ڪن به ٻين صفحن سان ڳنڍيل نه آهن. + + +يادگيري: صفحو $1 ڪلوبائٽز جو آهي، ڪجهه ”برائوزر“ ان کان لنوائين ٿا. مهرباني ڪري صفحي کي ننڍن ٽڪرن ۾ ورهايو. + + +وڪي ڳولا ۾ ڪو مسئلو آهي. گهڻو ڪري اهو عارضي مسئلو آهي، ٿوري دير ترسي وري ڪوشش ڪريو. + + +$1 کي چوري $2 تي رکيو ويو. + + +$1 جو ڳجھو لفظ $2 تي اماڻيو ويو آهي. + + +وڪي اخبار جا نامعلوم يوزرس + + +$1 سان شروع ٿيندڙ مضمون + + +ڪيٽگري S1 ڪا نه لڌي. + + +گُهربل صفحو ڪو نه لڌو! + + +اُتر وزيرستان ۾ آمريڪين لاءِ جاسوسي ڪرڻ جي الزام تحت ٻن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. مارجي ويلن مان هڪ پاڪستاني ڊاڪٽر هو جڏهن ته ٻيو افغاني هو. +پوليس ذريعن مطابق افغاني جي لاش ڀرسان هڪ خط پڻ مليو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته هي آمريڪي لاءِ جاسوسي ڪندو هو تنهنڪري کيس ماريو ويو. +جڏهن ته ڊاڪٽر منان کي پڻ آمريڪا لاءِ جاسوسي جي الزام تحت قتل ڪيو ويو هن جو لاش هڪ نالي مان مليو. ياد رهي ته حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ٿيل تازي معاهدي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ نه ڪرڻ جو وعدو ڪيو ويو هو. + + +يو ٽيوب تي ڪوبه پنهنجا وڊيو لڳائي سگهي ٿو جنهن کي ڪوبه ڏسي سگهي ٿو. يو ٽيوب کي خريد ڪرڻ باوجود گوگل پنهنجي وڊيو سروس جاري رکندو. هيستائين يو ٽيوب تي ڏهه ڪروڙ ڪلپ گڏ ٿي چڪا آهن. + + +ڪچي صحيح (خودڪار ڳنڍڻي کان سواءِ) + + +اوهان جو برق ٽپال پتو $1 تي تصديقيو ويو. + + +مون ڏانهن اي ميل موڪلي سگهجي ٿي + + +اينگھايل ٽيٽ فهرست ۾ ڏيکارجندڙ ترميمن جو تعداد + + +ٽيٽ فهرست ۾ ڏيکارجندڙ ڏينهن جو تعداد + + +3 کان وڌيڪ سُرخيون رکندڙ صفحن جي فهرست ڏيکاريو + + +احراف جھانگرن لاءِ ان کي TeX ئي رهڻ ڏيو. + + +$1 نانءُ پولار جا سمورا صفحا + + +صفحي جو تجويز ڪيل عنوان ڪارگر نه آهي، ان ۾ شايد اهڙا اکر يا نشانيون استعمال ڪيل آهن جن کي وڪي اخبار جي پشت نه آهي. + + +"$1" سفارش شده فائيل فارميٽ ناهي. + + +ان جو سبب شايد توهان جي اسڪول (اداري) يا انٽرنيٽ خدمات رساڪار طرفان لاڳيتي واندائپ جو مظاهرو ٿيڻ هجي. + + +هي يوزرس کي بندشڻ ۽ اڻ بندشڻ وارن عملن جو لاگ آهي. جيڪي ”آءِ پيز“ خودڪار طور بندشيل آهن اهي هن فهرست ۾ شامل نه آهن. + + +اوهان جي تصديق سانڍڻ ۾ ڪا چُڪَ ٿي آهي. + + +ڪنهن، شايد توهان هيءُ برق ٽپال پتو پنهنجو ڄاڻائيندي، SITENAME تي آءِ پِي پتي $1 تان 2" نالي کاتو کوليو آهي. تقصديق ڪرڻ لاءِ واقعي هيءُ پتو توهان جو ئي آهي، هيٺين ڳنڍڻي تي ڪلڪ ڪريو. +جي اهو کاتو توهان نه کوليو آهي ته پوءِ ان ڳنڍڻي جي پوئواري نه ڪريو ۽ ان کي نظر انداز ڪريو. هيءُ تصديق نامو $4 تي مدي خارج ٿي ويندو. + + +اوهان واقعي هن صفحي کي تحفظڻ چاهيو ٿا؟ + + +مهرباني ڪري پڪ ڪريو ۽ توهان واقعي اهو صفحو وري جوڙڻ گھرو ٿا. + + +انجامي مضمون 1" اڳي ئي موجود آهي. ڇا توهان صفحو چورڻ لاءِ اڳي ئي موجود صفحي کي ڊاهڻ گھرو ٿا؟ + + +تصديقي برق ٽپال اماڻجي چڪي آهي. ان کان پهرين جو ان پتي تي ٻي ڪا برق ٽپال اماڻجي، اوهان کي تصديقي برق ٽپال ۾ ڏنل هدايتن تي عمل ڪندي تصديق ڪرڻي پوندي ته لاڳاپيل برق ٽپال کاتو واقعي ۾ توهان جو ئي آهي. + + +تازو ڊاٺل صفحن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي + + +توهان جو برق ٽپال نياپو اماڻيو ويو آهي. + + +پنهنجي پوئين چڪر کان پوءِ ٿيندڙ سموريون ترميمون $1 تي ڏسو. + + +صدر مشرف چيو آهي ته بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف 2007ع جي اليڪشن ۾ حصو نٿا وٺي سگهن. هن اها ڳالهه اسلام آباد ۾ افطار پارٽي ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چئي. +هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جا ٻئي سابق وزير اعظم ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو نٿا وٺي سگهن. هن کان جڏهن پ پ سان هلندڙ ڳالهين بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته هو ان ڳالهه تي ڪوبه تبصرو نٿو ڪرڻ چاهي پر سندس خواهش آهي ته ڪيئن به ڪري انتهاپسند قوتن کي اليڪشن ۾ شڪست ا��ي. +پنهنجي حڪومت جي حوالي سان هن چيو ته ايندڙ چونڊن کان پوءِ ان ڳالهه تي ويچاريو ويندو ته مونکي عهدي تي ڪيتري وقت تائين رهڻو آهي. + + +سرحد جي حڪمران جماعت متحده مجلس عمل جي اڳواڻ ۽ سرحد جي صوبائي وزير عنايت الله خان ۽ سندس ڀاءَ کي عدالتي حڪم تحت قتل جي هڪ مقدمي ۾ گرفتار ڪري ڪرائم برانچ پشاور حوالي ڪيو ويو آهي. +اربع ڏينهن ٻنهي ڌرين جي وڪيلن طرفان دليل ٻڌڻ بعد عدالت اهڙو حڪم جاري ڪيو ۽ ضمانت جي درخواست رد ڪئي. اهي ٻئي عدالت ۾ موجود هئا سندن گرفتاري اتان ئي عمل ۾ آئي. +ياد رهي ته نوشهره ۾ سوشل سيڪيورٽي آفيسر جهانزيب خان کي نامعلوم ماڻهن گوليون هڻي ماري ڇڏيو هو. جنهن کان پوءِ مقتول جي پٽ، عنايت الله خان ۽ سندس ڀاءِ خلاف رپورٽ درج ڪرائي هئي. + + +پريس ڪلب ڪراچي اڳيان ٻن ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪرڻ خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا. +مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اها سنڌ جي ماهيگيرن خلاف سازش آهي، عيد کان پوِءِ حڪومت جي ان فيصلي خلاف اثرائتي تحريڪ هلائي ويندي. +مظاهري کي بشير قريشي، محمد علي شاهه، علي حسين چانڊيي، قمر ڀٽي، ۽ ٻين خطاب ڪيو. احتجاجي جلسي ۾ ڪافي تعداد ۾ عورتن پڻ شرڪت ڪئي. +ياد رهي ته فشر فوڪ طرفان گهرايل ڪانفرنس ۾ پ پ، متحده مجلس عمل، عوامي تحريڪ پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو هو انهن مان ڪنهن به مذڪوره مظاهري ۾ شرڪت نه ڪئي. + + +پاڪستان جي قبائلي علائقي خيبر ايجنسيءِ ۾ ٻن مذهبي ڌرين جي ويڙهه جي نتيجي ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته ڏهه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن، ٻن جي حالت نازڪ ٻڌائي وئي آهي. +چيو ويو آهي ته ويڙهه لشڪر اسلامي ۽ انصارالاسام نالي جماعتن وچ ۾ ٿي. اها جهڙپ اڱاري جي رات دير سان جابلو علائقن ۾ ٿيڻ جا اطلاع آهن. ان ويڙهه ۾ راڪيٽ لانچر ۽ مارٽر گنن جو پڻ استعمال ڪيو ويو. +لشڪر اسلامي نالي جماعت دعوا ڪئي آهي ته هنن مخالفن جا پنج ماڻهو ماري وڌا آهن پر آزاد ذريعن وٽان اهڙي تصديق نه ٿي سگهي آهي. زخمين کي پشاور جي اسپتال پڻ آندو ويو آهي. + + +انڊيا جي فلم انڊسٽري جو ”ڀڳوان“ سڏجندڙ اميتاڀ بچن 11 آڪٽوبر تي چوهٺ سالن جو ٿي ويو آهي. کيس واڌايون ڏيڻ لاءِ سندس بنگلي ٻاهران هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا. +پوري دنيا ۾ اميتاڀ جا ڪروڙين مداح آهن، انڊيا ۾ کيس ”ڀڳوان“ جو درجو ڏنو ويندو آهي. اميتاڀ هميشه پنهنجي سالگره سادي انداز ۾ ملهائيندو آهي. +ياد رهي ته اميتاڀ هن عمر ۾ به ڪيترن ئي نوجوان اداڪارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مشهور آهي، هن وقت جي فلمن ۾ پڻ ليڊنگ رول ڪندي نظر اچي ٿو. کيس بي شمار ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. + + +فرانس جي اسيمبلي ۾ هڪ اهڙي قانون تي راءِ شماري ٿي رهي آهي جنهن جي ذريعي هر اهو شخص سزا جو حقدار هوندو جيڪو سلطنت عثمانيه هٿان آرمينيائي عيسائين جي قتل عام کان انڪار ڪندو. +اهڙي راءِ شماري جي ترڪي طرفان شديد مخالفت ڪئي وئي آهي. ترڪي فرانس کي خبردار ڪيو آهي ته هو ترڪي جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ کان پاسو ڪري. +ان حوالي سان يورپي يونين جو چوڻ آهي ته اهڙي بل سان ترڪي جي يورپي يونين ۾ ميمبر شپ جو معاملو پڻ متاثر ٿي سگهي ٿي. +قانون جي منظوري کان پوءِ هر اهو شخص سزا ۽ ڏنڊ جو حقدار هوندو جيڪو پندرهن لک آرمينيائي عيسائين جي نسل ڪشي کان انڪار ڪندو. جڏهن ته ترڪي جو چوڻ آهي ته انهن فسادن دوران ڪيترائي مسلمان پڻ مارجي ويا هئا. +ياد رهي ته ترڪي ۾ چار لک آرمينائي رهن ٿا. ان کان علاوه فرانس، ترڪي جي يورپي يونين ۾ ميمبر شپ جي ان شرط تي حمايت جي حامي ڀري هئي ته هو آرمينيائي نسل ڪشي کي تسليم ڪري. + + +جيڪڏهن اوهان صفحي کي نئين عنوان ۾ تبديل ڪندا ته ان جو تاريخوار صفحو به تبديل ٿي ويندو. پراڻو عنوان ”ريڊائريڪٽ“ صفحو بڻجي ويندو، مهرباني ڪري ٻٽو ”ريڊائريڪٽ“ ڪرڻ کان پاسو ڪريو. +صفحي کي اهڙو عنوان نه ڏنو ويندو جيڪو اڳ ۾ ئي موجود هجي. اوهان کي تڏهن ئي تبديلي جو عمل ڪرڻ گهرجي جڏهن ڪا غلطي ٿي هجي. +تبديلي سان ڪو مشهور صفحو به ضايع ٿي سگهي ٿو، مهرباني ڪري پڪ ڪريو ته ان مان ڪهڙا نتيجا نڪرندا. + + +هيءُ توهان جي ٽيٽ فهرست جو سانڍيل ورزن آهي. + + +* برق ٽپال پڌرائي ڪارائتي بنائي وئي آهي. + + +صفحا ترميمڻ لاءِ توهان کي $1 ٿيڻو پوندو. + + +ڏيکاريل عرصي دوران توهان جو ڪو به ٽيٽيل صفحو ترميميو نه ويو آهي. + + +توهان جي ٽيٽ فهرست تي مباحثي صفحن سميت PLURAL:$1|$1 ننگ آهي|$1 ننگ آهن + + +توهان جي ٽيٽ فهرست تي $1 صفحا آهن. + + +توهان کي پڪ آهي ته توهان اهي هٽائڻ گھرو ٿا؟ + + +توهان جي ٽيٽ فهرست ڊهي چڪي آهي PLURAL:$1|$1 ننگ ڊاٺو ويو|$1 ننگ ڊاٺا ويا}} + + +مهرباني ڪري پنهنجي ٽيٽ فهرست ۾ رکيل صفحن کي ڏسڻ يا ترميمڻ لاءِ $1 ڪندا. + + +في الوقت 1 اندراجيل يوزرس آهن، جن مان + + +تازو چاڙهيل فائيلن جي فهرست + + +فائيل ڦِٽل آهي يا ان جي ايڪسٽينشن غير درست آهي. مهرباني ڪري فائيل کي چڪاسڻ بعد وري چاڙهڻ جي ڪوشش ڪندا. + + +هيٺيون ڪيٽگريز موجود آهن پر انهن سان ڪو به مضمون يا صفحو ڳنڍيل نه آهي. + + +اعدادخانو کولڻ سان سڀئي يوزرس صفحا ترميمي سگھندا، پنهنجون ترجيحات بدلائي سگھندا، ٽيٽ فهرستون ترميمي سگھندا، ۽ اهو سڀ ڪجھه ڪري سگھندا جنهن سان اعدادخاني ۾ تبدليون لازمي ٿين ٿيون. مهرباني ڪري پڪ ڏيو ته توهان واقعي اعدادخانو کولڻ چاهيو ٿا. + + +جي ها، آئون واقعي اعدادخانو کولڻ چاهيان ٿو. + + +ڪنهن يبندشيل يُوزر يا آءِ پِي کي اڻ بندشڻ لاءِ هيٺيون فارم پُر ڪريو. + + +صفحو ته سڪاميابيءَ سان چوريو ويو آهي، پر ان جو مباحثي صفحو چري نه سگھجو ڇاڪاڻ ته انجامي صفحو اڳ ئي هڪ مباحثي صفحو رکي ٿو. مهرباني ڪري اهو ڪم توهان دستاً ڪريو. + + +هن ڪيٽگري ۾ ننڍ ڪيٽگريز جو تعداد $1 آهي. + + +توهان جيڪو صفحو سانڍڻ چاهيو سو اسپام ڇاڻيءَ بندي ڇڏيو آهي. ان جو امڪاني سبب ڪنهن خارجي ڳنڍڻو ٿي سگھي ٿو. + + +اعدادخاني ۾ ڪُل صفحا $1 آهن. +انهيءَ ۾ ريڊائريڪٽ وغيره جا صفحا شامل نه آهن. +ڪُل $8 فائيل چاڙهيا ويا آهن. +سراسري صفحاتي ترميم $5 آهي. + + +سنهو تحلل 1x$2) رکدنڙ ورزن اتاريو، $3 ڪلو باٽڻ. + + +آغازي ۽ انجامي فائيل ساڳيا آهن؛ صفحي کي پنهنجو پاڻ مٿان نٿو چوري سگھجي. + + +توهان 1 جي ڳولا ڪئي + + +توهان $1 جي ڳولا ڪئي + + +$1 جي نالي سان مضمونن جي ڳولا + + +1 هُوندڙ مضمونن جي ڳولا + + +توهان جون ترجيحات سانڍجي چڪيون آهن. + + +هيٺ يوزر حقن ۾ تبديلين جي فهرست ڏنل آهي + + +سريلنڪا جي فوج ۽ تامل باغين ۾ ويڙه سبب گهٽ ۾ گهٽ 129 ماڻهو مارجي ويا آهن. مارجي ويلن جو اهو تعداد 2002ع کان پوءِ سڀ کان وڏو آهي. +سريلنڪا ۾ تامل باغين جي اها تحريڪ ٽيوهه ��الن کان جاري آهي، تامل باغين جو مطالبو آزاد رياست جي قيام جو آهي. +سريلنڪا فوج جي ترجمان مطابق لڳ ڀڳ ٽي سو فوجي زخمي ٿي پيا ۽ سندن هڪ فوجي تامل باغين جي قبضي هيٺ آهي. ترجمان مطابق فوج، تامل باغين جا ٻه سو ماڻهو ماريا آهن جڏهن ته تامل باغي ذريعن مطابق فوج صرف 22 ماڻهن کي ماريو آهي. آزاد ذريعن وٽان تصديق نه ٿي سگهي آهي. + + +بلوچستان جي علائقي چاغي مان دنيا جو پنجون نمبر وڏو سون جو ذخيرو دريافت ٿيو آهي. سرڪاري ذريعن مطابق ٻن فرمن ڪينيڊا ۽ چلي کي ڏهه سال اڳ سون جي ذخيرن جي تلاش لاءِ لائسنس جاري ڪيو ويو هو. +سرڪاري ذريعن ٻڌايو ته شروعاتي طور ٻه ڪمپنيون هڪ بلين آمريڪي ڊالرن جي رقم سيڙائنديون. علائقي مان ٻه لک ٽن ڪاپر ۽ چار لک آئونس سون جي سالياني پيداوار ٿيندي. +چيو ويو آهي ته بلوچستان کي 25 سيڪڙو حصيداري ڏني ويندي. شروعاتي طور صوبي جي ٽي هزار ماڻهن کي روزگار مهيا ڪيو ويندو. +مخالف ڌرين الزام لڳايو آهي ته بلوچستان جي ٻين قدرتي وسيلن جيان هاڻي هن نئين پروجيڪٽ ذريعي ڦرلٽ کي جاري رکيو ويندو. + + +هيٺيان عڪس هن رٿا ۾ ڪنهن به جاءِ تي استعمال نه ڪيا ويا آهن. ٿي سگهي ٿو ته ڪا ٻاهرين سائٽ انهن مان ڪنهن عڪس سان سڌو سنئون ڳنڍيل هجي، ۽ اهڙيءَ ريت اهو ڪثرت سان استعمال هيٺ هوڻ باوجود هتي درج ٿيل هجي. + + +* ڳڻپ ۾ نه آهن $1 صفحا + + +$1 کان شروع ٿيندڙ نيون تصويرون ڏسو + + +ڏسڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي. + + +صوبي سرحد جي گادي واري هنڌ پشاور ۾ هڪ زوردار بم ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي سبب هڪ ماڻهو زخمي ٿي پيو آهي. ڌماڪو جي ٽي روڊ پشاور ۾ ڊرائيور بس اسٽينڊ جي سامهون واري فٽ پاٿ تي موجود بم مان ٿيو. +پوليس مطابق مذڪوره بم گهريلو ساخت جو هو ۽ فروٽ جي هڪ ڪريٽ ۾ لڳايو ويو هو. بم جو ڌماڪو ايترو شديد هو جو ان جو آواز پري وارن علائقن تائين ٻڌو ويو. +پوليس ذريعن ٻڌايو ته پشاور ۾ ٿيندڙ انهن ڌماڪن جو مقصد خوف ۽ هراس پکيڙڻ آهي. سندن دعوا مطابق هن ڌماڪي کان پوءِ ڪجهه اهڙيون شاهديون مليون جن ذريعي مجرمن تائين پهچي سگهجي ٿو. + + +دَ نيوز انٽرنيشنل جي هڪ رپورٽ مطابق القائده پاڪستاني علائقي وزيرستان ۾ سرگرم آهي ۽ اها افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ اتان کان ڪاروايون ڪري ٿي. +رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته طاهر يودش نالي ازبڪ ان علائقي ۾ مذهبي انتهاپسندي کي هٿي ڏئي رهيو آهي. علائقي ۾ سخت سيڪيورٽي باوجود انهن جون سرگرميون جاري آهن ۽ اتان جا انتهاپسند طاهر سان وفادار آهن. +رپورٽ مطابق سرڪار جي تازي ٺاهه کان پوءِ ڪيترائي انتهاپسند اڳواڻ لڪي ويا آهن. ٺاهه مطابق ٻاهريان ماڻهو جيڪڏهن امن سان رهندا ته اهي پاڪستان ۾ مهمان ليکيا ويندا. + + +سنڌ قومي اتحاد جي چيئرمين ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراه ممتاز علي ڀٽي چيو آهي ته سنڌ جي تقريبن هر اداري ۾ ڪنهن نه ڪنهن فوجي کي ويهاريو ويو آهي. +لاڙڪاڻي ۾ هڪ افطار پارٽي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جي حالت مارشل لا جيان آهي جنهن ۾ فوجي حڪومت هوندي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جا اختيار مختيارڪار جي بدلي ۽ پوسٽنگ تائين محدود آهن. جڏهن ته صوبي جا معاملا برگيڊئر ۽ ميجر هلائي رهيا آهن. + + +ڪابه ذيلي ڪيٽگري نه آهي. + + +هي ڪيٽگري نه آهي صرف مثال لاءِ استعمال ڪئي وئي. + + +سنڌ ۾ رينجرز جي مستقل رهائش لاءِ کين زمين الاٽ ڪئي ويندي جيئن اهي مستقل طور هتي رهي سگهي. سنڌ حڪومت 1994ع ۾ رينجرز کي گهرايو هو جنهن کان پوءِ اهي مسلسل سنڌ ۾ رهيا پيا آهن. ڇاڪاڻ ته هر سال جون جي مهيني ۾ انهن جي مُدي ۾ واڌ ڪئي ويندي رهي آهي. +سرڪاري ذريعن مطابق جيئن سرحد ۽ بلوچستان ۾ ايف سي ۽ رينجرز موجود آهن اهڙي طرح سنڌ ۾ به مستقل طور رينجرز رهندي ۽ کين سنڌ جي زمين الاٽ ڪئي ويندي. هر سال آءِ جي سنڌ کان هڪ رسمي درخواست لکرائي ويندي آهي جنهن ۾ گهر ڪيل هوندي آهي ته صوبي ۾ پوليس ۽ ان جون سهولتون اڻ پوريون آهن تنهنڪري رينجرز جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ ڪئي وڃي. +ڪراچي سميت سڄي سنڌ جا مختلف ڪاليج، اسڪول، تعليمي ادارا، راند جا ميدان وغيره رينجرز جي حوالي ٿيل هئا. هاڻ رينجرز مستقل رهائش لاءِ زمين ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي. +ياد رهي ته رينجرز ڪورنگي ۾ سو ايڪڙ، بن قاسم ۾ پنجاهه ايڪڙ، لانڍي ۾ چويهه ايڪڙ، ڪياماڙي ۾ پنجاهه ايڪڙ، گهوٽڪي ۾ هڪ سو نوي ايڪڙ، سانگهڙ ۾ سو پنجهتر ايڪڙ، خيرپور ۾ پنجهتر ايڪڙ، عمرڪوٽ ۾ سو ايڪڙ، ٿر ۾ ٻه سو ايڪڙ ۽ ساڳي طرح حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ٺٽي، بدين ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ پڻ زمين ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي. + + +اهڙيون ڪي به ترميمون يا ڀاڱيداريون نه مليون. + + +$1 نالي فائيل ڊهي نه سگھجو. + + +فائيل $1 کي $2 نالو ڏجي نه سگھجو. + + +$1 نالي فائيل نه لڌو. + + +اڳوڻي مسودي ڏانهن موٽَ ڪاميابي ٿي + + +نانءُ پولار ڏانهن صفحا منتقل ڪريو + + +فائيل ان سائيز کان وڏو آهي، جنهن جي اجازت ڏيڻ لاءِ سرور سِٽايل آهي. + + +ڪوبه واسطيدار ”لاگ“ نه آهي. + + +هيٺيان صفحا $1 سان ڳنڍيل آهن + + +جي ها، آئون سچ پچ اعدادخانو پُورڻ چاهيان ٿو. + + +يُوزر:$1|$1 کي هاڻي بوٽ حيثيت حاصل آهي. + + +مهرباني ڪري پنهنجي راءِ هيٺ ڏيو. + + +انهيءَ نالي سان ڪوبه فائيل موجود نه آهي اوهان $1 ڪري سگهو ٿا. + + +اوهان درست يوزر نانءُ نه ڄاڻايو آهي. + + +$1 نالي سان ڪوبه ”يوزر“ نه آهي. هِجي چڪاسيو. + + +اوهان کي درست يوزر نانءُ ڄاڻائڻ گهرجي. + + +هيءُ $1 جو سانڍيل پرت آهي. + + +پويان $1 فائيل بترتيب $2 ڏيکاريو + + +منهنجو نالو حيدر امجد ميمڻ آهي ۽ مان حيدرآباد قاسم آباد سان تعلق رکان ٿو. مون کي نوان دوست ٺاهي خوشي ٿيندي. + + +مدد واري صفحي ۾ اڻ پورو مواد رکيل آهي، بلڪل سمجهه ۾ نه آيو ته خبر ڪيئن لکجي ۽ شايع ڪيئن ڪجي؟ + + +مان آهيان ”منٺار سومرو“ منهنجو جنم هنڌ آهي ”ٽنڊو ڄام“، شاهه عبداللطيف منهنجي پسند جو شاعر آهي. + + +ڪراچي ۾ آبادگار ايسوسيئشن جي غلام نبي مورائي جي رهائشگاهه تي سينئر سنڌين جي اجلاس ۾ ”سنڌي اسپيڪنگ يونين“ قائم ڪئي ويئي آهي جنهن ۾ سڄي دنيا جا سنڌي ميمبر ٿي سگهندا. +ان اجلاس ۾ حسين هارون، مجيب پيرزادي، شمشيرالحيدري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌي اسپيڪنگ يونين جي پهرين باڊي چونڊي وئي جنهن تحت چيئرمين قمر شهباز ۽ سيڪريٽري جنرل غلام نبي مورائي کي ڪيو ويو. +اها تنظيم بين الاقوامي طور تي ڪم ڪندي ۽ دنيا جي هر خطي سان وابسته سنڌي هن تنظيم جا ميمبر ٿي سگهندا. +* سنڌي ٽي وي چينل ”ڪي ٽي اين“ نيوز +* سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“ نيوز + + +پاڪستان جي وفاقي وزير داخله نيوز ڪانفرس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ راڪيٽ نصب ڪندڙ 8 القائده جي دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. +وفاقي وزير جو وڌي�� چوڻ هو ته گرفتار انهن دهشتگردن افغانستان مان سکيا حاصل ڪئي هئي. انهن کي ملڪ جي مختلف حصن مان گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن وٽان هٿيار وغيره پڻ برآمد ڪيا ويا آهن. +وفاقي وزير مطابق چار راڪيٽ راولپنڊي ۽ چار راڪيٽ اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ نصب ڪيا ويا هئا. راڪيٽن نصب ڪرڻ جو مقصد تباهي ڪرڻ نه بلڪه خوف ۽ هراس پکيڙڻ هو. + + +پاڪستاني ڪشمير ۾ امداد لاءِ ڪم ڪندڙ ڏيهي توڙي پرڏيهي ادارن تي اُتان جي عورتن الزام لڳايو آهي ته اهي کين جنسي طور حراسان ڪري رهيا آهن. +ڪشمير ۾ عام طور عورتون ادارن ۾ ڪم نه ڪنديون آهن پر زلزلي واري صورتحال کان پوءِ آيل تبديلي سبب ڪافي عورتن مختلف ادارن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن کان پوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته کين جنسي طور حراسان ڪيو پيو وڃي. +هڪ عورت شگفته جو چوڻ آهي ته کيس نوڪري دوران اها پيشڪش پڻ ڪئي ويندي هئي ته کيس عهدي تي ترقي ڏني ويندي جيڪر هوءَ ساڻن رات گذاري. هن جو چوڻ هو ته اهڙين حالتن کي ڪيتريون ئي عورتون منهن نه ڏئي سگهيون ۽ ادارن جي مردن طرفان وڇايل ڄار ۾ ڦاسي پيون. +هڪ ٻي عورت جو چوڻ هو ته اهي مرد پاڻ سان ننڊ جون گوريون پڻ رکندا هئا ۽ اهڙيون خبرون به شايع ٿيون هيون ته ڪجهه عورتون ڪم يا سفر دوران بي هوش ٿي ڪري پيون. +هڪ ٻي عورت زينب مطابق پاڪستان ۾ عورتن سان گڏ ڪم ڪندڙ مردن جو رويو انتهائي نامناسب هوندو آهي. زلزلي ۾ اسان جا گهر تباهه ٿيا آهن اهڙا ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان پنهنجو سڀ ڪجهه پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. + + +اميد ته اوهان قرب جا قدم ڀريندا رهندا ۽ هن سنڌي اخبار جي سونهن وڌائيندا رهندا. + + +اميد ته قرب جا قدم ڀريندا رهندا. +*ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي + + +هن صفحي کي ٽيٽ فهرست ۾ رکو + + +پنهنجون تبديليون سانڍڻ کان اڳ پيش نگاهه ضرور ڏسو! + + +اهي تبديليون ڏسو جيڪي اوهان ڪيون آهن + + +هن صفحي جي ٻنهي چونڊيل مسودن ۾ تفاوت ڏسو. + + +اوهان جي صحيح بمع اوقاتي مهر + + +وڪي لکت نموني کي نظرانداز ڪريو + + +ڪنهن ٻي ساڳي صفحي کي اوهان کان ٿورو اڳ ترميميو آهي. مٿين تحرير اها آهي جيڪا اوهان کان اڳ سانڍي وئي، جڏهن ته هيٺين تحرير اها آهي جيڪا اوهان سانڍڻ چاهيو ٿا. وچ ۾ فرق ڏيکاريل آهي جيڪو تڪراري بڻجي ٿو. جيڪڏهن اوهان ان صفحي کي سانڍيو ته مٿين تحرير سانڍجي ويندي. +نوٽ: جيڪڏهن اوهان هر صورت ۾ پنهنجي ترميم سانڍڻ چاهيو ٿا ته پوءِ هيٺين تحرير ڪاپي ڪري مٿين خاني ۾ پيسٽ ڪريو ۽ پوءِ سانڍيو بٽڻ دٻايو. + + +اهڙا ڪي به صفحا يا ننڍ ڪيٽگريز نه آهن. + + +ڏکڻ ڪوريا جو بين ڪي مون گڏيل قومن جو ايندڙ سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو آهي. هن جي چونڊ راءِ شماري ذريعي ٿي گذري جنهن ۾ کيس 192 ملڪن جي نمائندن متفقه طور چونڊي ورتو. +بين ڪي مون 31 ڊسمبر 2006ع تي ڪوفي عنان جي رٽائرمينٽ کان پوءِ عهدو سنڀاليندو ۽ پوءِ هو ايندڙ پنجن سالن تائين انهيءَ عهدي تي برقرار رهندو. +بين ڪي مون چونڊجڻ کان پوءِ چيو آهي ته هن جي ترجيحات ۾ انساني حقن جو تحفظ، دهشتگردي خلاف جدوجهد، ايڊز ۽ ماحولياتي آلودگي شامل آهن. +ياد رهي ته بين ڪي مون ڏکڻ ڪوريا جو وزير خارجه آهي. + + +گرامين بينڪ ۽ ان جي باني محمد يونس امن جو نوبل انعام ماڻي ورتو آهي. هن کي اهو ايوارڊ سندس بينڪ جي غربت جي خاتمي وارين ڪوششن سبب ڏنو ويو جنهن جي ذريعي بينڪ ماڻهن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ ننڍا قرض مهيا ڪري ٿي. +محمد يونس جو ان باري ۾ چوڻ هو ته بنگلاديشي هجڻ تي کيس فخر آهي ۽ سندس محنتن کي هاڻ دنيا پڻ تسليم ڪيو آهي. +گرامين بينڪ 1976ع ۾ قائم ٿي ۽ اڄ گرامين بينڪ مان سٺ لک کان وڌيڪ ماڻهو قرض کڻن ٿا. قرض جو طريقو پڻ انتهائي آسان آهي ڪي به پنج عورتون گڏجي اهو قرض کڻي سگهن ٿيون. چيو وڃي ٿو ته قرض کڻندڙن ۾ 96 سيڪڙو عورتون شامل آهن. + + +بلوچستان جي علائقي خضدار ۾ تراويح دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا ڇهه ڀاتي مارجي ويا. مارجي ويلن جو تعلق جمال زئي قبيلي سان ٻڌايو ويو آهي. +پوليس مطابق حمله آورن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي کين گرفتار ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. واردات جو سبب پراڻي دشمني ٻڌايو ويو آهي. +اهي به اطلاع آهن ته اهي ٻئي قبيلا زهري قبيلي جي هڪ زيلي شاخ آهن. واقعو خضدار ۾ تعلقي زهري جي هڪ مسجد ۾ پيش آيو جڏهن مقتول تراويح ۾ مشغول هئا. + + +ڪوئٽا کان راولپنڊي ويندڙ جعفر ايڪسپريس مان پوليس ڳجهي اطلاع تي پنج بم برآمد ڪري ورتا. پوليس مطابق ڳجهي اطلاع تي بروقت ڪاروائي ڪري تخريبڪاري جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو آهي. +پوليس ڳجهي اطلاع تي ٽرين جي بوگي نمبر ٽي مان پنج بم هٿ ڪري ورتا. ان وقت ٽرين راولپنڊي وڃڻ لاءِ تيار بيٺي هئي. +پوليس هڪ شڪي همراهه نالي فياض حسين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته هڪ ٻي شخص وٽان چرس برآمد ڪيو ويو ان جي ٿيلهي تي هڪ حساس اداري جو نالو لکيل هو. + + +پاڪستان جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته موجوده حڪومت جو دور پاڪستان جي تاريخ جو سونهري دور آهي. هن اها ڳالهه وي او جي کي هڪ انٽرويو دوران چئي. +شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن ته جيئن هن ملڪ ۾ ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ جمهوريت جو دور شروع ٿي سگهي. +وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته هاڻي پاڪستان جا ماڻهو هوشيار ٿي چڪا آهن ۽ انهن مخالف ڌر جي ڏنل هڙتالن جي سڏ کي ناڪام پئي ٻڻايو آهي. ماڻهو پرويز مشرف جي مثبت پالسين مان خوش آهن جنهن ڪري ماڻهن جو ڌيان اهڙن سڏن ڏانهن نٿو وڃي. + + +پاڪستان جي وزير اعظم شوڪت عزيز چيو آهي ته پرڏيهي ڪمپنين جي حوالي ٿيل سنڌ جا ٻيٽ سنڌ حڪومت جي ملڪيت نه پر پورٽ قاسم اٿارٽي جي ملڪيت آهن. +هن اها ڳالهه ڪراچي جي دوري دوران چئي، هن وڌيڪ چيو ته اهڙي اسڪيم پورٽ قاسم اٿارٽي ڏني هئي جنهن کي منظور ڪيو ويو آهي. +شوڪت عزيز جو چوڻ هو ته انهن ٻيٽن جي ترقي سان هزارين ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ شهر جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿيندو. +ياد رهي ته سنڌ جا سياسي توڙي سماجي حلقا ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪري رهيا آهن. + + +بي اين پي جي سربراهه رئوف مينگل چيو آهي ته پاڪستاني وفاق بلوچستان جو قرضي آهي، اسان کي خيرات ڏني پئي وڃي جيڪا نه گهرجي پر حق گهرجن. +هن جو چوڻ هو ته وزيراعظم جو دورو بلوچن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر هو، بلوچستان جو عوام حڪمرانن پاران اعلانيل خيراتن جي ڏٽي ۾ نه ايندو. +رئوف مينگل چيو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون نواب اڪبر بگٽي جون قاتل آهن، انهن جي ئي منظوري سان نواب جو قتل ڪيو ويو. وفاق پاران اهڙي وقت خيرات جو اعلان بلوچن جي غيرت کي للڪارڻ برابر آهي. +هن چيو ته وفاق بلوچستان جي 112 ارب ڊالرن جو قرضي آهي جيڪا رقم رائلٽي جي حوالي سان وفاق تي بلوچستان جو قرض آهي، رقم جلد از جلد بلوچستان جي حوالي ڪئي وڃي. + + +سنڌ جا چار ضلعا ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڇنڇر ۽ آچر واري رات بجلي جي رو��ني کان محروم رهيا، اهڙن ضلعن ۾ ميرپور خاص، عمر ڪوٽ، ٽنڊو الهيار ۽ ٿرپارڪر شامل آهن. +حيسڪو ذريعن مطابق لوڊ شيڊنگ ان ڪري ڪرڻي پئي ڇاڪاڻ ته ٽنڊو الهيار ڀرسان 132 ڪي وي جي هاءِ ٽينشن لائن ۾ خرابي پيدا ٿي وئي هئي جنهنڪري مذڪوره ضلعن ۾ بجلي بند ڪرڻي پئي. + + +گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪراچي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ خطرناڪ وائرس ڊينگو جي ڪري ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي مريضن کي اسپتال آندو ويو آهي جن کي ڊينگو وائرس فيور آهي. +اڻ تصديق ٿيل اطلاعن مطابق 18 کان مٿي ماڻهو ڊينگو وائرس کان متاثر ٿي اجل جو شڪار ٿيا آهن. جڏهن ته اڍائي سو کان مٿي ماڻهو اسپتالن ۾ داخل آهن. +سرڪاري ذريعن مطابق اسپتالن ۾ هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. گذريل ڪجهه هفتن دوران مري ويلن جو تعداد 17 ٿي ويو آهي ۽ جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. + + +عراق جي شهر ڪرڪوڪ ۾ سلسليوار بم ڌماڪن ۾ 8 ماڻهو مارجي ويا آهن. بظاهر انهن بمن جو نشانو پوليس هئي جڏهن ته هڪ ڌماڪو استادن جي هڪ تربيتي مرڪز وٽ ٿيو. +ڇنڇر ڏينهن بغداد ۽ فلوجا ۾ 5 آمريڪي فوجي مارجي ويا هئا. ان کان اڳ داخلي وزارت جي هڪ قافلي مٿان پڻ بم حملو ڪيو ويو جنهن ۾ ست ماڻهو مارجي ويا هئا. +ذريعن مطابق مارجي ويلن جي تعداد جي باري ۾ ڪي به تصديق ٿيل اطلاع نه آهن. بي بي سي مطابق هن مهيني دوران مارجي ويل فوجين جو تعداد لڳ ڀڳ پنجاهه ٿي ويو آهي. انهن واقعن کان پوءِ محسوس ڪيو پيو وڃي ته تشدد جي لهر ۾ اضافو ٿيو آهي. + + +سريلنڪا جي هڪ نيوي جي قافلي تي بم حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 90 ماڻهو مارجي ويا. مارجي ويلن جو تعداد اڃا به وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. +چيو ويو آهي ته حملو هڪ خودڪش حملو هو، جيڪو تامل باغين طرفان ڪيو ويو. اهو حملو ان قافلي تي ڪيو ويو جيڪو بحريه جي ماڻهن کي کڻي وڃي رهيو هو. +سريلنڪا جي فوجي ذريعن مطابق ان علائقي مان 67 لاش وصول ٿي چڪا آهن، انهيءَ ڌماڪي ۾ سٺ کان مٿي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. +اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته اربع تي ٿيل ويڙهه ۾ 119 فوجي مارجي ويا هئا، جڏهن ته سو ڄڻا زخمي ٿيا هئا. + + +برطانيه ۾ حجاب واري تنازعي کان پوءِ هاڻ تيونس ۾ پڻ عورتن جي حجاب تي پابندي وڌي وئي آهي، حجاب تي پابندي جو اهو قانون تيونس ۾ 1981ع ڌاري جوڙيو ويو هو. +پوليس ان قانون تي سرگرمي سان عمل ڪري رهي آهي. اُتان جي انساني حقن جي تنظيمن ان عمل جي سخت مخالفت ڪئي آهي. +1981ع جي قانون مطابق عورتون اسڪولن يا آفيسن ۾ پردي سان نٿيون رهي سگهن. تازو عورتن کان پوليس رستن تي نقاب لهرائي اهي وعدا ورتا ته اُهي اڳتي حجاب استعمال نه ڪنديون. +تيونس جي صدر جي چوڻ آهي ته اها هتان جي ثقافت نه آهي بلڪه ٻاهران آيل آهي. سرڪاري ذريعن مطابق انتهاپسند انهيءَ حجاب کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. + + +عراق جي شهر بغداد جي اُتر ۾ ٻن ڪار بم ڌماڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ماڻهو مارجي ويا آهن. چيو ويو آهي ته ان حملي جي نتيجي ۾ 17 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. + + +سنڌ ڊيموڪريٽس فورم طرفان بينظير ڀٽو کي هڪ کليل خط ذريعي سنڌ جي حقن بابت تحرڪ وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. خط ۾ 1940ع واري قرارداد مطابق صوبن کي حق ڏيڻ بابت جدوجهد لاءِ پڻ زور ڀريو ويو آهي. +کليل خط ۾ چيو ويو آهي ته اوهان جي پارٽي سنڌ جي حقن جي حوالي سان ناڪام ٿي چڪي آهي. اهو خط ابرار قاضي ۽ ذوالفقار هاليپوٽو جي صحيح سان اماڻيو ويو آهي. +خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پ پ وٽ سنڌي ماڻهن جو ڳرو مينڊٽ هوندو آهي ان ڪري ضروري آهي ته سنڌ جي حقن کي اوليت ڏني وڃي. ڇاڪاڻ ته سنڌ پنهنجي ڏکئي دور مان گذري رهي آهي. +خط ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته وفاقي سرڪار سنڌ جا ٻيٽ وڪڻي سنڌ سان ناانصافي ڪئي آهي جنهن تي تحرڪ وٺڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اهي ٻيٽ سنڌي ماڻهن جي راضپي کان سواءِ پرڏيهي ڪمپنيءَ حوالي ڪيا پيا وڃن. +آخر ۾ چيو ويو آهي ته سنڌي ماڻهو گذريل چاليهه سالن کان پ پ کي ووٽ ڏيندا پيا اچن. هاڻ سنڌي ماڻهن جون نظرون اوهان جي پارٽي ۽ اوهان ۾ اميد رکن ٿيون. + + +ٻه نوان مريض ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪيا ويا آهن، وائرس جي اثر ۾ آيل مريضن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي. چيو ويو آهي ته جون کان وٺي هن وقت تائين 890 ماڻهو ڊينگو وائرس مان متاثر ٿيا آهن. +ڊينگو وائرس جي مريضن ۾ مسلسل واڌارو ٿي رهيو آهي، سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن مان پڻ ماڻهن جي متاثر ٿيڻ جا اطلاع آهن. +چيو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 28 نوان مريض ڪراچيءَ جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيا ويا آهن جن کي ڊينگو وائرس جو متاثر ڄاڻايو ويو آهي، جنھن کان پوءِ اهو تعداد وڌي 165 ٿي ويو آهي. +ڊاڪٽرن ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ڊينگو وائرس بابت هڪ سجاڳي مهم جي سخت ضرورت آهي ته اهو ڪيئن ڦهلجي ٿو ۽ ان جون علامتون ڪهڙيون آهن. + + +پاڪستان جي ٻن فاسٽ بالرن شعيب اختر ۽ محمد آصف تي طاقت جي منع ٿيل دوائن جو استعمال ثابت ٿيڻ تي کين انڊيا ۾ هلندڙ آءِ سي سي ڪريڪيٽ مان واپس گهرايو ويو آهي. +جڏهن ته هڪ ٻئي رانديگر شبير احمد جي باري ۾ پڻ اهڙو شڪ ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته باقي سمورن رانديگرن کي آجو قرار ڏنو ويو آهي. +شعيب اختر ۽ محمد آصف واپس لاهور پهچي ويا ۽ بنا ڪنهن سان ڳالهائڻ جي ڊوڙي وڃي پنهنجين گاڏين ۾ ويٺا ۽ روانا ٿي ويا. +ٻنهي کلاڙين جي واپسي بعد پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم بحران جي ور چڙهي وئي آهي، ايئرپورٽ تي موجود لاهوري ماڻهن جو چوڻ هو ته اهڙن ماڻهن تي تاحيات پابندي وڌي وڃي. + + +قطر پاڪستان ۽ ايران کان مڇيون گهرائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي، چيو ويو آهي ته انهن مڇين ۾ صحت جي حوالي سان گندگي آهي ۽ اهي مڇيون صحت بخش نه آهن. +قطر جي ميونسپل معاملن ۽ زراعت واري وزارت پاڪستان ۽ ايران مان هر قسم جي مڇين جي گهرائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي. قطر ۾ ماڻهن کي صلاح ڏني وئي آهي ته مقامي شيون واپرايون وڃن. +قطر جي وزارت مڇين جا نمونا ٽيسٽن لاءِ ليباريٽري روانا ڪيا آهن ته جيئن اهو ڏسي سگهجي ته اهي کائڻ لائق آهن يا نه. + + +* نوٽ: هن صفحي کي نئون ڪرڻ لاءِ Refresh ڪريو. + + +جيتوڻيڪ چيو ويو هو ته نيٽو ڪمانڊر جي پاڪستاني صدر سان ملاقات هڪ عام ملاقات آهي، پر ذريعن دعوا ڪئي آهي ته ان ڪمانڊر صدر تي زور ڀريو هو ته پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ کان طالبان کي ملندڙ سکيا کي بند ڪرايو وڃي. +ملاقات ۾ اها گهر پڻ ڪئي وئي هئي ته اهم طالبان اڳواڻ جيڪي پاڪستان جي علائقن ۾ رهن پيا انهن کي گرفتار ڪيو وڃي. چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ اتحادين جي ناڪامي پويان آءِ ايس آءِ جا هٿ آهن جيڪي مسلسل طالبان کي سکيا ڏئي رهيا آهن. +ياد رهي ته برطانيه جي ڊيوڊ رچرڊ پاڪستان جي صدر سان 9 آڪٽوبر تي ملاقات ڪئي هئي ۽ پريس جي سامهون اهو واضع ڪيو هو ته طالبان جون ڪاروايون پاڪستاني علائقن وٽان ٿي رهيون آهن. + + +هيٺ يوزر نانءُ جي تبديلين جو لاگ ڏيکاريل آهي. + + +هيءُ کاتا کلڻ جي فهرست آهي. + + +هيٺ يوزر اختيارن جي تبديلين جي فهرست ڏيکاريل آهي. + + +ٻين وڪي رٿائن کان درآمديل صفحن جي فهرست + + +ڳولا جي لفظن ۾ غلطي آهي. + + +ڪو به صفحو 1) سان ڳنڍيل نه آهي. + + +انڊيا جي وزارت خارجه مطابق انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ بمبئي ريل بم ڌماڪن کان پوءِ ملتوي ٿيل ڳالهيون 13 نومبر تي ٻيهر شروع ٿينديون. +بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني خارجه سيڪريٽري رياض احمد خان پنهنجي انڊين هم منصب شنڪر مينن سان 13 نومبر تي ملاقات ڪندو ۽ اهي ڳالهيون ٽن ڏينهن تائين جاري رهنديون. +ياد رهي ته بمبئي بم ڌماڪن کان پوءِ اهي ڳالهيون ملتوي ٿيون هيون ۽ انڊيا پاڪستان تي انهن ڌماڪن ۾ ملوث هجڻ جو الزام لڳايو هو. + + +افغانستان جي صدر حامد ڪارزئي چيو آهي ته مُلا عمر ڏاکڻي پاڪستاني شهر ڪوئٽه ۾ لڪل آهي. هن اها ڳالهه هڪ انٽرويو دوران چئي. +افغان صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته طالبان پاڪستاني علائقن مان اچي ڪاروائيون ڪري رهيا آهن، هن پاڪستان تي انهن کي روڪڻ لاءِ زور ڀريو. +هن جو چوڻ هو ته اسان کي خبر آهي ته مُلا عمر ڪوئٽه ۾ موجود آهي. آمريڪا مُلا عمر جي گرفتاريءَ لاءِ اڳ ئي 10 ملين آمريڪي ڊالر انعام جو اعلان ڪري چڪو آهي. +پاڪستان حامد ڪارزئي جي اهڙي بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته اسان کي خبر آهي ته مُلا عمر افغانستان ۾ آهي ۽ سموري دنيا کي پڻ اها ڄاڻ آهي ته هو ڪٿي آهي. + + +افغانستان انٽليجنس ايجنسي پاڪستان تي الزام مڙهيو آهي ته ڪابل ۾ ناڪام حملي ۾ ملوث دهشتگرد جي سکيا پاڪستاني علائقي وزيرستان ۾ ٿي آهي. +ايجنسيءَ مطابق چار ماڻهو پاڪستاني علائقي وزيرستان کان افغانستان ۾ داخل ٿيا هئا. انهن چئني جي سکيا صادق نوراني گروپ ڪئي هئي. +ايجنسي پاڪستان تي الزام هڻندي چيو ته جڏهن کان طالبان سان ٺاهه ڪيو ويو آهي افغانستان ۾ حملا وڌي ويا آهن، جنگبنديءَ جو مقصد صرف ايترو آهي ته پاڪستان جي فوج تي حملو نه ڪيو وڃي باقي افغانستان تي اهڙن حملن جي کين اجازت هوندي آهي. + + +لبرل پاڪستان فورم جي ميزباني هيٺ مذاڪري ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان جي اصل قيادت سان ڳالهيون ڪري حالتن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچايو وڃي. +مذاڪري ۾ مختلف اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان کي حق ڏيڻ کان هميشه نٽايو ويو آهي، پاڪستان مسلسل 1948ع واري ٺاهه جي خلاف ورزي ڪندو آيو آهي. +وڌيڪ چيو ويو ته بلوچستان جي حالتن جا ذميوار فوجي حڪمران ۽ سياستدان آهن، چونڊيل حڪومتن کي هٽائڻ واسطي هميشه ايجنسين پنهنجا هٿرادو سياستدان پيدا پئي ڪيا آهن. +نواب اڪبر بگٽي بلوچستان جي حقن واسطي جان جي قرباني ڏني پر ڪڏهن به حڪمرانن سان ٺاهه نه ڪيو. هن ڪڏهن به آزاد بلوچستان جي ڳالهه نه ڪئي هئي هو ته هميشه بلوچستان جي حقن جي ڳالهه ڪندو رهيو هو. + + +{{Warn}}هن خبر جا ذريعا يا حوالا ۽ ڪابه ڪيٽگري لکيل نه آهي، خبر جا ذريعا ۽ ڪيٽگري لڳائي نوٽيس کي ختم ڪري سگهجي ٿو. +پاڪستان جو وجود سنڌ لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيو آهي، سائين جي ايم سيد جيڪو ڪجهه پنهنجي ڪتابن ۾ چئي ويو آهي اهو سڀ اڄوڪين حالتن ۾ سچ ثابت ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار نوشهرو فيروز ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي جسقم اڳواڻن ڪيو. +خطاب ۾ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته روز سنڌ سان نئين ويساهه گهاتي ڪئي وڃي ٿي ڪالاباغ ڊيم، ٿل ڪئنال ۽ هاڻ وري سنڌ جا ٻيٽ پرڏيهي ڪوٺيءَ حوالي ڪيا پيا وڃن. جڏهن کان هن ملڪ جو بنياد پيو آهي ت0ھن کان سنڌ سان نه ختم ٿيندڙ زيادتيون شروع ڪيون ويون آهن. +جسقم اڳواڻن چيو ته پاڪستان جو مطلب اصل ۾ پنجابستان آهي، پنجاب سنڌ کي فتح ڪيل علائقو سمجهي ٿو جنهنڪري سنڌ جي وزيرن توڙي مشيرن وٽ ڪي به اختيار نه آهن سنڌ جي قسمت جا فيصلا مٿان صادر ڪيا وڃن ٿا. + + +انڊيا جي سابقه نائب وزيراعظم لال ڪرشنا آڏواڻيءَ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني وئي آهي. پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عزيز احمد خان اهڙي دعوت آڏواڻيءَ کي ڏني. ان دعوت جي ڪابه تاريخ نه ٻڌائي وئي آهي. +لال ڪرشنا آڏواڻيءَ جي ويجهن ذريعن مطابق ان دوري جي دعوت لاءِ ڪابه تاريخ نه ڏني وئي آهي، جڏهن ته آڏواڻي اهڙو دورو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. +اهڙي ئي دعوت آڏواڻيءَ کي پاڪستاني وزير خارجه خورشيد محمود قصوري اڳ ئي ڏئي چڪو آهي، جڏهن هو ساڻس گذريل مهيني مليو هو. + + +پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پ پ جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو چيو آهي ته انڊيا ۽ افغانستان سان تعلقات بهتر بڻايا وڃن. اها ڳالهه هن هڪ پرائيوٽ چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪئي. +هن وڌيڪ چيو ته جڏهن مون انڊيا ۽ پاڪستان جي تعلقاتن ۾ بهتري طرف پيشقدمي جي ڪوشش ڪئي ته مون کي ”سيڪيورٽي رسڪ“ قرار ڏنو ويو. +هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن وزيرستان ۾ حالتن جي سڌاري تي صحيح انداز سان ڌيان نه ڏنو ويو ته افغانستان جيان پاڪستاني علائقن تي پڻ بمباري ٿي سگهي ٿي. +بينظير ڀٽو چيو ته اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته اَسي هزار فوجين جي موجودگيءَ ۾ ڪجهه عرب ۽ ٻيا نوجوان ڪيئن قبائلي علائقن ۾ چيڪ پوسٽون قائم ڪيو ويٺا آهن. + + +ماهيگير تحريڪ جي هڪ مذاڪري ۾ شرڪت ڪندڙ ڌرين چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ جا ٻيٽ ڏنگي ۽ بڊار پورٽ قاسم اٿارٽي جا آهن تڏهن به انهن کي وڪري جو اختيار نه آهي. +اڳواڻن جو چوڻ هو ته ان ڳالهه جا ڪي قانوني ثبوت نه آهن ته پورٽ قاسم اٿارٽي پنهنجي پورٽ سرگرمين لاءِ اهي ٻيٽ سنڌ سرڪار کان خريد ڪيا هئا ۽ هونءَ به انهن کي ڪاروباري سرگرميءَ لاءِ وڪرو نٿو ڪري سگهجي. +مذاڪري ۾ چيو ويو ته انهن جي وڪري جي سنڌ سرڪار کي پڻ ڄاڻ نه هئي، اهي ٻيٽ وفاقي سرڪار بنا سنڌ جي ڌرين جي صلاح جي وڪرو ڪيا آهن. سنڌ جي حڪومت وفاقي سرڪار جي فيصلي اڳيان جُهڪي وئي آهي. +ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪستان ريلويز پڻ سنڌ جا پَٽَ ڪاروباري مقصدن لاءِ استعمال ۽ وڪرو ڪندي رهي آهي، جيڪي سنڌ حڪومت صرف ريلويز جي ضرورتن لاءِ مفت ڏنا هئا. + + +سنڌ اسيمبلي مخالف ڌر اڳواڻ نثار کهڙي سنڌ ۾ رينجرز جي مستقل رهائڻ وارين ڪوششن جي مخالفت ڪئي آهي، هن اهڙي ڳالهه بن قاسم ٽائون ۾ هڪ افطار پارٽي ۾ ڪئي. +هن وڌيڪ چيو ته ان ڳالهه جي ڪابه ضرورت نه آهي ته رينجرز کي مستقل طور سنڌ ۾ رهايو وڃي. رينجرز ڪنهن به صوبي ۾ تعنات نه آهي، بلوچستان ۾ پڻ ليوز کي پوليس ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. +هن ڪراچي جي ٻيٽن بابت چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سنڌي ماڻهن جي خواهش ابتڙ اهي ٻيٽ وڪرو ڪرايا آهن، تنهنڪري سنڌ جو وڏو وزير سنڌي قوم جو غدار آهي. + + +{{Warn}}هن خبر جا ذريعا يا حوالا ۽ ڪابه ڪيٽگري لکيل نه آهي، خبر جا ذريعا ۽ ڪيٽگري لڳائي نوٽيس کي ختم ڪري سگهجي ٿو. +سنڌ حڪومت عالمي بئنڪ کي خاطري ڪرائي آهي ته استادن جون ڀرتيون ميرٽ جي بنياد تي ڪيون وينديون. ضلعي سطح تي اي ڊي اوز ميرٽ جي بنياد تي مقرر ڪيا ويندا. اهڙي خاطري سنڌ جي چيف سيڪريٽري فضل الرحمان عالمي بئنڪ جي وفد کي ڪرائي. +عالمي بئنڪ جي هڪ وفد سنڌ ۾ 14 کان 16 آڪٽوبر 2006ع تائين سنڌ حڪومت پاران تعليم کاتي ۾ عالمي بئنڪ جي مالي سهڪار سان آندل سڌارن بابت مکيه شعبن جي حوالي سان ڪيل اڳڀرائي بابت جائزو ورتو. عالمي بئنڪ پنهنجي ترقياتي پاليسين جي حوالي سان اهڙن سڌارن جي شروعات پنجاب ۾ ڪري چڪي آهي. +سنڌ جي چيف سيڪريٽري فضل الرحمان گڏجاڻي جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت پاران ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقياتي) ناڻي، تعليم، عملدرآمد ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن جي سيڪريٽرين ۽ ريفارم سپورٽ يونٽ جي عملدارن جڏهن ته عالمي بئنڪ جي رياستي ڊائريڪٽر مسٽر جان وال، پروگرام ٽاسڪ ليڊر مس ريمانيئر، سينئر اڪنامسٽ ڊاڪٽر حميد مختيار ۽ وفد جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. + + +{{Warn}}هن خبر جا ذريعا يا حوالا ۽ ڪابه ڪيٽگري لکيل نه آهي، خبر جا ذريعا ۽ ڪيٽگري لڳائي نوٽيس کي ختم ڪري سگهجي ٿو. +وفاقي حڪومت ملڪ ۾ ڪپهه، چانورن ۽ ڪمند جي رڪارڊ پيداوار جي دعوا ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ملڪي ضرورتن کان وڌيڪ ٿيندي تنهن ڪري عيد کانپوءِ سرپلس ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو جڏهن ته ان ڳالهه جو پڻ اقرار ڪيو ويو ته سنڌ ۾ 6 لک 40 هزار 2 سئو 24 ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ جي فصل کي شديد، 3 لک 72 هزار 9 سئو ايڪڙن تي بيٺل فصل کي ڪجهه گهٽ ۽ 3 لک 75 هزار 73 ايڪڙن تي بيٺل ڪپهه جي فصل کي معمولي نقصان رسيو آهي. +سانگهڙ ضلعي ۾ 50 کان 70 سيڪڙو فصل مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. اهي ڳالهيون زراعت بابت وفاقي ڪميٽي جي 85هين اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي خوراڪ ۽ زراعت جي وفاقي وزير سڪندر حيات ٻوسڻ ڪيون. اجلاس ۾ چئني صوبن جي زراعت وارن وزيرن توڙي، سيڪريٽري، ارسا، مختلف بينڪن، وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي عملدارن، منفال جي سيڪريٽري محمد اسماعيل قريشي، ايگريڪلچر ڊولپمينٽ ڪمشنر ڊاڪٽر قادر بخش بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. + + +لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي حڪومت جا سمورا مشير ۽ صلاحڪار برطرف ڪري ڇڏيا آهن. ڪورٽ صرف پنج مشير ۽ پنج معاون رکڻ جي اجازت ڏني آهي. +سپريم ڪورٽ تي حملي جي الزام هيٺ آيل ٻن مشيرن کي نااهل قرار ڏنو ويو هو. عدالت چيف سيڪريٽري کي چيو آهي ته سمورن مشيرن کان مراعتون کسيون وڃن. +نااهل قرار ڏنل هڪ وزير جو تعلق لاهور سان آهي ۽ اهو مسلم ليگ جي گذريل حڪومت ۾ وزير هو. جڏهن ته ٻيو لاهور جو ڊپٽي ميئر ۽ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. + + +بغداد ڀرسان هڪ بم حملي ۾ چار آمريڪي فوجي مارجي ويا، بم هڪ رستي ۾ لڳل هو. ان کان علاوه صوبي دياله ۾ ٽي آمريڪي فوجي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ فوجي صوبي انبار ۾ مارجي ويو. +چيو ويو آهي ته انهن مارجي ويل فوجين سميت هن مهيني مارجي ويل آمريڪي فوجين جو تعداد 67 ٿي ويو آهي. +اي ايف پي جي اندازن مطابق مارچ 2003ع کان پوءِ هن وقت تائين مارجي ويل آمريڪي فوجين جو تعداد ٻه هزار ست سو ستر کي پهچي ويو آهي. + + +{{Warn}}هن خبر ۾ ذريعا يا حوالا ڏنل نه آهن ان ڪري هن خبر کي تڪراري شمار ڪجي ٿو، حوالا ڏئي هن نوٽيس کي ختم ڪري سگهجي ٿو. +سنڌ جي سياسي اڳواڻن، سماج سڌارڪ، اديبن، دانشورن ۽ ٽيڪنوڪريٽن ميگا پروجيڪٽن ايل بي او ڊي، آر بي او ڊي ۽ سنڌ ڪوسٽل اينڊ انلينڊ ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروجيڪٽن کي رد ڪندي عيد کانپوءِ سول نافرماني واري تحريڪ لاءِ راهه هموار ڪرڻ انهن منصوبن خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سنڌ نيشنل الائنس ۽ قومي ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو، اهڙو فيصلو ڪالهه پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران ميگا پروجيڪٽن جا اثر ۽ عالمي مالياتي ادارن جي ڪردار بابت گهرايل قومي ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو. +قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بزرگ دانشور محمد ابراهيم جويو چيو ته 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ وقت پنجاب کي ٻن حصن ۾ ورهائي وڏو ظلم ڪيو ويو ۽ ان وقت جي دور انديش قيادت نه هجڻ سبب اهو فيصلو ٿيو. هن چيو ته هر ترقي وارو منصوبو غربت ۾ اضافو ڪري ٿو. ترقي اها آهي، جيڪا عوام پاڻ طلب ڪري زوري مڙهيل ترقي تباهي جي برابر آهي. ايم پي اي سسئي پليجو چيو ته ورلڊ بئنڪ ايل بي او ڊي جي تباهي جي متاثر ماڻهن کي معاوضو ڀري ڏئي. +اڳوڻي سيڪريٽري ادريس راجپوت چيو ته مالياتي ادارا وياج خور آهن ورلڊ بئنڪ ايل بي او ڊي جي رٿا کي ناڪام تسليم ڪيو آهي. پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه چيو ته سنڌو درياهه تي ڪوبه ڊيم اسان کي قبول نه آهي. ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي رٿا سميت سمورا ميگا پروجيڪٽ سنڌي عوام جي خلاف آهن. فشر مين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي ڊائريڪٽر حاجي شفيع محمد ڄاموٽ چيو ته ميگا پروجيڪٽن جي نالي تي اسان مٿان قرض مڙهيا ويا آهن. +ڪراچي: ميگا پروجيڪٽن جا اثر ۽ عالمي مالياتي ادارن جي ڪردار بابت پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران گهرايل قومي ڪانفرنس ۾ قراردادون پاس ڪندي سنڌ ۽ وفاقي حڪومت کان هيٺيان ٺهراءَ منظور ڪيا ويا. عالمي مالياتي ادارن جي مالي سهڪار سان پاڪستان ۽ سنڌ ۾ جڙندڙ وڏين رٿائن ايل بي او ڊي، آر بي او ڊي ۽ سنڌ ڪوسٽل اينڊ انلينڊ ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروجيڪٽن، ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ۽ سامونڊي پٽين کي پرڏيهي ڪمپنين حوالي ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي رد ڪيو ويو، جڏهن ته ڏنگي بنڊاڙ ٻيٽن کي نيشنل پارڪ طور پڌرو ڪرڻ، ڪوٽڙي کان هيٺ 53 هزار چورس ايڪڙ ڪلوميٽرن تي ٻڌل انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه هجڻ سبب 27 لک ماڻهو معاشي بدحالي جي ور چڙهيل آهن. + + +آمرڪي فوج اعلان ڪيو آهي ته يارنهن آمريڪي فوجن تي ريپ ۽ قتل جا مقدما قائم ڪيا ويندا. هڪ نابالغ عراقي ڇوڪري سان جنسي ڏاڍائي ۽ پوءِ انهن جي گهروارن جي قتل جو مقدمو پڻ شامل آهي. +عراقي شهرين جي قتل ۽ جنسي ڏاڍائي جي الزامن ثابت ٿيڻ تي الزام هيٺ آيل فوجين کي ڦاسي جي سزا پڻ اچي سگهي ٿي. +چيو ويو آهي ته آمريڪي فوجين خلاف اهڙي ڪاروائي سان عراقي عوام جي ڪاوڙ آمريڪي فوجين لاءِ وڌندي. جڏهن ته جنسي ڏاڍائي جي الزام هيٺ آيل فوجي اهڙي الزام کان انڪار ڪيو آهي. + + +پاڪستاني ذريعن چيو آهي ته 22 ڀارتي ماهيگيرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي پاڪستاني حدن جي خلاف ورزي ڪري مڇي پڪڙي رهيا هئا، جڏهن ته گرفتار مهاڻن جو چوڻ هو ته انهن ڪابه خلاف ورزي ناهي ڪئي. +پاڪستاني سيڪيورٽي ايجنسي مطابق اهي ماڻهو پاڪستان جي علائقي اندر 45 ڪلوميٽرن تائين داخل ٿي ويا هئا. سندن گرفتاري کان پوءِ انهن جون لانچون پڻ ضبط ڪيون ويون آهن. + + +برطانوي شهري مرزا طاهر حسين کي هڪ ٽيڪسي ڊرائيور جي قتل جي سزا طور پهرين نومبر تي ڦاسي اچڻي آهي، برطانيه جي وزيراعظم ٽوني بليئر، صدر مشرف کي ان سزا تي نظرثانيءَ لاءِ چيو آهي. +ياد رهي ته ڦاسي جي ڏينهن دوران 29 آڪٽوبر کان 3 نومبر تائين پاڪستان ۾ برطانوي شهزادو چارلس ۽ سندس گهرواري دوري تي هوندا، برطانيه جي ڪجهه حلقن چارلس کان دورو ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. + + +هڪ ڀرطانوي اخبار دعوا ڪئي آهي ته القائده پاڪستان ۾ پنهنجو پاڻ کي برطانيه خلاف منظم ڪري رهي آهي سندن پهريون ٽارگيٽ برطانيه آهي. +وڌيڪ چيو ويو آهي ته اها برطانيه لاءِ وڏي ۾ وڏي ڌمڪي آهي ته القائده کين ٽارگيٽ بڻائي. +اهو پڻ چيو ويو آهي ته برطانيه دهشتگردن لاءِ آسان ٽارگيٽ آهي، ڇاڪاڻ ته ��اڪستان مان هر سال هزارين مسافر برطانيه اچن ٿا. + + +افغانستان جي صدر حامد ڪارزئي چيو آهي ته مُلا عمر پاڪستاني علائقي ڪوئٽه ۾ لڪل آهي. +افغان صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي خبر آهي ته مُلا عمر ڪوئٽه ۾ لڪل آهي، جڏهن ته پاڪستاني حڪومت ان الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي. +افغان صدر دعوا ڪئي ته ڪيترائي طالبان ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ روپوش آهن. هن جو چوڻ هو ته مون وٽ مشرف لاءِ پيغام آهي ته افغانستان پرامن هوندو ته پاڪستان به پرامن رهندو. + + +افغانستان فوج 24 ويڙهاڪن جا لاش صحافين کي ڏيکاريندي دعوا ڪئي آهي ته انهن ويڙهاڪن جو تعلق پاڪستان، ترڪي، چيچنيا ۽ يمن سان آهي ۽ اهي پاڪستاني علائقي ۾ مارجي ويا آهن. +هڪ افغان فوجي عبدالڪريم مطابق اهي لاش انهن ماڻهن جا آهن جن کي گذريل ڏينهن ويڙهه دوران ماريو ويو. اسان سان ڪجهه آمريڪي فوجي پڻ گڏ هئا. پر هن تعداد ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. + + +رني ڪوٽ ۾ ان جي ڀرندڙ اڏاوتن سبب اُتي مرمت جو هلڪو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. رِني ڪوٽ دنيا جي قديم ترين قلعن ۾ شمار ٿئي ٿو. جنهن کي ورلڊ هريٽيج قرار ڏنو ويو آهي. +رني ڪوٽ کيرٿر جبلن جي سلسلي ۾ آهي، ان کي 1975ع جي هڪ قانون تحت محفوظ ڪيو ويندو آهي. رني ڪوٽ کي محفوظ بنائڻ واسطي سيمينٽ جو استعمال ڪيو ويو آهي، سن دروازي ڀرسان موجود مسجد کي مڪمل طور سيمينٽ سان مرمت ڪري بحال ڪيو ويو آهي. +ذريعن مطابق سيمينٽ جي استعمال تي اعتراض ڪندي چيو ويو آهي ته اهو پراڻي مٽيريل سان جوڙجڪ طور مضبوط نه رهي سگهندو. + + +فشر فوڪ فورم جي طرفان ڪراچي ۾ هڪ ڪانفرس ٿي گذري جنهن ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ علمي حلقن شرڪت ڪئي، ڪانفرس ۾ ڏنگي ۽ بڊاڙ ٻيٽن بابت ٿيل فيصلي جي مذمت ڪندي عيد کان پوءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو. +ڪانفرنس ۾ ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي رٿائن کي سنڌ لاءِ نقصانڪار قرار ڏيندي مطالبو ڪيو ويو ته انهن رٿائن کي رد ڪيو وڃي. +ڪانفرنس ان ڳالهه کي پڻ رد ڪيو ته ڪو سنڌوءَ جو پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي، چيو ويو ته سنڌوءَ جو پاڻي ڊيلٽا جي سموري جيوت لاءِ جياپي جو واحد ذريعو آهي. +مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ جي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپنين حوالي ڪرڻ بجاءِ انهن کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي محفوظ بڻايو وڃي. + + +آمريڪا جي نائب صدر ڊڪ چيني چيو آهي ته پاڪستان ۾ آمريڪا جا فوجي دهشتگردن خلاف ڪاروائي ڪري رهيا آهن ۽ جيترو نقصان دهشتگردن کي انهن پهچايو آهي اوترو ڪنهن ٻئي نه پهچايو هوندو. +هن جو چوڻ هو ته آمريڪي فوج افغانستان ۾ پڻ دهشتگردن خلاف تمام گهڻي سرگرم آهي. پاڪستان ۾ پڻ اسان ئي سڀ کان وڌيڪ دهشتگردن کي يا ته ماريو آهي يا گرفتار ڪيو آهي. +ڊڪ چيني جي اهڙي انڪشاف کان ترت پوءِ آمريڪي سرڪاري ذريعن ان جي وضاحت ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ آمريڪي فوج آزاداڻه طور ڪاروائيون ڪانه پئي ڪري پر اها پاڪستان جي سهڪار سان اهڙيون ڪاروائيون ڪري رهي آهي. + + +بي بي سي طرفان ڪيل هڪ سروي مطابق دنيا جي ايڪٽيهه سيڪڙو آبادي جيلن ۾ قيد دهشتگردن تي تشدد جي حامي آهي. اهڙو سروي پنجويهه ملڪن ۾ ڪيو ويو جن جنيوا ڪنونشن ۾ صحيحون ڪيو هيون ته قيدين تي تشدد نٿو ڪري سگهجي. +اهڙي راءِ ستاويهه هزار ماڻهن کان ورتي وئي جن مان اُڻهٺ سيڪڙو ماڻهن جي راءِ هئي ته قيدين تي تشدد نه ڪيو وڃي. +آمريڪا جي اٺانوي سيڪڙو ماڻهن جي راءِ هئي ته دهشتگردن خلاف ڪاروائي ۾ پڻ انساني حقن جو خيال رکيو وڃي. + + +{{Warn}}هن خبر ۾ حوالا يا ذريعا نه لکيا ويا آهن ته هي خبر ڪٿان کنئي وئي، حوالا لکي نوٽيس ختم ڪري سگهجي ٿو. +سنڌ حڪومت چيو آهي ته صدر مشرف جي مالي ۽ انتظامي سڌارن واري پروگرام تحت سنڌ حڪومت مختلف کاتن ۾ سالن کان خالي پيل ساڍا، 12 هزار آساميون پيدا ڪرڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت تعليم ۽ صحت کاتن ۾ آساميون ڀرڻ وقت عالمي بئنڪ جي هدايتن تي مڪمل طور عمل ڪندي. سنڌ حڪومت اهڙي خاطري سنڌ جي دوري تي آيل عالمي بئنڪ جي مشن کي ڪرائي آهي، جنهن بعد عالمي بئنڪ جي مشن سنڌ حڪومت کي خاطري ڪرائي آهي ته سنڌ حڪومت کي مختلف شعبن ۾ قرض ڏيڻ لاءِ بئنڪ جي بورڊ کي سفارش ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت پاران عالمي بئنڪ کي ڏنل بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ وسيلن سان مالا مال هئڻ جي باوجود مالي طور تي غريب صوبو آهي. پاڪستان جو 90 سيڪڙو عالمي ڪاروبار سنڌ مان ٿئي ٿو. 4474 وڏا ڪارخانا سنڌ ۾ قائم آهن. جن جو جي ڊي پي ۾ حصو 43 سيڪڙو آهي. +عالمي بئنڪ کي ٻڌايو ويو ته سنڌ اربين رپين جون رٿائون شروع ڪيون آهن، پر فنڊن جي کوٽ ڪري انهن تي عمل درآمد ممڪن ناهي. سنڌ حڪومت موجب ساڍا 5 هزار اسڪول بند آهن. 35 سيڪڙو ايليمينٽري اسڪول عمارتن ۽ 55 سيڪڙو ماڻهو پيئڻ جي پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال واري سهوليت کان محروم آهن. سنڌ حڪومت اعتراف ڪندي چيو آهي ته خريداري، ڀرتين، بدلين ۽ مقررين وارو عمل شفاف ناهي، جيڪو گڊ گورننس جي نشاندهي نه ٿو ڪري. سنڌ حڪومت چيو ته پيئڻ جو صاف پاڻي ٻهرارين ۾ فقط 10 سيڪڙو آبادي کي دستياب آهي، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ گندي پاڻي جو نيڪال فقط 7 سيڪڙو آهي. سنڌ حڪومت جي بريفنگ بعد عالمي بئنڪ سنڌ حڪومت جي سڌارن واري پروگرام کي ساراهيندي خاطري ڪرائي ته سنڌ حڪومت کي مختلف شعبن ۾ قرض فراهم ڪرڻ لاءِ بورڊ کي سفارش ڪئي ويندي. + + +ڀارتي پارليامينٽ تي حملي جي الزام هيٺ آيل محمد افضل ۽ ٽيڪسي ڊرائيور جي قتل الزام هيٺ آيل برطانوي شهري مرزا طاهر جون ڦاسيون ملتوي ڪيون ويون آهن. +محمد افضل کي ويهين آڪٽوبر تي ڦاسي اچڻي هئي، جڏهن ته مرزا طاهر کي پهرين نومبر تي ڦاسي اچڻي هئي. محمد افضل جي ڦاسي کي اڻ ڄاڻايل عرصي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مرزا طاهر جي ڦاسي کي 31 ڊسمبر تائين. +محمد افضل کي انڊيا ۾ جڏهن ته مرزا طاهر کي پاڪستان ۾ ڦاسي اچڻي هئي، اتفاق سان ٻنهي جون ڦاسيون هڪ ئي ڏينهن تي اعلان ڪري روڪيون ويون آهن. + + +عراق ۾ پوليس اسٽيشن تي ٿيل هڪ حملي جي نتيجي ۾ 12 ماڻهو مارجي ويا آهن، حملو موصل ۾ هڪ پيٽرول ٽينڪر تي سوار خودڪش حمله آور ڪيو. +پيٽرول ٽينڪر جڏهن زوري ٿاڻي اندر ڌوڪيندو آيو ته پوليس فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ ٽينڪر ڌماڪي سان تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 12 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿي پيا. +مارجي ويلن ۾ اڪثريت عام شهرين جي هئي جيڪي ڀرسان موجود پيٽرول پمپ تان گاڏين ۾ تيل ڀرائڻ جي انتظار ۾ هئا. + + +سريلنڪا جي ڏاکڻي شهر گالي ۾ هڪ خودڪش بم حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن. +ڪجهه ڏينهن اندر سريلنڪا تي تامل ٽائيگرز طرفان اهو ٻيو وڏو حملو هو. ڪجهه وقت جي ماٺار کان پوءِ حملن ۾ وري تيزي اچي وئي آهي. +سريلنڪا جي سرڪار ان خودڪش بم حملي جو ذميوار تامل ٽائيگرز کي ڄاڻايو آهي. جنهن کي دهشتگرد گروپ قرار ڏئي مختلف ملڪن ۾ بندش وڌي وئي هئي. + + +آمريڪي سيڪريٽري اسٽيٽ ڪنڊو ليزا رائز چيو آهي ته هر قيمت تي جپان جو تحفظ ڪيو ويندو. هن ان ڳالهه کي ورجايو ت�� جپان جي دفاع لاءِ هر ممڪن ڪوشش ورتي ويندي. +ياد رهي ته ڏکڻ ڪوريا طرفان زير زمين ڪيل ان ايٽمي ڌماڪي کان پوءِ جپان کي سلامتيءَ جو خطرو پيدا ٿي پيو آهي. +ٽوڪيو ۾ ڳالهائيندي رائز چيو آهي ته واشنگٽن جي ايٽمي طاقت انهن سمورن ملڪن لاءِ هوندي جن کي ڏکڻ ڪوريا مان خطرو آهي. + + +لاڳاپيل مباحثي صفحو پڻ چوريو ويو. + + +ڪوئٽه کان 65 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف مچ ڀرسان هڪ مسافر ٽرين تي هڪ راڪيٽ سميت فائرنگ ڪئي وئي، ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع نه آهي جڏهن ته ٽرينون بيهجي ويون. +ذريعن مطابق چلتن ايڪسپريس لاهور کان اچي رهي هئي ته ان وقت هڪ راڪيٽ فائر ڪيو ويو ۽ فائرنگ پڻ ڪئي وئي. +چيو ويو آهي ته حملو ڪندڙ قبائلي هئا، ياد رهي ته نواب اڪبر بگٽي جي قتل کان پوءِ بلوچستان جي صورتحال ۾ وڌيڪ خرابي پيدا ٿي وئي آهي. + + +افغانستان ۾ ٻن خودڪش بم حملن ۾ هڪ برطانوي فوجي، هڪ افغان پوليس ۽ ٻه ٻارڙا مارجي ويا آهن. +انهن مان هڪ حملو افغانستان جي ڏاکڻي شهر لشڪرگاهه ۾ ٿيو، جڏهن ته ٻيو خودڪش بم حملو خوست ۾ ٿيو. +افغان صدر حامد ڪارزئي نيٽو فوجن کي چيو آهي ته ڪاروائي ڪرڻ وقت انتهائي خبرداري کان ڪم ورتو وڃي ۽ ڪنهن به شهري کي ڪوبه نقصان نه پهچايو وڃي. + + +پاڪستاني اداري نادرا چئن ڏينهن دوران صرف يارنهن هزار افغانين کي رجسٽر ڪري سگهي آهي. ياد رهي ته ڪراچي شهر ۾ پڻ لکين افغاني ڪيترن سالن کان رهن پيا. +چيو ويو آهي ته عيد جي موڪلن سبب ڪجهه ڏينهن تائين رجسٽريشن جو سمورو ڪم بند رهندو. +ذريعن مطابق افغاني ان رجسٽريشن کي نقصانڪار سمجهن ٿا تنهنڪري اهي اداري سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، اميد ڏيکاري وئي آهي ته شايد عيد کان پوءِ حالتون مختلف هجن. + + +آمريڪي رياست نيوجرسي جي رٽگيرز يونيورسٽي جي ڪجهه شاگردياڻين فلسطين ۽ اسرائيل تڪرار جو هڪ نئون حل ڳولي ورتو آهي. +انهيءَ صدين جي تڪرار کي حل ڪرڻ واسطي مذڪوره شاگردياڻين رهائش لاءِ هڪ ئي ڇت هيٺان رهڻ شروع ڪيو آهي، انهن شاگردياڻين ۾ 5 يهودي، 3 مسلمان، هڪ هندو ۽ هڪ عيسائي شامل آهن. +انهن ڇوڪرين جو چوڻ هو ته هڪٻئي سان گڏ رهي اسان محبتون ورهائينداسين. آمريڪي حلقا شاگردياڻين جي ان قدم کي ساراهي رهيا آهن. + + +پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف جي ملاقات لنڊن ۾ ٿي گذري جنهن کان پوءِ مطالبو ڪيو ويو آهي ته قومي حڪومت جوڙي شفاف چونڊون ڪرايون وڃن. +ٻنهي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ۾ اهو ارادو ورجايو ته هو ٻئي وطن واپس ورڻ چاهين ٿا. انهن چيو ته ايندڙ چونڊن کان اڳ وطن ضرور موٽندا پر تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي. +اها ملاقات ان صورتحال کان پوءِ ٿي آهي جڏهن ميڊيا ۾ پ پ ۽ حڪومت وچ ۾ خفيه رابطن بابت چوٻول هلندڙ هو. +بي نظير ڀٽو واضع طور چيو ته سندن حڪومت سان ڪي رابطه نه آهن. موجوده سيٽ اپ ۾ ڪنهن به مفاهمت جو امڪان نه آهي. بهرحال هن اهو قبول ڪيو ته عورتن جي حقن بابت ٿيندڙ قانون سازي سبب سندن مفاهمت حڪومت سان ضرور هئي. + + +ريڊ ڪراس جي بين الاقوامي ڪاميٽي تازي منظور ڪيل دهشتگردي جي روڪ واري آمريڪي بل تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ڪاميٽي جي صدر سوال اُٿاريو آهي ته آمريڪا جنيوا ڪنوينشن تحت جنگ واري معاهدي جي خلاف ورزي ته نه ڪندو. +نئين قانون مطابق حراست ورتل ماڻهن لاءِ سندن حقن بابت اشارا ملن ٿا پر هو پنهنجي گرفتاري کي چيلينج نٿا ڪري سگهن. +ياد رهي ته اهو قانون سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي جي روشني ۾ جوڙيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته گوانٽانامو بي ۾ قيدين تي مقدما قائم ڪرڻ بين الاقوامي ۽ آمريڪي قانون جي خلاف ورزي آهي. + + +پاڪستان جي وفاقي وزير اطلاعات محمد علي دراني چيو آهي ته بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي لنڊن ۾ ٿيل تازي ملاقات ٻن ناڪام وزيراعظمن جي ملاقات هئي. +هن جو چوڻ هو ته انهيءَ ملاقات ۾ ڪابه نئين ڳالهه شامل نه هئي، هنن وٽ هاڻ ڪابه سياسي ايجنڊا نه آهي. سياسي حوالي سان پڻ انهن ڪابه وزندار ڳالهه نه ڪئي آهي. +هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف ڄڻ بي نظير جو سيڪريٽري لڳو پيو آهي، هن پنهنجي سياسي ڪمائي به بي نظير وٽ گروي رکي ڇڏي آهي. + + +لاهور ۾ هڪ نوجوان ماءُ ۽ سندس چئن ٻارن کي بجلي جو ڪرنٽ ۽ مسلسل ڇُري سان وار ڪري قتل ڪيو ويو. پوليس انهيءَ واقعي کي خانداني دشمني جو نالو ڏنو آهي، قتل ڪندڙ عورت جو ڀاڻيجو ٻڌايو ويو آهي. +انهيءَ واقعي مان هڪ چوڏنهن سالن جو ڇوڪرو بچي نڪتو ۽ رڙيون ڪري پاڙي وارن کي گڏ ڪري ورتائين. +چيو ويو آهي ته ڪرنٽ لڳڻ سبب اڪثر لاش سڙي چڪا هئا، گهر جي ٽن ڪمرن ۾ هر طرف رت پکڙيل هو. قاتل جو چوڻ آهي ته هن اهي قتل پنهنجي پڦيءَ جي چوڻ تي ڪيا. + + +انڊيا جي رياست مڌيا پرديش ۾ هڪ بس حادثي سبب گهٽ ۾ گهٽ 56 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن. اهو حادثو راوا شهر ۾ پيش آيو، جڏهن بس وڃي هڪ ڍنڍ ۾ ڪِري. +پوليس جي هڪ سينئر اهلڪار ماريه ڪمار مطابق صرف تيرنهن مسافرن پنهنجي پاڻ کي بچائي ورتو. اهو حادثو بس جي وڻ سان ٽڪرائجي وڃڻ سبب پيش آيو. + + +پاڪستاني علائقي وزيرستان ۾ ويڙهاڪن جي حملي سبب ٻه فوجي مارجي ويا آهن. اهو حملو خميس تي گنجي ٽڪري ۾ ٿيو جيڪو علائقو افغانستان جي بلڪل ويجهو آهي. +انهن علائقن ۾ پاڪستان جا ڏهه هزار فوجي مذهبي ويڙهاڪن خلاف تعنات آهن. ياد رهي ته حڪومت قبائلين سان ڪجهه وقت اڳ هڪ امن معاهدو پڻ ڪيو هو. + + +هڪ همراهه فائرنگ ڪري اٺ افغاني شهرين کي ماري ڇڏيو، واقعو ڪُنار صوبي ۾ پيش آيو. پوليس مطابق مارجي ويل آمريڪي فوجي اداري جي ڪيمپ ۾ ڪم ڪندا هئا ۽ اُن وقت گهر واپس وڃي رهيا هئا. +قاتل پهريان مقتولن جي ڪار کي بيهاريو ۽ انهن کان ڇهه هزار آمريڪي ڊالر ڦري پوءِ اها ڪاروائي ڪئي، جڏهن ته ٻن ڄڻن اتان فرار ٿي پنهنجي جان بچائي ورتي. +پوليس قاتل کي هٿ نه ڪري سگهي آهي پر چيو ويو آهي ته اها ذاتي دشمني ٿي سگهي ٿي. + + +{{Warn}}هن خبر ۾ هڪ ذريعو يا حوالو استعمال ڪيو ويو آهي پر خبر جي ائڊريس عوامي آواز مان نه ڏني وئي آهي، مهرباني ڪري اها شامل ڪئي وڃي. هي خبر ان ڪري تڪراري آهي ڇاڪاڻ ته سڄي جي سڄي ڪاپي ڪري پيسٽ ڪئي وئي آهي، اوهان حوالا ته ڏئي سگهو ٿا پر ٻئي ڪنهن جي مڪمل خبر نٿا کڻي سگهو. خبر هميشه پنهنجن لفظن ۽ جملن ۾ لکڻ گهرجي. +ڪراچي شهري سرڪار شهر جي سمورن 18 ٽائونز مان شهر جي زرعي، غيرزرعي زمينن، ڪمرشل، نان ڪمرشل، صنعتي ۽ رهائشي پلاٽن جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، جنهن تي سنڌ جي بورڊ آف روينيو سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي وڏي وزير کي سعودي عرب ۾ اهڙو اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ انتهائي ذميوار ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪالهه اي ڊي او روينيو ڪراچي فون ذريعي شهر جي 18 ٽائونز جي ڊي ڊي او روينيو کي حڪم ڏنو ته اهي پاڪستان جي قيام کان اڳ ۽ پوءِ مختلف مقصدن لاءِ الاٽ ڪيل زمينن جو سمورو رڪارڊ سندس آفيس ۾ فوري طور تي کڻي پهچن، جيڪو عيد جي ٻئي ڏينهن انهن کي واپس ڪيو ويندو، انهن کي اها به هدايت ڪئي ��ئي هئي ته اهو ڪم”انتهائي رازداري“سان ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت بدران شهري حڪومت جي هدايتن تي عمل ڪيو وڃي. +ذريعن موجب ڊي ڊي اوز کي اها به ڌمڪي ڏني وئي ته انهن جيڪڏهن شهري حڪومت جي هدايتن تي عمل نه ڪيو ته سٽي ناظم سندن خدمتون واپس سنڌ حڪو مت حوالي ڪندو، ذريعن موجب انهن هدايتن کانپوءِ ڪجهه ٽائونز جي ڊي ڊي اوز ڪجهه رڪارڊ شهري حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو اطلاع جڏهن بورڊ آف روينيو کي مليو ته بورڊ جي ذميوار عملدارن شهري سرڪار سان رابطو ڪري پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو ويو، جنهن تي کين ٻڌايو ويو ته اها ڪارروائي سٽي ناظم جي هدايتن تي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد بورڊ آف روينيو جي عملدارن وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي سعودي عرب ۾ اهڙو اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي. +هوڏانهن اهي به اطلاع آهن ته ڪجهه ڊي ڊي اوز رڪارڊ شهري سرڪار حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي انهن کي مختلف قسمن جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون،ان سلسلي ۾ بورڊ آف روينيو خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ڪراچي جي زمينن جو رڪارڊ انتهائي اهم آهي، وڏي وزير جي غير موجودگي ۾ سندس مرضي کانسواءِ ڪجهه ڳوهه ۾ رڪارڊ تي قبضي مان محسوس ٿي رهيو آهي ته ان رڪارڊ کي ضايع ڪيو ويندو يا وري ان ۾ ڪا وڏي هيرڦير ڪئي ويندي. + + +پاڪستان جي شهر پشاور ۾ زودار بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ ست ماڻهو مارجي ويا، پنجويهه کان مٿي ماڻهو زخمي، مارجي ويلن ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري پڻ شامل هئي. +خبر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته زخمين مان ڪجهه جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. شاهدن مطابق ڌماڪو چوڙين جي دڪانن ڀرسان ٿيو جتي عورتون خريداري ۾ مصروف هيون، هڪ عورت جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي. +زخمين کي هڪدم ليڊي ريڊنگ اسپتال ۽ خيبر ٽيچنگ اسپتال پهچايو ويو. آخري اطلاعن تائين مارجي ويلن جي شناخت نه ٿي سگهي هئي. +ياد رهي ته گذريل ڪجهه هفتن دوران پشاور ۾ اهو پنجون بم ڌماڪو هو. هي بم انهن سڀني کان وڌيڪ طاقتور هو. + + +سنڌ جي صحت وزير سيد سردار احمد سنڌ ۾ ڊينگو وائرس متاثرين جو تعداد 1104 ظاهر ڪيو آهي جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. اها ڳالهه هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران چئي. +متاثر ماڻهن جو تعلق ڪراچي کان علاوه حيدرآباد، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ سکر ضلعن سان ٻڌايو ويو آهي. +هن ٻڌايو ته سرڪار طرفان سجاڳي مهم هلائي ويندي ته ڪيئن ان مرض کان بچي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڊينگو وائرس مڇرن ذريعي اچي ٿو ان ڪري ماڻهن کي مڪمل طور جسم ڍڪڻ جي صلاح ڏني وئي آهي ۽ اهو پڻ چيو ويو آهي ته مڇرن کان بچاءُ لاءِ خاص اُپاءَ ورتا وڃن. + + +انڊيا جي وزير اعظم من موهن سنگهه صدر مشرف طرفان مليل پاڪستان جي دوري جي دعوت قبولي ورتي آهي ۽ هو پاڪستان جي دوري تي ايندو. +اميد ڏيکاري وئي آهي ته من موهن سنگهه جي پاڪستاني دوري سان حالتن کي معمول تي آڻڻ ۾ سڻائي ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي تعلقاتن ۾ بهتري ايندي. +ياد رهي ته من موهن جي دوري ڪرڻ کان اڳ ڪشميري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق پاڪستان ايندو. + + +متحده مجلس عمل جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ۽ جميعت علماء اسلام جي اڳواڻ حافظ حسين احمد حڪومت کان گُهر ڪئي آهي ته بلوچستان جي صورتحال تي اسيمبليءَ ۾ بحث ڪرايو وڃي. +هن وڌيڪ چيو ته اسيمبليءَ ۾ بحث ذريعي صوبائي خودمختياري بابت مسئلن تي پڻ بحث ڪري صوبن جا اختيار وڌايا وڃن. +حافظ حسين احمد مطالبو ڪيو ته هڪدم بلوچستان مان فوجي آپريشن ختم ڪيو وڃي ۽ بلوچستان جو گورنر مقامي رکيو وڃي. + + +آمريڪي صدر بش چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته هو عراق ۾ فوجي رٿابندي جي حوالي سان تبديلي جي اجازت ڏئي ڇڏي پر بنيادي پاليسي ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي ويندي. +صدر بش ڇنڇر ڏينهن جرنيلن کي وڊيو خطاب ڪندو، جنهن ۾ غور ڪيو ويندو ته عراق ۾ وڌندڙ تشدد کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو. ان ڳالهه تي پڻ غور ڪيو ويندو ته رٿابنديءَ ۾ ڪهڙي تبديلي آندي وڃي. +جڏهن ته آمريڪي وزير دفاع جو چوڻ آهي ته اهو آمريڪي پاليسي جو حصو آهي ته آمريڪي فوج آهستي آهستي عراق جو سمورو ڪنٽرول اتان جي مقامي اختيارين حوالي ڪري ڇڏين. + + +پاڪستان جي صوبي سرحد جي قبائلي علائقي جنڊولا ۾ پنج اڻ ڄاتل هٿياربندن اتان جي مشهور مقامي حڪيم کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. حڪيم جي قتل بند نقاب پوش هٿياربند فرار ٿي ويا. +پوليس ذريعن مطابق مذڪوره نقاب پوش ڏکڻ وزيرستان طرف فرار ٿي ويا. مقامي حڪيم جو تعلق شيعا فرقي سان ٻڌايو ويو آهي. +شاهدن مطابق حڪيم کي مٿي ۽ سيني ۾ ڪيتريون ئي گوليون هنيون ويون. واقعي وارو هنڌ فوجي ملڪيت ٻڌايو ويو آهي، انتظاميه قتل ٿيڻ کان پوِءِ ڪي به اُپاءَ نه ورتا آهن. + + +بلوچستان نيشنل پارٽي چيو آهي ته صدر مشرف پاران اعلانيل جرڳو قبول نه آهي. جيئن وزيراعظم جي بلوچستان دوري وقت اڻ اعلانيل ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو تيئن صدر مشرف جي اعلانيل جرڳي وقت سموري شهر کي فوج حوالي ڪيو ويندو. +بي اين پي جي اڳواڻ رئوف مينگل جو وڌيڪ چوڻ هو ته پرويز مشرف پاران نواب اڪبر بگٽي کي قتل ڪرائڻ کان پوءِ هن جو بلوچستان جي ماڻهن سان قاتل ۽ مقتول وارو رشتو آهي. +بي اين پي اڳواڻ چيو ته وفاق بلوچستان جو قرضي آهي، بلوچستان جو عوام هاڻي وفاق طرفان بلوچستان جي ڦرلٽ واري راند کي سمجهي چڪو آهي، بلوچن وٽ طاقت آهي جيڪا پنهنجا حق وٺڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي. + + +ڀارتي ڪشمير ۾ هڪ فوجي جوان پنهنجي ٽن ساٿين کي معمولي تڪرار سبب گوليون هڻي ماري ڇڏيو آهي. +ذريعن مطابق فوجي جوان پنهنجي رائيفل کي استعمال ڪندي اهو عمل ڪيو ۽ آخر ۾ پنهنجو پاڻ کي پڻ ڌڪي وڌائين، کيس اسپتال پهچايو ويو آهي. جڏهن ته ٻه ٻيا فوجي جوان پڻ زخمي ٿي پيا. +ياد رهي ته ڀارتي ڪشمير ۾ 1989ع کان هن وقت تائين لڳ ڀڳ 45000 ماڻهو چڪرين ۾ مارجي چڪا آهن. + + +پاڪستان ٽن ڀارتي مهاڻن کي سامونڊي حدن جي خلاف ورزي جي الزام تحت گرفتار ڪري ورتو آهي. +سرڪاري ذريعن مطابق کين پاڪستان جي 45 ڪلوميٽر سامونڊي حد اندر گرفتار ڪيو ويو. پهريان کين خبردار ڪيو ويو ته هي پاڪستاني حد آهي پر مهاڻن وارننگ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو جنهنڪري کين گرفتار ڪيو ويو. +ياد رهي ڪجهه ڏينهن اڳ پڻ ڪيترن ئي ڀارتي مهاڻن کي سامونڊي حدن جي خلاف ورزي جي الزام تحت گرفتار ڪيو ويو هو، تازين گرفتارين سميت مهاڻن جو تعداد هاڻ 28 ٿي ويو آهي. + + +سپريم ڪورٽ حڪومت طرفان گوادر ۾ سرڪاري زمينن جي ڪيل الاٽمينٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. الاٽمينٽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي نالن تي ڪئي وئي هئي. +ٻئي طرف بلوچستان جي قوپرست ڌرين ان فيصلي جي آجيان ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ان سان گڏوگڏ فوجين کي ٿيل الاٽمينٽ کي پڻ رد ڪيو وڃي. +نواب اڪبر بگٽي جي قتل کان پوءِ احتجاجي طور استعفا ڏيندڙ رئوف مينگل چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو بهتر آهي پر ڏسڻو اهو آهي ته بلوچ عوام کي ڪيتري قدر انصاف ملي ٿو. +ياد رهي ته عدالت گذريل پنجن سالن جو سمورو رڪارڊ پڻ جاچ لاءِ گهرائي ورتو آهي ۽ اهو فيصلو هڪ عورت طرفان داخل هڪ درخواست تي ڏنو ويو. + + +بغداد ڀرسان حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 50 ڄڻا زخمي ٿي پيا. +اهو حملو بغداد کان 20 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف هڪ مارڪيٽ ۾ ڪيو ويو. +ان کان اڳ پڻ هڪ ٻئي خودڪش حمله آور جي حملي ۾ چار ماڻهو مارجي ويا هئا. + + +ڀارتي پوليس فوج سان تعلق رکندڙ انيل ڪمار ڊبي نالي شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن لاءِ چيو ويو ته هن فوج جي باري ۾ دستاويز ڀارت ۾ موجود پاڪستاني آفيسر لاءِ ڏنا. +جنهن پاڪستاني ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي ان جو نالو محمد فاروق ٻڌايو ويو، جنهن تي اهو الزام مڙهيو ويو آهي ته هو آءِ ايس آءِ جو ايجنٽ آهي. +ذريعن مطابق محمد فاروق قبول ڪيو آهي ته هن انيل ڪمار کان سي ڊيز ورتيون جن ۾ ڀارتي فوج جي باري ۾ حساس معلومات هئي. +پوليس ذريعن موجب محمد فاروق جي پوري جاچ کان پوءِ کيس پاڪستاني سفارتخاني حوالي ڪيو ويندو. پاڪستان ان ڊرائيور جي گرفتاري تي سخت احتجاج ڪيو آهي. + + +چيو ويو آهي ته افغان پناهگيرن جو تعداد 101،280 سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪري چڪو آهي. +ذريعن مطابق پاڪستاني اختياريون نٿيون چاهين ته انهن کي زوري واپس موڪليو وڃي ۽ پنهنجو دشمن بنايو وڃي ڇاڪاڻ ته اهي ڪيترائي ڏهاڪا هتي رهيا آهن. خبر ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته ڪيترائي افغاني واپس وڃڻ کان پوءِ ٻيهر موٽي پاڪستان هليا اچن ٿا. + + +تازين خبرن لاءِ ڪال ڪريو + + +افغانستان مان اُتر وزيرستان ڏانهن 18 لاش آندا ويا آهن جنهن ۾ اڪثريت نوجوانن جي آهي. انهن مان پندرهن لاش اهڙن نوجوانن جا آهن جن جون عمريون 15 کان 25 سالن جون آهن. +ذريعن مطابق لاشن جي سڃاڻپ تمام ڏکي ٿي ڇاڪاڻ ته لاشن جي حالت انتهائي خراب ٻڌائي وئي آهي. +ميران شاهه جي مقامي ذريعي مطابق اهي لاش انهن نوجوانن جا آهن جيڪي تازو طالبان تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ افغانستان روانا ٿيا هئا. +ٻڌايو ويو آهي ته انهن پهريان اتحادي فوج تي حملو ڪري کين گهڻو نقصان پهچايو پر بعد ۾ جڏهن اهي واپس اچي رهيا هئا ته اتحادي فوج جي هوائي حملي ۾ مارجي ويا. +ياد رهي ته ڪجهه زخمين کي پڻ آندو ويو آهي، مقامي مذهبي ڌرين اعلان ڪيو آهي ته عيد سادگي سان ملهائي ويندي. + + +سنڌ ۾ 5 ڊينگو وائرس متاثر فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 53 نوان مريض مختلف اسپتالن ۾ آندا ويا آهن. اهڙي طرح ڊينگو وائرس متاثر فوتين جو تعداد گذريل چئن مهينن دوران 25 ٿي ويو آهي. +ذريعن مطابق 5 فوتين مان ٻه ڪراچيءَ جا جڏهن ته باقي ٽي سنڌ جي ٻهراڙيءِ وارن علائقن مان هئا. +ياد رهي ته ان خطرناڪ وائرس متاثرين جو تعداد ڀارت ۾ 5000 کان مٿي ٻڌايو ويو آهي جڏهن ته فوتين جو تعداد گذريل آگسٽ کان وٺي 94 ٿي ويو آهي. + + +پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي اختيارين پاران عوام ۾ پنهنجا مذهبي جذبا ظاهر نه ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي. +ذريعن مطابق پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي مذهبي ڌريون پنهنجي مقصدن استعمال ڪري رهيون آهن. جنهنڪري کين اهڙي صلاح ڏني وئي آهي. +چيو ويو آهي ته پاڪستاني ٽيم گذريل سال عوام آڏو گڏجي دعا گهري هئي ۽ هوٽلن ۾ پڻ مذهبي گڏجاڻيون ڪيون هيون. +سرڪاري اختيارين جو چوڻ آهي ته ان ۾ شڪ ناهي ته مذهبي جذبو اتساهه بخشي ٿو پر ان کي به متوازن رکڻ جي ضرورت آهي. اسان جي طرفان ڪنهن به کلاڙي تي مذهبي حوالي سان ڪابه پابندي نه آهي پر پنهنجا مذهبي جذبا ٻين تي مڙهڻ کان لنوائڻ گهرجي. + + +شڪارپور ڀرسان هڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 12 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا. حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن مسافرن سان ڀريل وين هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي. +چيو ويو آهي ته زخمين کي مقامي اسپتال آندو ويو آهي. چئن ڄڻن کي اسپتال مان علاج بعد فارغ ڪيو ويو آهي. ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب فوتين جي تعداد وڌڻ جو پڻ خدشو آهي. + + +پاڪستان ۾ طالبان کي حمايت ۽ سکيا ملي ٿي. اها ڳالهه نيٽو ڪمانڊر ڊيوڊ رچرڊز ڪابل ۾ هڪ پريس ڪانفرس کي خطاب ڪندي ڪئي. +هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي حمايت کان سواءِ طالبان ڪاروائيون نٿا ڪري سگهن، لازمي آهي ته پاڪستان انهن کي روڪڻ لاءِ ڪوششون وٺي. +اڳوڻي آمريڪي سفارتڪار پيٽر ٽامسن جو چوڻ هو ته پاڪستان تي دٻاءَ وجهڻ گهرجي ته جيئن اهو طالبان جي خفيه حمايت بند ڪري ڇاڪاڻ ته ان طرح سان ڪينيڊا جا فوجي پڻ افغانستان ۾ مري رهيا آهن. + + +الفتح جي هڪ اهم اڳواڻ کي اڻ ڄاتل هٿياربندن قتل ڪري ڇڏيو آهي. الفتح جي حلقن حماس کي محمد شاهد جي قتل جو ذميوار قرار ڏنو آهي. +خابرو اداري مطابق محمد شاهد کي سندس گهر ٻاهران گوليون هڻي ماريو ويو. اهو واقعو بريز ڪيمپ ڀرسان پيش آيو. + + +ڀارت جي وزيراعظم من موهن سنگهه چيو آهي ته پاڪستان ريلوي بم ڌماڪن ۾ ملوث هو ان جا ثبوت فراهم ڪنداسين. +ڀارتي وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي پنهنجن وعدن تي عمل ڪرڻو پوندو. ٻئي طرف پاڪستان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ثبوت مليا ته ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. +ساڳي حوالي سان ڀارتي مشير ايم ڪي نارائڻ چيو آهي ته ڀارت وٽ ريل ڌماڪن ۾ آءِ ايس آءِ جي ملوث هجڻ جا ثبوت آهن، پاڪستان وٽان حقيقي تعاون مليو ته ثبوت فراهم ڪيا ويندا. + + +طالبان اڳواڻ مُلا عمر چيو آهي ته افغانستان مان غير ملڪي فوجن کي نڪري وڃڻ کپي، هن طالبان کي چيو آهي ته ڪاروائيون تيز ڪيون وڃن. +ياد رهي ته آمريڪا ۾ ٿيل 11 سيپٽمبر 2001ع واري حملي کان پوءِ مُلا عمر روپوش آهي ۽ هن اسامه بن لادن کي آمريڪا حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. + + +پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان تسليم اسلم چيو آهي ته نيٽو فوجن جن سهولتن جي گُهر ڪئي آهي انهن جو فيصلو جلد ڪيو ويندو. +تسنيم اسلم واضع طور چيو ته نيٽو فوجن کي پاڪستان جو ڪو به ايئر پورٽ استعمال ڪرڻ نه ڏنو ويندو. +ذريعن مطابق نيٽو فوجن طرفان هوائي، زميني ۽ سامونڊي رستن جي استعمال جي گهر ڪئي آهي. + + +پاڪستاني صحافي ۽ مشهور تجزيه نگار احمد رشيد چيو آهي ته پاڪستان کي طالبان جي مدد ڪرڻ کان روڪڻ جي ضرورت آهي. +صحافي مطابق پاڪستان جي ايجنسي آءِ ايس آءِ بلوچستان ۾ طالبان جي سکيا لاءِ ڪيمپ هلائي رهي آهي جڏهن ته مدرسا نوان طالبان ويڙهاڪ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن. + + +عراق ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته لڳ ڀڳ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اهو واقعو بغداد کان 35 ميل اتراوڀر طرف باقوبا شهر ۾ ٿيو. +حملو پوليس کي کڻي ويندڙ بسن جي قافلي تي ٿيو. چيو ويو آهي ته ڪيترن ئي پوليس جي ماڻهن کي اغوا پڻ ڪيو ويو آهي. + + +اسرائيل حزب الله خلاف ڪاروائين ۾ فاسفورس بمن جي استعمال جو اعتراف ڪيو آهي. اهي بم لبنان تي حملي دوران استعمال ڪيا ويا. +اسرائيلي ذريعن مطابق اهي بم کليل ميدانن ۾ حزب الله جي ٺڪاڻن تي ڪيرايا ويا. ان کان اڳ چيو پئي ويو ته اهي بم فقط نشاندهيءَ لاءِ استعمال ڪيا ويا هئا. +ياد رهي ته فاسفورس بمن سان انساني جلد سڙي ويندي آهي ۽ ساهه کڻڻ ۾ سخت تڪليف ٿيندي آهي. +جنيوا ڪنونشن جي ٽئين پروٽوڪول مطابق اهي بم استعمال نٿا ڪري سگهجن، جنهن تي آمريڪا ۽ اسرائيل صحيح نه ڪئي هئي. آمريڪا اهڙا بم عراق ۾ استعمال ڪري چڪو آهي. + + +افغانستان جي ٻن ڪمانڊرن وچ ۾ شديد ويڙهه سبب گهٽ ۾ گهٽ 32 ماڻهو مارجي ويا آهن. اها ويڙهه ان وقت شروع ٿي جڏهن هڪ ڪمانڊر ٻئي جي علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. +پوليس ذريعن مطابق ان ويڙهه جي نتيجي ۾ 40 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. ويڙهه لڳ ڀڳ پنج ڪلاڪ جاري رهي. حڪومت طرفان اسلحو واپس وٺڻ جي مهم پڻ هلائي وئي هئي پر اها صحيح طور ڪامياب نه ٿي سگهي هئي. +ذريعن مطابق اهڙي صورتحال مان طالبان اهو فائدو وٺن ٿا ته سندن دور ۾ اهڙي قسم جي ويڙهه نه ٿيندي هئي. + + +سنڌي ميڊيا گڏيل طور تي ”نه“ جي صدا بلند ڪئي آهي، سنڌي اخبار ”ڪاوش“ لکيو آهي ته سنڌ ۽ سرحد جي سخت احتجاج کي يڪسر نظرانداز ڪيو ويو آهي. انهن منصوبن جي فيزبلٽي رپورٽ تيار نه آهي تڏهن به زمينن جي خريداري جهڙا فيصلا ڪيا پيا وڃن. +عوامي آواز لکيو آهي ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن ملڪ جا فيصلا غير آئيني، غير قانوني ۽ غير جمهوري طريقي سان ڪيا پيا وڃن. ماڻهن جو آواز نه پيو ٻڌو وڃي. +روزاني سنڌو ۽ ڪوشش لکيو آهي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي تاريخي احتجاجن ذريعي انهن پروجيڪٽن جي سخت مخالفت ڪري چڪا آهن پر حڪمران اهو آواز ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن. + + +پاڪستان ۾ سال جي شروعات کان نائين مهيني پوري ٿيڻ تائين 5800 ماڻهن بيروزگاري ۽ غربت کان تنگ ٿي خودڪشي ڪئي. اهڙي رپورٽ لاير ڪاميٽي آف هيومن رائٽس وارن پڌري ڪئي. +جنوري 2006ع کان سيپٽمبر 2006ع تائين 483 جي حساب سان ماهوار خودڪشيءَ جي سراسري رهي. ان کان علاوه 5282 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. +رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 3100 ٻارن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو يا جنسي طور حراسان ڪيو ويو. +روزانه ملڪ ۾ 2500 موبائل ۽ 300 گاڏيون ڦرجي وڃن ٿيون. صرف ڪراچي ۾ 500 موبائل ۽ 50 کن گاڏيون روزانه ڦرجن ٿيون. + + +ڀارت جي دفاعي وزير پرناب مکرجي چيو آهي ته پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ ڀارت ۾ پنهنجون سرگرميون وڌائي رهي آهي. +هن جو چوڻ هو ته آءِ ايس آءِ دهلي ۽ کٽمنڊو ۾ پنهنجو نيٽ ورڪ وڌائي پئي. هن اهي ڳالهيون دهلي ۾ هڪ پريس ڪانفرس دوران چيون. +ڀارتي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستاني ايجنسي اسان جي فوج جي جوانن کي پاڻ سان ملائي رهي آهي، گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٻه فوجي گرفتار ڪيا ويا آهن جيڪي مذڪوره ايجنسي سان مليل هئا. + + +اسپورٽس ميڊيسن سان لاڳاپيل ڊاڪٽر ميثاق رضوي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ڪرڪٽرز ۾ چرس ۽ شراب جو استعمال عام آهي. +ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته چرس ۽ شراب جي ڪرڪيٽ اصولن ۾ ڪابه پابندي نه آهي. اهي نشا ڪاڪردگي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت نٿا ٿين پر انهن جي استعمال سان ٿَڪ جو احساس نٿو رهي. + + +بلوچستان جي علائقي سوئيءَ ۾ زير تعمير فوجي ڇانوڻي ڀرسان مزاحمت ڪارن پاران گيس پائپ لائن تباه ڪرڻ جا اطلاع آهن. +اطلاعن مطابق کوهه نمبر 40 مان سوئي گيس پلانٽ ڏانهن ويندڙ 22 انچ قطر واري پائپ لائن تباه ٿي آهي. ڌماڪي سان گيس جي فراهمي پڻ معطل ٿي وئي. +بي بي سي کي هڪ نامعلوم شخص پنهنجو پاڻ کي بلوچ آزادي پسند ظاهر ڪندي فون ذريعي پائپ لائن تباه ڪرڻ جي ذميواري قبول ڪري ورتي. هن جو چوڻ هو ته نواب اڪبر بگٽي جي موت کان پوءِ بلوچستان جي آزادي واري تحريڪ وڌيڪ تيزي سان جاري رهندي. + + +ڀارتي رياست اڙيسا ۾ هٿياربند جي هٿان پوليس جو ڊي آءِ جي مارجي ويو، شڪ مائو نواز باغين تي ڏيکاريو ويو آهي. +خبر موجب حمله آورن پوليس آفيسر تي ٻه گوليون هلايون، جنهن مان هڪ سندس مٿي ۾ لڳي جنهن سبب هو فوت ٿي ويو. +پوليس ذريعن مطابق ان وقت مقتول آفيسر پدم پورا نالي پوليس اسٽيشن جي دوري تي وڃي رهيو هو جو مٿس حملو ڪيو ويو. + + +ٽي سال اڳ آمريڪا اعلان ڪيو هو ته عراق ۾ ڪم پورو ٿيڻ وارو آهي، اڄ تائين ٻه هزار فوجي مارجي وڃڻ ۽ ويهه هزار فوجين جي زخمي ٿيڻ کان پوءِ به اهو ڪم اڃا مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. +تجزيي ۾ لکيو ويو آهي ته چيو ويو ته عراق نيوڪلئر بم جي قابليت رکي ٿو ۽ دنيا لاءِ وڏو خطرو آهي پر اڄ اُتر ڪوريا نيوڪلئر بم جو مالڪ آهي ۽ ٽيسٽون ڪري رهيو آهي. +تجزيي مطابق ايران جيڪو پڻ نيوڪلئر بم جي قابل آهي ان کي ڇيڪ ڇڏيو ويو آهي ۽ ٻئي طرف اُسامه لاءِ روز چيو پيو وڃي ته هو پاڪستان جي جابلو علائقن ۾ لڪل آهي جڏهن ته پاڪستان پڻ نيوڪليئر بم جوڙي چڪو آهي. +افغانستان جي حوالي سان لکيو ويو آهي ته ٻڌايو پئي ويو ته افغانستان جي صورتحال بهتري طرف وڃي رهي آهي جڏهن ته طالبان جون سرگرميون اڳي کان وڌي رهيون آهن ۽ اهي پنهنجين قبرن مان ٻيهر هٿ ٻاهر ڪڍي رهيا آهن. + + +ڀارت جي اڪثر علائقن ۾ عيد 24 آڪٽوبر تي ڪئي ويندي جڏهن ته پاڪستان ۾ 24 آڪٽوبر تي چنڊ نه ڏسجڻ سبب عيد 25 آڪٽوبر تي ملهائي ويندي. +پاڪستان ۾ عيد جو اعلان مرڪزي رويت هلال ڪاميٽي پاران ڪيو ويو. رويت هلال ڪاميٽي مطابق ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ شوال جو چنڊ نظر نه آيو تنهنڪري عيد 25 آڪٽوبر تي ٿيندي. + + +بنگلاديش ۾ هڪ فيري جي ٻُڏي وڃڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 15 ماڻهو مري ويا آهن جڏهن ته 35 ماڻهو لاپته ٿي ويا. +چيو ويو آهي ته فيري ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو ويٺل هئا جنهن سبب اهو حادثو پيش آيو. اهو واقعو ميگهنا ندي ۾ ڍاڪا کان 40 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف پيش آيو جڏهن ماڻهو عيدالفطر ملهائڻ لاءِ پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي رهيا هئا. +فيري کي ندي جي 60 فٽ اونهائيءَ مان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. ان وقت فيري مان ڪي به لاش نه نڪتا. + + +پاڪستاني قبائلي علائقي اُتر وزيرستان ۾ طالبان حامين پاران ٽيڪس اوڳاڙي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان رٿا کي ميران شاهه شهر ۾ اعلانيو ويو. +خبر موجب افغانستان ۽ نيٽو فوج ڪيترائي ڀيرا چئي چڪي آهي ته پاڪستان جي مذڪوره علائقي مان طالبان افغانستان تي حملا ڪري رهيا آهن ۽ ساڳيو علائقو طالبان ۽ القائده ڀاڄوڪڙ پڻ استعمال ڪري رهيا آهن. +ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ پاڪستان مقامي ويڙهاڪن سان هڪ امن سمجهوتو پڻ ڪيو هو. + + +عراق ۾ 6 آمريڪين سوڌو 14 ماڻهو مارجي ويا آهن. آمريڪا ۽ برطانيه تي عراق ۾ تشدد جي وڌندڙ ڪاروائين سبب وڌيڪ دٻاءَ پئجي رهيو آهي ته رٿابندي کي صحيح رخ ڏنو وڃي. +خبرن ۾ چيو ويو آهي ته عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن سبب گهٽ ۾ گهٽ 8 ماڻهن جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن، ان کان علاوه مختلف ڪاروائين ۾ 6 آمريڪي فوجي پڻ مارجي ويا آهن. + + +پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنوا ڀٽو چيو آهي ته صوبن کي مڪمل صوبائي خودمختياري ڏني وڃي. هن اها ڳالهه صحافين سان ڳالهائيندي لاڙڪاڻي ۾ ڪئي. +هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوبائي خودمختياري صوبن جو بنيادي حق آهي جيڪو کين ڏنو وڃي. +غنوا ڀٽو سنڌ جي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته گورنمينٽ ٻيٽن کي ميگا سٽي طور جوڙڻ جا منصوبا ٺاهي رهي آهي جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو روزانو فٽ پاٿن تي سمهن ٿا. + + +پناما جي وزارت داخله موجب پناما ۾ هڪ بس ۾ بم جي زوردار ڌم��ڪي سبب 18 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 18 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا. +حادثي جي اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪي کان پوءِ هر طرف وڏي مقدار ۾ دونهون ڇائنجي ويو. +اسپتال جي ذريعن مطابق مري ويلن ۾ 12 ڄڻا بالغ هئا جڏهن ته 6 ٻار پڻ بم جي ان ڌماڪي سبب مارجي ويا. + + +ڏکڻ ڪوريا ڏور مار ڪندڙ ڪروز ميزائل جو هڪ نئون تجربو ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي. جنهن جي رينج 1000 ڪلوميٽر آهي. +ڏکڻ ڪوريا جي دفاعي وزارت ان خبر جي تصديق نه ڪئي آهي. نئون ميزائل اُتر ڪوريا جي هر علائقي تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. چيو ويو آهي ته ”سيئول“ 1500 ڪلوميٽر جي ڏور مار ڪندڙ ميزائل جي تيارين ۾ پڻ مصروف آهي. + + +پ پ اڳواڻ ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته حڪومت ڊينگو وائرس کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. +فهميد مرزا وڌيڪ چيو ته سٽي ناظم مڃي چڪو آهي ته 1000 کان مٿي ڊينگو وائرس جا مريض رپورٽ ٿيا آهن. جنهن مان 300 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي. +پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته حڪومت جي نااهلي ان مان پڌري آهي ته ايترن ڏينهن جي گذرڻ باوجود ڊينگو وائرس کي روڪڻ لاءِ ڪي به خاطرخواهه بندوبست نه ٿي سگهيا آهن. + + +ڀارتي ڪشمير ۾ پاڪستان حامي ٻن حزب الله ويڙهاڪن سميت پنج ماڻهو مارجي ويا آهن. +خبر مطابق اها جهڙپ ڀارتي سيڪيورٽي فورس ۽ حزب الله ويڙهاڪن وچ ۾ ڪشمير جي ضلعي ڊوڊا ۾ ٿي. ويڙهه ۾ ايس پي او نريش پڻ زخمي ٿيو آهي، چيو ويو آهي ته ٻه ايم ڪي رائفل پڻ هٿ آيون آهن. + + +بلوچستان ۾ مزاحمت ڪارن پاران گيس پائپ لائن کي ڌماڪي سان تباه ڪيو ويو، ڪيترن ئي علائقن کي گيس جي فراهمي بند ٿي وئي. چيو ويو آهي ته سومر کان وٺي اهو ٽيون حملو آهي جنهن ۾ پائپ لائنن کي نقصان پهچايو ويو آهي. +ياد رهي ته بلوچستان ۾ حالتون ان وقت کان پوءِ وڌيڪ خراب ٿيون آهن جڏهن کان هڪ فوجي حملي ۾ نواب اڪبر بگٽي کي ماريو ويو هو. + + +{{Warn}}خبر ۾ ڪوبه ذريعو يا حوالو ڏنل نه آهي ان ڪري هي خبر تڪراري آهي، حوالا يا ذريعا لکي هن نوٽيس کي هٽائي سگهجي ٿو. +مرڪزي قيادت سنڌي قوم کي ياد ڏياريو ته ڪالاباغ ڊيم تي حڪمرانن جي هوڏ ۽ سنڌ حڪومت جي خاموشي، سنڌ جا ٻيٽ غيرملڪين حوالي ڪرڻ ۽ سنڌي توڙي بلوچ اڳواڻن جي گمشدگي جهڙا ڪريل حربا هلايا ويا آهن. +جسقم جي مرڪزي قيادت پنهنجي ڪارڪنن ۽ سنڌي قوم کي اپيل ڪئي ته عيد کي سادگيءَ سان ملهائيندي احتجاج طور ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيو وڃن. + + +غزه ۾ اسرائيلي حملي ۾ ست فلسطيني مارجي ويا آهن. اهو واقعو عيدالفطر واري ڏينهن ٿيو. +هڪ ٻئي اسرائيلي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. مارجي ويل فلسطينن ۾ هڪ مقامي ويڙهاڪ پڻ شامل هو. + + +اسان اوهان جهڙن دوستن جا ٿورائتا آهيون جيڪي اسان سان ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائين ٿا. اميد ته ڪم جاري رکندا. +* سائين اوهان جي مهرباني، هينئر ته مان به آن لائن آهيان ڇا اوهان پنهنجي ڪا چيٽنگ آءِ ڊي ڏئي سگهو ٿا؟ جيئن تفصيلي گفتگو ڪري سگهجي. + + +پاڪستان جي صحت بابت وزارت چيو آهي ته پوري ملڪ ۾ لڳ ڀڳ ساڍا چار سو ماڻهو ڊينگو وائرس فيور ۾ مبتلا ٿيا آهن. +چيو ويو آهي ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ 1500 کان مٿي ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڀ کان گهڻا ڪيس ڪراچي ۾ ظاهر ٿيا. +سنڌ ۾ 1392 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. چيو ويو آهي ته گذريل سان جي ڀيٽ ۾ هن سال ڊينگو وائرس سبب موت جي شرح گهٽ رهي آهي. + + +اسلام آباد ۾ راڪيٽ آڻڻ جي الزام هيٺ برگيڊئر جي پٽ سميت ٽي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن. مذڪوره راڪيٽ صدر مشرف جي رهائشگاهه، پارليامينٽ ڀرسان ۽ آءِ ايس آءِ آفيس ڀرسان پڪڙيا ويا هئا. +چيو ويو آهي ته ٽنهي کي هڪ ٽويوٽا گاڏي مان گرفتار ڪيو ويو. راڪيٽ آڻڻ جي الزم ۾ هن وقت تائين يارنهن ماڻهو گرفتار ٿي چڪا آهن. +مقامي اخبارن ايئر فورس جي حوالي سان خبرون شايع ڪيون هيون ته ايئر فورس جي حاضر سروس ملازمن جون گرفتاريون ٿيون آهن پر ايئر فورس جي ذريعن ان جي ترديد ڪئي آهي. + + +پرناب مکرجي ڀارت جو نئون وزير خارجه مقرر ٿي ويو آهي، ان کان اڳ هو وزير دفاع طور ڪم ڪري رهيو هو. ياد رهي ته هن کي ٻيو ڀيرو ساڳي عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي ان کان اڳ هو نرسمها رائو جي حڪومت ۾ پڻ ساڳي عهدي تي ڪم ڪري چڪو آهي. +ايوان صدر ۾ حلف برداري تقريب کان پوءِ پريس سان ڳالهائيندي وزير اعظم من موهن سنگهه چيو ته اسان وٽ بمبئي ريل ڌماڪن ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جا ثبوت آهن. + + +پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ متنازعه بڻيل ڪشمير جنهن کي پاڪستان ۾ آزاد ڪشمير سڏيو وڃي ٿو ان کي افغان مهاجرن کي مليل شناختي ڪاغذن ۾ پاڪستان جي هڪ صوبي طور ظاهر ڪيو ويو آهي. +ياد رهي ته ڪشمير جي ان علائقي کي پاڪستان کان جدا آئين آهي ۽ ان ۾ الڳ وزير اعظم ۽ سپريم ڪورٽ آهن ان جي باوجود افغانين کي مليل شناختي ڪاغذن ۾ ان کي پاڪستان جي صوبي طور ڄاڻايو ويو آهي. + + +ڀارت ۾ جاسوسي جي الزام هيٺ آيل پاڪستاني ڊرائيور کي آزاد ڪيو ويو آهي ۽ کيس ملڪ ڇڏي وڃڻ جو چيو ويو آهي. +ڀارت ان پاڪستاني ڊرائيور کي چار ڏينهن اڳ جاسوسيءَ الزام تحت گرفتار ڪيو هو. +ذريعن مطابق ڀارت طرفان اهڙو حڪم نامو پاڪستان هاءِ ڪميشن دهلي کي ڏنو ويو آهي ته الزام هيٺ آيل مذڪوره ڊرائيور محمد فاروق ملڪ مان نڪري وڃي. + + +نيوزيلينڊ پاڪستان کي 51 رنسن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. آءِ سي سي ٽرافي ڪپ ۾ نيوزيلينڊ سڀ کان پهرين ٽيم آهي جيڪا سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. +نيوزيلينڊ طرفان پاڪستان کي 275 جو ٽارگيٽ مليو جيڪو پاڪستان پورو نه ڪري سگهيو ۽ ٽيم 223 تي آل آئوٽ ٿي وئي. +نيوزلينڊ جي بالر شين بونڊ زبردست بالنگ جو مظاهرو ڪندي پاڪستان جي ٽن رانديگرن کي پويلين موٽايو. ياد رهي ته پاڪستان ٽاس کٽي نيوزيلينڊ کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي. + + +عيد تي صبح جو نامعلوم ماڻهن ٻه راڪيٽ فائر ڪيا جن مان هڪ عيدگاهه ڀرسان جڏهن ته ٻيو فوجي ڇانوڻي ڀرسان ڪريو. بهرحال انهن مان ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع نه مليو آهي. + + +هن ”عڪس فائيل“ سان هيٺيان صفحا ڳنڍيل آهن: + + +نين درجڪارين ۽ ترميمن لاءِ اعدادخانو حالي بنديل آهي، جنهن جو سبب شايد اعدادخاني جي معمولي مينٽيننس آهي، جنهن بعد معمول مطابق کُلِي ويندو. +بنديندڙ منتظم هيءَ وضاحت پيش ڪئي 1 + + +خبردار: اعدادخانو عارضي طور بند آهي تنهنڪري اوهان هن في الحال ترميمون سانڍي نٿا سگهو. اوهان پنهنجون ترميمون وقتي طور پنهنجي ڳڻپيوڪر تي سانڍي، هن صفحي تي پوءِ منتقل ڪري سگھو ٿا. + + +عيد ڏهاڙي بلوچستان ۾ ٻن قبيلن وچ ۾ دشمني سبب ويڙهه ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. +پوليس ذريعن مطابق مگسي قبيلي جي ٻن ڌڙن وچ ۾ جهيڙي سبب پنج ماڻهو مارجي ويا. پوليس ٻن ماڻهن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو آهي جن وٽان ڪلاشنڪوف هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. + + +القائده جي هڪ اهم اڳواڻ محسن م��سا کي افغانستان جي بارڊر ڀرسان وزيرستان مان گرفتار ڪيو ويو آهي. +پرڏيهي آفيس جي ذريعن مطابق چيو ويو آهي ته پاڪستان القائده جي اهم اڳواڻ کي گرفتار ڪيو جنهن کي آمريڪي ايمبسي تي حملن جو ذميوار ڄاڻايو ويو هو. +محسن موسا جي عمر 40 سال ٻڌائي وئي آهي ۽ ان جو تعلق مصر سان آهي. هن تي آمريڪا طرفان معلومات لاءِ 5 ملين ڊالر انعام رکيل هو. + + +لائن آف ڪنٽرول ڀرسان ضلعي بارامولا ڪشمير مان البدر جا ٽي ويڙهاڪ گرفتار ڪيا ويا آهن. +چيو ويو آهي ته انهن وٽان هڪ پسٽل، هڪ ميگزين ۽ ڏه رائونڊ هٿ ڪيا ويا آهن. انهن جي شناخت بشير احمد، عبدالرشيد ۽ عاشق اقبال جي نالن سان ٻڌائي وئي آهي. + + +تازو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ڪرڪيٽ کلاڙين لاءِ اهو چيو ويو هو ته اهي غير ضروري طور مذهبي جذبا ظاهر ڪن ٿا جنهن سان دنيا کي غلط تاثر وڃي رهيو آهي. اهڙي راءِ تي پاڪستاني کلاڙي ناخوش آهن. +چيو ويو آهي ته پاڪستاني ٽيم جا کلاڙي انضمام الحق جي ان راءِ سان متفق آهن ته ڪڏهن به ڪنهن کلاڙي کي مذهب جي حوالي سان مجبور نه ڪيو ويو آهي. +ذريعن مطابق بورڊ چيف نسيم اشرف کي اهڙيون هدايتون ملڪ جي صدر ڏنيون هيون. جنهن مطابق مذهب جو غير ضروري ڏيکاء بهتر نه آهي. جنهن تي اڪثر پاڪستاني ڪرڪيٽ کلاڙي ناخوش آهن. + + +حڪومت جي اُتر وزيرستان جي قبائلين سان ٿيل معاهدي کان پوءِ طالبان حامين پنهنجون سرگرميون محدود ڪرڻ بجاءِ پنهنجن قانونن جي نفاذ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. +چيو ويو آهي ته معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي پمفليٽ ورهايا ويا آهن جن ۾ انهن ڌرين پنهنجين پاليسين جو اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته ٻن ماڻهن کي آمريڪا لاءِ جاسوسي جي الزام تحت قتل پڻ ڪيو ويو هو. +پمفليٽ ۾ ٽيڪس جا تفصيل ڏنا ويا آهن جن مطابق علائقي ۾ داخل ٿيندڙ گاڏين کان ٽيڪس اڳاڙيو ويندو ۽ اتان جا پيٽرول پمپ مالڪ پڻ ٽيڪس ادا ڪندا. + + +اتحادي فوج جي ذريعن مطابق ٽن مختلف حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 48 ويڙهاڪ مارڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. ذريعن مطابق مارجي ويل طالبان ويڙهاڪ هئا انهن سان گڏ ڪجهه شهري پڻ مارجڻ يا زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. +ذريعن مطابق اتحادي فوج جو وڏو حملو ڏاکڻي حصي ۾ ڪيو ويو. چيو ويو آهي ته گذريل ڪجهه هفتن دوران طالبان ويڙهاڪن جا سو کان مٿي ماڻهو مارجي ويا آهن. +چيو ويو آهي ته نيٽو جي انهن تازن حملن جي نتيجي ۾ ڪيترائي عام شهري پڻ مارجي ويا آهن. + + +پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ تهمينه دولتانه چيو آهي ته بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف کان سواءِ چونڊون ٿيون ته انهن جي ڪابه حيثيت نه هوندي. هن اها ڳالهه جيو نيوز تي ڪئي. +هن وڌيڪ چيو ته بي نظير ۽ نواز شريف وچ ۾ لنڊن ملاقات ڪامياب ثابت ٿي آهي. نواز شريف جو موقف هو ته گرينڊ الائنس جڙڻڻ گهرجي پر بي نظير جو چوڻ هو ته ان طرف بي صبري سان پيش قدمي نه ڪرڻ گهرجي. +تهمينه دولتانه جو چوڻ هو ته ٻئي ليڊر وطن واپس اچي چونڊن ۾ حصو وٺڻ چاهين ٿا پر حڪومت کين روڪي رهي آهي. + + +ڀارتي پوليس جي حوالي سان چيو ويو آهي ته انهن 18 ڄڻن تي مشتمل هڪ گروپ کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ٻه عورتون پڻ شامل آهن. شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي ته انهن کي پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ سکيا ڏني. +ذريعن مطابق اهي سکيا ورتل ماڻهو ڀارت جي مختلف حصن ۾ ڏوهن جو وارداتون ڪندا هئا انهن علائقن ۾ جئيپور، چنديڳڙه ۽ امرتسر وغيره شامل آهن. +پوليس ذريعن دعوا ڪئي ته انهن وٽ پڪيون شاهديون آهن ته اهي پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ سان رابطي ۾ هئا. + + +پاڪستان مسلم ليگ جي سربراه نواز شريف سعودي عرب ۾ هڪ شاهي گهراڻي طرفان جدي ۾ مليل محل خالي ڪري ڇڏيو آهي جيڪو کيس 2000ع ۾ ان وقت ڏنو ويو هو جڏهن کيس پاڪستان مان ملڪ بدر ڪيو ويو. +ذريعن مطابق هن پنهنجو پاڻ ان محل کي خالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ياد رهي ته هو گذريل 9 مهينن کان لنڊن ۾ رهي پيو. مسلم ليگ جي ذريعن مطابق سعودي حڪومت اهو خالي نه ڪرايو آهي پر اهو فيصلو نواز شريف پاڻ ڪيو. + + +جرمن فوجن جون تصويرون هڪ اخبار ۾ شايع ٿيڻ تي جرمني ۾ تنازعي جنم ورتو آهي. فوٽن ۾ فوجن کي افغانستان ۾ انساني کوپڙين سميت ڏيکاريو ويو آهي، اهي فوٽو 2003ع ۾ نڪتل ٻڌايا ويا آهن. +جرمن فوج جي سربراهه چيو آهي ته تصوير ۾ موجود ٻن ماڻهن جي شناخت ٿي وئي آهي، انهن مان هڪ اڃا تائين فوج ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. انهن تصويرن جي حقيقت بابت تحقيقات ڪئي پئي وڃي. +جرمني جي وزير دفاع انهن تصويرن جي باري ۾ تحقيقات جو حڪم ڏنو آهي، هن جو چوڻ هو ته اهڙي حرڪت ڪندڙ فوجن لاءِ جرمنيءَ جي فوج ۾ ڪابه جاءِ نه آهي. + + +پاڪستاني ايجنسين حڪومت کي صلاح ڏني آهي ته پارليامينٽ اڳيان ٿيندڙ مظاهرن تي بندش وڌي وڃي ڇاڪاڻ ته ان مان شرپسند ۽ دهشتگرد فائدو وٺن ٿا. +ايجنسين جو اهو چوڻ آهي ته روزانه ٿيندڙ مظاهرن سبب ملڪ جو اميج سموري دنيا اڳيان خراب ٿي رهيو آهي. +ايجنسين حڪومت کي اها صلاح پڻ ڏني ته احتجاجي مظاهرن لاءِ اسلام آباد ۾ خاص جاءِ مقرر ڪئي وڃي. ان کان سواءِ ڪنهن ٻئي هنڌ مظاهرا نه ٿيڻ گهرجن. + + +خبرن ۾ چيو ويو آهي ته دنيا جي مختلف خطن خاص طور عراق مان مذهبي جهادي ٻيهر افغانستان ڏانهن موٽي رهيا آهن. +اهو پڻ چيو ويو آهي ته طالبان پنهنجو پاڻ کي نئين سر منظم ڪري افغانستان ۾ پنهنجون ڪاروائيون تيز ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. +ياد رهي ته پاڪستان طرفان وزيرستان ۾ قبائلين سان ٿيل امن معاهدي کان پوءِ افغانستان تي ٿيندڙ اهڙن حملن ۾ نمايان واڌ آئي آهي. + + +ڀارت روس کان 330 ٽينڪون خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪري ورتو آهي. معاهدي مطابق اهي ٽينڪون ٽِي 90 ايس آهن. اهڙي پڌرائي برٽش دفاعي جرنل ۾ ڪئي وئي آهي. +ياد رهي ته ڀارت 2001ع ۾ پڻ ساڳئي قسم جون 310 ٽينڪون خريد ڪري چڪو آهي. + + +عورتن جي پردي ڪرڻ جي حوالي سان آسٽريليا ۾ پڻ تنازعو شروع ٿي ويو آهي، اهو تنازعو ان وقت شروع ٿيو جڏهن هڪ مسلمان عالم پنهنجي خطبي ۾ اهو ڄاڻايو ته جيڪا عورت پردو نٿي ڪري اها جنسي زيادتي جي پاڻ ذميوار آهي. +اهڙي خبر آسٽريليا جي اخبار ۾ شايع ٿيڻ کان پوءِ اتي نئون تنازعو شروع ٿي ويو آهي. مسلم عالم خطبي ۾ چيو هو ته جيڪڏهن کليل گوشت رکي ڇڏبو ۽ ٻلي اچي گوشت کائيندي ته ان جي ذميوار ٻلي نه پر گوشت محفوظ نه ڪرڻ وارو آهي. +ياد رهي ته ان کان اڳ انگلينڊ ۾ پڻ عورتن جي پردي جي حوالي سان تنازعا جنم وٺندا رهيا آهن. + + +سموري دنيا ۾ صحافت جي آزادي لاءِ سرگرم اداري پنهنجي تازي رپورٽ رينڪنگ پڌري ڪئي آهي، رپورٽ ۾ پاڪستان 157 هين نمبر تي آهي. +ياد رهي ته ان رينڪنگ ۾ پاڪستان جو نمبر 119 هو جيڪي هاڻ وڌي 157 تي پهتو آهي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ صحافتي آزدي وقت سان گڏ وڌڻ بجاءِ گهٽي آهي. رپورٽ ۾ افغانستان جو رڪارڊ پڻ پاڪستان کان بهتر ظاهر ڪيو ويو آهي. + + +ارجنٽينا ۾ 12 سال اڳ يهودين جي هڪ مرڪز تي ٿيل بم حملي ۾ 85 ماڻهو مارجي ويا هئا جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا هئا. ارجنٽينا ان جو الزام ايران ۽ حزب الله تي لڳايو آهي. +اهڙو الزام عدالتي ڪاروائي ذريعي ايران ۽ حزب الله تي لڳايو ويو. چيو ويو آهي ان واقعي جا متاثر حڪومت کان ان واقعي جي تحقيقات جي حوالي سان ناخوش هئا. + + +ڀارت ۾ گهريلو تشدد جي روڪ لاءِ نئون قانون لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ڪابه عورت پنهنجي مرد خلاف هاڻ عدالت ۾ دانهي سگهي ٿي. +انهي تشدد جا قسم پڻ واضع ڪيا ويا آهن جنهن ۾ پٽ نه ڄمڻ تي مهڻا، جهيز نه آڻڻ تي ظلم، عورت جي راضپي کان سواءِ جنسي عمل ڪرڻ، ڇوڪري جي مرضي کان سواءِ شادي يا روايتي تشدد وغيره شامل آهن. +ان قانون تحت ملزم لاءِ هڪ سال قيد جي سزا يا 20 هزار حرجاڻو آهي. چيو ويو آهي ته ان قانون جي ذريعي عورتن تي ٿيندڙ تشدد ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. + + +جيو ٽي وي مطابق ڪار کي بچائيندي ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب هڪ بس گهري کاهي ۾ وڃي ڪري جنهنڪري گهٽ ۾ گهٽ 15 ماڻهن جي مرڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته 35 کان مٿي ماڻهو ان حادثي ۾ زخمي پڻ ٿي پيا. +اهو حادثو روهڙي ويجهو پيش آيو، چيو ويو آهي ته بس ۾ 75 کن مسافر سوار هئا، حادثي جي فوتين ۽ زخمي ٿيلن جو تعلق سکر سائٽ ايريا جي شيخ برادري سان ٻڌايو ويو آهي. فوتين ۾ 5 سڳا ڀائر پڻ شامل هئا. +فوت ٿيلن ۾ 6 عورتون ۽ ٻه ٻار پڻ ٻڌايا ويا آهن. سکر ۽ روهڙي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي آهي ۽ شهرين کي رت ڏيڻ جون اپيلون پڻ ڪيون ويون آهن. +فوتين بابت ڪي به تصديق ٿيل اطلاع نه آهن، جڏهن ته ذريعن مطابق اهو پڻ چيو ويو آهي ته ڪجهه زخمين جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي جنهن ڪري فوتين جي تعداد وڌڻ جو امڪان آهي. +* سنڌي ٽي وي چينل ”ڪي ٽي اين“ +* سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“ +* اردو ٽي وي چينل ”جيو ٽي وي“ + + +نامعلوم هٿياربندن پاران ڪوئٽه ايڪسپريس تي حملي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻازخمي ٿي پيا آهن، زخمين ۾ هڪ عورت پڻ شامل آهي. +خبر ۾ چيو ويو آهي هٿياربندن راڪيٽ پڻ فائر ڪيا پر اهي ريل گاڏي کي نه لڳا. گاڏي تي سبي ڀرسان حملو ڪيو ويو. +ٻئي طرف اهي اطلاع پڻ آهن ته بلوچ مزاحمت ڪارن دعوا ڪئي آهي ته پير ڪوه وٽ هڪ ٻي گيس پائپ لائن کي تباهه ڪيو ويو آهي. بهرحال ان واقعي جي تصديق نه ٿي سگهي آهي. + + +آءِ سي سي ڪرڪيٽ ٽرافي ۾ ويسٽ انڊيز انڊيا کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. ٽاس ويسٽ انڊيز کٽي پهريان انڊيا کي بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني. +انڊيا بيٽنگ ڪندي ويسٽ انڊيز کي 224 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، ويسٽ انڊيز 7 وڪيٽن جي نقصان تي اسڪور پورو ڪري ورتو. +مين آف دَ ميچ ويسٽ انڊيز جي چندر پال کي 51 رنسون ٺاهڻ سبب ڏنو ويو. انڊيا کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ رهيل آخري ميچ آسٽريليا کان کٽڻ لازمي ٿي پئي آهي. + + +پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان تسنيم اسلم چيو آهي ته پرڏيهي آفيس جا ڪجهه ليٽر هيڊ چوري ڪيا ويا آهن جن ذريعي ڪوڙيون خبرون شايع ڪرايون ويون آهن. +پرڏيهي آفيس جي ترجمان تسنيم اسلم موجب ڪالهه مختلف ميڊيا جي ادارن کي هڪ خبر موصول ٿي جنهن ۾ پرڏيهي آفيس جي حوالي سان لکيل هو ته القائده جو اڳواڻ محسن موسا مارجي ويو آهي اها خبر چوري ٿيل ليٽر هيڊ جي ذريعي ڏني وئي هئي. +پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق اها خبر هتان نه موڪلي وئي هئي، هن خبر جي ترديد ڪندي چيو ته مذڪوره خبر ڪوڙ تي ٻڌل ۽ بي بنياد آهي. + + +پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بي نظير ڀٽو چيو آهي ته هوءَ وطن واپس ورڻ چاهي ٿي پر حڪمران سندس اچڻ ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن. هن اها ڳالهه دبئي مان پارٽي ورڪرن کي ٽيليفون خطاب ۾ ڪئي. +بي نظير ڀٽو چيو ته اهو وقت پري نه آهي جڏهن هوءَ وطن واپس موٽندي ۽ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال ٿيندي. +ياد رهي ته صدر مشرف چئي چڪو آهي ته ايندڙ چونڊون بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف کان سواءِ ٿينديون، ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم ظفر الله جمالي چيو آهي ته بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف هن ملڪ جا رهواسي آهن ۽ انهن جو پڻ ايترو ئي حق آهي جيترو ڪنهن ٻئي جو، هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي کي ايندڙ اليڪشن ۾ حصي وٺڻ جو حق حاصل آهي. + + +ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي شهر ميسور ۾ ٻن ماڻهن کي دهشتگرد هجڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. جن جا نالا فهد ۽ علي حسين ٻڌايا ويا آهن. +پوليس جي ذريعن مطابق کين ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن انهن موٽر سائيڪل تي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوليس تي فائرنگ پڻ ڪئي. +ذريعن مطابق انهن مان فهد نالي همراه ڪراچيءَ جو انجنيئر آهي جڏهن ته علي جو تعلق مانسهرا سان آهي. وٽائن اي ڪي 47 رائفل، ٻه پسٽل، ٻه سيل فون، هڪ سيٽلائٽ فون، هڪ ڪمپيوٽر، سي ڊيز وغيره هٿ آيا آهن. + + +پاڪستان جو اڳوڻو صدر غلام اسحاق خان پنهنجي اباڻي شهر ۾ بيماري وگهي فوت ٿي ويو آهي موت وقت سندس عمر 91 سال هئي. +ياد رهي ته هو جنرل ضياءُالحق جي جهاز حادثي ۾ مري وڃڻ کان پوءِ صدارت جي ڪرسيءُ تي ويٺو. چيو ويو آهي ته هو گذريل ٽن مهينن کان بيمار هو. + + +پاڪستاني ڪرڪيٽ شوقين ڀارت ويندي واگها بارڊر وٽ اٺ ڪلوگرام هيروئن سميت جهلجي پيا آهن، انهيءَ گروپ ۾ نوَ ڄڻا هئا جنهن ۾ ٻه عورتون پڻ شامل هيون. +ياد رهي ته پاڪستان جي آءِ سي سي ٽرافي ۾ رٿيل ميچن کي ڏسڻ لاءِ ڪيترائي ڪرڪيٽ شوقين ڀارت وڃي رهيا آهن. ان واقعي کان اڳ 63 پاڪستانين کي ڪلئرنس ڏئي ڀارت ڇڏيو ويو. + + +سنڌ حڪومت پراسرار طور اوچتو سنڌ ۾ استاد تنظيم تي پابندي مڙهي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ سڄي سنڌ جا استاد سراپا احتجاج بنجي پيا. 21 آگسٽ تي ڪراچي ۾ استاد تنظيمن جي سڏ تي هزارين استاد احتجاج ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا. +انهن مان ئي هڪ استاد جو چوڻ آهي ته مان پوليس جا ڏنڊا ۽ زيادتيون برداشت نٿو ڪري سگهان منهنجي لاءِ بهتري ان ۾ آهي ته حق گهرڻ بجاءِ خاموش ٿي ويهي رهان. +مذڪوره استاد چيو ته پوليس استادن سان اهڙي هلت ڪئي ڄڻ هو پڙهائيندڙ نه پر قانون جا ڏوهاري هئا. استادن کي 21 آگسٽ تي ائين ڪٽيو ويو جيئن ماڻهو جانورن کي ڪٽيندا آهن. منهنجي پٺن ۽ ڪلهي ته اڃا تائين پوليس جي ڏنڊن جا نشان موجود آهن. +سنڌ پروفيسرز اينڊ ليڪچرارز ايسوسئيشن جي صدر اطهر حسين چيو ته استاد تنظيمن تي پابندي ان ڪري وڌي وئي جو انهن اسڪولن کي خانگائڻ جي مخالفت ڪئي هئي. اسان تعليمي سڌارن جي حق ۾ آهيون. اسان اهڙي ڪنهن به رٿا جو حصو نٿا بنجڻ چاهيون جنهن ۾ تعليم کي نقصان پهچڻ جو امڪان هجي. + + +ڀارت موهالي ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان وڇ ۾ هڪ ڏينهن واري ميچ ڏکڻ آفريڪا کٽي ورتي آهي، پاڪستان ٽرافي کان ٻاهر ٿي ويو آهي. +ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان پاڻ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ٽوٽل 213 رنسون ٺاهيون جواب ۾ پاڪستان جي پوري ٽيم 89 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڏکڻ آفريڪا جي بالر نيٽني 5 وڪٽون ورتيون. +ميچ جي دلچسپ صورتحال ان وقت رهي جڏهن صرف 42 رنسن تي ڏکڻ آفريڪا جا 5 رانديگر آئوٽ ٿي چڪا هئا. ان کان پوءِ مارڪ بائوچر ۽ ڪيمپ وچ ۾ پارٽنرشپ جي نتيجي ۾ ٽيم جو اسڪور پوڻا ٻه سو تائين پهچي ويو. 50 اوورن تائين ڏکڻ آفريڪا 213 رنسون جوڙي سگهي. +ڏکڻ آفريڪا هاڻ جئيپور ۾ سيمي فائنل کيڏندي. ياد رهي ته هن وقت تائين ٽي ٽيمون سيمي فا��نل لاءِ چونڊجي ويون آهن جن ۾ ڏکڻ آفريڪا، نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز شامل آهن. +ايندڙ آچر تي ٿيندڙ آسٽريليا ۽ انڊيا وچ ۾ ميچ آهي جنهن مان کٽندڙ ٽيم سيمي فائنل لاءِ چونڊجي ويندي. + + +ذريعن مطابق عراق ۾ پوليس ۽ ويڙهاڪن وچ ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ 28 ماڻهو مارجي ويا آهن جنهن ۾ پوليس جا 12 اهلڪار پڻ شامل آهن. +آمرڪي فوجي ذريعن مطابق ويڙهه ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهي ۽ مختلف علائقن تائين ڦهلجي وئي. +عراقي پوليس مطابق 35 ماڻهو پڻ زخمي ٿيا آهن. ان ويڙهه ۾ پوليس طرفان عراقي فوج کان مدد پڻ طلب ڪئي وئي هئي. + + +آسٽريليا هڪ مسلمان امام کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. معطلي جو سبب هن جو اهو خطاب آهي جنهن ۾ هن پردي جي حوالي سان ڳالهائيندي عورتن جي ڀيٽ ”غير محفوظ گوشت“ سان ڪئي هئي. +مذڪوره عالم شيخ تاج الدين پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته بي پرده عورت جنسي زيادتي ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ ذميوار آهي. ان ڳالهه جي وضاحت ڪندي هن چيو هو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو گوشت کي غير محفوظ رکي ڇڏيندو ۽ ٻلي اهو گوشت کائي ويندي ته ٻلي ذميوار نه هوندي بلڪه گوشت محفوظ نه ڪرڻ وارو هوندو. + + +صدر مشرف جي صدارت ۾ هڪ اهم اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ متفقه طور فيصلو ڪيو ويو ته بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف کي پاڪستان اچڻ نه ڏنو ويندو. +صدر مشرف جي صدارت واري ان اجلاس ۾ وزيراعظم، سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن، سرحد ۽ بلوچستان جي گورنرن سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. +صدر مشرف اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان جي ترقي ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي. +اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪنهن به وڏي پارٽي سان مسلم ليگ (ق) پاران ڪو به اليڪشن اتحاد نه ڪيو ويندو. + + +سنڌ هيلٿ ڊپارٽمينٽ مطابق سنڌ ۾ گذريل خميس جي شام کان وٺي هن وقت تائين ڊينگو وائرس جا 78 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ڊينگو وائرس متاثرين کي ڪراچي جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ٿيو ويو آهي. +خبرن مطابق ٻه ڊينگو وائرس متاثر فوت پڻ ٿيا آهن. انهن ٻن فوتين سميت ڊينگو وائرس متاثر فوتين جو ڪل تعداد هاڻ 27 ٿي ويو آهي. + + +پاڪستاني ڪرڪيٽ کلاڙين بي ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جي انهن ٻنهي کلاڙين جي ڊوپ ٽيسٽ مثبت آئي هئي. +انڪوائري ڪاميٽي جي سربراه چيو آهي ته طريقه ڪار مطابق جيڪڏهن ڪنهن کلاڙي کي پنهنجي ٿيل ٽيسٽ تي ڀروسو نه آهي ته ان جي بي ٽيسٽ ڪرائي سگهجي ٿي. ٻنهي کلاڙين جي انڪار اي ٽيسٽ کي سچو ثابت ڪري ڇڏيو آهي. +چيو ويو آهي ته ان جي سزا ٻن سالن جي پابندي ٿي سگهي ٿي پر رعايت جي صورت ۾ کين ڇهن مهينن جي سزا پڻ لڳي سگهي ٿي ان صورت ۾ ٻئي کلاڙي ويسٽ انڊيز ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ۾ نه کيڏي سگهندا جيڪو مارچ 2007 ۾ ٿيڻو آهي. + + +بنگلاديش جي وزيراعظم خالده ضياء چيو آهي ته آئين جو احترام ڪندي مقرر وقت تي اقتدار ڇڏي ڏبو. ياد رهي ته بنگلاديش جون ايندڙ چونڊون جنوري ۾ ٿيڻيون آهن. +رپورٽ مطابق بنگلاديشي وزيراعظم خالده ضياء چيو ته وٽس آئين جو احترام آهي ۽ هوءَ مقرر وقت تي اقتدار ڇڏيندي. ڇنڇر ڏهاڙي سندس مدو پورو ٿي رهيو آهي. +رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته خالده ضياء ۽ مخالف ڌر جي ان جهيڙي سبب اڳ ۾ ئي ٻه ماڻهو ڍاڪا ۾ مارجي ويا آهن جڏهن حڪومت خلاف مظاهرا ڪيا پئي ويا. + + +پاڪستان ۾ حدود آرڊنينس ۽ عورتن جي حقن وارو بل رولڙي جو شڪار آهي جڏهن ته پاڪستاني ڪشمير جي پارليامينٽ ”وومن پروٽيڪشن بل 2006ع“ پاس ڪري ورتو آهي. +بل مطابق گينگ ريپ جي صورت ۾ مجرم کي ڳريون سزائون ڏئي سگهبيون. ياد رهي ته اهو ترميمي بل پاڪستان ۾ ٿيندڙ اهڙين ڪوششن کان پوءِ عمل ۾ آيو آهي. + + +ڀارت جي غزل ڳائڻي جگجيت سنگهه ۽ مشهور شاعر ۽ فلمساز گلزار جو گڏيل غزال البم ”ڪوئي بات چلي“ ريليز ٿي ويو آهي. +ان کان اڳ ٻنهي جو گڏيل البم ”مراسم“ جي نالي سان ريليز ٿي چڪو آهي. البم جي ريليز تقريب ۾ گلزار چيو ته جگجيت پنهنجي نوعيت جو ڀارت توڙي پاڪستان ۾ واحد فنڪار آهي جيڪو غزل کي بهترين انداز سان ڳائي ٿو. گلزار ڀوڳ ۾ چيو ته هي ماڻهو مون لاءِ نه پر جگجيت سنگهه جي ڪري گڏ ٿيا آهن. + + +ڀارتي ڪشمير ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ ويڙهاڪن ۾ جهڙپ جي نتيجي ۾ هڪ ڀارتي اهلڪار سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا آهن. ڀارتي ذريعن مطابق مارجي ويل اسلامي ويڙهاڪ هئا. + + +ملتان ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 23 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. ملتان جي نشتر اسپتال ۾ انهن متاثرن کي نيو ويو هو. +جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ شراب تي پابندي آهي پر تنهن هوندي به غريب ماڻهو مقامي طور ٺهيل شراب واپرائيندا آهن. چيو ويو آهي ته ڏهن ماڻهن کي شراب وڪرو ڪرڻ جي شڪ تحت گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. + + +نواب اڪبر بگٽي جي مارجي وڃڻ واري واقعي کان پوءِ هاڻي جمهوري وطن پارٽي جي ست عهديدارن استعفائون ڏئي ڇڏيون آهن. +بهرحال انهن عهديدارن مان جيڪي اسيمبلين جا ميمبر آهن انهن اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعفا نه ڏني آهي. استعفا ڏيندڙن ۾ هڪ سينيٽ ۽ ٻه صوبائي اسيمبلي جا ميمبر آهن. +نواب اڪبر بگٽي جي وڏي پٽ ردعمل ۾ چيو آهي ته هاڻي ايجنسيون پنهنجي راند کيڏي رهيون آهن. سندس چوڻ مطابق ان راند ۾ جميل بگٽي کي پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي. + + +بنگلاديش جي وزيراعظم خالده ضياء جي حڪومتي مدت پوري ٿيڻ کان پوءِ هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا جنهن سبب تشدد جي مختلف واقعن ۾ آخري اطلاعن مطابق فوت ٿيلن جو تعداد 18 ٿي ويو آهي ۽ 2 هزار ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن. +جمعي تي خالده ضيا جي حڪومتي مدت پوري ٿيڻ کان پوءِ نگران حڪومت جي حلف برداري ٿيڻي هئي جنهن کي پڻ ملتوي ڪيو ويو آهي. صدر جي ترجمان چيو ته تقريب ان ڪري ملتوي ٿي ڇاڪاڻ ته چيف جسٽس ڪي ايم حسن جيڪو نگران حڪومت جو سربراهه بڻجي ها بيمار ٿي پيو آهي. +ياد رهي ته حزب اختلاف جو موقف آهي ته نگران حڪومت جو ايندڙ سربراهه ڪي ايم حسن چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرائيندو. خبرن مطابق ڪي ايم حسن اقتدار قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. + + +بلوچستان جي ضلعن ڪوهلو ۽ ڊيرا بگٽي ۾ ٿيل ٻن بم ڌماڪن ۾ ٽن سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته مزاحمت ڪارن بجلي جون هاءِ وولٽج تارون پڻ تباه ڪري ڇڏيون جنهنڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي. +ذريعن مطابق 132 ڪي وي جي تارن کي تباه ڪيو ويو جنهنڪري ڊيرابگٽي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي. + + +بلوچستان جي شهر ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪي ۾ هڪ ماڻهو فوت ٿي ويو جڏهن ته 12 کن ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. بم ڌماڪو ڪوئٽا ڇانوڻي ۾ گلوبل سينٽر نالي هڪ عمارت ٻاهران ٿيو. +سرڪاري ذريعن مطابق بم هڪ سائيڪل ۾ لڳايو ويو هو. زخمي ماڻهن کي کي مقامي اسپتال نيو ويو، چيو ويو آهي ته ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ آهي. +ذريعن مطابق اڃا تائين ان بم ڌماڪي جي ذميواري ڪنهن به ڌر قبول نه ڪئي آهي. چيو ويو آهي ته ڌماڪي سان 6 موٽرسائيڪلون ۽ ٽي گاڏيون پڻ مڪمل طور تباهه ٿي ويون. + + +ڀارتي ڪشمير ۾ نامعلوم ويڙهاڪن هينڊ گرنيڊ سان پوليس ��ي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي جڏهن ته 23 ڄڻا زخمي ٿي پيا. +چيو ويو آهي ته گرنيڊ پوليس گاڏيءَ تي اڇلايو ويو پوليس گاڏي ان وقت هڪ مصروف مارڪيٽ مان گذري رهي هئي. ڪنهن به ان واقعي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي. +ياد رهي ته اها ويڙهه 1989ع کان شروع ٿي هئي ان ويڙهه جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 68 هزار کان مٿي ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا آهن. + + +پاڪستان جي وفاقي وزير اطلاعات محمد علي دراني چيو آهي ته بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف سان چونڊن کان پوءِ ڳالهيون ڪيون وينديون. +جده ۾ پاڪستان جرنلسٽ فورم سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت جي ايجنڊا ان کان سواءِ ڪجهه نه آهي ته ماڻهو خوشحال ٿين ۽ جمهوري عمل مضبوط ٿيندو رهي. + + +نقاب ۽ پردي جي معاملن تي هلندڙ تنازعن کان پوءِ مناپولس، منيسوٽا جي مسلمان ٽيڪسي ڊرائيورن گذريل ڪجهه مهينن کان اهو رويو اختيار ڪري ڇڏيو آهي ته هو اهڙن ماڻهن کي هرگز ٽيڪسي ۾ نه کڻندا جنهن وٽ شراب هوندو. +شهر جي انتظاميه ڊرائيورن جي ان راءِ سان سهمت نه آهي، انتظاميه مطابق هو پنهنجي ڪاروبار کي مذهب سان سلهاڙي غلط ڪري رهيا آهن. +خبر مطابق اهڙن ڊرائيورن ۾ اڪثريت صوماليه جي مسلمانن جي آهي تنهنڪري ان کي مسلمانن نه بلڪه صوماليه جي ماڻهن جو مسئلو سمجهڻ گهرجي. +چيو ويو آهي ته انگلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ پڻ اهڙا واقعا ٿي رهيا آهن ته مسلمان ڊرائيور اهڙن مسافرن کي کڻڻ کان لاچاري ظاهر ڪن ٿا جن سان ڪُتا ساڻ هوندا آهن. + + +ڀاڄوڪڙ طالبان اڳواڻ مُلا عمر ڪارزئي حڪومت وٽان امن ڳالهين جي صلاح کي ٿڏي ڇڏيو آهي، هن ٻيهر ورجايو ته ڪارزئي واجب القتل آهي ان کي سزا ڏني ويندي. +موجوده افغان حڪومت کي گُڏا حڪومت قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿينديون جن جون واڳون ٻين جي هٿ ۾ هجن. طالبان پنهنجون ڪاروائيون جاري رکندا. + + +ملڪ ۾ ڊينگو وائرس متاثرين جو تعداد وڌي 1772 ٿي ويو آهي. گذريل چويهه ڪلاڪن دوران 19 نوان مريض ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ٿيا آهن. +ڪراچي مان وڏي پيماني تي عيد جي ڪري ماڻهن جي پنهنجن شهرن ڏانهن موٽ سڄي ملڪ ۾ وائرس جي ڦهلاءَ کي هٿي ڏني آهي. هاڻ ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن مان مسلسل ڊينگو وائرس متاثرين جي انگ ۾ واڌ جا اطلاع ملي رهيا آهن. + + +اسڪردو ۾ هڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ هڪ آفيسر ۽ ٻه ٻيا فوجي مارجي ويا آهن جڏهن ته 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. +ذريعن مطابق زخمين کي اسڪردو سي ايم اسپتال پهچايو ويو آهي. واقعي جا وڌيڪ تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن. + + +نائجيريا جو مسافر هوائي جهاز ڪري تباه ٿي ويو آهي، مسافر طياري ۾ 100 ماڻهو سوار هئا خدشو ڏيکاريو ويو آهي ته انهن مان ڪوبه سلامت نه بچيو هوندو. +چيو ويو آهي ته ان طياري ۾ نائجيريا جو روحاني اڳواڻ ۽ سلطان، محمد ميڪدو سندس پٽ ۽ ٻيا ڪيترائي اهم اڳواڻ سوار هئا جيڪي ان حادثي جو شڪار ٿي ويا آهن. +خبرن موجب ان هوائي جهاز طوفان دوران لينڊنگ پئي ڪئي جنهنڪري اهو حادثو پيش آيو. + + +پاڪستاني پنجاب جي شهر مظفر ڳڙهه ۾ بس ۽ آئل ٽينڪر وچ ۾ ٽڪر سبب گهٽ ۾ گهٽ 22 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. زخمين مان ڪجهه ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي. +مسافرن سان ڀريل اها بس راڄڻ پور کان خان پور وڃي رهي هئي ته مظفر ڳڙهه ڀرسان هڪ آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي. مري ويلن جا لاش جتوئي اسپتال ۾ رکيا ويا آهن. جڏهن ته زخمين کي سلطان ۽ علي پور اسپتالن ۾ پهچايو ويو آهي. +خبر موجب حادثي جي فوتين ۾ چار عورتون ۽ ڇهه ٻار پڻ شامل آهن. + + +افغانستان ۾ موجود نيٽو فوج پاران ڏکڻ ارزگان صوبي ۾ ستر ويڙهاڪ مارڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. +چيو ويو آهي ته ترين ڪوٽ جي اتر ۾ نيٽو جي هڪ ڪيمپ تي ڏيڍ سو کان وڌيڪ ويڙهاڪن حملو ڪري ڏنو جنهن کان پوءِ نيٽو فوج هوائي جهازن ذريعي جوابي ڪاروائي ڪئي. +نيٽو مطابق هڪ ٻئي واقعي ۾ نيٽو جو هڪ فوجي مارجي ويو آهي. جڏهن ته اٺ زخمي ٿي پيا آهن. + + +خبرن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۽ ٻين شهرن کان پوءِ هاڻ پشاور ۾ به ڊينگو وائرس ڦهلجي ويو آهي. ٻن ڊينگو وائرس متاثرن کي اسپتال آندو ويو هو جن مان هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي. +لاهور ۾ پڻ ڪيترن ئي ماڻهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي جن کي ڊينگو فيور جو شڪار ڄاڻايو ويو آهي. + + +آءِ سي سي ٽرافي جي هڪ اهم پول ميچ ۾ آسٽريليا ڀارت طرفان ڏنل رنسن جو ٽارگيٽ آساني سان پورو ڪري سيمي فائنل ۾ پهچي ويو آهي، سيمي فائنل ۾ سندس مقابلو نيوزيلينڊ سان ٿيندو. +ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪئي ۽ آسٽريليا کي 250 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جيڪو آسٽريليا آساني سان پورو ڪري ورتو. +ان ميچ ۾ هارائڻ کان پوءِ ڀارت ٽرافي کان ٻاهر ٿي ويو آهي. ياد رهي ته سيمي فائنل ۾ پهچندڙ ٽيمن ۾ هاڻ ڪابه ايشيائي ٽيم شامل نه هوندي. + + +سريلنڪن حڪومت ۽ تامل ٽائگرز وچ ۾ ٿيندڙ امن ڳالهين جي پهرين ڏينهن ٻئي ڌريون ڪنهن خاص فيصلي تي نه پهچي سگهيون آهن. +گذريل اٺن مهينن دوران اهو پهريون ڀيرو آهي جو ٻئي ڌريون امن ڳالهين لاءِ گڏ ويٺيون آهن. +ياد رهي ته ان کان اڳ پڻ ٻه ڀيرا اهڙيون ڪوششون ڪيون ويون هيون جيڪي ناڪام ثابت ٿيون. ذريعن مطابق موجوده ڳالهيون عالمي دٻاءَ سبب ڪيون پيون وڃن جڏهن ته اصل ۾ ٻئي ڌريون امن ڳالهين لاءِ راضي نه آهن. +تامل ٽائگرز مطابق آگسٽ ۾ بند ڪيل جافنا ۽ سريلنڪا کي ڳنڍيندڙ شاهراهه کولڻ جي صورت ۾ ئي ڪنهن ڪاميابيءَ جو امڪان آهي. +سرڪاري ذريعن مطابق گذريل جولاءِ کان هن وقت تائين سيڪيورٽي فوج جا 327 اهلڪار ۽ 128 عام شهري ان ويڙهه ۾ مارجي ويا آهن. + + +بنگلاديش ۾ موجود سياسي بحران کي حل ڪرڻ واسطي ملڪ جي صدر پنهنجو پاڻ کي نگران حڪومت جو سربراهه بڻائي ڇڏيو آهي. +ياد رهي ته خالده ضياء جي حڪومتي مدي پوري ٿيڻ کان پوءِ بنگلاديش ۾ احتجاجن دوران فسادن ۾ 18 ماڻهو مارجي ويا هئا. +صدر پاران مداخلت سبب ڪنهن حد تائين ان تشدد ۾ گهٽتائي آئي آهي پر شيخ حسينه واجد صدر جي ان قدم جي مخالفت ڪئي آهي. + + +هڪ گڏجاڻي بعد سنڌ حڪومت چيو آهي ته ڪراچيءَ جا ٻيٽ پورٽ قاسم کي الاٽ نه ڪيا ويا هئا اهي سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهن. +اهڙو فيصلو ارباب غلام رحيم جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس کان پوءِ ظاهر ڪيو ويو. ان گڏجاڻي ۾ سردار احمد سميت سمورا اهم سرڪاري عهديدار موجود هئا. +گڏجاڻي کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پورٽ قاسم اٿارٽي کي 13635 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي هئي. ڪراچيءَ جا ٻيٽ ڪنهن به اداري کي الاٽ نه ڪيا ويا آهن اهي سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهن. + + +پاڪستاني قبائلي علائقي ۾ هزارين طالبان حامي قبائلين آمريڪا خلاف هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي جنهن ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته آمريڪا خلاف جهاد جاري رهندو. +احتجاجي جلسي ۾ قبائلين چيو ته اسان مجاهد آهيون. اسان پاڪستان جي فوجن يا اتحادي فوجن کان نٿا ڊڄون. جيڪو به آمريڪا جو ساٿاري آهي اهو اسان جو دشمن آهي. + + +ايم ايم اي وومن پروٽيڪشن بل جي اسيمبليءَ مان منظوري جي صورت ۾ استعفا جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته حڪومتي ذريعن چيو آهي ته ان سان ڪوبه فرق نه پوندو. +چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ وومن پروٽيڪشن بل پيش ڪيو ويندو. حڪومتي ذريعن مطابق اهو بل وڏي اڪثريت سان پاس ٿي ويندو. +ياد رهي ته ان کان اڳ اهڙو بل پاڪستاني ڪشمير جي اسيمبلي اڳ ئي منظور ڪري چڪي آهي. + + +جنرل جيمز جونز صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جڏهن کان پاڪستان ۽ طالبان حامي قبائلين وچ ۾ امن معاهدو ٿيو آهي ته افغانستان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون آهن. +جنرل وڌيڪ چيو ته اسان حالتن کي وڏي گهرائيءَ سان ڏسي رهيا آهيون. طالبان کي افغانستان ۾ منهن ڏيڻ واسطي نيٽو پاڪستان سان پنهنجن تعلقاتن کي نيئن سر تشڪيل ڏئي رهيو آهي. +جنرل صحافين کي وڌيڪ ٻڌايو ته حالتون پاڻ اشارو ڪري رهيون آهن ته مذڪوره معاهدي کان پوءِ پاڪستان سان ملندڙ سموري سرحدي علائقي ۾ طالبان جون ڪاروائيون وڌي ويون آهن. + + +پاڪستان جي قبائلي علائقي باجوڙ جي هڪ مدرسي تي فوج طرفان بمباري جي نتيجي ۾ 80 کان مٿي ماڻهو مارجي ويا آهن. +حڪومتي ذريعن مطابق مدرسو ويڙهاڪن جي تربيت گاه هو جتي پرڏيهي پڻ موجود هئا. پاڪستاني فوج جي ترجمان ميجر جنرل شوڪت سلطان مطابق ان مدرسي تي گهڻن ڏينهن کان نگراني ڪئي پئي وئي. اهو مدرسو دهشتگرد ڪاروائين لاءِ استعمال ٿي رهيو هو. پاڪستاني فوج وٽ ان جون پڪيون شاهديون هيون. +ذريعن موجب گن شپ هيلي ڪاپٽرن ۽ نشاني تي مار ڪندڙ هٿيارن سان ڪاروائي ڪئي وئي. چيو ويو آهي ته حملي ۾ تقريبن اسي ماڻهو مارجي ويا آهن. ان علائقي ۾ صحافين جي داخلا تي پابندي مڙهي وئي آهي. +ٻئي طرف ان واقعي خلاف احتجاج ڪندي سرحد جي هڪ وزير سراج الحق وزارت تان ۽ باجوڙ مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر هارون رشيد اسيمبلي ميمبرشپ تان استعفائن جو اعلان ڪيو آهي. + + +مذهبي پارٽين باجوڙ ايجنسي ۾ اسي ماڻهن جي مارجي وڃڻ واري واقعي تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي اڱاري تي احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. +ايم ايم اي جي سربراه قاضي حسين احمد ان واقعي جي شديد مذمت ڪندي اڱاري ڏينهن احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. قاضي حسين احمد چيو ته مرڻ وارن ۾ ٽيهه ٻار پڻ شامل آهن. اڪثر مارجي ويلن جي عمر 15 سالن تائين هئي جڏهن ته 25 سال کان وڌ ڪنهن جي به عمر نه هئي. اُتي ڪي به پرڏيهي نه هئا. +قاضي پاڪستاني فوجي جنرلن کي بزدل سڏيندي چيو ته اهو حملو امن معاهدي جي ردعمل ۾ آمريڪا ڪرايو آهي. +ان واقعي تي ردعمل ظاهر ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته وزيرستان ۽ باجوڙ ايجنسي ۾ ٿيندڙ آپريشن يڪدم بند ڪيا وڃن. + + +ڏهن مهينن کان گم جيئي سنڌ متحده محاذ جي اڳواڻن نواز خان زنئور ۽ سڪندر سومرو کي اوچتو پوليس ظاهر ڪندي دهشتگردي جي الزام هيٺ عدالت ۾ پيش ڪيو آهي. +مذڪوره اڳواڻن کي بدين جي پوليس ظاهر ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ لاءِ عدالت ٻنهي اڳواڻن کي ستن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. +جسمم جا ٻئي اڳواڻ اوچتو گم ٿي ويا هئا جن جي باري ۾ خدشو ڏيکاريو پئي ويو ته کين پاڪستاني ايجنسيون کنڀي ويون آهن. انهن اڳواڻن جي بازيابيءَ لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا هئا. +ڪڍڻ ٿاڻي جي ايف آءِ آر مطابق اڳواڻن تي الزام آهي ته انهن ڊفينس پل کي تباه ڪرڻ جي رٿابندي پئي ڪئي. پوليس انهن وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪرڻ جي دعوا پڻ ڪئي آهي. +عدالت ۾ پيشي و��ت نواز خان زنئور صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته کين ڏهه مهينا اڳ ريلوي اسٽيشن ڪوٽڙي تان گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌن تي رکيو ويو. گذريل ڏينهن ايجنسين کين پوليس حوالي ڪيو جتي سڪندر سومرو پهريان کان موجود هو. هنن جو چوڻ هو ته ان دوران هنن جو پنهنجي گهر وارن سان پڻ رابطو نه ٿي سگهيو آهي. +سڪندر سومري چيو ته کيس سينٽرل جيل حيدرآباد وٽان گرفتار ڪيو ويو ۽ مختلف هنڌن تي رکيو ويو. حراست دوران جسماني ۽ ذهني اذيت ڏني ويندي هئي. +ياد رهي ته جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر سرڪي سميت ڪيترائي سنڌي توڙي بلوچ قومپرست اڃا تائين گم آهن جن جي باري ۾ خدشو ڏيکاريو پئي ويو آهي ته انهن کي پاڪستاني ايجنسين اغوا ڪيو آهي. پاڪستاني ادارا مسلسل اهڙن الزامن کان انڪار ڪندا آيا آهن. + + +ڊينگو وائرس جي ڦهلجندڙ وبا سموري ملڪ ۾ وڌي رهي آهي گذريل چويهه ڪلاڪن دوران 216 ماڻهن کي ڊينگو وائرس جي شڪ ۾ ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ڊينگو متاثرين جو انگ وڌي 2074 ٿي ويو آهي. +نوان مريض اسلام آباد، ڪراچي، پشاور ۽ ٻين علائقن ۾ ظاهر ٿيا آهن. اطلاعن مطابق هڪ ماڻهو پڻ فوت ٿي ويو آهي. + + +عراق بغداد جي صدر سٽي ۾ هڪ بم ڌماڪي سبب 33 ماڻهو مارجي ويا آهن، اهڙي طرح مختلف واقعن ۾ مارجي ويلن جو تعداد 80 ٿي ويو آهي. +چيو ويو آهي ته هڪ آمريڪي فوجي پڻ مارجي ويو آهي، اهڙي طرح هن مهيني مارجي ويل آمريڪي فوجن جو جاني نقصان تمام گهڻو وڌي ويو آهي. + + +پاڪستاني فوج جي ترجمان چيو آهي ته باجوڙ ايجنسي واري حملي ۾ ڪوبه القائده ڪارڪن نه ماريو ويو آهي. اتي مارجي ويل سمورا مقامي ماڻهو هئا ۽ ڪجهه پرڏيهي پڻ ان ۾ شامل هئا. +شوڪت سلطان وڌيڪ چيو ته واقعي ۾ ڪوبه ٻار يا عورت ان واقعي جو شڪار نه ٿيو آهي. مارجي ويل سمورا ماڻهو 20 کان 30 سالن جي عمر جا هئا. + + +جماعت اسلامي ۽ ايم ايم اي جي سربراه قاضي حسين احمد چيو آهي ته باجوڙ ايجنسي ۾ مدرسي تي حملو پاڪستان جي فوج نه بلڪه آمريڪي فوج ڪيو آهي. +قاضي حسين احمد واقعي کي وحشي ڪاروائي سڏيندي چيو ته حملي جو مقصد ان معاهدي کي روڪڻ هو جيڪو حڪومت ۽ قبائلين وچ ۾ ٿيڻو هو. هن دعوا ڪئي ته حملي ۾ مارجي ويلن ۾ ٻار پڻ شامل هئا. + + +خبرن ۾ پاڪستان جي خفيه اداري جي حوالي سان دعوا ڪئي وئي آهي ته باجوڙ ايجنسي جي مدرسي تي حملي جو نشانو اصل ۾ القائده جو نمبر ٻه اڳواڻ ايمن الزواهري هو. +خبرن مطابق چيو پئي ويو ته حملو پاڪستاني فوج ڪيو آهي پر ذريعن دعوا ڪئي آهي ته اهو حملو پاڪستاني فوج نه پر آمريڪي فوج پاڻ ڪيو آهي. +دعوا مطابق ان حملي جي نتيجي ۾ القائده جا ٻه کان پنج سينئر ڪارڪن پڻ مارجي ويا آهن. بهرحال ان ڳالهه جي خاطري نه آهي ته ايمن الزواهري پڻ اتي موجود هو يا نه. + + +{{Warn}}هي خبر تڪراري آهي ڇاڪاڻ ته خبر جا ذريعا يا حوالا نه ڏنا ويا آهن. +عالمي بئنڪ چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ۽ ڀاشا ڊيم جو فائدوبه منگلا ۽ تربيلا وانگر پنجاب کي ٿيندو، ڪالا باغ ڊيم جي ماحولياتي ۽ سماجي خطرن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ ڀاشا ڊيم جي اڏاوت ۾ ڪي وڏا خطرا ناهن، عالمي بئنڪ اهڙو اظهار ”سنڌو درياءَ جي پاڻي جو بهتر انتظام“ جي عنوان سان جوڙيل رپورٽ ۾ ڪيو آهي، جيڪا سڀاڻي عالمي بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. +رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان به دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي�� جيڪي تيزي سان گهٽجندڙ پاڻي جي مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن، ملڪ اندر نوان ڊيم جتي پاڻي جي کوٽ ختم ڪندا، اتي آمدني جو وسيلو پڻ بڻجندا، پر ان کان وڌيڪ اهم 1991 واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ ۽ اداراتي سڌارا آڻڻ آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ اندر نوان وڏا ڊيم هر حال ۾ اڏڻا پوندا، پر اصل مسئلو اهو آهي ته پهريائين ڪالا باغ ڊيم اڏيو وڃي يا ڀاشا ڊيم، ان لاءِ مختلف معاملن کي ڌيان ۾ رکڻو پوندو، ٻنهي ڊيمن جي ماحولياتي، سماجي، معاشي، مالي، حفاظتي، فني رخن کي نظر ۾ رکندي، ڪو فيصلو ڪرڻو پوندو، ڪالاباغ ڊيم جا ماحولياتي ۽ سماجي خطرا موجود آهن، پر ان جي ڀيٽ ۾ ڀاشا ڊيم جا ماحولياتي ۽ سماجي خطرا موجود ناهن، ڪنهن به ڊيم جي اڏاوت وقت انهن خطرن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته تربيلا ۽ منگلا جي اڏاوت کانپوءِ ڪنهن نئين ڊيم جي اڏاوت ۾ 30 سال ڇو لڳا، ان سوال جو جواب به ڏاڊو سولو آهي ته ڪالا باغ ڊيم هجي يا ڀاشا ڊيم ٻنهي ڊيمن جي اڏاوت جو فائدو به تربيلا ۽ منگلا وانگر پنجاب کي ٿئي ها، تنهن ڪري تڪرار جي ڪري ڪو ٻيو ڊيم نه ٺهي سگهيو، رپورٽ ۾ عالمي بئنڪ سفارش ڪئي آهي ته پاڻي جا نوان ذخيرا سرحد ۽ بلوچستان ۾ تعمير ڪيا وڃن. + + +{{Warn}}هي خبر تڪراري آهي ڇاڪاڻ ته خبر جا ذريعا يا حوالا نه ڏنا ويا آهن. +سنڌ حڪومت طرفان مالڪي جي دعوا بعد وفاقي وفد ٻيٽن جي جائزي وٺڻ لاءِ پهچي ويو. مهاڻن زبردست احتجاج ڪندي مزاحمت جو اعلان ڪيو. ڪالهه سينيٽر نثار ميمڻ جي اڳواڻي ۾ وفاقي وفد ابراهيم حيدري لڳ سامونڊي ٻيٽ ڀنڊاڙ جي دوري تي پهتو ته سوين مهاڻا گڏ ٿي ويا. جن سخت احتجاج ڪندي حڪومت خلاف نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي سينيٽر نثار ميمڻ چيو ته ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ کان اڳ ماهيگيرن جي مسئلن ۽ سموري صورتحال جو جائزو وٺي پوءِ ڪو فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته هن مسئلي جا ٻيا به ڪيترائي پاسا آهن. جن ۾ ماهيگيرن جي روزگار جو مسئلو ۽ انهن جا جيڪي خدشا آهن انهن جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ انهن سمورين ڳالهين جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪو به فيصلو نه ڪيو ويندو. +هن وڌيڪ چيو ته ڊفينس جي حوالي سان به ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري مسئلي جو جائزو ورتو پيو وڃي. انهي موقعي تي فشر فوڪ فورم جي چيئرمين سيد محمد علي شاهه، سينيٽر نثار ميمڻ اڳيان سنڌ جي ماهيگيرن جو موقف پيش ڪندي چيو ته ٻيٽ سنڌ جي ماهيگيرن جي تاريخي ملڪيت آهن ۽ انهن ٻيٽن تي نوان شهر اڏي ماهيگيرن جو معاشي قتل عام ۽ انهن جي سمنڊ اندر رستا روڪ ڪرڻ جي سازش آهي. هن چيو ته ٻيٽ ڌارين جي حوالي ڪري نوان شهر اڏڻ سان سنڌ جا لکين ماهيگير بيدخل ٿيندا ۽ انهن جي روزگار جا وسيلا کسيا ويندا. هن چيو ته ٻيٽ ڌارين جي حوالي ڪري انهن تي شهر اڏڻ خلاف فشر فوڪ فورم پاران تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. +هن گهر ڪندي چيو ته ٻيٽن تي شهر اڏن وارو فيصلو واپس ورتو وڃي. ٻيٽن جي دوري دوران شفيع محمد ڄاموٽ، اڳوڻو صوبائي وزير عبدالحڪيم بلوچ، ابرار قاضي، سيد خدا ڏنو شاهه، ذوالفقار هاليپوٽو، ڊاڪٽر نظير شيخ ۽ ٻيا به موجود رهيا. + + +{{Warn}}هي خبر تڪراري آهي ڇاڪاڻ ته خبر جا ذريعا يا حوالا نه ڏنا ويا آهن. +وفاق پاران سامونڊي ٻيٽن جي نيلامي ۽ ٻيٽن مٿان جديد شهر اڏڻ خلاف فشر فوڪ فورم جي اعلانيل جدوجهد جو سنڌ جي قوم پرست ڌرين طرفان ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو آهي. قومپرست پارٽين ستپ، جسقم، عوامي تحريڪ، ايس اين پي، فرنٽ جي اڳواڻن علي حسن چانڊيو، ذوالفقار ڪولاچي، نور نبي راهوجو، حبيب راڄپر ۽ لطيف راولاڻي ملير جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سامونڊي پٽي جا سمورا ٻيٽ سنڌ ۽ ماهيگيرن جي ملڪيت آهن ۽ انهن کي وڪرو ڪرڻ وارو عمل وفاق کي مهانگو پوندو. +اسان ڪنهن به صورت ۾ ٻيٽ نيلام ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ نه وري ترقي جي نالي تي عياشين جي اڏن جي سخت مخالفت ڪنداسين. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين علي حسن چانڊيو چيو ته ٻيٽن جي نيلامي سان لکين ماهيگيرن جي روزگار جو ذريعو بند ٿي ويندو. جنهن سان ماهيگير بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويندا. هن چيو ته فشر فوڪ فورم جي اعلانيل جدوجهد جي ڀرپور حمايت ڪنداسين ۽ ٻيٽن کي ڪنهن به صورت ۾ نيلام ٿيڻ نه ڏينداسين. + + +ڀارتي سيڪيورٽي فورسز مطابق ڪشمير ۾ حزب الله جو ويڙهاڪ ڊوڊا جي هڪ علائقي ۾ مارجي ويو آهي. هن جي سڃاڻپ نور محمد عرف جاويد بخاري جي نالي سان ڪئي وئي آهي. +ذريعن مطابق مارجي ويل حزب الله جو ڊويزنل ڪمانڊر هو ۽ هن علائقي ۾ 1992ع کان ويڙهاڪ ڪاروائين ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو هو. + + +پاڪستان جي سرڪار هڪ ڪتاب ”ڪشمير ڪي پڪار“ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي ۽ ان جون سموريون ڪاپيون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان سان گڏ ڪتاب جي پبلشر تي ايڪشن کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. +ڪتاب تي پابندي هڪ سرڪاري نوٽيس ذريعي هنئي وئي. چيو ويو آهي ته کليل مارڪيٽ ۾ موجود سموريون ڪاپيون ضبط ڪيون وينديون. ڪتاب تي ”مس انفرميشن“ جو الزام لڳايو ويو آهي. +ڪتاب ”ڪشمير ڪي پڪار“ جو ليکڪ هڪ پاڪستاني عارف ملڪ ٻڌايو ويو آهي جيڪو ميرپور جو رهواسي آهي. + + +شهزادي چارلس جو رٿيل پشاور جو دورو باجوڙ ايجنسي ۾ پاڪستاني فوج جي بمباريءَ ۾ 80 ماڻهو مارجڻ واري واقعي سبب رد ٿي ويو آهي. +چارلس پاڪستان ۾ گذريل ڏهاڙي پنهنجي زال ڪاميلا سان گڏ دوري تي آيو هو. هن جو دورو پنجن ڏينهن تي رٿيل هو جنهن ۾ پشاور جو وزٽ پڻ شامل هو. + + +سنڌ ڪابينه ۾ هڪ نئون وزير ۽ 7 صلاحڪار شامل ڪيا ويا آهن. سنڌ جي گورنر عشرت العباد خان سڀني کان قسم کڻايو. +نئين وزير طور عرفان گل مگسي کي قسم کڻايو ويو جڏهن ته نون صلاحڪارن ۾ ڪشن چند پارواڻي، نصير خان کوسو، دوست محمد ميمڻ، نزهت پٺاڻ، ذوالفقار ڪماريو، عمر شريف ۽ طارق حسن خان شامل آهن. +مذڪوره وزير جو پورٽ فوليو پوءِ ظاهر ڪيو ويندو. ياد رهي ته ڪابينه ۾ شامل ٿيندڙ صلاحڪار نزهت پٺاڻ ڪجهه مهينا اڳ پ پ پ مان استعفا ڏني هئي. + + +ادا اوهان کي هن سائٽ جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار. اميد ته هن سائٽ تي ايندا رهندا ۽ پنهنجي حصيداري پڻ ڪندا. جيڪڏهن اوهان جي ذهن ۾ ڪو سوال آهي ته اسان حاضر آهيون. + + +ادا اوهان کي هن سائٽ جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار. اميد ته هن سائٽ تي ايندا رهندا ۽ پنهنجي حصيداري پڻ ڪندا. جيڪڏهن اوهان جي ذهن ۾ ڪو سوال آهي ته اسان حاضر آهيون. + + +عراق ۾ ٻن آمريڪي فوجين سميت گهٽ ۾ گهٽ 58 ماڻهو مارجي ويا آهن. مذڪوره ٻه آمريڪي فوجي بغداد ۾ وڙهندي مارجي ويا آهن. +چيو ويو آهي ته 11 ماڻهو هڪ شادي جي تقريب دوران خودڪش ڪار بم حملي ۾ مارجي ويا. بغداد واري ان واقعي ۾ چار ٻارڙا پڻ مارجي ويا آهن. +اهڙي طرح عراق ۾ اڱاري ڏينهن مختلف واقعن ۾ مارجي ويل عراقين جو تعداد 56 ٻڌايو ويو آهي. + + +{{Warn}}خبر ۾ ذريعا يا حوالا ڏنل نه آهن، تنهنڪري هي خبر تڪراري آهي حوالا ڏئي هي نوٽيس ختم ڪري سگهجي ٿو. +عالمي بئنڪ چيو آهي ته وفاقي سرڪار 1991 واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام وئ�� آهي، جنهن جي ڪري صوبن جو ان تي اعتماد نه رهيو آهي ۽ صوبن وچ ۾ بي اعتمادي پيدا ٿي رهي آهي، هاڻي ته صوبا ان ٺاهه کان به وڌيڪ ضمانتن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏڻ سان گڏ ٻيون ضمانتون به شامل آهن، بهتر اهو ٿيندو ته ان سلسلي ۾ هڪ بااخيتار آڊيٽر مقرر ڪيو وڃي. عالمي بئنڪ اهڙو اظهار ”سنڌودرياءَ جي پاڻي جو بهتر انتظام” جي عنوان سان جوڙيل پنهنجي رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ نوان ڊيم اڏڻ کان وڌيڪ اهم مسئلو 1991 واري ٺاهه تحت شفاف ۽ منصفاڻي ورڇ آهي، وفاقي سرڪار ان ٺاهه تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جنهن جي ڪري صوبن وچ ۾ بي اعتمادي وڌي آهي، صوبا ته هاڻي ان ٺاهه کان به وڌيڪ ضمانتن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي جي فراهمي جي ضمانت سان گڏ ٻيون ضمانتون به شامل آهن، عالمي بئنڪ سفارش ڪئي آهي ته ملڪ اندر پاڻي جي شفاف ۽ منصفاڻي ورڇ لاءِ اڻڌريو ۽ بااختيار آڊيٽر مقرر ڪيو وڃي، جنهن کي ملڪ ۾ موجود پاڻي جي چڪاس لاءِ گهربل سامان به هئڻ گهرجي ۽ هو پاڻي جي ورڇ جي لاءِ دستياب پاڻي جو حساب ڪتاب رکي. عالمي بئنڪ اها به سفارش ڪئي آهي ته وفاقي سرڪار انڊس ڊيلٽا ۾ گهربل پاڻي ڇڏڻ واري پنهنجي فيصلي تي فوري طور عمل ڪري. عالمي بئنڪ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته سمنڊ کي روڪڻ لاءِ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏڻ وارو معاملو ڊگهي عرصي کان رولڙي جو شڪار آهي، هاڻي وفاقي سرڪار ان فيصلي تي ترت عمل ڪرائي. +ڪراچي: عالمي بئنڪ وفاقي سرڪار کي تجويز ڏني آهي ته نوان ڊيم اڏڻ وقت اهي خدشا به ختم ڪيا وڃن ته نوان ڊيم ٺهڻ سان فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟ ان جا ٺيڪا ڪنهن کي ملندا؟، نوان ڊيم اڏڻ وقت نوڪريون ڪنهن کي ملنديون؟، ڊيم جي رائلٽي ڪنهن کي ملندي؟ رائلٽي جي ورڇ ڪيئن ٿيندي؟، پاور هائوسز ڪٿي ٺهندو؟، پاور هائوسز جي رائلٽي ڪنهن کي ملندي؟، ڊيمن جي اڏاوت جي ڪري متاثر ماڻهن کي ڪٿي آباد ڪيو ويندو؟. +ڪراچي: عالمي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان جو آبپاشي نظام تباهه ٿي چڪو آهي، ان جي بحالي تي 60_70 ارب ڊالر گهربل آهن، جڏهن ته پاڪستان جي موجوده انجنيئرن ۽ عملدارن ۾ آبپاشي نظام کي بهتر نموني هلائڻ جي اهليت به ناهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو موجوده نهري نظام مدي خارج ٿي چڪو آهي، ان جي مرمت ۽ بحالي وارو ڪم به ڏاڍو ڏکيو آهي، هڪ ته ان لاءِ 60_70 ارب ڊالر گهرجن، ٻيو ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڪم ڪندڙ ڪامورا ”اڏيو، نظرانداز ڪريو، وري اڏيو“ واري فلسفي تي عمل ڪري رهيا آهن، مرمتي فنڊ گهڻي ڀاڱي ڪامورن جي کيسن ۾ هليا وڃن ٿا، اهڙن ڪامورن جي ڪامورن جي ڪارڪردگي سطحي آهي، ٻيو ته آبادگار به مرمت لاءِ رقم ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. + + +{{Warn}}خبر ۾ ذريعا يا حوالا ڏنل نه آهن، تنهنڪري هي خبر تڪراري آهي حوالا ڏئي هي نوٽيس ختم ڪري سگهجي ٿو. +بلوچستان ۾ 4 جيٽ جهازن ۽ 6 هيليڪاپٽرن بمبور ۽ ڪاهان جي علائقن ۾ سويلين آبادين تي بمباري ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عام ماڻهن سان گڏ وڏي تعداد ۾ چوپايو مال به مارجي ويو آهي. +شام واري هڪ انگريزي اخبار موجب اها دعويٰ انجمن اتحاد مري هڪ بيان ۾ ڪئي آهي. دعويٰ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪوهستان مري علائقي ۾ غريب مالوندين تي جهازن بمباري ڪئي، جڏهن ته ڪيميڪل هٿيار به استعمال ڪيا ويا آهن. وفاقي حڪومت جي دستن سمورا رستا پڻ بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. +بيان موجب علائقي جي ماڻهن کي کاڌي پيتي کان به محروم رکيو پيو وڃي. ”اي آءِ ايم“ جي س��ي زون جي ترجمان اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ڪمالهان ۽ تاراتاني علائقن ۾ 123 خاندانن کي سندن گهرن مان حراست ۾ ورتو ويو آهي. جن ۾ 426 عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، ڪنهن کي به خبر ناهي ته انهن ڪٽنبن کي ڪٿي رکيو ويو آهي، جڏهن ته 24 عورتن ۽ ٻارن جا لاش علائقي مان هٿ آيا آهن، جڏهن ته وڏي تعداد ۾ چوپايو مال به مارجي ويو آهي. + + +پاڪستاني فوج طرفان باجوڙ ايجنسي جي هڪ مدرسي تي ٿيل حملي جي خلاف مذهبي جماعتن جي سڏ تي ملڪ جي مختلف حصن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. +هزارين قبائلين احتجاج دوران ڌمڪي ڏيندي چيو ته پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ۽ آمريڪا لاءِ جاسوسي ڪندڙن تي خودڪش بم حملا ڪيا ويندا. خار واري علائقي ۾ هزارين ماڻهن جي احتجاجي ريلي پڻ نڪتي. +هڪ طالبان حامي اڳواڻ عنايت الرحمان خطاب ڪندي چيو ته هو پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز تي حملي لاءِ خودڪش حمله آور تيار ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جلد اهڙن حملن جي شروعات ڪئي ويندي. هن شريڪ هزارين ماڻهن کان ان فيصلي جي منظوري ورتي. +سرحد جا اڪثر ڪاروباري شهر بند رهيا رستن تي ٽريفڪ تمام گهٽ رهي. سرحد اسيمبلي سڀ معاملا پاسي تي رکي باجوڙ واقعي تي بحث ڪيو. چيو ويو ته باجوڙ قبائلين سان ٿيندڙ امن معاهدي کي روڪڻ لاءِ اهڙو حملو ڪرايو ويو. +پاڪستان جي قبائلي علائقي ۾ هڪ احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي چيو ويو ته صدر مشرف ۽ ان جي آمريڪي ساٿارين بيگناه ۽ معصوم ماڻهن تي حملو ڪيو آهي. +ذريعن مطابق رٿيل احتجاج کي سرحد ۽ بلوچستان جي قبائلي علائقن ۾ وڏي موٽ ملي آهي. انهن علائقن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون. اطلاع آهن ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. + + +پاڪستاني فوج جي ترجمان ميجر جنرل شوڪت سلطان چيو آهي ته باجوڙ ايجنسي جي مدرسي تي حملو آمريڪي يا اتحادي فوجن نه بلڪه پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ڪيو آهي. +هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي انٽيليجنس سان تعاون ضرور ڪيو ويو. جڏهن ته ان ڳالهه ۾ ڪابه صداقت نه آهي ته حملو آمريڪي يا اتحادي فوج ڪيو هو. +هوڏانهن ڪابل ۾ آمريڪي فوج جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪا، پاڪستان ۽ افغانستان پاڻ ۾ انٽيليجنس معلومات جي ڏي وٺ ڪندا رهيا آهن جيڪا هڪ عام ڳالهه آهي. باقي باجوڙ ۾ ٿيل حملي بابت اسان کي ڪابه ڄاڻ نه آهي. +آمريڪا جي هڪ ٻئي فوجي ترجمان چيو ته آمريڪي فوج ان حملي ۾ ڪنهن به قسم جي حصيداري نه ڪئي آهي. معلومات جي مٽاسٽا ضرور ٿيندي آهي پر ان حملي ۾ آمريڪا جا هٿيار توڙي جهاز ڪجهه به استعمال نه ٿيو آهي. + + +پاڪستان جي صدر جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته باجوڙ ايجنسي جي مدرسي ۾ مارجي ويل سمورا ماڻهو بيگناه نه بلڪه طالبان ويڙهاڪ هئا. ”ڏکڻ ايشيا ۾ امن“ نالي هڪ سيمينار ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته جتي به اهڙن ويڙهاڪن جو اطلاع ملندو ڪاروائي ڪئي ويندي. +صدر مشرف وڌيڪ چيو ته گورنمينٽ ڪنهن به اهڙي ماڻهو کي ڇوٽ نه ڇڏيندي جيڪو گورنمينٽ جي رٽ کي چيلينج ڪندو. هن چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي دنيا لاءِ وڏا چيلينج آهن جن کي منهن ڏيڻ ضروري آهي. + + +افغانستان ۾ ٽي نيٽو فوجي هڪ حملي ۾ مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن. چيو ويو آهي ته روڊ جي پاسي ۾ هڪ بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ ٽي نيٽو فوجي مارجي ويا جيڪ اوڀر افغانستان ۾ گشت تي هئا. +خبرن مطابق حملي جي ذميواري طالبان قبول ڪري ورتي آهي. ٻئي طرف هڪ پوليس واري جي مرڻ جا پڻ اطلاع آهن. +مارجي ويل انهن نيٽو فوجين جي باري ۾ اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته انهن جو تعلق ڪهڙن ملڪن سان هو. چيو ويو آهي ته هن سال مارجي ويل پرڏيهي فوجن جو تعداد 115 ٿي ويو آهي جڏهن تي اڳئين سال اهو تعداد تقريبن 75 هو. + + +ڀارت جي مشهور فلمي شاعر جاويد اختر اندرا گانڌي ايوارڊ ماڻي ورتو آهي. اهو ايوارڊ کيس قومي سالميت لاءِ ڪيل خدمتن سبب ڏنو ويو. +21 هين اندرا گانڌي ايوارڊ تقريب ۾ ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه پڻ شرڪت ڪئي ۽ هن جاويد اختر کي ايوارڊ ڏنو. + + +ڀارتي شهر گوا ۾ پاڪستاني ويڙهاڪن جي ڊپ کان سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. چيو ويو آهي ته لشڪر طيبه ۽ جيش محمد جهڙيون پاڪستان جون حامي تنظيمون حملو ڪري سگهن ٿيون. اهڙي دعوا ڀارتي سرڪاري ذريعن ڪئي. +يورپ ۽ اولهه جي ملڪن کان ايندڙ سياحن ۾ مسلسل اضافي سبب اهو قدم کنيو ويو آهي. هن سال جي شروعات ۾ اهڙي ڪوشش ڪندڙ ٻن ويڙهاڪن کي گرفتار ڪيو ويو هو. + + +فرانسيسي اختيارين ايئرپورٽ تي ڪم ڪندڙ 72 مسلمانن کي سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏئي معطل ڪري ڇڏيو آهي. چيو ويو آهي ته ڪيترائي ٻيا مسلمان ورڪر اڃا تائين ڪم ڪري رهيا آهن. جن مان ڪيترائي جهازن جي صفائي وغيره جي ڪمن ۾ مشغول آهن. +فرانس جي ماهرن سرڪار کي چيو آهي ته جن به ماڻهن تي سيڪيورٽي جي حوالي سان شڪ آهي انهن کي معطل ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي. ڪيترن ئي مسلمان ورڪرن جي باري ۾ شڪ ڏيکاريو ويو آهي ته انهن پاڪستان ۽ افغانستان جي دهشتگرد ڪيمپن ۾ سکيا حاصل ڪئي آهي. +معطل ٿيل ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته کين بلاجواز نشانو بڻايو ويو آهي. اتان جي ليبر يونين مذڪوره معطلين جو نوٽيس ورتو آهي. + + +افغانستان جي انٽيليجنس ايجنسي دعوا ڪئي آهي ته اُنهن ٽي خودڪش حمله آور گرفتار ڪيا آهن جيڪي ڪابل ۾ حملو ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا هئا. +ايجنسي مطابق اهي ويڙهاڪ مُلا محمد ابراهيم حنيفي جيڪو پاڪستان ۾ رهي پيو ان طرفان افغانستان ۾ حملن لاءِ موڪليا ويا هئا. +هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ پاڪستاني طور ڪئي وئي آهي جنهن جي باري ۾ چيو ويو آهي ته ان کي ويڙهاڪ گروپ حرڪت المجاهدين خودڪش حملن لاءِ موڪليو هو. + + +بلوچستان جي علائقي پير ڪوه، ڊيرا بگٽي ڀرسان بارودي سرنگ جي ڦاٽڻ سبب ايف سي جا ٻه اهلڪار مارجي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. +خبرن مطابق ڊيرا مراد جمالي ۾ پڻ هڪ راڪيٽ فائر ڪيو ويو. جنهن ۾ ڪنهن جي به مارجي وڃڻ يا زخمي ٿيڻ جا اطلاع نه آهن. +ذريعن موجب ايف سي جا اهلڪار بارودي سرنگ کي هٽائي رهيا هئا ته اها ڦاٽي پئي جنهنڪري ٻه اهلڪار ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. + + +بلوچستان نيشنل پارٽي بلوچستان جي حقن جي حاصلات لاءِ ڇهن هفتن جي احتجاجي مهم جو اعلان ڪيو آهي. جنهن مطابق احتجاج جو آخري جلسو 11 ڊسمبر تي ڪوئٽا ۾ ٿيندو. +خبرن مطابق بي اين پي ان کي ”لشڪر بلوچستان“ جو نالو ڏنو آهي. اهو احتجاج هڪ لانگ مارچ جي صورت ۾ هوندو جيڪو ڇهه هفتا جاري رهندو. ان لانگ مارچ جي شروعات گوادر کان ٿيندي. جڏهن ته اها ريلي تربت، خضدار، قلات، مستونگ سميت ڪيترن ئي شهرن وٽان گذرندي. +ذريعن مطابق ”لشڪر بلوچستان“ جي اڳواڻي اختر مينگل ڪندو. ان ريلي جو آخري جلسو ڪوئٽا ۾ 11 ڊسمبر تي ٿيندو. + + +حزب الله جي سربراه شيخ حسن نصرالله چيو آهي ته اسرائيل سان قيدين جي مٽاسٽا بابت ڳالهيون هلندڙ آهن. هن اها ڳالهه هڪ ٽي وي تي چئي آهي. +حزب الله اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڳالهين لاءِ اهم ڪردار اقوام متحده ادا ڪيو آهي جنهنڪري اسرائيل سان ڳالهيون ممڪن ٿيون آهن. چيو ويو آهي ته ڳالهيون شرطن ۽ تجويزن جي مرحلي تي آهن. +ٻئي طرف اسرائيل ان حوالي سان ڪابه وضاحت نه ڪئي آهي. + + +اتحادي فوج دعوا ڪئي آهي ته اوڀر افغانستان ۾ خوسط صوبي جي شهر ٽرنلي ۾ ٽن طالبان ويڙهاڪن کي ماريو ويو آهي جڏهن ته هڪ ڄڻي کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. +خبر موجب اتحادي فوجن انهن ماڻهن کي هٿيار ڦٽي ڪرڻ جو چيو ته انهن حملو ڪري ڏنو نتيجي ۾ ٽي ويڙهاڪ مارجي ويا آهن. +واقعي ۾ ڪوبه افغان يا اتحادي فوجي زخمي نه ٿيو آهي ۽ اتي موجود ٻارڙن توڙي عورتن کي پڻ ڪوبه نقصان نه پهتو آهي. + + +تازن اطلاعن موجب ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ ٻن ڊينگو وائرس متاثرين فوت ٿي ويا آهن. اهڙي طرح ڊينگو وائرس متاثرين جي فوتين جو ڪل تعداد 30 ٿي ويو آهي. +خبرن موجب گذريل چويهه ڪلاڪن دوران 100 جي لڳ ڀڳ نوان ڪراچي مريض شهر جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيا ويا آهن جن جي باري ۾ به ڊينگو وائرس جو شڪ ڏيکاريو ويو آهي. + + +هڪ عورت پاڪستان مان ڏکڻ آفريڪا جي شهر جوهانسبرگ ڏانهن هيروئن موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي. اسڪيننگ کان پوءِ هيروئن پڪڙجي پئي جڏهن ته اها عورت موقعي تان فرار ٿي وئي. +ذريعن مطابق اها عورت فيڊڪس جي ڪوريئر سروس ذريعي 400 گرام هيروئن جوهانسبرگ موڪلڻ لاءِ اداري کي ڏني. اداري جي ماڻهن کي شڪ ٿي پيو ۽ انهن عورت کان پڇا ڳاڇا شروع ڪئي جنهنڪري عورت موقعي تان فرار ٿي وئي. عملي جڏهن لفافي جي اسڪيننگ ڪئي ته کين معلوم ٿيو ته لفافي ۾ هيروئن آهي. ان عورت جي باري ۾ ڪابه معلومات نه ملي سگهي آهي ته اها ڪير هئي. + + +اي آر ڊي ۽ متحده مجلس عمل جي اسيمبلي ميمبرن باجوڙ واقعي بابت بحث لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. +هڪ رٿ اي آر ڊي جي 12 ڄڻن جي صحيح سان جمع ڪرائي وئي جڏهن ته ٻي متحده مجلس عمل جي 23 ڄڻن جي صحيح سان جمع ٿي. ايم ايم اي چيو آهي ته باجوڙ واقعي ۾ مارجي ويل اڪثر ٻار هئا جن جون عمريون 10 کان 15 سال هيون. +اي آر ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته مذڪوره هوائي حملو هڪ وحشي ڪاروائي هئي جنهن ۾ پاڪستاني مسلمانن جو قتل عام ڪيو ويو. + + +مسلم ليگ (ن) جو تعلقي صدر ۽ اڳوڻو ميونسپل چيئرمين حاجي اصغر علي ۽ سندس هڪ دوست هڪ اوچتي حملي ۾ مارجي ويا آهن جڏهن ته سندس ٽي ساٿي سخت زخمي ٿي پيا آهن. +چيو ويو آهي ته اصغر علي لاهور کان فيصل آباد موٽي رهيو هو ته چڪ 60 والي پل ڀرسان مٿن اوچتو ڪجهه ماڻهن طرفان هٿيارن سان حملو ڪيو ويو. جنهنڪري اصغر علي ۽ سندس هڪ دوست نالي محمد خان موقعي تي دم ڏنو جڏهن ته ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. + + +بندشيل تنظيم جي ٻن ڄڻن کي اسپارڪو جي ڇهن ملازمن کي مارڻ جي الزام تحت موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. جنهن ۾ شاهنواز عرف شاني ۽ شوڪت عرف جاويد شامل آهن. +انهن ملزمن تي الزام هو ته انهن خودڪار هٿيارن سان اسپارڪو جي هڪ گاڏي تي 3 آڪٽوبر 2003 ۾ حملو ڪري ڇهه ماڻهو ماريا هئا جڏهن اهي جمعي نماز تي وڃي رهيا هئا. + + +بلوچستان جي شهر تربت جي جيل تي نامعلوم ماڻهن طرفان حملي جي نتيجي ۾ ٻه محافظ مارجي ويا آهن ۽ چار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڇهه قيدي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. +جيل انتظاميه مطابق حمله آور ملاقات بهاني جيل اندر داخل ٿيا ۽ خفيه طور اسلحو به کنيو آيا. اندر داخل ٿيڻ شرط انهن فائرنگ شروع ڪري ڏني. انهن جا ڪجهه ساٿي ٻاهران پڻ فائرنگ ڪري رهيا هئا. +حملي جي نتيجي ۾ ٻه محافظ مارجي ويا ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. جڏهن ته حمله آور ڇهه قيدين کي فرار ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. + + +اسلام آباد ۾ هڪ سينئر صحافي ۽ پ پ آءِ جي بيورو چيف ملڪ محمد اسماعيل کي نامعلوم ماڻهن قتل ڪري ڇڏيو. +قاتلن پٿر يا ڪنهن تيز ڌار واري اوزار جو استعمال ڪيو. مقتول جي چهري تي اهڙي قسم جا نشان هئا. اهو واقعو رات جو دير سان پيش آيو. +ملڪ اسماعيل جي عمر 53 سال هئي ۽ سندس گهر صوبي پنجاب جي شهر اٽڪ ۾ آهي. مقتول جي واسطيدارن مطابق مرحوم ڪجهه وقت اڳ پنهنجي خاندان کي اسلام آباد کان اٽڪ منتقل ڪيو هو. + + +پاڪستان جي فوجي ذريعن دعوا ڪئي آهي ته باجوڙ مدرسي جا القائده جي اڳواڻ ايمن الزواهري، افغان اڳواڻ گلبدين حڪمت يار ۽ جماعت اسلامي سان رابطا هئا. +حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن وٽ انهن ڳالهين جا ثبوت آهن ته جماعت اسلامي جو ان ۾ وڏو هٿ هو. صحافين کي سلائيڊر جي مدد سان تصويرون ۽ خاڪا پڻ ڏيکاريا ويا. + + +ڪاميٽي اهو پڻ اعلان ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم لاءِ زمينون خريد ڪرڻ خلاف لاڙڪاڻي ۾ هڪ ريلي 28 نومبر تي ڪڍي ويندي. +ايڪشن ڪاميٽي فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ مخالف پاليسين خلاف تحريڪ کي تيز ڪيو ويندو. + + +پاڪستان جي ٻن کلاڙين تي بندشيل دوائن واپرائڻ سبب ڊوپ ٽريبيونل شعيب اختر تي ٻن سالن لاءِ ۽ محمد آصف تي هڪ سال لاءِ پابندي وجهي ڇڏي آهي. ٻنهي ڄڻن کي ان وقت تائين ڪي به مراعاتون نه ڏنيون وينديون. +ڊوپ ٽريبيونل پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جوڙيو ويو هو. ياد رهي ته ٻئي فاسٽ بالر پنهنجو ڏوه مڃي چڪا آهن ته انهن بندشيل دوائن جو استعمال ڪيو هو. + + +آءِ سي سي ڪرڪيٽ ٽرافي جي سيمي فائنل ميچ ۾ آسٽريليا نيوزيلينڊ کي آساني سان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. +آسٽريليا پهريان بيٽنگ ڪندي نيوزيلينڊ کي 240 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جواب ۾ نيوزيلينڊ جي پوري ٽيم مشڪل سان 206 رنسون ٺاهي سگهي. + + +پ پ پ جي چيئرپرسن ۽ اڳوڻي وزيراعظم بي نظير ڀٽو چيو آهي ته باجوڙ واقعي جي اڻ ڌري پارلياماني جاچ ڪرائي وڃي. +بي نظير ڀٽو باجوڙ واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته اسان جيتوڻيڪ طالبان مخالف آهيون پر باجوڙ واري مدرسي ۾ طالبان ويڙهاڪن بجاءِ بيگناه ماڻهن کي ماريو ويو آهي. + + +جيئي سنڌ قومي محاذ جي باني ۽ مرڪزي اڳواڻ عبدالواحد آريسر جسقم جي بنيادي ميمبرشپ تان استعفا ڏئي ڇڏي آهي. آريسر چواڻي ته جسقم هاڻي صرف ڪمائي جو هڪ ذريعو ٿي پئي آهي. +آريسر وڌيڪ چيو آهي ته جيئي سنڌ جا ڪيترائي ڌڙا ٿي ويا آهن جنهن ۾ خالق جوڻيجو، شفيع ڀرفت، بشير قريشي وغيره شامل آهن. هن چيو ته اسان جنهن جذبي تحت جسقم کي جوڙيو هو هاڻ انهن مقصدن تان پارٽي ڦري وئي آهي. آريسر سائين جي ايم سيد طرفان ڪنهن دور ۾ جوڙيل بزم صوفياءِ سنڌ ٻيهر سرگرم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. +ٻئي طرف جسقم چيئرمين بشير قريشي جو چوڻ آهي ته آريسر جي الزامن ۾ ڪابه سچائي نه آهي جيڪڏهن کيس مون کان ڪي شڪايتون آهن ته مان کيس ڏهه ڀيرا پرچائڻ لاءِ تيار آهيان. هن وڌيڪ چيو ته وٽس آريسر جي باضابطا استعفا نه پهتي آهي. +ياد رهي ته سائين جي ايم سيد جي فوت ٿيڻ کان پوءِ جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ کي ملائي جيئي سنڌ قومي محاذ جوڙيو ويو هو. جنهن تي آريسر سان اختلاف ڪندي ڪيترائي ورڪر کانئس ناراض پڻ ٿيا هئا. + + +{{Warn}}هي خبر حوالن کان بغير آهي جنهنڪري اها تڪراري ليکبي، خبر جا ذريعا يا حوالا لکي هي نوٽيس ختم ڪري سگهجي ٿو. +جيئي سنڌ متحده محاذ جي چيئرمين شفيع محمد برفت چيو آهي ته ڌرتي جي بقا، سلامتي ۽ آجپي لاءِ جرئت ۽ بي پناهه عزم جي ضرورت آهي. +سنڌ جي دانشورن کي قومي تحريڪ جي سياسي وارثي ۽ رهنمائي لاءِ اڳڀرو ٿيڻو پوندو. +هن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته نواز خان زنئور ۽ سڪندر سومرو باهمٿ اڳواڻ آهن. مٿن مسلسل تشدد ڪري من گهڙت الزام هڻي ميڊيا آڏو آندو ويو. رياست جسمم خلاف آپريشن ڪري سياسي طور ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿي پر اها حڪومت جي ڀل ۽ ڪريل حرڪت آهي. + + +{{Warn}}هي خبر حوالن کان بغير آهي جنهنڪري اها تڪراري ليکبي، خبر جا ذريعا يا حوالا لکي هي نوٽيس ختم ڪري سگهجي ٿو. +پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ بينظير ڀٽو جي سهري حاڪم علي زرداري پريس ڪلب نواب شاهه ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو ته نواب اڪبر بگٽي جي قتل ۽ بلوچستان ۾ فوجي آپريشن بعد نه صرف بلوچستان جي الڳ ٿيڻ ملڪ پاڪستان جو وجود پڻ خطري ۾ آهي. +هن چيو ته جنهن ملڪ ۾ ڪورٽون انصاف نه ڏين ۽ ٿاڻا ازيت گهر هجن اهو ملڪ ڪيئن هلندو؟. هن چيو ته جن اسيمبلين ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه هجي انهن ۾ وڃڻ اجايو آهي. ملڪ ۾ ڪرپشن، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي انتها ٿي چڪي آهي ۽ اسٽاڪ ايڪسچينجن ۾ ڌاڙا لڳن ٿا. مرڪز صوبن جو ملڪيتون وڪڻي پاڻ کڻي ٿو. ايتري قدر جو سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ضلعي حڪومتن کي مرڪز هلائي رهيو آهي. + + +{{Warn}}هي خبر حوالن کان بغير آهي جنهنڪري اها تڪراري ليکبي، خبر جا ذريعا يا حوالا لکي هي نوٽيس ختم ڪري سگهجي ٿو. +آمريڪا باجوڙ ايجنسي ۾ مدرسي تي حملي کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان ڪارروائيءَ جو ذميوار آمريڪا ناهي آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان سين ڪارمڪ واشنگٽن ۾ هڪ پريس بريفنگ دوران پاڪستان جي مذهبي تنظيمن پاران لڳايل الزامن جي سوال تي چيو ته مدرسي تي حملي جو ذميوار آمريڪا ناهي. +اسان ان معاملي تي پاڪستان سرڪار سان رابطي ۾ آهيون ۽ في الحال ان ڪارروائيءَ بابت ڪجهه به نه ٿو ٻڌائي سگهجي. هن چيو ته اسان ڪارروائيءَ بابت معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن ڪابل ۾ آمريڪي فوج جي ترجمان ميٽ هيڪاتون صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته باجوڙ ايجنسيءَ ۾ ڪارروائي پاڪستاني فوج ڪئي آهي. +ان ۾ آمريڪا جو ڪو به ڪردار ناهي. هن چيو ته کيس خبر ناهي ته باجوڙ آپريشن ۾ آمريڪي فوج جو ڪردار آهي. هن چيو ته آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ کي به ڪارروائيءَ بابت ڪا ڄاڻ ناهي. هن چيو ته باجوڙ آپريشن پاڪستاني فوج ڪيو هو. ٻئي طرف آمريڪي ڪانگريس پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته وزيرستان ۾ پاڪستان سرڪار پاران ڪيل ٺاهه کانپوءِ پاڪ افغان سرحد تي طالبان جون سرگرميون وڌي ويون آهن ۽ امن ٺاهه باوجود مسئلا حل نه ٿيا آهن. +ڪانگريشنل ريسرچ سروس (سي آر ايس) جي رپورٽ موجب آمريڪي عملدار اڃا ٺاهه جي نتيجي جو انتظار ڪري رهيا آهن ۽ ويڙهاڪ پنهنجا واعدا پاڙڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. + + +پيارا دوست ڀلي ڪري آيا! +اسان جون اکيون ٿڌيون، اميد ته سنڌي وڪي اخبار ۾ اسان جي مدد ڪندا. ڇاڪاڻ ته هي پروجيڪٽ اسان سڀني سنڌين لاءِ آهي. خاص طور انهن لاءِ جن کي شڪايت هجي ٿي ته کين ميڊيا تي ڪوريج ڪانه ٿي ملي. پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن جون خبرون هتي پوسٽ ڪريو. + + +سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مير نصير کوسو جي گهر تي ٽن نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن راڪيٽ فائر ڪيا آهن جنهن ۾ سندس پٽ محفوظ کوسو زخمي ٿي پيو جنهن کي ڪراچي اسپتال پهچايو ويو آهي. +خبرن موجب حملي خلاف سخت احتجاج ڪندي گهر ڪئي وئي آهي ته حمله آورن کي ترت گرفتار ڪيو وڃي. چيو ويو آهي ته حملي کان پوءِ موٽر سائيڪل سوار فائرنگ ڪندا موقعي تان فرار ٿي ويا. +پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي ۾ ٻڍو سرڪي ملوث آهي جيڪو ڌاڙيل مزار سرڪي جو ڀاءَ آهي. پوليس مزار سرڪي کي چار سال اڳ هڪ مقابلي دوران ماري ڇڏيو هو، جڏهن هو نصير کوسي جي ڪنهن مائٽ کان ٽريڪٽر جي ڦر ڪري رهيو هو. پوليس مطابق انهن نصير کوسي جي گهر تي پلاند لاءِ حملو ڪيو آهي. + + +سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ پونم جي سڌ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. مظاهرن ۾ گورنمينٽ طرفان پرڏيهي ڪمپني کي وڪرو ڪيل سنڌ جي ٻيٽن جي سخت مخالفت ڪئي وئي. +هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو پريس ڪلب حيدرآباد اڳيان ڪيو ويو. جنهن ۾ گهر ڪئي وئي ته اهڙو فيصلو واپس ورتو وڃي. مظاهري کي پنهل ساريو، هوت خان گاڏهي ۽ ٻين خطاب ڪيو. +سنڌ جي ٻين ضلعن مان پڻ اهڙن مظاهرن جا اطلاع آهن جن ۾ ٻيٽن جي وڪري جي سخت مخالفت ڪندي گهر ڪئي وئي ته اهو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. + + +ايراني ٽي وي مطابق ايران شهاب 3 ميزائل جو تجربو ڪري ورتو آهي ان ڏس ۾ ڪيترائي ميزائل تجرباتي طور فائر پڻ ڪيا ويا آهن. +چيو ويو آهي ته ميزائل وار هيڊ کڻڻ جي قابل آهن ۽ انهن جي مار 2 هزار ڪلوميٽرن تائين آهي. سرڪاري ذريعن مطابق انهن تجربن جو مقصد ايران کي ملندڙ ڌمڪيون آهن. ان ڪري پنهنجي تحفظ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. + + +خبرن مطابق اتر ڪولمبيا جي هڪ پوليس اسٽيشن تي کاٻي ڌر جي گوريلن هڪ حملو ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 29 ماڻهو مارجي ويا آهن. ان حملي کي وڏي ۾ وڏو حملو سڏيو ويو آهي. +چيو ويو آهي ته مارجي ويلن ۾ 17 پوليس آفيسر، 11 ويڙهاڪ ۽ 2 شهري شامل آهن جڏهن ته هڪ شهري زخمي پڻ شامل آهي. پوليس اسٽيشن تي 150 گوريلن حملو ڪيو ان وقت پوليس اسٽيشن ۾ 70 پوليس آفيسر موجود هئا. + + +ويسٽ انڊيز ڏکڻ آفريڪا کان آءِ سي سي ٽرافي جي سيمي فائنل ميچ کٽي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. فائنل ۾ ويسٽ انڊيز جو مقابلو آسٽريليا سان ٿيندو. +ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي ويسٽ انڊيز کي 259 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. جواب ۾ ويسٽ انڊيز جي گيل شاندار راند جو مظاهرو ڪندي سينچري جوڙي ورتي هن جو ساٿ چندر پال ڏنو جيڪو 57 رنسن بعد ان فٽ ٿيڻ سبب ٻاهر وڃي ويٺو. اهڙي طرح ويسٽ انڊيز آساني سان ميچ کٽي ورتي. + + +بلوچستان جي شهر ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪي سبب ٻه پوليس اهلڪارن سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. +پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته هڪ گاڏي ۾ ڌماڪا خيز مواد موجود هو جيڪو ڪنهن مجمعي طرف نيو پئي ويو ته اوچتو ڦاٽي پيو. ان ڌماڪي سبب گاڏي ۾ موجود شخص پڻ مارجي ويو. +چيو ويو آهي ته ڌماڪو شاهراه گلستان جي مشن روڊ چوڪ تي ٿيو. جتي ڀرسان پوليس چوڪي هئي. ڌماڪي سبب ٻه پوليس اهلڪار ۽ گاڏي ۾ موجود شخص مارجي ويا. جڏهن ته ٽي ٻيا اهلڪار ۽ هڪ ٻار زخمي ٿي پيو. + + +انڊونيشا جي علائقي اوڀر جاوا ۾ هڪ ٻيڙي ٻڏڻ جي نتيجي ۾ ڪجهه عورتن ۽ اٺن مهينن جي هڪ ٻار سميت 11 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا آهن. +ٻيڙيءَ ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا جنهنڪري اهو حادثو پيش آيو، ذريعن مطابق اهو حادثو جڪارتا کان 500 ڪلوميٽر اوڀر طرف ٻن ٻيٽن وچ ۾ ٿيو، چيو ويو آهي ته 10 ماڻهن کي بچايو ويو آهي انهن ۾ هڪ ستن سالن جو ڇوڪرو پڻ شامل آهي. + + +پاڪستاني انٽيليجينس ايجنسي افغانستان کان گهر ڪئي آهي ته نواب اڪبر بگٽي جو پوٽو برهمداغ بگٽي افغانستان ۾ موجود آهي ان کي پاڪستاني اختيارين حوالي ڪيو وڃي، ايجنسي جي ذريعن مطابق اهڙيون ڳالهيون افغانستان سان هلي رهيون آهن ۽ جلد افغانستان سرڪار برهمداغ کي پاڪستان حوالي ڪندي. +ذريعن مطابق پاڪستاني ايجنسي دعوا ڪئي آهي ته کين ڄاڻ پئي آهي ته برهمداغ بگٽي قنڌار هليو ويو آهي جيڪو هاڻ ڪابل ۾ ڪٿي لڪل آهي، پاڪستاني ايجنسي گهر ڪئي آهي ته هن کي پاڪستاني اختيارين حوالي ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته برهمداغ بگٽي خون جي ڪيسن ۾ گهربل آهي. + + +ڀارتي آسام جي پوليس ذريعن دعوا ڪئي آهي ته بنگلاديش وٽان مسلمان انتهاپسند اتر اڀرندي طرف منتقل ٿي رهيا آهن جنهن ۾ اهم ڪردار جماعت المجاهدين ادا ڪري رهي آهي. +هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جي ايجنسي آءِ ايس آءِ اهڙن جهادين ۽ انتهاپسندن کي هٿي ڏئي رهي آهي. جنهنڪري آسام جي مختلف علائقن ۾ انهن جون سرگرميون وڌي رهيون آهن. چيو ويو آهي ته 2001 کان هيل تائين 198 جهادين کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته 58 ڄڻن گرفتاري پڻ پيش ڪئي. + + +بغداد شهر ۾ ٿيل هڪ ڌماڪي ۾ ست ڄڻن جي مارجي وڃڻ ۽ 45 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. اهڙي طرح عراق ۾ خميس ڏهاڙي مختلف واقعن ۾ مارجي ويل ماڻهن جو تعداد 49 ٿي ويو آهي. +خبرن موجب هڪ ڌماڪو بغداد ۾ ٿيو جنهن ۾ 7 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 45 زخمي ٿي پيا. صدر سٽي ۾ اهو ڌماڪو هڪ مارڪيٽ ۾ ٿيو. +خابرو ادارن جي رپورٽن موجب عراق جي مختلف حصن مان مليل اطلاعن موجب ڌماڪن ۽ حملن جي نتيجي ۾ بغداد وارن فوتين سميت مارجي ويلن جو انگ 49 ٻڌايو ويو آهي. + + +ڏهن سالن جي هڪ ٻارڙي ڊينگو وائرس سبب ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ فوت ٿي وئي آهي. چيو ويو آهي ته گذريل چويهه ڪلاڪن دوران شهر جي مختلف اسپتالن ۾ 190 نوان مريض ڊينگو وائرس جي شڪ ۾ داخل ڪيا ويا آهن. ڊينگو وائرس متاثر فوتين جو تعداد 31 ٿي ويو آهي. +خبرن مطابق سڄي ملڪ ۾ اربع تائين داخل ٿيل مريضن جو ڪل تعداد 2350 هو. + + +افغانستان ۾ طالبان هٿان ضلعي آفيسر سميت ڇهه ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا. +پوليس ذريعن مطابق آفيسر هرات صوبي جي هڪ ضلعي ۾ گشت تي هو ته مٿس حملو ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪانوائي ۾ شامل 5 ٻيا پوليس اهلڪار پڻ مارجي ويا. + + +عراق جي شهر بغداد ۾ روڊ ڀرسان نصب بم ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ ٽي آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن، جڏهن ته ٻن مختلف واقعن ۾ پڻ ٻه ٻيا آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن. +آمريڪي فوجي ذريعن مطابق ساڳي ڏينهن هڪ آمريڪي ميرين فوجي زخمن جا سور نه سهي فوت ٿي ويو. جڏهن ته اتر عراق مان پڻ هڪ آمرڪي فوجي جي مارجڻ جا اطلاع آهن. +اهڙي طرح 2003ع کان عراق ۾ مارجي ويل آمريڪي فوجن جو ڪل تعداد 2822 ٿي ويو آهي. + + +{{Warn}}هن خبر ۾ حوالا يا ذريعا شامل نه آهن جتان خبر کنيل آهي، تڪراري ٽيگ هٽائڻ لاءِ حوالا ڏيڻ ضروري آهن. +بلوچستان نيشنل پارٽي چيو آهي ته جرڳن کي فرسوده رسم ڪوٺيندڙ هاڻي پاڻ سردارن جو چيف بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. +بلوچستان جو معاملو هاڻي عالمي عدالتن ۾ کڻي وينداسين، جنهن لاءِ صلاح مشورا جاري آهن. هن مطالبو ڪيو ته بلوچستان ۾ آپريشن بند ڪري گرفتار نوجوان بلوچن کي آزاد ڪيو وڃي. + + +{{Warn}}هن خبر ۾ حوالا يا ذريعا نه لکيا ويا آهن ان ڪري هي خبر تڪراري آهي. حولا لکي هي نوٽيس ختم ڪري سگهجي ٿو. +پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبليءَ جي جمعي کان شروع ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪراچي جي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپنيءَ حوالي ڪرڻ، صوبي ۾ بد امني ۽ سنڌ ڪابينا ۾ واڌ وارا معاملا اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. +ان سلسلي ۾ حڪمت عملي سڀاڻي پ پ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ طئي ڪئي ويندي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به غور ڪيو ويندو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪارن جي مقرريءَ کي ڪڏهن ۽ ڪيئن چيلنج ڪيو وڃي. + + +باجوڙ ۾ قبائلين هڪ شخص کي آمريڪي جاسوس هجڻ جي شڪ ۾ قتل ڪري ڇڏيو آهي. محمد جان خان نالي مقتول جو لاش گولين سان پروڻ ٿيل مليو جنهن لاءِ ذريعن دعوا ڪئي ته ان کي پاڪستان ۽ آمريڪا لاءِ جاسوسي جي الزام تحت قتل ڪيو ويو. +ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستاني سيڪيورٽي فوسز باجوڙ جي هڪ مدرسي تي هوائي حملو ڪري 80 طالبن کي ماري ڇڏيو هو ۽ اتي پاڪستان ۽ آمريڪا خلاف شديد ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي. قبائلين الزام مڙهيو هو ته اهو حملو آمريڪا ڪيو آهي. + + +صوماليه جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسندن کي القائده هٿي ڏئي رهي آهي جيڪي پاڪستان ۽ ٻين ملڪن وٽان مسلسل اچي رهيا آهن. جنهنڪري ملڪ جي اندروني صورتحال لاءِ خطرو وڌي ويو آهي. +پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته القائده جا جهادي سامونڊي رستي صوماليه پهچي رهيا آهن. موگاديشو پورٽ وٽان پاڪستان، سعودي عرب، يمن ۽ ٻين ملڪن مان القائده جهادي صوماليه اچي رهيا آهن. + + +سائين ظفر، مون قائدعوام يونيورسٽي مان بي اي ڪئي آهي. اتي دوستن مون کي ٻڌايو ته سنڌي خبرن لاءِ هڪ نئون سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ هر ڪو پنهنجي علائقي جون خبرون ڏئي سگهي ٿو. ڇا مان ان ڪم ۾ اوهان جو هٿ ونڊائي سگهان ٿو. يا ان جي لاءِ ڪجهه خاص ڪرڻو پوندو؟ مان اصل ۾ ڪنڊياري شهر جو آهيان ۽ مان چاهيان ٿو ته اتان جون خبرون هتي روزانه ڏيان. مون کي تفصيل سان ٻڌايو ته اهي خبرون اوهان دوستن کي ڪيئن اماڻيان. مهرباني. +* ادا اوهان سڌو سنئون خبرون پوسٽ ڪري سگهو ٿا، ايتري قدر جو ڪو ماڻهو ميمبر نه به هجي تڏهن به اهو خبرون پوسٽ ڪري سگهي ٿو يا غلطيون درست ڪري سگهي ٿو. سمجهو ته ڪنهن کي به ڪا جهل پل نه آهي. اوهان شروعات ڪريو رستا پاڻهي ئي آسان ٿيندا ويندا. +سائين ظفر صاحب سنڌي وڪي تان اوهان هليا ويا آهيو. ٻيهر اچڻ جي درخواست ٿو ڪريان. + + +منهنجو نالو آهي اعزاز علي ڪوريجو، مان اصل ۾ ڪنڊياري شهر جو آهيان. مون کي خوشي ٿيندي جيڪر مان اوهان دوستن جو ساٿ ڏئي سگهان. +منهنجو موبائل فون نمبر آهي: 03013487477 + + +بي بي سي مطابق ضلعي نوشهرو فيروز جي شهر محراب پور ۾ هڪ 40 ساله عورت کي جنسي زيادتي جو نشانو بنايو ويو آهي. پوليس ذريعن مطابق گينگ ريپ جي الزام تحت 9 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. +عورت کي ان وقت زيادتي جو نشانو بنايو ويو جڏهن هوءَ ٻنيءَ ۾ پنهنجي مڙس سان گڏ ڪم ڪري رهي هئي. چيو ويو آهي ته جوابدار عورت کي زوري ڀرسان موجود ڪنهن اوطاق ۾ کڻي ويا ۽ کيس جنسي حوس جو نشانو بنايو. +پوليس ذريعن چيو آهي ته جنسي زيادتي جو شڪار ٿيل شهزادي ناگور جي پٽ طرفان راڄپر برادري جي ڪنهن ڇوڪريءَ سان تعلق رکڻ تي ڇڪتاڻ ٿي هئي ۽ شهزادي پنهنجي پٽ پاران راڄپر برادري جي انهن ماڻهن کان معافي ورتي هئي ۽ بظاهر معاملو ٺهي ويو هو. + + +پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هلندڙ کوکرو پار ۽ مونا ٻائو ريل جنهن کي ٿر ايڪسپريس جو نالو ڏنو ويو هو ان کي 23 ڊسمبر تي ٻيهر هلائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون آهن. +بي بي سي موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي ريل محڪمي وچ ۾ ٿيل ڳالهين مان اهڙو اشارو مليو آهي. ياد رهي ته ٿر ايڪسپريس کي هن سال 17 فيبروري کان هلايو ويو هو جنهن کي بعد ۾ آگسٽ جي مهيني ۾ ڀارت اهو چئي بند ڪيو هو ته جوڌپور ويجهو ريل جي پٽڙي پاڻي هيٺ اچي وئي آهي. ريل هلائڻ جي تاريخ جو حتمي اعلان نه ڪيو ويو آهي. + + +ورلڊ بينڪ جي بورڊ آف ايگزيڪويٽو ڊائريڪٽرز سنڌ جي هيٺانهن علائقن خاص طور بدين ۽ ٺٽي لاءِ هڪ ايڪشن پلان جوڙي ورتو آهي. جنهن جي ذريعي انهن علائقن ۾ حاليه بارشن، بوڏن ۽ ماحوليات بابت ٺٽي ۽ بدين سميت سنڌ جي سامونڊي علائقن لاءِ رٿا جوڙي ويندي. +نئون ايڪشن پلان ان علائقي جي ماڻهن جي دانهن تي جوڙيو ويو آهي. ذريعن موجب اتان جا ماڻهو بينڪ جي جوڙيل پاليسين ۽ رٿائن جو ڪيتو لوڙي رهيا آهن. ورلڊ بينڪ جي صدر پال وولوز چيو ته ايل بي او ڊي ۽ اين ڊي پي مان اسان گهڻو ڪجهه پرايو آهي تنهنڪري مستقبل جي رٿائن بابت سوچي ويچاري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. +چيئرپرسن انسپيڪشن پينل ايڊٿ برائون چيو آهي ته اسان غريب ماڻهن جي آواز کي ورنائڻ چاهيون ٿا. اسان ڪوشش ڪنداسين ته ماڻهن کي صحيح طور رٿائن مان لاڀ ملي سگهي. + + +صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته ڊينگي وائرس فيور ۾ اينٽي بايوٽڪ دوائن جو ڪوبه ڪردار نه آهي اهي رهندو بيماري کي هٿي ڏين ٿيون. صحت جي عالمي اداري ڊاڪٽرن کي 30 صفحن تي ٻڌل گائيڊ لائن ۾ اهڙيون هدايتون ڏنيون آهن. +وڌيڪ چيو ويو آهي ته ماڻهن کي پڻ ڊينگو وائرس جي واڌويجهه کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽرن کي اسپرين، بروفن، اينٽي بايوٽڪ جو استعمال ترڪ ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته انهن جو بيماري کي روڪڻ ۾ ڪوبه ڪردار نه آهي. + + +ڀارتي دعوا موجب ميسور مان پڪڙيل پاڪستاني دهشتگرد اڪثر ڪري پاڪستان ۽ ڪشمير ڏانهن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه وقت خفيه ڪوڊن جو استعمال ڪندا هئا. +ذريعن مطابق گرفتار محمد علي حسين جو ڪوڊ نمبر 8 هو جڏهن ته فهد کي ڪوڊ طور ”افغان“ چيو ويندو هو. ٻنهي وٽ نوڪيا جا موبائل فون هئا. ٻنهي جي باري ۾ چيو ويو آهي ته اهي ڪيميڪل بجاءِ ڪوڊ طور ”آٽا“ ۽ گرنيڊ بجاءِ ڪوڊ طور ”آلو“ جي لفظن جو استعمال ڪندا هئا. اهڙي طرح هنن جي گفتگو ڪوڊن تي مشتمل هوندي هئي. +ذريعن مطابق فهد جون اڪثر ڪالون پنهنجي ڀيڻ ۽ هڪ دوست ڏانهن هونديون هيون ۽ هن کي پيسا پنهنجي يو اي اِي ۾ موجود ڀاءَ شعيب ۽ آمريڪا ۾ موجود سندس سوٽ وٽان ايندا هئا. +وڌيڪ تفصيل ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي اڪثر بينگلور ۽ دهلي جو سفر ڪندا رهيا آهن. انهن انڊيا جي پاسپورٽ جي حاصلات ميسور مان رد ٿيڻ بعد بنگلور مان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پئي. فهد جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان جا ڏهه کن بينڪ اڪائونٽ هئا. چيو ويو آهي ته ساڻن ڪا عورت پڻ مليل هئي جنهن کين مدد فراهم پئي ڪئي. + + +ادا اختر! سنڌي وڪي اخبار تي اوهان کي ڀليڪار چئجي ٿو. +اچو ته گڏجي هن پروجيڪٽ کي سنواريون ۽ وڌايون. اوهان ۾ اميد آهي ته اوهان پنهنجي علائقي جون خبرون ضرور پوسٽ ڪندا. جيڪڏهن اوهان چاهيو ته عالمي توڙي علاقائي خبرون انٽرنيٽ تان انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري پڻ ڏئي سگهو ٿا. خبرون تازيون هجڻ گهرجن. اميد ته دوستن کي به اهڙي گذارش ڪندا. + + +سنڌو! سنڌي وڪي اخبار تي اوهان کي ڀليڪار چئجي ٿو. +اچو ته گڏجي هن پروجيڪٽ کي سنواريون ۽ وڌايون. اوهان ۾ اميد آهي ته اوهان پنهنجي علائقي جون خبرون ضرور پوسٽ ڪندا. جيڪڏهن اوهان چاهيو ته عالمي توڙي علاقائي خبرون انٽرنيٽ تان انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري پڻ ڏئي سگهو ٿا. خبرون تازيون هجڻ گهرجن. اميد ته دوستن کي به اهڙي گذارش ڪندا. +سائين اعجاز صاحب سلام قبول هجي. + + +سينيٽ اسٽنڊنگ ڪاميٽي جي اجلا�� ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوري چيو آهي ته پاڪستان جيڪڏهن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا جي مدد نه ڪري ها ته پاڪستان تي به عراق جيان حملو ڪيو وڃي ها. +ذريعن مطابق مولانا سميع الحق جنهن وقت باجوڙ مدرسي تي ٿيل حملي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته اهو آمريڪا جي چرچ تي ڪيو ويو آهي. جواب ۾ قصوري چيو ته اهو سوال فوج يا وزارت داخله کان پڇيو وڃي. ايترو ضرور آهي ته پاڪستان جيڪڏهن پنهنجن علائقن ۾ دهشتگردن خلاف قدم نه کڻندو ته اهو ڪم آمريڪا پاڻ ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته عراق جي حالتن مان سبق پرائڻ کپي. + + +ايڪسپورٽ پروموشن بيورو جي ذريعن مطابق آمريڪا دهشتگردي جي روڪٿام جي سلسلي ۾ جلد پاڪستان جي ايئر پورٽن ۽ بندرگاهن جي نگراني ڪندو. +خبرن مطابق آمريڪا جي صدر جارج ڊبليو بش اهڙي منظوري ڏني آهي جنهن تحت جلد پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ هوائي اڏن ۽ بندرگاهن جي نگراني آمريڪا جا موڪليل پاڻ انسپيڪٽر ڪندا. + + +پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، وفاقي وزير جهانگير ترين، اسٽيٽ منسٽر عمر احمد تي قومي احتساب بيورو ۾ هڪ ريفرنس نيب آرڊنينس 1999 ۾ سيڪشن 5 ۽ 18(ب) سب سيڪشن 2 تحت داخل ڪرايو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مذڪوره سرڪاري عهديدارن قومي خزاني کي لٽيو آهي. +مذڪوره ريفرنس ۾ بدعنواني جا تفصيل پڻ ڏنا ويا آهن. اهو ريفرنس ايڊوڪيٽ چوڌري محمد اسلم ذريعي داخل ڪرايو ويو. + + +آفريڪي امن فورس جي ذريعن مطابق سوڊان جي ويڙهه وارن علائقن ۾ حڪومت جي حامي مليشيا هڪ هفتي اندر 27 ٻارن سميت 63 ماڻهن جو قتل ڪيو آهي. +اٺن ۽ گهوڙن تي سوار حڪومتي حامين جن کي سرڪاري ڊريسون پاتل هيون 19 آڪٽوبر تي ڏکڻ دافور علائقي جي اٺن ڳوٺن ۽ جبيل ڪيمپ تي حملو ڪري ڏنو جنهن سبب اهي ماڻهو مارجي ويا. +هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انهيءَ قتل عام مان ايترو ثابت ٿي چڪو آهي ته سوڊان جي حڪومت مليشيا کي غير مسلح ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي وئي آهي ۽ مليشيا جي ذريعي عام شهرين کي ماريو پيو وڃي. + + +عراقي پوليس جي ذريعن مطابق کين گذريل 36 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن مان 83 لاش مليا آهن جن مان ڪجهه لاشن تي تشدد جا نشان پڻ موجود آهن. +بغداد جي پوليس کي گذريل خميس ۽ جمعي جي وچ واري وقت ۾ 58 لاش مليا جڏهن ته جمعي ڏينهن وڌيڪ 27 لاش لڌا ويا. +ذريعن مطابق انهن مان ڪافي ماڻهن کي فرقيوراڻه فسادن دوران ماريو ويو آهي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ڀُنگ لاءِ اغوا ڪندڙ گروهن هٿان مارجي ويا. + + +مذهبي جهادين کي منهن ڏيڻ واسطي ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ پنجاه لک ”واچ ڊاگ“ رکندو. ڀارتي ذريعن جي دعوا مطابق اهڙو غير معمولي قدم مذهبي دهشتگردن ۽ پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ خلاف کنيو ويو آهي. +ڀارتي ذريعن طرفان چيو ويو آهي ته اسان پنهنجي تحفظ لاءِ اهڙو قدم کنيو آهي. اسان چاهيون ٿا ته اسان کي دهشتگردي بابت اڳواٽ خبرداري حاصل ٿي سگهي. ان ۾ خانگي جاسوس پڻ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. + + +پ پ پ اڳواڻ ۽ آصف علي زرداري جي پيءَ حاڪم علي زرداري چيو آهي ته صدر مشرف سان گهڻي وقت کان پ پ جون خفيه ڳالهيون هلندڙ آهن. جنهن ۾ ڪجهه پيش رفت پڻ ٿي آهي. +هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته صدر مشرف اها آڇ پڻ ڪئي آهي ته بي نظير ڀٽو جا سمورا ڪيس ختم ڪيا ويندا ۽ کيس اقتدار ۾ پڻ ڀاڱيدار بڻايو ويندو. +هن جو چوڻ هو ته پ پ ان آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي پ پ فوج سان ڪنهن به صورت ۾ اقتدار جي ڀائيواري نٿي چاهي. هن بي نظير ۽ آصف جي اختلافن بابت چيو ته اهي بي بنياد ڳالهيون آهن انهن ۾ ڪابه سچائي نه آهي. + + +هڪ پاڪستاني سينئر جج چيو آهي ته ڪورٽ ۾ وڪالت لاءِ نقاب پائي نٿو اچي سگهجي ان سان سڃاڻپ جي ڏکيائي ٿئي ٿي. +ذريعن مطابق جج چيو ته وڪيل پروفيشنل ٿيندا آهن توڙي جو اهي عورتون هجن. تنهنڪري ڪورٽ ۾ اندر نقاب پائڻ نه گهرجي. اسان نقاب پوش وڪيل عورت کي نٿا سڃاڻي سگهون. +ٻئي طرف عورت وڪيل انجم ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي لاءِ نقاب ۾ وڪالت ڪرڻ وڌيڪ خوداعتمادي پيدا ڪندو آهي. آئون حيران آهيان ته اهڙو فيصلو ڇو ڪيو ويو آهي. انجم پنهنجو پاڻ کي ترقي پسند مسلمان ڪوٺيندي چيو ته حجاب عورت جي شان کي وڌائيندو آهي. + + +پاڪستان جي قبائلي علائقي ميران شاه ڀرسان هڪ همراه پنجاه سالا مولوي صلاح الدين جو لاش هٿ آيو آهي جنهن جي ڀرسان لکيل هڪ نوٽ مليو ته آمريڪا لاءِ جاسوسي ڪندڙن جو اهو حشر ڪيو ويندو جيڪو هن جو ڪيو ويو آهي. +خبرن مطابق ڏکڻ وزيرستان ۾ هڪ جرڳي ذريعي قبائلين لاءِ نوان قانون پڌرا ڪيا ويا آهن. جنهن مطابق جيڪو به آمريڪا لاءِ جاسوسي ڪندو ان کي خبردار ڪيو ويندو جيڪڏهن نه مڙيو ته کيس موت جي سزا ڏني ويندي. + + +پاڪستاني بارڊر ڀرسان افغانستان جي ڏکڻ ۽ اوڀر وارن علائقن ۾ نيٽو فوجين ويڙهاڪن کي مارڻ لاءِ هوائي جهازن ذريعي حملا ڪيا آهن. افغاني اختيارين جو چوڻ آهي ته لڳ ڀڳ 12 ماڻهو مارجي ويا آهن. +نيٽو ذريعن مطابق مذڪوره علائقن ۾ ان وقت ڪاروائي ڪئي وئي جڏهن 10 طالبان ويڙهاڪن کي ڏٺو ويو. نيٽو ذريعن مطابق کين اها ڄاڻ نه آهي ته ڪيترا ماڻهو ان حملي ۾ مارجي ويا آهن. + + +نيدر لينڊ جي پرڏيهي وزير برنارڊ باٽ ڪابل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پاڪستان تي سندن علائقن وٽان ٿيندڙ طالبان ڪاروائين کي روڪڻ واسطي دٻاءَ وڌايو ويندو. +هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان کي چيو ويندو ته هو دهشتگردن کي ٻنجو ڏيڻ واسطي وڌيڪ قدم کڻي. هن اهو به چيو ته اتحادين تي پڻ زور ڀريو ويندو ته ڏکڻ جي علائقن لاءِ وڌيڪ نيٽو فوجي موڪليا وڃن. + + +{{Warn}}هن خبر ۾ حوالا يا ذريعا نه لکيا ويا آهن تنهنڪري هي خبر تڪراري ليکبي، هي نوٽيس ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته حوالا لکيا وڃن ته خبر ڪٿان کنئي وئي. +جيئي سنڌ هلچل جي باني، سائين جي ايم سيد جي ويجهي ساٿي ۽ جسقم جي اڳوڻي چيئرمين عبدالواحد آريسر، بشير خان قريشي جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ ساڻس ڳالهين لاءِ جوڙيل ٽه رڪني ڪميٽي واري فيصلي تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته بشير خان قريشي سان سندس اختلاف زمين يا ڪنهن بنگلي تي ناهن، مون اڃان استعيفيٰ جي مک سببن بابت ڳالهيون ظاهر نه ڪيون آهن، ڳالهيون تمام گهڻيون رهيل آهن، باقي جيڪڏهن ڪميٽي جا دوست ڳالهين لاءِ ايندا ته اوطاق ۽ دل جا در سندن لاءِ اڳ جيان کليل رهندا. +هڪ سوال جي جواب ۾ آريسر چيو ته منهنجي استعيفيٰ بابت فيصلو اداري کي ڪرڻو هو پر گڏجاڻي کان اڳ ۾ بشير خان قريشي منهنجي موقف کي پاڻمرادو رد ڪري ڇڏيو. آريسر واضع ڪيو ته استعيفيٰ هن احتجاجي طور تي ڏني آهي، جيڪڏهن پارٽي ۽ ادارا فعال ڪردار ادا ڪن ها ته هو ائين استعيفيٰ نه ڏئي ها، جسقم جي اڳوڻي چيئرمين چيو ته اڄ به ادارا فعال ڪردار ادا ڪن ته هو سيد جي فڪر لاءِ جان ڏيڻ وارو جذبو رکي ٿو، هاڻ ته صورتحال اها آهي جو پير جي ڳوٺ جي هڪ دوست جي ايئرڪنڊيشن ڪار ۾ ويهي فيصلا ٿين ٿا، هو پارٽي ۾ ان رويي جو مخالف آهي. +هن بشير خان قريشي سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن بشير ��ان ڪنهن به ٽي وي چينل يا سنڌ جي ڪن به ٽن صحافين جن کي هو بهتر سمجهي ٿو تن سامهون ڳالهيون ڪري ته آئون ان مناظري ۾ اچڻ لاءِ تيار آهيان. هڪ سوال تي هن چيو ته جسقم بشير خان نه پر مون ٺاهي هئي ڪارڪن پيدا ڪرڻ ۾ مون وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. + + +اسلام آباد ۾ ڪجهه وقت اڳ پڪڙيل راڪيٽن جي حوالي سان چيو ويو آهي ته ٿي سگهي ٿو ان جي پويان القائده جو هٿ هجي. اهڙي خبر ڊان جي حوالي سان ڏني وئي آهي. +ياد رهي ته پاڪستاني اختيارين ٽن ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو هو. جڏهن ته مذڪوره راڪيٽ پارليامينٽ ۽ آءِ ايس آءِ جي آفيس ڀرسان پڪڙيا ويا هئا. + + +ڀارتي سيڪيورٽي فورسز هڪ ماڻهو کي ويڙهاڪ هجڻ جي شڪ ۾ ڀارتي ڪشمير ۾ مارڻ جي دعوا ڪئي آهي. چيو ويو آهي ته ويڙهاڪ وٽان اي ڪي 47 رائيفل پڻ هٿ آئي آهي. +ياد رهي ته جڏهن کان برصغير مان انگريز ويا آهن تڏهن کان ڪشمير تي ڀارت ۽ پاڪستان پاڻ ٻه جنگيون وڙهي چڪا آهن. + + +ڀارتي ذريعن ٻيهر دعوا ڪئي ته بمبئي بم ڌماڪن ۾ پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ جو هٿ هو. اها ڳالهه ڌماڪن جي الزام تحت گرفتار ٿيلن جي حوالي سان چئي وئي آهي. +ذريعن مطابق گرفتار ٿيل نورالهدا ۽ شبير احمد قبول ڪيو آهي ته آءِ ايس آءِ ڌماڪن ۾ ملوث آهي. اهڙي دعوا جاچ ڪندڙ ڀارتي ٽيم اينٽي ٽررسٽ اسڪواڊ آف بمبمئي پوليس ڪئي آهي. چيو ويو آهي ته گرفتار ٿيل 16 نومبر تائين جاچ لاءِ مذڪوره پوليس تحويل ۾ رهندا. + + +بغداد جي هڪ عدالت اڳوڻي عراقي صدر صدام حسين کي دجيل ۾ 148 ماڻهو مارائڻ جي الزام تحت کيس موت جي سزا ٻڌائي آهي. +صدام جي ڀاءَ برزان تڪريتي ۽ هڪ ٻئي جوابدار سابق جج ايواد حامد کي پڻ موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويو آهي. +ساڳي عدالت هڪ جوابدار محمد آزاوي علي کي اڻ پورين شهادتن جو فائدو ڏيندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عراقي وزير اعظم عدالتي فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته اها سزا هڪ شخص نه پر ان سموري اونداهي دور خلاف آهي. + + +آءِ سي سي ٽرافي جي فائنل ميچ ۾ آسٽريليا ويسٽ انڊيز کي آساني سان شڪست ڏئي فائنل کٽي ورتي آهي. +ويسٽ انڊيز پهريان بيٽنگ ڪندي آسٽريليا کي 139 رنسن جو مجموعي ٽارگيٽ ڏنو. جواب ۾ آسٽريليا جي ٽيم برسات پوڻ باوجود مليل ٽارگيٽ آساني سان پورو ڪري ورتو. +سواءِ هڪ ٻن کلاڙين جي ويسٽ انڊيز جي پوري ٽيم جي ڪارڪردگي خراب رهي جنهنڪري آسٽريليا لاءِ وڏو ٽارگيٽ جڙي نه سگهيو. ياد رهي ته آسٽريليا وٽ آءِ سي سي ٽرافي جي ڪمي هئي جيڪا هاڻ پوري ٿي وئي آهي. + + +پاڪستاني ڪشمير ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا جنهنڪري ماڻهن ۾ خوف جي لهر ڇائنجي ويئي. +زلزلي جا جهٽڪا ڪشمير جي ڏاکڻي ضلعي باغ ۽ روالاڪوٽ ۾ محسوس ڪيا ويا. اهو زلزلو هڪ لڳي ڏه منٽ ڌاري آيو جيڪو ڪجهه سيڪنڊ جاري رهيو. رهواسين مطابق جهٽڪا ڪافي شديد هئا جنهنڪري ماڻهن ۾ خوف ڇائنجي ويو. +چيو ويو آهي ته جهٽڪن سبب ڀاڄ پوڻ جي نتيجي ۾ ڪجهه ماڻهو زخمي ٿي پيا ۽ ڪجهه پراڻين ۽ زبون حال عمارتن جون ڀتيون پڻ ڪري پيون. + + +باجوڙ مدرسي تي فوجي بمباري ۾ مارجي ويل 80 ڄڻن واري واقعي جي تحقيقات لاءِ سرحد جي وڪيلن ”فيڪٽس فائنڊنگس“ نالي هڪ پينل جوڙي ورتو آهي. +اهو پينل پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن، پشاور ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ۽ سرحد بار ڪائونسل مشترڪه طور ترتيب ڏنو. +پينل ۾ ڪريم محسود خان، بئريسٽر باچا، محمد خورشيد خان، قيصر رشيد، غلام نبي ۽ احمد زيب خان تي مشتمل هوندو. جيڪي باجوڙ واقعي جي مڪمل تحقيقات ڪري عوام آڏو آڻيندا. + + +برطانيه جي ڪليسا جي هڪ سينئر بشپ چيو آهي ته مسلمان دنيا جي حوالي سان ٻٽي معيار جو شڪار ٿي پيا آهن. اهي هڪ ئي وقت غالب هجڻ ۽ مظلوم هجڻ جو تجربو ڪري رهيا آهن. +سينئر بشپ مائيڪل نذير علي جو چوڻ هو ته مسلمانن سان زيادتي ختم ڪرڻ درست عمل ئي ليکبو جيئن بوسينا يا ڪوسوو جن تي جبر ڪيو پئي ويو. پر افغانستان جي ويڙهاڪن لاءِ اهو چوڻ درست نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته انهن زوري ٻين کي پنهنجو محڪوم بڻايو. +موجوده معاشري ۾ گهڻا سبب ان ڳالهه جي حق ۾ آهن ته عورتون نقاب نٿيون پائي سگهن ڇاڪاڻ ته اڄ جو معاشرو شناخت جو گهرجائو آهي. + + +ڀارتي ڪشمير ۾ ٽن عورتن سميت ڇهه ڄڻا مارجي ويا آهن، پوليس موجب مارجي ويلن ۾ ٻه انتهاپسند پڻ شامل آهن. +پوليس مطابق اڌمپور جي هڪ ڳوٺ ۾ نامعلوم ماڻهن گهر ۾ داخل ٿي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گهر جا ٽي ڀاتي زال، مڙس ۽ سندن ڌي مارجي ويا. چيو ويو آهي ته کين فوج جي مخبر هجڻ جي شڪ ۾ ماريو ويو. +جڏهن ته ٻئي واقعي ۾ پوليس کي اطلاع مليو ته هڪ خفيه ٺڪاڻي ۾ دهشتگرد لڪل آهن جتي پوليس ڪاروائي ڪري ٻن انتهاپسندن کي ماري وڌو. چيو ويو آهي ته مارجي ويلن جو تعلق لشڪر طيبه سان هو. انهن وٽان هٿيار ملڻ جي دعوا پڻ ڪئي وئي آهي. + + +ڀارتي صوبي آسام جي دارالحڪومت گوهاٽي ۾ ٿيل ٻن بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 ماڻهن جي مارجي وڃڻ ۽ 30 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. +پوليس ذريعن مطابق پهريون بم ڌماڪو شهر جي فينسي بازار ۾ ٿيو. ذريعن مطابق ڌماڪي وقت بهار مان آيل ماڻهو مذهبي گيت ڳائي رهيا هئا ان ڌماڪي ۾ 13 ماڻهو مارجي ويا. +ٻيو ڌماڪو شهر جي ڏاکڻي علائقي ۾ ٿيو جنهن ۾ ٻن ماڻهن جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن. ڪنهن به انهن ڌماڪن جي ذميواري نه قبولي آهي، پوليس مطابق ان ڪاروائي پٺيان الفا نالي گروپ جو هٿ آهي. + + +سانگهڙ مان مليل اطلاعن موجب رانٽو ڪينال ۾ ٻڌي ويلن جو انگ 15 ٿي ويو آهي جنهن ۾ 3 عورتون ۽ 3 ٻار پڻ شامل هئا. +واقعو سانگهڙ کان 40 ڪلوميٽر پري رانٽو ڪينال ۾ ان وقت پيش آيو جنهن وقت هڪ بتيلو اونڌو ٿي پيو. خبرن مطابق چيو ويو آهي ته ٻيڙي کي هڪ ٻار هلائي رهيو هو. +اهو پڻ چيو ويو آهي ته اڃا تائين ڪجهه فوتين جا لاش ڪينال مان نه لڌا ويا آهن. جڏهن ته ڪينال جو پاڻي پڻ گهٽايو ويو آهي ۽ خاص ٽوٻا پڻ گهرايا ويا آهن. + + +جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ عبدالواحد آريسر جي استعفا بعد پيدا ٿيل اختلاف اڃا تائين نه نبري سگهيا آهن. خبرن مطابق جسقم جي سموري مرڪزي ڪابينه پڻ استعفا ڏئي ڇڏي آهي. +مرڪزي عهديدارن چيو آهي ته تنظيم ۾ موجود اختلافن کي فوري طور حل ڪيو وڃي نه ته اسان جو استعفائون منظور ڪيون وڃن. سندن چوڻ مطابق هنن پنهنجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو آهي. +ياد رهي ته عبدالواحد آريسر جي ان ڳالهه ته بشير قريشي پنهنجي عهدي جو فائدو وٺندي فيصلي تي اثرانداز ٿيندو تنهنڪري بشير قريشي پڻ استعفا ڏئي ڇڏي آهي. +جسقم طرفان ڊاڪٽر شفيع محمد ڪرناڻي جي اڳواڻي ۾ هڪ 6 رڪني ڪاميٽي جوڙي آهي جيڪا بحران جي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. ان ڪاميٽي ۾ ڊاڪٽر صفدر سرڪي، سرائي قربان کهاوڙ، علي حسن چانڊيو، سرفراز ميمڻ ۽ محمد راهمون شامل آهن. ٻئي طرف آريسر، شفيع ڪرناڻي جي مقرري تي ناخوش هو سندس چواڻي هن جو ڪردار تڪراري آهي. + + +{{Warn}}هي خبر تڪراري ان ڪري آهي ڇاڪاڻ ته ان جا حوالا نه آهن تنهنڪري ان جي سچ هجڻ تي شڪ ڪري سگهجي ٿو. حوالا ڏئي نوٽيس ختم ڪري سگهجي ٿو. +شڪا��پور لڳ همايون ٿاڻي جي حد ۾ اڄ صبح قمبراڻي ۽ مارفاڻي قبائلي جهيڙي ۾ ٺاپر نه آئي هڪ ٻئي جي ڳوٺن تي حملا قمبراڻي ڌر جا 2 ڄڻا قتل 3 زخمي. +شڪار پور لڳ همايون ٿاڻي جي حد ۾ قمبراڻي ۽ مارفاڻي برداري جي هڪ سال کان جاري قبائلي جهيڙي ۾ ٺاپر نه اچي سگهي اڄ صبح مارفاڻي برادري جي هٿياربندن قمبراڻين جي ڳوٺ تي حملو ڪري 2 ڄڻن محمد ايوب ولد محمد سچل بکراڻي ۽ عبدالحئي عرف لالائي بکراڻي کي شديد فائرنگ ڪري قتل ۽ ٽن ڄڻن کي سخت زخمي ڪري وڌو. +واضح رهي ته هڪ سال اڳ پاڻي جي مسئلي تان قمبراڻي برادري پاران مشهور پاٿاريدار طوطو مارفاڻي کي قتل ڪرڻ کان بعد شروع ٿيل قمبراڻي ، مارفاڻي جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين جا هن مهل تائين 40 کان مٿي ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن. جڏهن ته ضلعي ۽ صوبائي حڪومت توڙي پوليس انتظاميا قمبراڻي، مارفاڻي جهيڙي کي روڪڻ ۾ مڪمل ٿي ناڪام ٿي چڪي آهن. + + +صدام حسين کي مليل موت جي سزا تي آمريڪي صدر بش جو ردعمل سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن ان فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته ايمنسٽي انٽرنيشنل ان فيصلي کي غلط قرار ڏنو آهي. +ايمنسٽي انٽرنيشنل فيصلي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙو فيصلو ناانصافي تي ٻڌل آهي. ياد رهي ته شيعه آبادي وارن علائقن ۾ ان فيصلي جو خيرمقدم ڪيو ويو آهي ۽ خوشيءَ ۾ جلوس ڪڍيا ويا آهن. +صدام کي موت جي سزا 148 ماڻهو مارائڻ جو ڏوه ثابت ٿيڻ جي سلسلي ۾ ڏني ويئي آهي. روس ان فيصلي مان ناخوش آهي جڏهن ته برطانيه ان فيصلي کي ساراهيو آهي. + + +آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ گڏيل حڪمت عملي بابت ڳالهين جو ٻيو دور اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندو. ٻن ڏينهن لاءِ اهي ڳالهيون پرڏيهي سيڪريٽري رياض احمد خان جي صدارت هيٺ ٿينديون. +ان گڌجاڻي ۾ انڊر سيڪريٽري اسٽيٽ رچرڊ بائوچر ۽ ٻيا اهم عهديدار پڻ شريڪ ٿيندا. انهن ڳالهين جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعلقات ۽ حڪمت عملي بابت بحث هوندو. ياد رهي ته ڳالهين جو پهريون دور هن سال اپريل ۾ واشنگٽن ۾ ٿيو هو. + + +پاڪستان جي پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوري چيو آهي ته پاڪستان افغانستان واري بارڊر بند ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اها ڳالهه هن نيدرلينڊ جي فوجن طرفان چيل ان ڳالهه جي جواب ۾ چئي ته پاڪستان مان ٿيندڙ طالبان دراندازي گهٽائڻ لاءِ ان تي دٻاءَ وڌايو وڃي. +نيدرلينڊ جي ڪمانڊر چيو آهي ته پاڪستان جي علائقن وٽان افغانستان ۾ ٿيندڙ طالبان دراندازي کي گهٽائڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي جي ضرورت آهي ان لاءِ پاڪستان کي وڌيڪ ڪوششون وٺڻ گهرجن. + + +پاڪستان پيپلز پارٽي چيو آهي ته پرڏيهي ڪمپني کي وڪرو ڪيل ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، وفاق بيجاءَ طور انهن کي وڪرو ڪري پنهنجو فيصلو مڙهڻ ٿو چاهي. +نثار کهڙي هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته وفاق جو ٻيٽن بابت قدم غير قانوني ۽ غير آئيني آهي. پ پ ان جي پرزور مذمت ڪري ٿي. +گُهر ڪئي وئي ته ٻيٽن بابت فيصلو لا آف د لينڊ ۽ آئين مطابق ڪيو وڃي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ جي ماڻهن جو آواز بنجڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. + + +ادا! سنڌي وڪي اخبار ۾ اوهان کي ڀليڪار. اميد ته اوهان سنڌي وڪي اخبار کي مطالعي هيٺ رکندا ۽ پڻ وقت ملڻ تي پنهنجي حصيداري پڻ ڪندا. هن سائٽ تي هرڪو خبرون پوسٽ ڪري سگهي ٿو. خبرون پوسٽ ڪرڻ لاءِ فقط اصل حوالن جي ضرورت پوندي جيڪي ڏيڻ لازمي آهن. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته هتي پوسٽ ڪندا. + + +ادا! سنڌي وڪي اخبار ۾ اوهان کي ڀليڪار. اميد ته اوهان سنڌي وڪي اخبار کي مطالعي هيٺ رکندا ۽ پڻ وقت ملڻ تي پنهنجي حصيداري پڻ ڪندا. هن سائٽ تي هرڪو خبرون پوسٽ ڪري سگهي ٿو. خبرون پوسٽ ڪرڻ لاءِ فقط اصل حوالن جي ضرورت پوندي جيڪي ڏيڻ لازمي آهن. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته هتي پوسٽ ڪندا. + + +سموري ملڪ ۾ ڊينگو وائرس متاثر مريضن جو تعداد ٽي هزار کان مٿي چڙهي ويو آهي. خبرن مطابق ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ٿيل نون مريضن بعد اهو تعداد 3230 ٿي ويو آهي. +چيو ويو آهي ته انهن مان 1113 مريضن کي ڊينگو وائرس پازيٽو قرار ڏنو ويو آهي. اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ مريضن جو تعداد 175 ٻڌايو ويو آهي. + + +ڊائرن براٽ کي يورپ ۽ آمريڪا ۾ دهشتگردي جي مختلف واقعن جي رٿابندي ڪرڻ تي 40 سالن جي سزا ٻڌائي وئي آهي. +ذريعن مطابق برطانيه جي عدالت ۾ ڊائرن براٽ جي شنوائي دوران پراسيڪيوٽر پنهنجي حجت ۾ چيو ته ڊائرن براٽ پاڪستاني ڪشمير مان چار مهينن لاءِ دهشتگردي جي سکيا ورتي. +سومر ڏينهن ڊائرن براٽ کي انتهائي سخت سيڪيورٽي انتظامن بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. هن تي نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج، آءِ ايم ايف هيڊ ڪوارٽر واشنگٽن ۽ لنڊن ۾ بم ڌماڪن جي رٿابندي ڪرڻ جو الزام آهي. +چيو ويو آهي ته ڊائرن براٽ 6 سالن تائين رٿابندي ڪئي. عدالت کي هڪ وڊيو ڏيکاري وئي جنهن مطابق مارچ 2001 ۾ برائٽ نيويارڪ ۾ موجود هو. + + +پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته ايم ايم اي يا حافظ حسين احمد سان ڪوبه وعدو نه ڪيو هو. حافظ حسين احمد شايد ڪو خواب ڏٺو آهي. +چوڌري شجاعت اها ڳالهه حافظ حسين احمد جي بيان جي ردعمل ۾ ڪئي جنهن ۾ دعوا ڪئي وئي هئي ته چوڌري شجاعت عورت تحفظ بل بابت ساڻس وعدو ڪيو هو. چوڌري شجاعت اهڙي ڪنهن به وعدي کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. + + +ڪشميري تنظيم حريت ڪانفرنس جي هڪ ڌڙي جي اڳواڻ سيد علي شاه گيلاني چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا جي اشارن تي نچي رهيو آهي. اها ڳالهه هن هڪ سيمينار ۾ خطاب دوران چئي. +گيلاني وڌيڪ چيو ته پاڪستان باجوڙ مدرسي تي حملو ڪري 80 ماڻهن کي ماريو هو ۽ دعوا ڪئي هئي ته اهي دهشتگرد هئا جڏهن ته ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهي بيگناهه هئا. گيلاني چيو ته پاڪستان صرف آمريڪا کي خوش ڪري رهيو آهي. +حريت اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان انهن سان گڏ نه آهيون جيڪي پنهنجا وعدا وساري ويٺا آهن. اسان جي جدوجهد صحيح رخ ۾ جاري رهندي. + + +ڀارتي ڪشمير جي ضلعي ڊوڊا ۾ ويڙهاڪن جي حملي ۾ هڪ اسپيشل پوليس آفيسر مارجي ويو آهي جڏهن ته هڪ عورت ۽ هڪ پوليس اهلڪار سميت مختلف واقعن ۾ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. +پوليس ذريعن مطابق هڪ پوليس آفيسر نالي ظفر احمد ولد غلام محي الدين ڊوڊا ضلعي ۾ مارجي ويو آهي. جڏهن ته پلواما ضلعي ۾ ٿيل هڪ ٻئي واقعي ۾ هڪ عورت سميت ٽي ماڻهو زخمي ٿي پيا. زخمين کي اسپتال پهچايو ويو آهي. +ڀارتي دفاعي ترجمان جي چوڻ مطابق چار نوجوانن کي اتر ڪشمير مان گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي پاڪستاني ڪشمير ڏانهن سکيا لاءِ وڃي رهيا هئا. + + +پاڪستاني پوليس بم ڌماڪن جي جاچ لاءِ 70 افغان پناهگيرن کي ڪوئٽا مان گرفتار ڪري ورتو آهي. سمورا افغاني ازبڪ ٻڌايا ويا آهن. +ذريعن مطابق سمورن افغاني پناهگيرن کان گذريل هفتي ٿيل ڪار بم ڌماڪي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. جنهن ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا هئا. + + +ذريعن مطابق افغانستان جي صوبي خوست ۾ ڇهن ويڙهاڪن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هڪ القائده جو ڄاتل دهشتگرد شامل آهي. +خبرن موجب گرفتار دهشتگرد سان گڏ ٻين پنج ماڻهن کي ��ڻ گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن مان هڪ پاڪستاني ۽ هڪ عرب آهي. +ذريعن مطابق وٽائن هينڊ گرنيڊ ۽ اي ڪي 47 رائيفل وغيره هٿ ڪيا ويا. انهن وٽان هڪ وڊيو پڻ هٿ آئي آهي. ڪيترائي ٻيا طالبان ۽ پاڪستاني پڻ خوست صوبي مان گرفتار ڪيا ويا آهن جيڪي بارڊر جي آرپار ويندا رهيا آهن. + + +راولپنڊي کان جهلم ويندي روڊ حادثي ۾ برگيڊيئر ۽ سندس زال سميت ست ڄڻا فوٿ ٿي ويا. +حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ ڪار جو ٽائر ڦاٽي پيو ۽ اها ڪار سامهون ايندڙ ٻي ڪار سان ٽڪرائجي ويئي. حادثي ۾ چار ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا. +ذريعن مطابق زخمين کي گوجر خان اسپتال پهچايو ويو. جڏهن ته پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. + + +آمريڪا جي فوجي ذريعن چيو آهي ته عراق ۾ آمريڪا جا پنج فوجي مارجي ويا آهن. چيو ويو آهي ان ۾ اهي فوجي پڻ شامل آهن جيڪي اتر بغداد ۾ هليڪاپٽر واقعي ۾ مارجي ويا. +خبرن مطابق ٻه ميرين ۽ هڪ فوجي انبار صوبي ۾ ويڙه دوران مارجي ويا. هن مهيني مارجي ويل آمريڪي فوجن جو تعداد 18 ٿي ويو آهي. + + +ذريعن مطابق فلسطين ۾ چئن ڏينهن دوران مارجي ويل ماڻهن جو تعداد 46 ٿي ويو آهي. چيو ويو آهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان اهڙو ڪوبه ڏينهن نه گذريو آهي جڏهن غزه ۾ قتل نه ٿيا هجن. +ذريعن دعوا ڪئي آهي ته حملن ۾ دهشتگردن کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، پر اهو ڪير به نٿو چئي سگهي ته انهن مان ڪيترا اصل ۾ دهشتگرد هئا. چيو ويو آهي ته انهن کي انسانيت بابت ڳالهائڻ جو ڪوبه حق ناهي جن 1000 کان مٿي لبنانين ۽ 300 کان مٿي فلسطين جو تازو خون وهايو آهي. + + +جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ عبدالواحد آريسر بنيادي ميمبرشپ تان ڏنل استعفا واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ جسقم ۾ پنهنجون سرگرميون جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. +ذريعن موجب آريسر جيئمسٽ ڪائونسل پاران جوڙيل ڪاميٽي سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اهڙو اعلان ڪيو. آريسر وڌيڪ چيو ته مان جسقم جو بانيڪار آهيان ۽ مون کي خوشي آهي ته منهنجي احتجاج جو جيئمسٽ ڪائونسل نوٽيس ورتو. +آريسر جو وڌيڪ چوڻ هو ته کيس خوشي آهي ته بشير قريشي پنهنجو پاڻ کي سيد جو سچو سپاهي سمجهي ٿو. +ٻئي طرف آرگنائزنگ ڪاميٽي جي ميمبر چيو ته آريسر اسان جو وڏو آهي، اسان کي خوشي آهي ته آريسر صاحب اسان جي چوڻ تي استعفا واپس ورتي آهي. + + +خانواهڻ جي هڪ ناري منظوران ڌي محمد حسين لوچي کي جوبدار رفيق لوچي گهر ۾ ڪم ڪرڻ جي بهاني گهرائي ساڻس جنسي زيادتي ڪئي. +خبر ۾ چيو ويو آهي ته ناري کي خاموش رهڻ جو چيو ويو ٻي صورت ۾ کيس قتل جون ڌمڪيون ڌنيون ويون. ناري کي جڏهن حمل ٿيو ته اهو حمل پڻ زوري گوريون کارائي ضايع ڪرايو ويو. +ذريعن موجب منظوران پنهنجي پيءَ ۽ مامي سان گڏ ڊي پي او آفيس آڏو احتجاج ڪيو. ڊي پي او پوليس کي جاچ جون هدايتون ڪيون آهن. +منظوران صحافين کي ٻڌايو ته ساڻس جنسي زيادتي ڪئي وئي بعد ۾ حمل پڻ ضايع ڪرايو ويو. + + +ايران ڇهه ڏوهارين کي زاهدان ۾ سرعام موت جي سزا ڏيندو. انهن ڏوهارين تي يورپي سياحن کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ جو الزام آهي. +جن کي ڦاسي ڏني ويندي انهن ۾ بهزاد، محمد امين، عبدالله، محسن، ماجد ۽ نادر خان شامل آهن. ذريعن موجب انهن تي الزام هو ته انهن ڊچ، جرمن ۽ آئرش سياحن کي اغوا ڪري چار ماڻهن کي قتل ڪيو هو. +خبرن مطابق هن سال 115 ماڻهن کي موت جي سزا ڏني وئي آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل موجب 2005 ۾ 94 ماڻهن کي موت جي سزا ڏني وئي هئي. هن سال اهو تعداد وڌيڪ ٿي ويو آهي. + + +ٿائيلينڊ ۾ هڪ بم ڌماڪي ۾ ٻه فوجي مارجي ويا ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. حملي جو شڪ ناراض مسلمانن تي ظاهر ڪيو ويو آهي. جيڪي ان ڳالهه جي خلاف هئا ته سندن ڳوٺ ۾ فوجي ويٺا هجن. +ذريعن موجب 300 ڳوٺاڻن جنهن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارڙن جي هئي، انهن فوجن خلاف هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو. پنج ڪلاڪن جي ڳالهين کان پوءِ فوجي ڳوٺ ڇڏڻ تي راضي ٿيا. جڏهن اهي واپس وڃي رهيا هئا ته بم ڌماڪو ٿيو. + + +خبرن مطابق فلسطيني علائقي غزه ۾ اسرائيلي فوج پاران هفتو جاري رهندڙ آپريشن ختم ڪيو ويو آهي ۽ فوج موٽي وئي آهي. +اسرائيلي فوجي ترجمان مطابق غزه جي علائقي بيت جنون جو آپريشن ختم ٿي چڪو آهي ۽ گذريل رات فوجي علائقي مان نڪري ويا آهن. جڏهن ته غزه پٽي ۾ فوج نيون پوزيشنون سنڀالي ورتيون آهن. ياد رهي ته ان آپريشن ۾ 50 کان وڌيڪ فلسطيني مارجي ويا هئا. + + +آمريڪا ۾ اڄ وچ مدي وارين چونڊن لاءِ ووٽ وڌا ويندا، سمورين رياستن ۾ ووٽنگ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. +ٻنهي وڏين پارٽين ريپبلڪن پارٽي ۽ ڊيموڪريٽس چونڊن کان پوءِ پيدا ٿيندڙ تنازعن کي منهن ڏيڻ لاءِ قانوني ٽيمون جوڙيون آهن. +ذريعن موجب مختلف سروي ڊيموڪريٽس جي حق ۾ آيا آهن. هنن وچ مدي وارين چونڊن ۾ عام سيٽن لاءِ 435، سينيٽ لاءِ 33 سيٽن ۽ 36 رياستن جي گورنرن جي سيٽن لاءِ اميدوارن وچ ۾ مقابلا ٿيندا. + + +اتر جپان ۾ تيز طوفان سبب 9 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. +اتر جپان ۾ طوفان سبب سروما جو علائقو متاثر ٿيو آهي. چيو ويو آهي ڪيترائي ماڻهو پنهنجي طور اسپتالن ڏانهن روانا ٿيڻ سبب فوتين يا زخمين بابت تصديف شده اطلاع نه آهن. +ذريعن موجب ڪيترائي ماڻهو لاپته پڻ ٿي ويا آهن. ٽي وي تي ڏيکاريل فوٽن مطابق ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پيا آهن. + + +سنڌي وڪي اخبار ۾ ڀلي ڪري آيا! +محترم رام ڪرشن، اسان اوهان کي ميمبر ٿيڻ تي واڌايون ڏيون ٿا. هن سلسلي ۾ اوهان به اسان مدد ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ صحتمند صحافت ۾ حصيداري ڪري سگهو ٿا. هن پروجيڪٽ جو مقصد آهي غيرجانبدار انداز سان تازه ترين خبرون سنڌين تائين پهچائڻ، ان لاءِ اوهان انٽرنيٽ تان خبرون تلاش ڪري هتي پوسٽ ڪري سگهو ٿا اوهان کي صرف ايترو ڪرڻو آهي ته ان خبر جو حوالو ڏيڻو پوندو جتان اوهان اها خبر کنئي هوندي. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته اسان حاضر آهيون. + + +ڀارتي شهر ناگپور ۾ هڪ خاندان جي چار ڀاتين جي مارجي وڃڻ واري واقعي تي پرتشدد احتجاج جي پيش نظر ڪرفيو هنيو ويو آهي. +ذريعن مطابق پوليس احتجاجي مظاهري کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو پڻ استعمال ڪيو. پرتشدد مظاهري سبب ڇهه پوليس اهلڪار پڻ سخت زخمي ٿي پيا. +پوليس ذريعن مطابق مظاهرين ٻه ٽي مهينا اڳ مارجي ويل هڪ گهر جي چار ڀاتين جي مارجي وڃڻ خلاف احتجاج پئي ڪيو. اسان ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال پڻ ڪيو تنهن هوندي به مظاهرين پرامن نه ٿيا جنهنڪري اُتي ڪرفيو نافذ ڪرڻو پيو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ماحول ۾ ڪافي تاءُ آهي پر حالتون ڪنٽرول ۾ آهن. + + +ڏکڻ افغانستان ۾ ٿيل هڪ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ نيٽو فوجي مارجي ويو آهي جڏهن ته ٻه نيٽو فوجي زخمي ٿي پيا. +ذريعن مطابق اهو واقعو قنڌار کان 35 ڪلوميٽر اولهه طرف ٿيو، زخمين کي اسپتال پهچايو ويو آهي. مارجي ويل ۽ زخمي ٿيل فوجين بابت اها ڄاڻ نه ملي سگهي آهي ته انهن جو تعلق ڪهڙي ملڪ سان آهي. + + +عراق جي شهر بصرا ۾ حملي جي نتيجي ۾ هڪ برٽش فوجي مارجي ويو آهي. عراق ۾ موجود برٽش فوجين جو ڪل تعداد 7200 ٻڌايو ويو آهي. +ذريعن مطابق عراق ۾ مارجي ويل برٽش فوجين جو تعداد تازي واقعي کان پوءِ هاڻ 121 ٿي ويو آهي. برٽش سرڪاري ذريعن چيو آهي ته اسان جا بهادر فوجي عراقي عوام جي بهتر مستقبل لاءِ وڙهي رهيا آهن ۽ اهي هر خطري کي عراق جي بهتريءَ لاءِ منهن ڏئي رهيا آهن. + + +پاڪستان پيپلز پارٽي فوجين کي ٽيڪس جي شعبي سينٽرل بورڊ آف روينيو ۾ مڙهڻ جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته اهڙي ڇسي پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي. اهڙيون ڳالهيون پ پ جي ترجمان فرحت الله بابر ڪيون. +هن وڌيڪ چيو ته رٽائر فوجين کي سول بيروڪريسي، تعليمي شعبي، صحت شعبي توڙي ٻين ادارن ۾ ڀرتي ڪرڻ سان هڪ ته شهرين جو حق مارجي ٿو ٻيو ان سان ادارا ترقي ڪرڻ بجاءِ پٺتي وڃن ٿا. +ذريعن مطابق ٽيڪس جي شعبي ۾ حوالدار کان وٺي ميجر تائين جا رٽائر فوجي ڀرتي ڪيا ويا آهن. فرحت الله بابر پنهنجي بيان ۾ تفصيل سان فوجين جي اهڙين ڀرتين کي ظاهر ڪيو آهي. هن چيو ته پ پ ٽيڪس شعبي ۾ مڙهيل فوجين خلاف قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿاريندي. + + +ڀارت جو مشهور سنڌي فلم پروڊيوسر اين اين سپي 75 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو آهي. سندس خاندان مطابق اين اين سپي کي گذريل هفتي اسپتال داخل ڪرايو ويو هو. هو دل جي عارِضي ۾ مبتلا هو. +اين اين سپي فلم پروڊيوسر ٿيڻ کان اڳ 10 سالن تائين فلم جي مختلف شعبن جهڙوڪر فلم فنانس ۽ ڊسٽريبيوشن ۾ ڪم ڪندو رهيو هو. هن جو پيءَ ورهاڱي کان اڳ سنڌ جو مشهور ڊسٽريبيوٽر هو، اين اين سپي پنهنجي خانداني بزنس ۾ به ڪجهه وقت لاءِ ڪم ڪيو. +اين اين سپي جي فلمي ڪيرئر ۾ مشهور فلمون ڪالي چرن، سرگم، فقيرا، چور مچائي شور وغيره شامل آهن. مرحوم پنهنجي موت پڄاڻان هڪ پٽ ۽ ٽن ڌيئرن کي سوڳوار ڇڏيو آهي. + + +پاڪستان جي قبائلي علائقي ڏکڻ وزيرستان ۾ نامعلوم ماڻهن سرحد جي گورنر علي محمد جان اورڪزئي تي جرڳي کي خطاب دوران حملو ڪيو آهي، ذريعن مطابق حملي مان گورنر سميت سمورا ماڻهو محفوظ رهيا. +سرڪاري ذريعن مطابق خطاب دوران ٻه راڪيٽ ڏکڻ طرف کان اتي فائر ڪيا ويا جتي جرڳو ٿي رهيو هو. انتظاميه مطابق راڪيٽ مٿان کان ٿيندا ايئرپورٽ جي حدن ۾ وڃي ڪريا ۽ ڌماڪن سان ڦاٽي پيا جڏهن ته ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع نه آهن. +واقعي کان پوءِ اسڪائوٽس ۽ فوج ان طرف جوابي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن طرف کان راڪيٽ فائر ڪيا ويا هئا جنهنڪري سموري علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو. ذريعن مطابق ان واقعي کان پوءِ گورنر پشاور روانو ٿي ويو. + + +پاڪستاني صوبي سرحد جي علائقي مالاڪنڊ ڀرسان هڪ خودڪش بم حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 42 پاڪستاني فوجي مارجي ويا آهن جڏهن ته ويهن کان مٿي فوجي زخمي پڻ ٿيا. ڪجهه زخمين جي حالت انتهائي نازڪ ٻڌائي وئي آهي. +وزير اطلاعات محمد علي دراني مطابق مالاڪنڊ واري خودڪش حملي ۾ مارجي ويلن جو تعداد 42 ٿي ويو آهي، جڏهن ته زخمين مان ڪجهه جي حالت خطرناڪ آهي. +فوج جي ترجمان ميجر جنرل شوڪت سلطان چيو آهي ته اها دهشتگردي واري ڪاروائي هئي لڳي ٿو خودڪش بم حملو ڪيو ويو آهي. +بي بي سي موجب اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته انهن هڪ شخص کي ميدان ۾ جاري فوجي مشق ۾ اندر ويندي ڏٺو جنهن کي سنڌي ٽوپي پاتل هئي. ان شخص جي اندر داخل ٿيڻ سان ئي زوردار ڌماڪو ٿيو. +زخمين کي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. اتي رت ڏيڻ لاءِ پڻ ماڻهو گڏ ٿي ويا آهن. چيو ويو آهي ته اسپتال کي گهيري ۾ آڻي اچ وڃ روڪي وئي آهي. +ياد رهي ته مالاڪنڊ انهيءَ علائقي جي ويجهو آهي جتي گذريل هفتي پاڪستاني فوج هڪ مدرسي تي حملو ڪري 80 ماڻهو ماريا هئا. + + +محترم ڪبير! اوهان کي سنڌي وڪي اخبار ۾ ميمبر ٿيڻ تي ڀليڪار ڪجي ٿو. +اسان کي اميد آهي ته اوهان هن سائٽ کي روزانه وزٽ ڪندا. ۽ ان سان گڏ اسان جي مدد پڻ ڪندا هي اهڙي قسم جو پروجيڪٽ آهي جنهن ۾ هرڪو مدد فراهم ڪري سگهي ٿو. اوهان کي به دعوت آهي ته خبرون پوسٽ ڪريو رايا ۽ تجويزون ڏيو. وڌيڪ ڪا ڳالهه پڇڻي هجي ته هتي پوسٽ ڪري سگهو ٿا. + + +فلسطيني ذريعن مطابق اسرائيل جي بيت حنون اتر غزه تي حملي جي نتيجي ۾ 24 فلسطيني مارجي ويا آهن جڏهن ته 40 کان مٿي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا. +فلسطيني ذريعن مطابق مارجي ويلن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا پڻ شامل آهن. اسرائيل واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان واقعي جي تحقيقات ڪرائي پئي وڃي. +فلسطيني اڳواڻن گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل کي اپيل ڪئي آهي ته اسرائيل کي حملن ڪرڻ کان روڪيو وڃي. چيو ويو آهي ته اسرائيل جي تازين ڪاروائين جي ٽي وي وڊيوز کي ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته حملن ۾ ڪيئن انساني عضوا وکريل هئا. +حماس جي مقامي اڳواڻ چيو آهي ته اسرائيل تي خودڪش حملا ٻيهر شروع ڪيا ويندا جنهن کي ٻن سالن کان معطل ڪيو ويو هو. حماس جي ذريعن موجب اسرائيل وحشياڻيون ڪاروائيون ڪري رهيو آهي تنهنڪري اسرائيل جو وجود ئي دنيا مان ختم ڪيو ويندو. + + +تامل باغين چيو آهي ته سريلنڪا جي فوج هڪ ڪيمپ تي حملو ڪري 45 شهرين کي ماري ڇڏيو آهي. آزاد ذريعن تصديق ڪئي آهي ته تمام گهڻا ماڻهو ماريا ويا آهن يا زخمي حالت ۾ آهن. تامل باغي ذريعن موجب ويڪاراء علائقي ۾ ٿيل شيلنگ ۾ 125 ماڻهو زخمي ڪيا ويا آهن. +سريلنڪن فوج جي ذريعن جو چوڻ آهي ته تامل باغي پنهنجي بچاءِ لاءِ انساني ديوارون يا پناه جوڙين ٿا. سريلنڪا مانيٽرنگ مشن جو چوڻ آهي ته هنن 23 لاش ڳڻيا آهن جڏهن ته فوتين جو تعداد ان کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. اداري جو چوڻ هو ته اسان ڄاڻون ٿا ته ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن صحيح تعداد جي ڄاڻ نه آهي پر مارجي ويلن جو تعداد 50 کان 60 ٿي سگهي ٿو. + + +آمريڪي ايمبيسي ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته ڀارت جي مُک شهرن تي ٻاهرين دهشتگردن جا حملا ٿي سگهن ٿا. حملن جي رٿا جو شڪ القائده تي ظاهر ڪيو ويو آهي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهي حملا ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ٿي سگهن ٿا. +آمريڪي ايمبيسي جي ترجمان ڊيوڊ ڪينڊي چيو آهي ته سندن انٽيليجينس رپورٽن موجب بمبئي ۽ نيو دهلي دهشتگردن جا خاص ٽارگيٽ ٿي سگهن ٿا. ذريعن موجب ڀارت جي آمريڪي شهرين کي ٻڌايو ويو آهي ته هوٽلن، ايئرپورٽن، گورنمينٽ آفيسن ۽ مارڪيٽن تي حملن جو امڪان آهي. +دهلي پوليس جي ذريعن مطابق دهلي مان ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو جنهن مان هڪ پاڪستاني آهي. خبرن مطابق سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن. + + +ڪراچي ۽ بمبئي وچ ۾ جلد فيري سروس شروع ٿيڻ جا امڪان آهن جنهن کي 40 سال اڳ بند ڪيو ويو هو. ذريعن مطابق پورٽس ۽ شپنگ جي منسٽر بابر غوري جو ان باري ۾ چوڻ آهي ته هو هن مهيني جي آخر ۾ ڀارت ويندو جتي اهڙي قسم جي معاهدي ٿيڻ جا چٽا امڪان آهن. +ذريعن موجب پاڪستان ڪيترين ئي خانگي ڪمپنين کي فيري سروس جا لائسنس جاري ڪيا آهن جنهن ۾ بمبئي ڪراچي دبئي، بمبئي مسقط ڪراچي ۽ ڪراچي گوادر دبئي جا روٽ شامل آهن. + + +ڀارتي سرڪاري ذريعن مطابق پاڪستان حامي حزب الله ويڙهاڪ ڪشمير جي ڊوڊا ضلعي ۾ فوجين هٿان مارجي ويو آهي. مارجي ويل ويڙهاڪ جو نالو گل م��مد عرف ابو حمزا ٻڌايو ويو آهي. +مارجي ويل ويڙهاڪ لاءِ چيو ويو آهي ته اهو حزب الله جو 2001ع کان ٻيون نمبر ڪمانڊر هو. ذريعن مطابق مارجي ويل ويڙهاڪ وٽان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. + + +آمريڪا جي وچ مدي وارين چونڊن ۾ ايوان نمائندگان جي سيٽن ۾ ڊيموڪريٽس جي اڪثريت ٿي وئي آهي. +ذريعن مطابق تازن چونڊن ۾ ريپبلڪن 12 سالن کان موجود پنهنجي اڪثريت وڃائي ويٺي آهي. عوام جي ان فيصلي کي بش جي پاليسين خلاف ريفرينڊم قرار ڏنو پيو وڃي. +غير حتمي نتيجن مطابق سينيٽ ۾ ريپبلڪن وٽ 39 جڏهن ته ڊيموڪريٽس وٽ 46 سيٽون آهن. +وائٽ هائوس جي اعلان مطابق شڪست قبول ڪندي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ڪاميابي کي قبوليو ويو آهي. + + +عراق ۾ موجود آمريڪي فوج دعوا ڪئي آهي ته هنن 14 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي ۽ 48 ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو آهي، انهن جي قبضي مان هڪ پوليس اهلڪار کي ڇڏايو ويو. +ذريعن موجب آمريڪي فوج بغداد ڀرسان القائده جي 10 شڪي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ ڇهه ڏينهن کان اغوا ٿيل هڪ پوليس اهلڪار کي پڻ دهشتگردن وٽان ڇڏائي ورتو آهي. +رمادي ۾ پڻ ٻن شڪي دهشتگردن کي مارڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. جڏهن ته هڪ ٻي آپريشن ۾ پڻ ٻن مبينه دهشتگردن کي ماريو ويو آهي ۽ 48 ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. + + +آمريڪا جي وچ مدي وارين چونڊن ۾ شڪست کان پوءِ صدر بش پنهنجي پهرين خطاب ۾ رمز فيلڊ جي استعفا جي تصديق ڪئي آهي. +صدر بش اعلان ڪيو آهي ته سي آءِ اي جي سابق سربراه رابرٽ گيٽس کي آمريڪا جو نئون وزير دفاع بڻايو پيو وڃي. +ياد رهي ته رمز فيلڊ کي هٽائڻ جا مطالبا پڻ ٿيندا رهيا آهن. صدر بش، رمز فيلڊ کي 2002ع ۾ وزير دفاع جي عهدي تي مقرر ڪيو هو. + + +نيپالي باغين جي اڳواڻ پراچندا ڏهن سالن کان جاري ويڙه ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ هن وقت تائين 13 هزار ماڻهو مارجي چڪا آهن. +اهو اعلان حڪومت ۽ نيپالي باغين وچ ۾ امن معاهدي بابت ڳالهين بعد ڪيو ويو آهي. اهڙي اعلان تي نيپالي سياستدانن خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. +ڀارت، آمريڪا ۽ انگلينڊ پڻ ڏه ساله ويڙه جي خاتمي ۽ امن جي شروعات کي ڀليڪار ڪيو آهي. چيو ويو آهي ته باغين کي حڪومت ۾ حصيداري ڏني ويندي. + + +سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ نثار احمد کهڙو ٻين ايم پي ايز سان گڏ ابراهيم حيدري ويجهو سامونڊي ٻيٽ ڀنڊاڙ جو دورو ڪيو. ساڻس ايم پي اي شازيه عطا مري، فرحين مغل، مهرين ڀٽو، شميم آرا پنهور ۽ ٻيا ايم پي ايز شامل هئا. +ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هنن چيو ته سنڌ حڪومت وفاق جي گڏي آهي، جيڪا سدائين اشارن تي نچندي رهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هوءَ پنهنجي وسيلن تان هٿ کڻي پنهنجي ساک پچائي رهي آهي. هنن ٻڌايو ته اسان ٻيٽن جي وڪري جي خلاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ رٿ پيش ڪئي آهي. +ان تي منظوريءَ بعد 13 نومبر تي بحث ٿيندو. مخالف ڌر جي اڳواڻ ان موقعي تي اعلان ڪيو ته 12 نومبر تي فشر فوڪ فورم جي احتجاجي جلسي ۽ ميلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري اهو ثابت ڪنداسين ته ماهيگير ننڌڻڪا ناهن. سندن حقن لاءِ هر قرباني ڏني ويندي. + + +سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان ۾ اڱاري ڏينهن 2 سامونڊي ٻيٽن جي 12 هزار ايڪڙ زمين سنڌ سرڪار کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ دبئي جي تعميراتي اداري کي الاٽ ڪرڻ خلاف مخالف ڌر جي اڳواڻ نثار کهڙي جي رٿ بحث لاءِ منظور ڪئي وئي آهي، جنهن تي بحث جمعي ڏينهن ٿيندو. +نثار کهڙي پنهنجي رٿ ۾ چيو ته اها صورتحال انتهائي خطرناڪ ۽ ڳڻتي جوڳي آهي ته سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ 2 ٻيٽن جي 12 هزار ايڪڙ زمين گڏيل عرب رياستن جي هڪ ڪمپني کي ڏني پئي وڃي. سنڌ جي بين الصوبائي رابطن واري وزير شڪايت ڪئي آهي ته ان فيصلي جي سنڌ حڪومت کي ڄاڻ ناهي. وڏي وزير جو بيان ڇپيو آهي ته ان سلسلي ۾ کيس اعتماد ۾ نه ورتو ويو هو. +اهي به خبرون آيون آهن ته وڏي وزير کي چيو ويو آهي ته اهو اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻي وڃي قانون واري وزير چوڌري افتخار احمد ان رٿ جي مخالفت نه ڪئي ۽ چيو ته وڏي وزير جو ان معاملي تي موقف چٽو آهي، ان جي باوجود مخالف ڌر ان معاملي تي بحث ڪرڻ چاهي ٿي ته اسين بحث لاءِ تيار آهيون. اسپيڪر اعلان ڪيو ته اها رٿ بحث لاءِ منظور ڪئي وڃي ٿي ۽ ان تي بحث جمعي تي ٿيندو. + + +سنڌ جي ٻيٽن ۽ سامونڊي ڪنارن کي نيلام ڪرڻ خلاف اينٽي ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، سکر، جيڪب آباد، خيرپور، گهوٽڪي، ڏهرڪي، ماٿيلو، اوٻاوڙو، شڪارپور، قمبر، نوابساهه، شهدادڪوٽ، مٽياري ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا پڻ هنيا ويا آهن ۽ ٻيٽن جي نيلامي توڙي ڊيمن جي اڏاوت خلاف مزاحمت ۽ جدوجهد جو اعلان ڪيو ويو آهي. اينٽي ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ايڪشن ڪميٽي 28 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ تاريخي ريلي ۽ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ورجايو ويو آهي. +حيدرآباد ۾ احتجاجي مارچ ڪري مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ڪري ٻن ڪلاڪن تائين ڀرپاسي جي روڊن تي ٽريفڪ معطل رهي. ڌرڻي کي پ پ اڳواڻ امان الله سيال، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو، وشنو مل، نذير ميمڻ، ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي اڳواڻ رحمت الله هيسباڻي، سچل گوپانگ، سڪندر حيات، پاشا قاضي، امجد سهتو، روشن سولنگي، ديوان آرومل ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ پ پ، عوام دوست، جمهوريت پسند ۽ سنڌ دوست ڌريون متحد آهن. هزارين اختلاف، تضاد ۽ ٽڪراءَ هوندي به سنڌ جا 4 ڪروڙ ماڻهو سنڌ خاطر متحد آهن. حڪمران حق گهرڻ تي پنهنجن ئي ماڻهن کي قتل ڪري رهيا آهن. هاڻ جلسن جلوسن مان ڪجهه نه ورندو. فلسطينين جيان ويڙهه ڪرڻي پوندي. +ٺٽو ۾ گل حسن ڪيڙانو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي، جنهن ۾ سيد گلاب شاهه سميت 30 کان مٿي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جڏهن ته عوامي تحريڪ سان اختلافن سبب پ پ ڪارڪن احتجاج ۾ شريڪ نه ٿيا. دادو ۾ ايم اين اي رفيق احمد جمالي، قمبر لغاري، دليپ ڪمار، غلام شبير ابڙو، بشير ٿهيم، محمد هاشم قمبراڻي، ذوالفقار علي کوکر، ايم عمر پنهور، پير مجيب الحق ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ نيو بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته جهنڊن کڻڻ جي معاملي تي اختلافن سبب سيد لعل شاهه، ممتاز ڀنڊ، ڪامريڊ غلام قادر لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پڻ ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن چيو ته حڪمرانن کي سنڌ نيلام ڪرڻ نه ڏني ويندي. وارهه ۾ سرتاج چانڊيو ۽ محب جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. عوامي تحريڪ طرفان گلشن حديد ايل 7 کان ملير پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ممتاز علي ڪانڌڙو، اشفاق چنڙ، امر مگسي، عزيز لانگاهه، قيوم ڀٽو ۽ عبدالستار گوپانگ ڌرڻي کي خطاب ڪيو. سکر ۾ مشتاق سرهيو، حڪيم زنگيجو، هادي بخش ڀٽ، مولانا عبيدالله ڀٽو، عبدالرزاق عاصي، سچل ڀٽي، امام الدين کوسو، حزب الله جکرو، ڊاڪٽر ارشد مغل، حيدر شاهه، گلزار ڀٽو، سعيد مغل ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين ڪارڪنن علامتي بک هڙتال ڪئي. +خيرپور ۾ جيلاني هائوس کان پنج گله چوڪ تائين نظر محمد ڳاهو، سيد امجد شاهه، غلام حيدر ڦلپوٽو ۽ ذوالفقار ڦلپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. بدين ۾ بس اسٽينڊ کان قاضيه واهه پل تائين احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو. عبدالغفور نظاماڻي، شاهنواز سيال، حڪيم هاليپوٽو، محمد موسيٰ ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي. جيڪب آباد ۾ عبدالستار بروهي، دلمراد لاشاري، مولا بخش کوسو، داد محمد ٽالاڻي، نظام مستوئي، محبوب شاهه، رفيق ويسر، ذوالفقار سولنگي، سجاد گهنڃيو، شوڪت گهنيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٽڪنڊي باغ کان جلوس ڪڍيو ويو. ڪارڪن مارچ ڪندا پريس ڪلب پهتا ۽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. هڪ ڪلاڪ تائين ناظم آفيس ويندڙ روڊ بند ٿي ويو. +ميرپورخاص ۾ رسول بخش خاصخيلي جي اڳواڻيءَ ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن بک هڙتال ڪئي، جڏهن ته علي اڪبر پنهور، ملڪ ياسين غوري، اصغر ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين ماڻهن ريلي ڪڍي، جنهن کي مٿين اڳواڻن کانسواءِ انور صالح پنهور، حاجن پنهور، نظر محمد بلوچ، ڊاڪٽر سروپ، نواب قريشي ۽ ٻين به خطاب ڪيو. ايس ٽي پي ڪارڪنن رياض جلباڻي، دريا خان مهر، يوسف رند، غود لال، حاڪم کوسو، قربان ٿيٻو، منظور چانڊيو، قاسم چانڊيو، منصور لغاري، خادم چانڊيو ۽ ٻين پوسٽ آفيس چوڪ تي بک هڙتال ڪئي. اهڙي طرح عوامي تحريڪ، پ پ ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن الڳ الڳ احتجاج ڪيو. +قمبر ۾ محمد پنهل سومرو، ولي محمد مگسي، گلزار سومرو، غلام مصطفيٰ لانگاهه، جمال مغيري ۽ حسين بخس ميراڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪيو. جڏهن ته عوامي تحريڪ طرفان حسن چانڊيو ۽ اياز راهو جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. نوابشاهه ۾ امداد ڌامراهه، غلام مصطفيٰ شاهه ۽ سليم لنڊ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ڪري روڊ بلاڪ ٿي ويو. ميهڙ ۾ ابرار ابڙو، سڌير چانڊيو، ذوالفقار چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گاهي مهيسر روڊ کان پريس ڪلب تائين مظاهرو ڪيو ويو. جتي 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن علامتي بک هڙتال ڪئي. جميل احمد مهيسر، اڪبر پنهور، مير محمد، رياض چانڊيو، دين محمد کوسو، بدر سهول، فقير عظيم جانوري ۽ اڪبر چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرا ڪيا ويا ۽ علامتي بک هڙتال به ڪئي وئي. +ٽنڊي الهيار ۾ عبدالحڪيم خانزادي، فدا حسين آرائين ۽ اڪبر مڱڻهار جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. مٺي ۾ ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، نند لال مالهي، گلزار اوٺو ۽ غني بجير جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن خطاب پڻ ڪيو. ڪامريڊ ڀيرو لال، غلام مصطفيٰ، اشرف درس ۽ ٻين پڻ ريلي ۾ شرڪت ڪئي. + + +{{Warn}}هن خبر ۾ حوالا يا ڪيٽگريز صحيح طور ڏنل نه آهن تنهنڪري هي خبر تڪراري آهي. نوٽيس ختم ڪرڻ لاءِ درستگين جي ضرورت آهي. + + +سنڌ اسيمبلي جو ڪلهوڪو اجلاس پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي جهيڙي جي ور چڙهي ويو. ڌرين هڪٻئي ته ذميواري عائد ڪئي آهي. +ايم ڪيو ايم ۽ پ پ پ ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ بعد هوڪرا ۽ اُلرون ڪيون ويون. ايوان مڇي مارڪيٽ ۾ تبديل ٿي ويو. جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ڪوشش باجود ماحول کي ٺارڻ ۾ ناڪام رهيو. +جهيڙي شروع ٿيڻ کان پوءِ سمورو وقت ايوان مڇي مارڪيٽ بڻيو رهيو. آخر تائين ٻنهي ڌرين مان ڪنهن به پنهنجو پاڻ کي گهٽ نه سمجهندي سنڌ اسيمبليءَ جو مانُ نه رکيو ۽ سلسلي کي جاري رکيو. +اسيمبلي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ٻنهي ڌرين ايوان ۾ متل هنگامي جي ذميواري ٻي ڌر تي هڻي اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو پاڻ بنهه شرافت جو مظاهرو ڪري رهيا هئا. + + +ادا تيرٿ! سنڌي وڪي اخبار ۾ اوهان کي ڀليڪار. +اوهان سنڌي ۾ آءِ ڊي ٺاهي بهتر ڪيو، اميد ته اوهان هن سائٽ تي اچڻ جاري رکندا ۽ روزانه تازيون خبرون پڙهندا رهندا. اسان اوهان مان اها پڻ اميد رکون ٿا ته اوهان هن اخبار ۾ خبرون پوسٽ ڪرڻ جي سلسلي ۾ پڻ اسان جي مدد ڪندا. اوهان پنهنجي شهر ۽ ڳوٺ جون خبرون هتي پوسٽ ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته هتي آگاهي ڏيندا. + + +تيرهن مهينن کان پوءِ جيئي سنڌ متحده محاذ جي ٻن لاپته اڳواڻن کي ظاهر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته سياسي پارٽيون پنهنجي احتجاجن ۾ اهو الزام لڳائينديون رهيون هيون ته اڳواڻن کي پاڪستاني خفيه ايجنسيون کڻي ويون آهن. +جيئي سنڌ متحده محاذ جي ستار هڪڙو ۽ مظفر ڀٽو کي ڄامشور پوليس ظاهر ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هنن وٽان ٻه پسٽل هٿ آيا آهن. اهي ٻئي ڄڻا تخريبڪاري ۾ ملوث رهيا آهن. پوليس جي دعوا آهي ته هنن کي سنڌو درياءَ وٽان گذرندڙ گيس پائپ لائن کي اُڏائڻ جي ڪوشش دوران گرفتار ڪيو ويو. +پوليس ٻنهي اڳواڻن جو ريمانڊ حيدرآباد جي عدالت مان حاصل ڪري ورتو آهي. مظفر ڀٽو ڄامشور پاور هائوس ۾ سب انجنيئر هو. ستار هڪڙو بيروزگار هو. +ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ چار ٻين قومپرست سياسي ڪارڪنن کي پڻ ظاهر ڪيو ويو هو جن جي باري ۾ چيو پئي ويو ته اهي خفيه ايجنسين جي تحويل ۾ آهن. پوليس انهن کان اڳ نواز خان، سڪندر سومري، احمد خان تيوڻو ۽ ذوالفقار کي پڻ ساڳي ڊرامائي انداز ۾ ظاهر ڪري چڪي آهي. + + +آمريڪا جي وچ مدي وارين چونڊن ۾ ايوان نمائندگان ۾ سرسي کان پوءِ ڊيموڪريٽس سينيٽ ۾ پڻ ميدان ماري ورتو آهي. +ذريعن مطابق آمريڪي رياست ورجينيا ۾ جم ويب حڪمران پارٽي جي اميداوار کي هارائي ڇڏيو آهي. +چيو ويو آهي ته سينيٽ ۾ سيٽن برابر ٿيڻ جي صورت ۾ به ڊڪ چيني جي ذريعي ڪنٽرول پوءِ به ريپليڪن پارٽي جو رهندو. + + +ڊينگو وائرس فيور جي فوتين جو انگ 35 ٿي ويو آهي جڏهن ته ڊينگو وائرس جي شڪ سبب اسپتالن ۾ داخل مريضن جو انگ 3530 ٿي ويو آهي. +فوتين مان 33 ڄڻا سنڌ جا جڏهن ته ٻه پشاور جي علائقي مان چيا ويا آهن. اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ مريضن جو انگ 537 ٻڌايو ويو آهي. +ذريعن مطابق حڪومت سجاڳي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي مقامي حڪومتن کي پڻ اهڙيون هدايتون ڪيون ويون آهن. + + +افغانستان ۾ ٿيل تازين جهڙپن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 34 طالبان مارڻ جي دعوا ڪئي ويئي آهي جڏهن ته ٽن پوليس اهلڪارن جي مرڻ جا اطلاع پڻ آهن. +ذريعن موجب 22 طالبان اتحادي فوج ۽ افغان فوج جي گڏيل ڪاروائي ۾ مارجي ويا، اها ويڙهه افغانستان جي ضلعي زهري ۾ ٿي. +چيو ويو آهي ته اٺ طالبان، اٺ پوليس اهلڪار ۽ ٽي شهري پڻ ويڙهه جي نتيجي ۾ زخمي ٿيا آهن. اهڙي طرح مختلف هنڌن تي ٿيل ڪاروائين ۾ 34 طالبان جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن. + + +جمهوري وطن پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ۽ ٻين عهديدارن پنهنجون استعفائون واپس وٺي ڇڏيون آهن. هنن اهڙو اعلان هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. +ان ڪانفرنس ۾ نواب اڪبر بگٽي جو وڏو پٽ طلال بگٽي ساڻن گڏ هو پر صوبائي اسيمبلي جا ميمبر موجود نه هئا. +ٻئي طرف خان آف قلات سلمان دائود، عطا الله مينگل سان ملاقات ڪئي آهي. +پارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري ٻڌايو ته عوام جي اسرار تي استعفائون واپس ورتيون ويون آهن. اسان جو خيال هو ته ٻيا دوست اچي اسان جي جاءِ والاريندا پر ائين ڪونه ٿيو. +خبرن موجب نواب اڪبر بگٽي جي پٽ جميل بگٽي جو چوڻ هو ته پارٽي جي سمورن اسيمبلي ميمبرن کي استعفائون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته مون کي اڳ ئي خبر هئي ته اهي عهديدار استعفائون واپس وٺندا. اهي پارٽي کي سرڪار جي ويجهو آڻڻ چاهين ٿا. + + +طالبان درگئي ۾ فوجي ٽريننگ سينٽر تي حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي جنهن ۾ 42 فوجي مارجي ويا هئا. ٻئي طرف حڪومت جو چوڻ آهي ته اهڙو بيان قياس آرائي آهي اهڙين خبرن تي تبصري جي ضرورت نه آهي. +هڪ اڻ ڄاتل ماڻهو مشهور صحافي رحيم الله يوسف زئي کي فون ڪري حملي جي ذميواري قبول ڪندي چيو ته حملو مقامي طالبان ڪيو آهي. +ٻئي طرف فوج جي ترجمان شوڪت سلطان ان ڳالهه کي قياس آرائي سڏيندي تبصري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. + + +حڪومت سنڌيءَ جي مشهور ٽي وي چينل سنڌ ٽي وي تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. سنڌ ٽي وي جي چيف ايگزيڪويٽو ڪريم راڄپر جو چوڻ آهي ته بنا ڪنهن وارننگ جي اهڙي ڪاروائي ڪئي وئي. +ڊاڪٽر ڪريم راڄپر جو چوڻ هو ته اهڙو زباني حڪم کين ڪالهه شام جاري ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن اسان پيمرا سان رابطو ڪيو ته انهن جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جي چوڻ تي اها ڪاروائي ڪئي وئي آهي. +ڪريم راڄپر جو ان سلسلي ۾ وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ڪڏهن به مقرر سرڪاري دائرا ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. اسان ”بولڊ“ پروگرام ضرور ڏيکاريا آهن پر اسان ڪڏهن به ملڪ خلاف ڪجهه نه چيو آهي. +جڏهن ته اکين ڏٺن شاهدن مطابق سنڌ ٽي وي جي نشريات خميس ڏهاڙي وقفي وقفي سان هلي رهي هئي. + + +مشهور ليکڪ ڪيون واٽڪن چيو آهي ته پاڪستان، ايٿوپيا ۽ انڊيا جهڙا ملڪ عوام کي صاف پاڻيءَ جي فراهمي بجاءِ گهڻو خرچ فوجي اوزارن تي ڪري رهيا آهن. هن اها ڳالهه وائس آف آمريڪا کي هڪ انٽرويو ڏيندي چئي. +هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته 10 کان 15 سيڪڙو وڌيڪ خرچ فوجي اوزارن جي خريداري وغيره تي ڪيو پيو وڃي. گڏيل قومن جي رپورٽن موجب هڪ سال ۾ 20 لک کان مٿي ٻارڙا صاف پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ ڪري مري وڃن ٿا. اهي حڪومتون پنهنجي ماڻهن کي ٻه گلاس صاف پاڻي فراهم ڪرڻ بجاءِ جنگي سامانن تي ڳورا خرچ ڪري رهيون آهن. + + +22 ساله طالبان ويڙهاڪ حلال هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته نيٽو ۽ افغان فوجين خلاف ڪاروائي ڪري اسان پاڪستان ۾ اچي ساهي پٽيندا آهيون. ٻه سال اڳ اسان جون ڪاروائيون صرف افغان فوجين خلاف هيون پر هاڻي اسان جون ڪاروائيون آمريڪي فوجن خلاف پڻ تيز ٿينديون. +هڪ ٻئي طالبان 19 ساله نعمان جنهن کي نيري اڇي رنگ جو پٽڪو پاتل هو، چيو ته اسان کي سمورا سڃاڻن ته اسين طالبان آهيون. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان اسان جي لاءِ محفوظ هنڌ آهي. +اهو انٽرويو ٻه ڏينهن اڳ بلوچستان صوبي ۾ هڪ مٽيءَ جي گهر ۾ ورتو ويو. انهن پنهنجا اصل نالا نه ٻڌايا. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هتي مدرسي ۾ جهادي سبق تازو ڪرڻ لاءِ آيا آهيون. خبر مطابق اڪثر طالبان وٽ پاڪستاني شناختي ڪارڊ پڻ موجود هوندا آهن. + + +هن سال طالبان جي افغان حڪومت ۽ اولهه جي فوجن تي حملن ۾ تيزيءَ آمريڪا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. طالبان منشيات جي پيسي ۽ پاڪستان کي پنهنجي پناهگاه طور استعمال ڪندي مضبوط ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار آمرڪي اڳواڻ رچرڊ بائوچر ڪيو آهي. +هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته طالبان وٽ پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر ڪاروائين ڪرڻ جي قابليت موجود آهي. ٻئي طرف افغانستان جي سينئر اڳواڻن پاڪستان تي الزام هڻندي چيو آهي ته طالبان کي پاڪستان مان سکيا ۽ پيسو ملي رهيو آهي. جڏهن ته پاڪستان ان الزام کي اڳ ئي رد ڪري چڪو آهي. + + +جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي چيئرمين بشير قريشي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته تنظيمي معاملن تي احتجاجن جو سلسلو ختم ڪيو وڃي ته جيئن جيئمسٽ ڪائونسل اڻ ڌريو فيصلو ��ري سگهي. هن اها ڳالهه پير ڳوٺ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. +ذريعن مطابق بشير قريشي جسقم جي سينئر اڳواڻ احمد مجتبا راشدي سان پير ڳوٺ ۾ تنظيمي معاملن بابت ملاقات ڪئي آهي. +بشير قريشيءَ جو چوڻ هو ته هنن استعفا رضاڪارانه طور ڏنيون آهن. هن جو چوڻ هو ته جسقم هميشه سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. +جسقم جي سينئر اڳواڻ احمد مجتبا راشدي چيو ته جسقم خلاف سازش ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪارڪن هڪٻئي سان تڪرارن ۾ مصروف هجن ۽ انهن جي هڪٻئي سان نفرت وڌي. هن چيو ته جلد ڪانگريس گهرائي تنظيمي بحران ختم ڪيو ويندو. + + +ماهيگيرن جي اتحاد ٻيٽ بچايو روزگار بچايو طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته 12 نومبر تي ڀنڊاڙ ٻيٽ تي هزارين ماهيگير گڏ ٿيندا. گڏيل طور اهو اعلان پڻ ڪيو ويو ته 21 نومبر ماهيگيرن جي عالمي ڏينهن تي هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪراچي ۾ ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين ڪيو ويندو. +اهي فيصلا ڪراچي ۾ گهرايل هڪ اجلاس دوران ڪيا ويا جنهن ۾ فشر فوڪ فورم، پاڪستان ماهيگير تحريڪ، ماهيگير سماجي سنگت، مورڙو ميربحر تحريڪ، فشرمين لاڙا جماعت، مسلم ماهيگير جماعت ۽ ٻين تنظيمن شرڪت ڪئي. +اجلاس ۾ چيو ويو ته اهو رڳو ماهيگيرن نه پر سموري سنڌ جو مسئلو آهي جو سنڌ جي ملڪيت کي ڌارين حوالي ڪيو پيو وڃي. اڳواڻن اعلان ڪيو ته جيستائين حڪومت پنهنجو فيصلو واپس نه وٺندي احتجاج جاري رهندو. + + +ڀارتي پارليامينٽ حملي ۾ ملوث ڄاڻايل ۽ ڦاسيءَ جي سزا مليل ڪشميري ويڙهاڪ محمد افضل گرو چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري نوجوانن کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. +هن پنهنجي اپيل ۾ ڄاڻايو آهي ته هو پارليامينٽ تي حملي کي ڪشمير ڪاز لاءِ ڪارگر نٿو سمجهي ان ڪري متاثر خاندانن کان معافي جو طلبگار آهي. + + +سنڌ ۽ سرحد چيو آهي ته پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ وڏا ڊيم ٺهڻ گهرجن جڏهن ته پنجاب ڪالاباغ ڊيم قائم ڪرڻ واري هوڏ تان نه لٿو، ارسا پاران پاڻي جي کوٽ ۾ ننڍن صوبن کي آجو قرار ڏيڻ ارسا قانون جي کلي ڀڃڪڙي آهي. +سکر بئراج ۽ تونسا بئراج جي مرمت ٿيڻ تي اربين روپيا خرچ ڪيا ويا. پاڻي جا ذخيرا صوبن جي گڏيل رضا مندي سان جوڙڻ تي اتفاق راءِ ڪيو ويو، جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم سائيٽ جي ٻيهر ماحولياتي جاچ ڪرائڻ ۽ پاڻي جي ورڇ ۾ شفاف طريقو اختيار ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي. +پاڻي جي تقسيم جا مسئلا ۽ پاڪستان ۾ ان جي انتظام بابت اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ پاران سڏايل ٻن ڏينهن واري سيمينار کي خطاب ڪندي پنجاب جي آبپاشي واري سيڪريٽري ڪيپٽن عارف نديم چيو ته ارسا هڪ واضح حقيقت آهي جيڪا 1991 کان پاڻي جي شفاف وسيلي سان فراهمي لاءِ جاکوڙي رهي آهي. + + +سياحت ۽ ثقافت واري وزير رئوف صديقي چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ انتقامي ڪاررواين ۾ ملوث ناهي. سنڌي وسندين کي ٽارگيٽ نٿو بڻايو وڃي. سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ڀائر آهن، قوم پرستن سنڌ ۽ سنڌي عوام کي ڇا ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير رئوف صديقي ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ رئيس گل ڀيو ۾ جلسي کي خطاب دوران ڪيو. +هن چيو ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو مستقبل ڪنهن جي به جهولي ۾ نه رکنداسين، جاگيرداري نظام ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. هن چيو ته جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان جي خلاف به ڪارروائي نٿا ڪيون پوءِ سنڌي وسنديون ڇو ڊاهينداسين. متحده انتقامي ڪاررواين ۾ يقين نٿي رکي ڪوڙا دلاسا ڏيندڙ ۽ سبز باغ ڏيکاريندڙ، ڌاڙيل ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي فروغ ڏيندڙن ۽ ڪوڙا ڏٽا ڏيندڙ قوم پرستن، وڏيرن ۽ جاگيردار�� کان هاڻ جان ڇڏائڻ جو وقت اچي ويو آهي. +هن چيو ته وزيرن مشير، وزيراعليٰ، وزيراعظم رهندڙ هتان جا سياستدان مذڪوره هڪ هڪ ڳوٺ سنوارين ها ته اڄ سنڌ جو هي حشر نه هجي ها. هن چيو ته قوم پرستن تقدير نه بدلائي پر هنن استادن کي يرغمال بڻايو، ڪاپي ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي هٿي ڏني. ان موقعي تي رئيس گل خان ڀيو، سبهان علي نصيراڻي، رئيس صدام ڀيو، ميان عبدالحفيظ، غلام جيلاني منگي، رياض ڀيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. + + +سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو آهي ته جلد اهو وقت اچي رهيو آهي ته سنڌ ۾ ڪو به پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ تيار نه هوندو ۽ نه ئي ڪو ماڻهو پ پ جو ٽڪيٽ وٺندو. هڪ بيان ۾ هن چيو ته نثار کهڙي جهڙا ماڻهو جنهن جو ڪو تڪ ناهي ۽ ان جهڙا ٻيا ماڻهو پ پ کان ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جا جوتا چٽڻ کانسواءِ ٻيو به گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا پر اسين پ پ کان 1997ع ۾ سندن ٽڪيٽ وٺڻ کان انڪار ڪري آزاد حيثيت ۾ اليڪشن کٽي هئي. +وڏي وزير چيو ته زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو غلطي ڪري بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري جي ڳالهين ۾ اچي پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، جنهن جو اسان کي وڏو نقصان به برداشت ڪرڻو پيو پر جلد ئي سندن ڪرتوت ڏسي سمجهه ۾ اچي ويو ۽ 1993ع ۾ سندن اقتدار دوران اسان پيپلز پارٽي کي خيرآباد چئي سندن سياسي مخالفت شروع ڪري ڏني هئي. +وڏي وزير چيو ته 1997ع اليڪشن کان اڳ بينظير ڀٽو پاڻ مون کي فون ڪري چيو ته اوهان منهنجي گهر اچو، بلاول هائوس پهتس ته ملاقات ۾ بينظير ڀٽو چيو ته ارباب صاحب اوهان اسان کان ڇو ناراض آهيو ته مان کين ٻڌايو ته اسان سان وڏيون زيادتيون ڪيون ويون ۽ اسان جي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ اسان جي دوستن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو. جنهن تي بينظير ڀٽو چيو ته ڪهڙن ماڻهن اوهان سان زيادتيون ڪيون آهن ته مان کين جواب ڏنو ته اوهان پاڻ اسان سان زيادتيون ڪيون آهن. جنهن تي بينظير ڀٽو چيو ته مان اوهان جي دوست کان معافي وٺڻ لاءِ تيار آهيان ۽ هو پاڻ اٿي ڪري منهنجي بزرگ ساٿي قاضي سليمان وٽ آئي ۽ سندس اڇي ڏاڙهي ڏسي ان کي چيائين ته بابا مان اوهان کان معافي گهران ٿي. +وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي وارن جي اها خاصيت آهي ته هو اقتدار ۾ هوندا آهن ته ماڻهن جي خوشامند ڪندا آهن ۽ اقتدار ۾ نه هوندا آهن ته سندن رويو ٻيو هوندو آهي. وڏي وزير چيو ته بعد ۾ 1997 جي چونڊن ۾ اسان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ جي آڇ کي ٺڪرائي الله جي مدد ۽ عوام جي تعاون سان آزاداڻي طور تي چونڊن ۾ حصو وٺي هڪ نه پر ڪيترين ئي سيٽن تي ڪامياب ٿياسين. ان ڪري اسان کي ڪڏهن به پيپلز پارٽي کان ٽڪيٽ گهرڻ جي ضرورت نه پئي. + + +سپريم ڪورٽ دادو ۾ ٿيل هڪ جرڳي جي فيصلي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي جنهن ۾ خون جي بدلي هڪ 3 سالن جي ٻارڙي کي ڏنڊ طور فريادي ڌر حوالي ڪيو ويو هو. +ذريعن مطابق اهو جرڳو ڪجهه ڏانهن اڳ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر قمبر لغاري جي اڳواڻي ۾ ٿيو جنهن ۾ 35 سالن جي زهرا خاتون جي ٿيل خون جي بدلي ۾ هڪ 3 سالن جي ٻارڙي نوران کي معاوضي طور فريادي ڌر حوالي ڪيو ويو. +ڪورٽ دادو پوليس کي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن. پوليس انهن سمورن ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا آهن جن جرڳي ۾ شرڪت ڪئي. شريڪ ٿيلن ۾ پ پ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر قمبر لغاري، ڪائونسلر لياقت چانڊيو، غلام سرور چانڊيو، عطا چانڊيو ، سڪندر چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن. + + +گرفتار ٿيلن ۾ پنجاب جي شهر منڊي بهاوالدين جا چار ڀائر پڻ شامل آهن. پوليس ذريعن موجب کين ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن کين معلومات ملي ته انهن ماڻهن جا پيرس ۽ جرمني جي القائده اڳواڻن سان رابطه آهن. +پوليس ذريعن مطابق انهيءَ ٽولي جي اڳواڻي پرويز نالي همراه ڪري رهيو هو. ٻئي طرف اٽلي ۾ موجود پاڪستاني ايمبيسي اٽلي جي اختيارين کان گرفتار پاڪستانين بابت معلومات گهري ورتي آهي. + + +بغداد جي شيعا آبادي واري علائقي ۾ ٻن ڪار بم ڌماڪن سبب گهٽ ۾ گهٽ 16 ماڻهو مارجي ويا آهن. جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿي پيا. +عراق جي صحت وزير پهريون ڀيرو مارجي ويلن جي ڪُل تعداد جو ڪاٿو لڳائيندي چيو ته جنگ جي شروعات کان هن وقت تائين مارجي ويلن جو تعداد ڏيڍ لک تائين پهچي چڪو آهي. +عراق جي وزيراعظم نوري المالڪي چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو صدام حسين کي سال جي آخر تائين ڦاهيءَ چاڙهيو وڃي. + + +سريلنڪا جي نيوي ترجمان موجب نيوي تامل ٽائيگرز جي ٻن ٻيڙين کي تباه ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ڇهه تامل ٽائيگرز مارجي ويا آهن. +ترجمان چيو ته ٻيڙين ۾ ڌماڪيدار مادو موجود هو. جنهنڪري وڏا ڌماڪا ٻڌڻ ۾ آيا. جيڪي ماڻهو به ٻيڙين تي سوار هئا سمورا مارجي ويا. +چيو ويو آهي ته آزاد ذريعن نه هجڻ سبب مارجي ويلن جي تصديق ڪٿان به نه ٿي سگهي آهي. + + +عراقي فوجي ذريعن مطابق عراق ۾ ٻن مختلف واقعن ۾ ٽي آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن. مارجي ويل فوجين سميت هن وقت تائين مارجي ويل فوجين جو تعداد 2842 ٿي ويو آهي. +انهن مان ٻه آمريڪي فوجي بغداد ۾ مارجي ويا جڏهن هنن جي گاڌيءَ ڀرسان بم ڌماڪو ٿيو، ان واقعي ۾ هڪ آمريڪي فوجي پڻ زخمي ٿيو. +جڏهن ته ٻئي واقعي ۾ هڪ آمريڪي ميرين پڻ مارجي ويو آهي. اهو واقعو عراق جي انبار صوبي ۾ ٿيو. اولهه واري ان علائقي ۾ سني ويڙهاڪ ڪاروائيون ڪري رهيا آهن. + + +پاڪستاني ڪشمير ۾ پنج ڇوڪريون اڻ ڄاڻائيءَ ۾ هڪ اصل بم سان راند کيڏندي بم ڦاٽڻ سبب فوت ٿي ويون آهن. انهن مان ٽي ڇوڪريون پاڻ ۾ ڀينرون هيون. +ذريعن مطابق واقعو بارڊر ڀرسان ڪشمير جي هڪ ڳوٺ ۾ ٿيو جتي وڏي تعداد ۾ پاڪستاني فوجون موجود آهن. +سينئر پوليس آفيسر ظهور گيلاني مطابق ڇوڪريون غلطي ۾ اصل بم سان راند ڪري رهيون هيون ته اهو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهنڪري اهو واقعو پيش آيو. + + +ڀارتي پوليس ذريعن موجب ڪشمير جي شهر سرينگر کان ڏکڻ طرف هڪ ڳوٺ ۾ ويڙهاڪن هڪ مسجد طرف گرنيڊ فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 30 ماڻهو زخمي ٿي پيا. زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي. +هڪ ٻيو گرنيڊ سرينگر ۾ فائر ڪيو ويو جنهن ۾ ٻه فوجي ۽ پنج شهري زخمي ٿي پيا آهن. بعد ۾ ٻن مذهبي تنظيمن فون تي هڪ نيوز ايجنسي کي چيو ته اهي حملا اسلام مخالف آهن. انهن حملن جي مذمت پڻ ڪئي. + + +ادا! وڪي اخبار ۾ اوهان کي ڀليڪار +اوهان جي ميمبر ٿيڻ تي اسان کي خوشي ٿي. اميد ته اوهان خبرون لکرائڻ ۾ حصيداري ڪندا ۽ هن پروجيڪٽ کي وڌائڻ ۽ سنوارڻ ۾ پڻ اسان جي مدد ڪندا. +اوهان جي سوالن جا جواب +اوهان جي سوالن جا جواب ”صلاحون ۽ مشورا“ واري صفحي تي ڏنا ويا آهن، مهرباني ڪري اهي پڙهو صلاحون ۽ مشورا هتان کولي وٺو. + + +ڊاڪٽر کٽومل! سنڌي وڪي اخبار تي اوهان کي ڀليڪار +اميد ته هن سائٽ کي روزانه تازين خبرن لاءِ وزٽ ڪندا رهندا ۽ اسان جي مدد پڻ ڪندا. اوهان پنهنجي علائقي ۽ ڳوٺ جون خبرون هتي پوسٽ ڪري سگهو ٿا. ٻيو اهو ته اوهان عالمي خبرن لاءِ پڻ ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا ان لاءِ اوهان کي رڳو حوالا ڏيڻا پوندا. + + +افغانستان جي بارڊر ڀرسان ويڙهاڪن طرفان روڊ تي نصب ڪيل بم ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ هڪ قبائلي وڏڙي سميت 9 قبائلي مارجي ويا آهن. +اهي سمورا اتر وزيرستان جي علائقي شڪئي ڀرسان هڪ گاڏيءَ تي وڃي رهيا هئا ته مذڪوره بم ڦاٽي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ 9 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا جڏهن ته چار ٻيا پڻ زخمي ٿي پيا. + + +ڄامشور ڀرسان پيٽارو ڪاليج کان به وڌيڪ قديمي ڳوٺ صفر خاصخيلي تي پيٽارو ڪاليج انتظاميه ۽ پوليس چڙهائي ڪري زوري ڳوٺ خالي ڪرايو. ان موقعي تي انهن وحشياڻي ڪاروائي ڪندي سمورا اخلاقي ليڪا اورانگهي عورتن ۽ ٻارڙن کي گهيلي ڳوٺ خالي ڪرايو. +پوليس چڙهائي دوران عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد پڻ ڪيو ويو. جنهن سبب عورتن ۽ ٻارن ۾ رڙيون ۽ ڪيهون پئجي ويون. پوليس سان ليڊيز اهلڪار به گڏ هنيون جن عورتن کي ٽنگوٽالي ڪري ڳوٺ کان ٻاهر ڪڍيو. +ذريعن مطابق پيٽارو ڪاليج ۽ ڳوٺ صفر خاصخيلي جي ڳوٺاڻن وچ ۾ پيدا ٿيل زمين جي تڪرار کي قانوني انداز سان حل ڪرڻ بجاءِ طاقت جي ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. +ڳوٺ ڊاهڻ خلاف اسٽي آرڊر جي موجودگيءَ جي باوجود ڪاروائي ڪندي عورتن ۽ ٻارڙن کي زوري گهيلي ٽريڪٽرن ۽ ٽرالين ۾ وجهي ٻئي ڳوٺ پهچايو ويو. +ان ڪاروائي دوران ڳوٺ جا ٻه ٻارڙا پڻ لاپته ٿي ويا آهن. پوليس نادر شاهي لشڪر کي مات ڏيندي سڄي ڳوٺ کي بلڊوزرن ذريعي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪورٽ جو اسٽي آرڊر پڻ موجود هو. + + +سکر جي عدالت جي حڪم تي چوڌري حسن علي جي حويلي تي ڇاپو هڻي هڪ هاريءَ جو سمورو خاندان بازياب ڪرايو ويو آهي. اهڙو حڪم نامو عدالت هاري اڪرم ڀٽي جي پٽيشن تي جاري ڪيو. +مذڪوره حويلي يا نجي جيل مان هاري جي خاندان جا فرد بازياب ڪرايا ويا جن ۾ اڪرم جي زال صفيه، چئن سالن جي ڌي راڻي، ٻن سالن جو پٽ امين ۽ پيرسن پيءُ ميمون ڀٽي شامل آهن. +چوڌري جو چوڻ هو ته مذڪوره هاري سندس ٽن لکن جو قرضي آهي، اهڙي ثبوت نه ملڻ تي عدالت چوڌري تي صرف ٻه هزار رپيا ڏنڊ وڌو. پوليس کي حڪم جاري ڪيو ويو ته اڪرم جو خاندان جتي چاهي انهن کي اتي بحفاظت پهچايو وڃي. + + +جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ ٻين قومپرست سياسي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جسقم سکر پاران هڪ مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ايجنسين طرفان گرفتار ڪري گم ڪيل سياسي ڪارڪنن کي عدالتن جي تحويل ۾ ڏنو وڃي. +مظاهري کي ياسين مهر، ستار زنگيجي، مجيد جسڪاڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان احتجاجي مظاهري دوران ڪارڪن مينارا روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. مظاهرين خطاب ڪندي چيو ته 60 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گم ڪيو ويو آهي کين جلد بازياب ڪرايو وڃي. + + +افغانستان جي ڏاکڻي علائقي ۽ پاڪستاني بارڊر ڀرسان هڪ فوجي آپريشن دوران 18 طالبان ويڙهاڪ مارجي ويا آهن. ڪاروائي ۾ ٽي نيٽو فوجي ۽ ٽي افغان فوجي پڻ زخمي ٿي پيا. +ذريعن مطابق ان ڪاروائي ۾ نيٽو ايئرڪرافٽ پڻ حصو ورتو. اها ويڙه افغانستان جي ضلعي بارمل ۾ ٿي. ڪاروائي ۾ افغان فوج ۽ نيٽو فوج گڏيل طور حصو ورتو. + + +روزانه هلچل پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ ڳوٺ صفر خاصخيلي تي پوليس ۽ ڪاليج انتظاميه جي چڙهائيءَ کي نادري ڪاروائي قرار ڏنو آهي. جنهن ۾ ڳوٺ تي چڙهائي ڪري رهواسين کي زوري بيدخل ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽرن ۽ ٽرالين ۾ سٿي ٻئي ڳوٺ پهچايو ويو. +ايڊيٽوريل مطابق زمين جي ان تڪرار ۾ چادر ۽ چارديواريءَ جو تقدس پئمال ڪيو ويو آهي. پوليس پنهنجي اڳئين ڪاروائي ۾ ڪجهه ڳوٺاڻن کي گم پڻ ڪري ڇڏيو آهي. +اخبار جي ايڊيٽوريل ۾ لکيو ويو آهي ته ڳ��ٺ صفر خاصخيلي پيٽارو ڪاليج کان به وڌيڪ قديمي ڳوٺ آهي. ڪاليج انتظاميه کي صلح جو رستو ڇڏي زور وارو رستو اختيار نه ڪرڻ گهرجي ها. +اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته هن مامري جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي ها پر ائين نه ڪيو ويو. اخبار ڳوٺ کي بلڊوز ڪرڻ واري عمل کي انتهائي مذمت جوڳو ۽ افسوسناڪ قرار ڏيندي لکيو آهي ته ان خلاف ضلعي حڪومت توڙي سڄاڻ ڌرين کي سگهارو آواز اٿارڻ گهرجي. + + +انگلينڊ جي وزيراعظم ٽوني بليئر چيو آهي ته خفيه اداري ايم 5 جي ڏنل دهشتگردي خلاف وارننگ حقيقتن تي مشتمل آهي. ياد رهي ته ايم 5 جي سربراه ڊيم ايليزا چيو هو ته برطانيه کي 30 کان وڌيڪ دهشتگرد حملن جو خطرو آهي جنهن ۾ 16 سو کان وڌيڪ برطانوي مسلمان ملوث آهن. +ٽوني بليئر وڌيڪ چيو ته هو ايم 5 جي حمايت ڪري ٿو. برطانيه کي واقعي خطرو آهي. جن ذريعي برطانيه جي نوجوانن جي ذهنن ۾ زهر ڀريو پيو وڃي. + + +اسرائيل جي نائب وزيردفاع ان ڳالهه جو اشارو ڏنو آهي ته جيڪڏهن ايران ايٽمي پروگرام تي ڪم بند نه ڪيو ته اسان لاءِ آخري چونڊ ايران تي حملو هوندي. +اسرائيلي نائب وزيردفاع افراهيم صنيه هڪ اسرائيلي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هو اهڙي ڪاروائي جي حمايت نٿو ڪري پر مجبوري طور اسرائيل وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه بچندو. +ياد رهي ته اقوام متحده ايران کي يورينيم صاف ڪرڻ کان جهليندو رهيو آهي جڏهن ته ايران اهڙي ڪنهن به حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. + + +پ پ پ چيو آهي ته پيٽارو ڪاليج انتظاميه طرفان ڳوٺ صفر خاصخيلي تي غيرقانوني قبضي جي جاچ ڪرائي وڃي. ڇاڪاڻ ته ڪورٽ جي اسٽي آرڊر باوجود ڳوٺاڻن کي زوري لڏايو ويو. +نواب غني ٽالپر وڌيڪ چيو ته ڳوٺ جي 450 ايڪڙ زمين تي بلڊوزر گهمائي گهرن کي پٽ ڪيو ويو جنهنڪري هزارين ڳوٺاڻا متاثر ٿيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوليس انهن قبضي خورن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. +پ پ پ حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته هاءِ ڪورٽ جي جج کان معاملي جي جاچ ڪرائڻ گهرجي. + + +پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيرافگن چيو آهي ته صدر مشرف غير مهذب اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪرڻ جو خواهشمند نه آهي. هن چيو ته عورتن بابت بل ايندڙ جمعي تي پاس ڪرايو ويندو. +وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته صدر قوم جي ٻڌيءَ جي علامت آهي تنهنڪري اسيمبلي ميمبرن کي سنجيده ٿيڻو پوندو انهن کي صدر جي باري ۾ غير مهذب ٻولي استعمال نه ڪرڻ گهرجي. +ٻئي طرف قاضي حسين احمد چيو آهي ته جيڪڏهن عورتن بابت بل اسيمبليءَ مان منظور ڪرايو ويو ته هو پنهنجي ساٿين سميت اسيمبلي ميمبرشپ تان استعفا ڏئي ڇڏيندو. + + +آمريڪا جي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ رچرڊ بائوچر چيو آهي ته ڀارت ۾ ٿيندڙ دهشتگرد سرگرمين جا پيرا پاڪستان ڏانهن وڃن ٿا. هن اها ڳالهه اخبار وارن سان ڳالهائيندي ڪئي. +رچرڊ بائوچر وڌيڪ چيو ته جيڪي دهشتگرد ڌريون ڀارت ۾ سرگرم آهن پاڪستان اڳ ئي انهن تي پابندي لاڳو ڪئي آهي. هن چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل جاکوڙ جي سخت ضرورت آهي. + + +فلسطيني وزيراعظم اسماعيل هنيه اولهه جي ملڪن طرفان بند ڪيل امداد بحال ڪرائڻ لاءِ استعفا ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آهي. اها امداد حماس جي حڪومت اچڻ کان پوءِ بند ڪئي وئي هئي. +فلسطين جي صدر طرفان اهڙي آڇ محمود عباس سان ٿيل ملاقات کان پوءِ ظاهر ٿي آهي. فلسطيني وزيراعظم چيو ته منهنجي ذات مان جيڪڏهن فلسطين لاءِ ڪا رڪاوٽ آهي ته مان استعفا لاءِ تيار آهيان. +ياد رهي ته اولهه جا ملڪ حماس کي هڪ دهشتگرد تنظيم قرار ڏيندا رهيا آهن ۽ اليڪشن ۾ حماس جي ڪاميابي کان پوءِ انهن چيو هو ته اها حڪومت اسرائيل کي تسليم ڪري، دهشتگردي جي مذمت ڪري ۽ معاهدن کي تسليم ڪري ٻي صورت ۾ امداد بند ڪئي ويندي. + + +اولهه بغداد ۾ هڪ پوليس ڀرتي واري مرڪز تي خودڪش حملي جي نتيجي ۾ 35 ماڻهو مارجي ويا آهن. جڏهن ته 60 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿي پيا. +عراق ۾ هڪ بس تي فائرنگ ۾ پڻ 12 ماڻهن جي مرڻ جا اطلاع آهن. ان کان علاوه 50 ماڻهو پڻ اغوا ڪيا ويا آهن. +ان کان اڳ عراق جي شهر بغداد ۾ ٻن ڪار بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 8 ماڻهو مارجي ويا ۽ 38 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته ٻن غيرملڪي فوجي پڻ مارجي ويا هئا. +بغداد جي مختلف علائقن ۾ اغوا ٿيل آمريڪي فوجي جي ڳولا جاري آهي جنهن جي اطلاع ڏيندڙن لاءِ اڳ ئي 50 هزار ڊالرن جي انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي. + + +آمريڪا طرفان اسرائيل خلاف سلامتي ڪائونسل ۾ قرارداد ويٽو ڪرڻ تي عرب ملڪن آمريڪا تي سخت تنقيد ڪئي آهي. عرب ملڪن اسرائيل طرفان غزه تي ٿيندڙ حملن جي پڻ مذمت ڪئي آهي. +اقوام متحده ۾ آمريڪا جي سفير جان بولٽن مسودي کي غيرموزون قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو. ذريعن مطابق اڪثر عرب ملڪن آمريڪا جي ان عمل جي مذمت ڪئي آهي. + + +ايران مارچ 2007ع کان 3 هزار يورينم سينٽريفيوج شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايران جي پرڏيهي وزير جي ترجمان اهڙو اعلان ڪيو. +ذريعن مطابق هن وقت تائين ايران 164 يورينم سينٽريفيوج انسٽال ڪري چڪو آهي. +ايران خلاف جيڪڏهن اسرائيل ڪاروائي ڪئي ته هن لاءِ پڻ تباهي جو پيغام آهي. اول ته اسرائيل اهڙي جرئت نه ڪندو پر جيڪڏهن ان اهڙي حرڪت ڪئي ته سيڪنڊن جي اندر اسرائيل به تباهي هيٺ هوندو. اهي ڳالهيون پرڏيهي وزارت جي ترجمان صحافين سان ڳالهائيندي چيون. + + +ڀارت دهشتگردي ۾ آءِ ايس آءِ جي ملوث هجڻ جا ثبوت فراهم ڪندو. اهي ثبوت نه صرف بمبئي ريل ڌماڪن بابت هوندا پر اهي سمورن دهشتگردي وارن واقعن بابت هوندا جنهن ۾ دهلي جي مصروف مارڪيٽ ۾ ٿيل ڌماڪن بابت پڻ ثبوت شامل هوندا. +ڀارتي ذريعن مطابق 14 ۽ 15 نومبر تي ٿيندڙ پرڏيهي سيڪريٽري ليول ڳالهين ۾ اهي ثبوت فراهم ڪيا ويندا ۽ جاچ لاءِ زور ڀريو ويندو. + + +ڀارتي فوج تڪراري سياچن معاملي تي پاڪستان سان امڪاني ٺاهه کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي فوج جي ترجمان دعوا ڪئي آهي ته سياچن تي ڀارتي فوج جي پوزيشن انتهائي مضبوط آهي تنهنڪري اهي پوئتي نه هٽندا. +ذريعن مطابق ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان علائقي کي فوج جي حوالي سان گهڻي اهميت آهي تنهنڪري ان تان ڀارت ڪنهن به صورت ۾ دستبردار نه ٿيندو. +ياد رهي ته ڀارتي فوج جو اهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڪريٽري سطح تي ايندڙ هفتي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. + + +ورلڊ بينڪ ڀاشا ڊيم تي ڪم ڪندڙ ڪمپني کي بدعنواني جي الزام تحت بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي جنهنڪري ڀاشا ڊيم تي ٿيندڙ ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي. +جرمن ڪنٽريڪٽر نالي ان ڪمپني تي رشوت ۽ بدعنواني جا الزام لڳايا ويا آهن. ذريعن مطابق ان ڪمپني کي آفريڪا جي هڪ ملڪ ۾ ڪم دوران بدعنواني سبب ستن سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي. +اهڙي فيصلي مطابق ڪمپني نومبر 2013ع تائين عالمي بينڪ جي امداد تي هلندڙ ڪنهن به پروجيڪٽ تي ڪم نه ٿي ڪري سگهي. پاڪستاني سرڪاري ذريعن مطابق ان کان سواءِ ڪوبه رستو نه آهي ته ان ڪمپني کي فارغ ڪيو وڃي. + + +سنڌ نيشنل فرنٽ ۽ سنڌ قومي اتحاد جي سربراه ممتاز علي ڀٽي سنڌ قومي اتحاد جي ڪنوينرشپ تان استعفا ڏئي ڇڏي آهي اهڙي تصديق فرنٽ جي مرڪزي اڳواڻن گل محمد جکراڻي ۽ ايوب شر ڪئي. +گل محمد جکراڻي جو چوڻ هو ته ممتاز ڀٽي سنڌ قومي اتحاد جي ڪنوينرشپ تان استعفا ڏني آهي، سنڌ قومي اتحاد پنهنجي سرگرمين سميت هاڻ به موجود آهي. ممتاز ڀٽي جي استعفا جو سبب ٻڌائيندي هن چيو ته اتحاد اميد مطابق سرگرم ۽ فعال نه ٿي سگهڻ ڪري ممتاز ڀٽي اهو فيصلو ڪيو. جکراڻي وڌيڪ چيو ته سنڌ قومي اتحاد جي اجلاسن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ محاذ زين شاهه ۽ خالق جوڻيجو گروپ جي مسلسل غير حاضري پڻ استعفا جو اهم سبب آهي. +جکراڻي جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ نيشنل فرنٽ اڃا به سنڌ قومي اتحاد جو حصو آهي، استعفا جو مقصد صرف اهو آهي ته ڪو ٻيو اچي سنڌ قومي اتحاد جي سربراهي ڪري ۽ ان کي فعال بڻائي. +ٻئي طرف جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ بشير قريشي چيو آهي ته سندس پارٽي سنڌ قومي اتحاد جي اجلاسن ۾ حاضر رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان جي خواهش آهي ته سنڌ قومي اتحاد ممتاز ڀٽي جي سربراهي ۾ سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد شروع ڪري. +* سنڌي ٽي وي چينل ”ڪي ٽي اين“ +* سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“ + + +ڀنڊار ٻيٽ تي موجود سيد يوسف شاه جي درگاه واري ميلي جي موقعي تي +هزارين سنڌين ڀنڊار ٻيٽ تي گڏ ٿي هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن ۽ ٻارڙن پڻ شرڪت ڪئي. عورتن ان موقعي تي احتجاج طور ماتم پڻ ڪيو. +احتجاج جو سڏ فشر فوڪ فورم طرفان ڏنو ويو هو جنهن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ، پ پ پ سميت مختلف سياسي توڙي سماجي تنظيمن شرڪت ڪئي. +ريلي ابراهيم حيدري کان ڀنڊار ٻيٽ تائين ٿي. لانچن ۾ موجود ماڻهن نعرن جي مدد سان سمنڊ جي فضائن کي انوکي احتجاج جي گونج رڪارڊ ڪرائي. ان احتجاجي ريلي ۾ نه صرف سنڌ بلڪه بلوچستان جي ماهيگيرن پڻ شرڪت ڪئي. +احتجاجي ريلي ۾ شريڪ عورتون ٻيٽن جو وڪرو نامنظور، مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا هڻنديون رهيون ڪافي عورتن احتجاج طور ماتم پڻ ڪيو. +ان موقعي تي حاجي شفيع ڄاموٽ، طاهره علي، علي حسن چانڊيي، حڪيم زنگيجي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٻيٽ سنڌين جي ملڪيت آهن انهن جي قسمت جو فيصلو اسلام آباد مان ڪرڻ غير قانوني آهي. گِذري ۽ ڪورنگي ڪريڪ وقت ماهيگيرن سان ڪيل واعدن تان حڪومت ڦري وئي هاڻي به نئين رٿا آڻي سنڌين جي بربادي جو منصوبو آندو پيو وڃي. +اڳواڻن وڌيڪ چيو ته 21 نومبر تي ريگل چوڪ کان پريس ڪلب ڪراچي تائين ٿيندڙ احتجاج ثابت ڪندو ته سنڌ جا ماهيگير هن جدوجهد ۾ اڪيلا نه آهن. + + +سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“ جي نشريات کي بنا جواز پيمرا طرفان بند ڪرڻ خلاف سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. +انهن احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ ٽي وي کي بند ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ جي حڪمرانن ۾ تنقيد جي ٻڌڻ جي سگهه نه آهي. سکر، حيدرآباد، نوشهرو فيروز، دوڙ، پنوعاقل، سيوهڻ، ملير، شهدادڪوٽ، نيو سعيد آباد، ڪوٽ غلام محمد سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پابندي خلاف احتجاجي مظاهرا ٿيا ۽ ڌرڻا هنيا ويا. +جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ بشير قريشي سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پابندي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته نشريات کي هڪدم بحال ڪيو وڃي. +ٻئي طرف ايم ايم اي جي سربراه قاضي حسين احمد نشريات تي پابندي واري عمل کي غير قانوني سڏيندي ٽي وي نشريات جي بحاليءَ جي گهر ڪئي آهي. +سنڌي ادبي سنگت جي مرڪري سيڪريٽري ذو��لفقار سيال چيو آهي ته سنڌ ٽي وي جي نشريات کي بنا دير بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌي ادبي سنگت احتجاجي تحريڪ هلائيندي. +دولت پور صفن مان مليل اطلاعن موجب پ پ پ جي ايم پي اي سسئي پليجو سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پابنديءَ خلاف سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ آواز اٿارڻ جو اعلان ڪيو آهي. +* سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“ + + +پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بي نظير ڀٽو چيو آهي ته حقيقي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ فوج کي بيرڪن ۾ واپس وڃڻو پوندو. هن اها ڳالهه نيويارڪ ۾ هڪ نيوز ڪانفرس کي خطاب دوران چئي. +بي نظير ڀٽو وڌيڪ چيو آهي ته موجوده مشڪل صورتحال ۾ ملڪ جي سڀني پارٽين کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ضروري آهي. باقي فيصلو ڪرڻ عوام جي مرضي آهي ته اهي ڪهڙي پارٽي کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪن ٿا. +هن جو پ پ پ پنجاب ۾ ڪيل تبديلن بابت چوڻ هو ته اهو ايندڙ چونڊن لاءِ تياريءَ جو حصو آهي. +بي نظير وڌيڪ چيو ته درگئي ۽ باجوڙ جهڙن واقعن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ تمام ڏکي صورتحال مان گذري رهيو آهي. + + +سنڌ جي سياسي، سماجي، مذهبي، وفاقي ۽ سنڌ دوست ڌرين توڙي دانشورن، ماهرن گڏيل طور سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جي مالڪي بحال ڪرڻ جي گهر ڪندي پاڻي ۽ ناڻي جي ورڇ تي وفاق سان ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو آهي. سيمينار جي ميزباني سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم ڪئي. +سيمينار ۾ اعلان ڪيو ويو ته گورنر طرفان ڪيل آئيني ڀڃڪڙين ڪرڻ واري عمل کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويندو. وفاق کان اهو مطالبو به ڪيو ويو ته 1991ع واري پاڻي معاهدي تي عمل نه ٿيڻ ڪري سنڌ جي زراعت ۽ معيشت کي پهتل نقصان سنڌ کي ڀري ڏنو وڃي. +سيمينار ۾ محمد ابراهيم جويو، الاهي بخش سومرو، ڊاڪٽر رجب ميمڻ، ڊاڪٽر سليمان شيخ، يوسف مستي خان، سراج الحق ميمڻ، نظير ميمڻ، قيصر بنگالي، نثار کهوڙو، حاڪم علي زرداري سميت وڏي تعداد ۾ سياسي شخصيتن ۽ ماهرن شرڪت ڪئي. +مختلف شخصيتن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ جي ماڻهن جي راءِ وٺڻ کان سواءِ سنڌ جون ملڪيتون نيلام ڪيون پيون وڃن. انهن سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌين کي سمورا اختلاف وساري هڪ ٿيڻ گهرجي. ڌرتي ڌڻين کي انتهائي خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوندو. + + +پيٽارو ڪاليج انتظاميه طرفان قبضو ڄاڻائي خالي ڪرايل ڳوٺ صفر خاصخيلي جي رهواسين چوٿين رات به کليل آسمان هيٺ گذاري. خبرن مطابق مردن تي داخل ڪيل ڪيسن سبب انهن جي روپوشيءَ ڪري اتي موجود عورتون ۽ ٻار بکون ڪاٽي رهيا آهن +وڏي وزير طرفان انڪوائري آفيسر طور مقرر ڪيل اي ڊي خواجا جاچ جو رخ تبديل ڪندي رپورٽ وڏي وزير کي ڏيڻ بجاءِ آر پي او حيدرآباد فياض خان حوالي ڪري ڇڏي آهي. +هوڏانهن آر پي او طرفان معطل ڪيل ٽي پي او ڪوٽڙي ۽ ايس ايڇ او ڄامشور ۽ ٻيا اڃا پنهنجن عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن. +ڳوٺ جي رهواسي اسلم خاصخيلي جو چوڻ آهي ته اسان جا گهر پٽ ڪري اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي. سياستدان صرف ووٽ وٺڻ لاءِ ايندا آهن هاڻي اسان غريبن جي سار لهڻ وارو ڪير به نه آهي. ذريعن موجب سنڌ جي قومپرست جماعتن مان ڪنهن به ڳوٺاڻن سان ٿيل زيادتيءَ تي اڃا تائين ردعمل نه ڏيکاريو آهي. +ياد رهي ته ملڪ اسد سڪندر ڪيس داخل ٿيڻ تي ردعمل ۾ ڳوٺاڻن جي واهر ڪرڻ بجاءِ صرف ايترو چيو آهي ته کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي هن جو ان معاملي سان ڪو تعلق نه آهي. + + +بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ مير حاصل بزنجو صدر مشرف جي بلوچستان دوري دوران سموري بلوچستان ۾ هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. +اهڙو اعلان هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪيو، اعلان مطابق صدر جي آمد واري ڏينهن 16 نومبر خميس ڏهاڙي سموري بلوچستان ۾ هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. +هن چيو ته 1940ع واري قرارداد تي عمل ڪندي سمورن صوبن کي خودمختياري ڏني وڃي. فوجي حڪمران غير آئيني قدم کڻي رهيا آهن تنهنڪري ملڪي سلامتيءَ لاءِ پڻ خطرو پيدا ٿي ويو آهي. +هن وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان جي خلاف نه آهيون. بلوچستان کي پنهنجا تاريخي ۽ آئيني حق گهرجن جيڪي حق وفاق ڦٻايو ويٺو آهي. + + +ادا ڏاهري صاحب! سنڌي وڪي اخبار ۾ اوهان کي ڀليڪار! +اميد ته هن سائٽ جي وزٽ ريگيولر ڪندا رهندا، اوهان ميمبر ٿيا ان لاءِ مهرباني. اوهان مان اها به اميد ڪجي ٿي ته هن پروجيڪٽ ۾ اسان جو ساٿ ڏيندا ۽ خبرون پڻ پوسٽ ڪندا. جيڪڏهن اوهان کي ڪا راءِ ڏيڻي هجي يا ڪو سوال پڇڻو هجي ته هتي لکي ڇڏيندا. + + +سرحد اسيمبلي حسبه بل کي وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو آهي ان موقعي تي اپوزيشن ميمبر واڪ آئوٽ ڪري اسيمبلي مان ٻاهر نڪري ويا. +ذريعن مطابق اپوزيشن ميمبر اسيمبلي ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي آيا هئا. انهن بل پيش ٿيڻ وقت ان تي تمام گهڻي تنقيد پڻ ڪئي ۽ نيٺ اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪري ٻاهر نڪري ويا. +ان بل کي قانون طور رائج ڪرڻ لاءِ گورنر جي صحيح ٿيڻ ضروري آهي. اهو بل اڳ به اسيمبلي ۾ پيش ٿيو هو. سپريم ڪورٽ ان ۾ ڪيترن ئي تبدلين جي هدايت ڪئي هئي. + + +بلوچستان جي علائقي ڪاهان ۾ سيڪيورٽي فورس ۽ هٿياربندن وچ ۾ ويڙهه جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهلڪار مارجي ويو آهي جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. +ذريعن مطابق ڪاهان جي علائقي ڀرسان مري قبيلي سان واسطو رکندڙ هٿياربندن ۽ سيڪيورٽي فورس وچ ۾ ويڙهه ٿي پئي. چيو ويو آهي ته مري قبيلي جي هٿياربند کي پڻ جاني نقصان ٿيو آهي. +پنهنجو پاڻ کي بلوچستان لبريشن آرمي جي ترجمان طور ظاهر ڪندي آزاد بلوچ ٽيليفون تي حملي جي ذميواري قبول ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورس جا ڇهه اهلڪار مارجي ويا آهن. +بهرحال آزاد ذريعن وٽان وڌيڪ جاني نقصان جي تصديق نه ٿي سگهي آهي. + + +عراق ۾ حملن ۽ تشدد جي مختلف واقعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 پرڏيهي فوجي مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن. +ذريعن مطابق عراق جي ڏاکڻي علائقي ۾ هڪ ٻيڙيءَ تي حملي جي نتيجي ۾ چار برطانوي فوجي مارجي ويا. جڏهن ته عراق جي صوبي الانبار ۾ ٿيل ويڙهه ۾ ٽي آمريڪي فوجين جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن. +عراق ۾ مارجي ويل برطانوي فوجين جو ڪل تعداد هاڻي 125 ٿي ويو آهي. چيو ويو آهي ته اهو برطانوي گشتي ٻيڙيءَ تي پنهنجي نوعيت جو پهريون اهڙو حملو هو. + + +سنڌ جي گورنر عشرت العباد خان چيو آهي ته ٻيٽن جي وڪري سان سنڌ کي ڪوبه نقصان نه آهي اهي ٻيٽ تباه ٿي رهيا هئا جنهنڪري حڪومت سيڙپ جو ماحول ٺاهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر خوشحالي وڌندي. هن اهي ڳالهيون هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيون. +گورنر وڌيڪ چيو ته هي رٿا اربين ڊالرن جي آهي ان ۾ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا ذريعا پڻ وڌندا. ٻيٽن تي ٿيندڙ ترقي جو فائدو سمورن سنڌ واسين کي ٿيندو ۽ سنڌ خوشحال ٿيندي. +هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻيٽن جي باري ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن وچ ۾ مالڪي جو مسئلو گڏجي حل ڪيو ويندو. + + +اين اين آءِ جي رپورٽ مطابق ڪراچي ۾ رهندڙ غيرقانوني پرڏيهين کي هڪ هفتي اندر ملڪ ڇڏڻ لاءِ چيو ويو آهي. انهن پرڏيهين جو واسطو ڀارت، افغانستان، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن سان آهي. +چيو ويو آهي ته انهن جي ويزا جو مدو پورو ٿي وڃڻ باوجود اهي پنهنجن ملڪن ڏانهن نه ويا آه�� ۽ مختلف علائقن ۾ روپوش ٿي ويا آهن. خدشو ڏيکاريو ويو آهي ته اهي ئي ماڻهو ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. +ذريعن مطابق ڪراچي ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو پڻ موجود آهن جيڪي مختلف ملڪن مان غيرقانوني طور سرحدون ٽپي سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ ڪراچي ۾ رهن پيا. جيڪڏهن اهي ماڻهو ڪراچي مان هڪ هفتي جي اندر ملڪ ڇڏي نه ويا ته انهن کي آپريشن ذريعي گرفتار ڪري قانوني چاره جوئي ڪئي ويندي. + + +جيئي سنڌ متحده محاذ جي اڳواڻن مظفر ڀٽو ۽ ستار هڪڙو جي وارثن ۽ جسمم جي ڪارڪنن سندن آزاديءَ لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن پڻ حصو ورتو. +ان موقعي تي صائمه ڀٽو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته مذڪوره اڳواڻن تي 13 تائين اڻ ڄاڻايل هنڌن تي تشدد بعد هاڻ ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ مٿان وري ڪوڙا ڪيس داخل ڪري مٿن ذهني تشدد ڪيو پيو وڃي. +هنن گهر ڪئي ته اڳواڻن کي آزاد ڪري واقعي جي اڻ ڌري عدالتي تحقيقات ڪرائي وڃي. +ٻئي طرف ممتاز سومرو صحافين کي ٻڌايو ته سڪندر سومري ۽ نواز زنئور کي ڪالهه 14 ڏينهن جي ريمانڊ بعد حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ عدالت کين سينٽرل جيل حيدرآباد موڪلي ڇڏيو. +هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيل ۾ ٻنهي اڳواڻن مٿان تشدد ڪيو پيو وڃي. هن گهر ڪندي چيو ته اڳواڻن کي جيل مينئول مطابق سهولتون ڏنيون وڃن. + + +روزانه هلچل حيدرآباد پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو آهي ته گذريل سٺ سالن کان سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. سنڌي ترقي جا مخالف نه آهن بلڪه ترقي جي سرڪاري تصور جا مخالف آهن. +اخبار ان جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو ترقيءَ جو منصوبو آهي جڏهن ته سمورن سنڌ واسين جو چوڻ آهي ته اهو منصوبو سنڌ جي پاڻيءَ تي هڪ قسم جو راتاهو آهي. +اخبار ڀنڊار ٻيٽ واري مظاهري جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته سنڌي ماڻهو ان قسم جي ترقي جا مخالف آهن جيڪا سنڌين کي فائدو ڏيڻ بجاءِ ڪنهن ٻئي جي فائدي لاءِ ٿيندي هجي. سنڌين ڪالهوڪي مظاهري ۾ پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اهي ٻيٽن جي مالڪي تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه کڻندا. +آخر ۾ اخبار حڪومت کي صلاح ڏيندي لکيو آهي ته سنڌ جي اصل وارثن کي اعتماد ۾ وٺندي فيصلا ڪيا وڃن. جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته سنڌي ڪنهن به ترقي واري رٿا جي هرگز مخالفت نه ڪندا. + + +سنڌ ٽي وي تي پيمرا طرفان بنا جواز ۽ اوچتي پابندي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا جاري آهن. سنڌ جي سمورن سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي تنظيمن سرڪار جي اهڙي فيصلي کي آزاد صحافت تي وار سڏيو آهي. +ذريعن مطابق سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سنڌ ٽي وي تي پابندي خلاف مظاهرا ٿيڻ جا اطلاع آهن. سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جهڙوڪ، ميهڙ، ٿرڙي محبت، مٺياڻي، سيوهڻ، هڱورجا، نوابشاهه، ميرپور خاص، مورو، ميرپور ماٿيلو، واهي پانڌي سميت مختلف هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. +مظاهرن، احتجاجن، بک هڙتالن، ڌرڻن کي اڳواڻن خطاب پڻ ڪيو. مظاهرين گڏيل طور حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته بنا دير سنڌ ٽي وي جي نشريات تان پابندي هٽائي سنڌين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. +* سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“ + + +سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز علي ڀٽي چيو آهي ته سنڌ دوست ڌرين کي اليڪشني سياست کان پاسيرو ٿي سنڌ جي حقن لاءِ عمل جي ميدان ۾ اچڻ گهرجي. +خيرپور جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيل فرنٽ جي مرڪزي اجلاس کي خطاب ڪندي ممتاز ڀٽي وڌيڪ چيو ته اقتدار منهنجي منزل نه آهي، صوبائي خودمختياري جي حمايت سبب ئي پيپلز پارٽي ��ان الڳ ٿيڻو پيو. +سنڌ قومي اتحاد جي ڪنوينرشپ تان ڏنل استعفا متعلق هن چيو ته هڪ سال تائين اتحاد جون ذميواريون نڀايون آهن هاڻي ٻين دوستن کي اڳتي اچڻ گهرجي. +هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪنڪرنٽ لسٽ واري صوبائي خودمختياري اسان جي منزل نه آهي بلڪه حقيقي خودمختياري اسان جي منزل آهي جنهن ۾ اقتدار ۽ وسيلن تي مالڪي ڌرتي ڌڻين جي هجي. + + +برطانوي پرڏيهي وزارت جي ذريعن دعوا ڪئي آهي ته القائده حملن لاءِ نيو ڪليئر هٿيارن جي حاصلات جي چڪر ۾ آهي. +پرڏيهي وزارتي ذريعن مان اهڙو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ برطانوي حساس اداري ايم 5 طرفان القائده جي متوقع حملن طرف اشارو ڪيو ويو هو. +برطانوي پرڏيهي آفيس جي ذريعن موجب ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته القائده نيوڪليئر حملن لاءِ تاڙ ۾ آهي. انهن جي ڪوشش آهي ته ڪهڙي به طرح نيوڪلئير هٿيارن جي حاصلات ٿي سگهي. + + +عراق ۾ فوجي وردي پهريل ماڻهن سو کان مٿي تحقيقي اداري جي ماڻهن کي اغوا ڪري ورتو آهي. گاڏين ۾ سوار وردي پوش اهي همراه آفيس ۾ گهڙي آيا ۽ مرد ملازمن کي قطار ۾ بيهاري اغوا ڪري ورتو. +ذريعن جو چوڻ آهي ته اغوا پٺيان شيعه ويڙهاڪن جا هٿ آهن جيڪي سيڪيورٽي فورس ۾ پڻ شامل آهن. چيو ويو آهي ته تحقيقاتي ۽ تعليمي ادارن جا ماڻهو انهن ويڙهاڪن جي نشانن تي آهن. + + +ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ سيڪريٽري سطح تي ڳالهين جي پهرين ڏينهن ٻنهي ملڪن دهشتگردي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ واسطي گڏيل طريقه ڪار جوڙڻ تي غور ڪيو. +ذريعن مطابق پهرين ڏينهن جي ڳالهين ۾ اعتماد سازي، سفري سهولتن، ٻه طرفه واپار ۽ اقتصادي معاملن تي پڻ بحث ڪيو ويو. تجزيه نگارن مطابق انهن ڳالهين مان ڪنهن وڏي حاصلات جي اميد نه آهي. +ٻئي طرف خورشيد محمود قصوري چيو آهي ته پاڪستان بمبئي بم ڌماڪن جي ثبوتن جو منتظر آهي. سياچن جي حوالي سان هن چيو ته ان مسئلي تي ٻنهي ملڪن ۾ اختلاف موجود آهن. + + +پاڪستاني صوبي بلوچستان ۾ هڪ بم ڌماڪي ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 15 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. اهو بم هڪ سائيڪل ۾ لڪل هو جيڪا ڪوئٽا جي هڪ هوٽل سامهون بيٺل هئي. +ذريعن مطابق رش واري وقت ۾ ان سائيڪل کي ڪو بيهاري ويو. ڪنهن به ڌر واقعي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي. چيو ويو آهي ته هڪ ٻئي واقعي ۾ هڪ فوجي ۽ هڪ شهري پڻ حملي ۾ مارجي ويا آهن. +خبرن مطابق ڪوهلو ضلعي جي ڪاهان علائقي ۾ نامعلوم هٿياربندن سيڪيورٽي يونٽ انچارج کي فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو آهي. + + +قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيندڙ عورتن جي حقن بابت بل ۾ مذهبي پارٽين طرفان مسلسل استعفائن جي ڌمڪين بعد ان بل ۾ حڪومت ڪجهه ترميمون ڪري ڇڏيون آهن. +وفاقي وزير قانون وصي ظفر علما ڪاميٽي جي سفارشن تي بل ۾ ترميمون ڪرڻ بعد مسودو سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو آهي. حڪومت اهو بل اربع تي اسيمبلي ۾ پيش ڪندي ۽ جمع ڏينهن منظور ڪرائيندي. +ذريعن مطابق انهن ترميمن ۾ شهوت پرستي نالي شامل نئين شق پڻ شامل آهي جنهن موجب غيرشادي شده جوڙي جيڪڏهن ڄاڻي واڻي جنسي عمل ڪيو ته انهن کي پنج سالن تائين سزا ۽ ڏهه هزار تائين ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي. اهڙو ڪوڙو الزام هڻندڙ لاءِ پڻ ساڳي سزا هوندي. +ياد رهي ته پيپلز پارٽي ۽ حڪومتي اتحاد ۾ شامل ايم ڪيو ايم پهريان ئي اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن علما ڪاميٽي جون ترميمون بل ۾ شامل ڪيون ويون ته اهي مخالفت ڪندا. + + +ڀارتي ڪشمير ۾ سيڪريٽري سطح تي ٿيندڙ ڳالهين کان ڪجهه دير پوءِ ٽي بم ڌماڪا ٿيا آهن جن ۾ اطلاعن مطابق 24 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن انهن ۾ 10 سيڪيورٽي اهلڪار پڻ شامل آهن. +پوليس ذريعن مطابق مختلف علائقن ۾ ٿيل انهن ڌماڪن کان پوءِ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ دڪان توڙي بازارون ويران ٿي ويون. پوليس جي هڪ آفيسر چيو آهي ته انهن ڌماڪن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي. +خبر مطابق اهي ڌماڪا پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ ٿيندڙ امن ڳالهين دوران ڪري اهو ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته متان اسان کي وساريو اٿوَ. + + +عراق ۾ بم ڌماڪن، حملن ۽ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 55 ماڻهو مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا. +بغداد ۾ آمريڪي فوجين ڇهن عراقين کي ماري ڇڏيو آهي. انهن جي باري ۾ تصديق ٿيل اطلاع نه آهن ته انهن کي ڪهڙي سبب ڪري ماريو ويو. ٻئي طرف تعليمي کاتي جي 150 ملازمن کي نامعلوم ماڻهو اغوا ڪري ويا آهن. + + +پاڪستان جي صدر جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته پاڪستان طالبان جي بقا جو ذميوار نه آهي، اهي افغانستان ۾ وڌي ويجهي رهيا آهن سموري ذميواري به انهن تي عائد ٿئي ٿي. هن اهي ڳالهيون هڪ ٽي وي کي انٽرويو دوران چيون. +مشرف وڌيڪ چيو ته طالبان جو مرڪز افغانستان جي شهر ڪابل ۾ آهي انهن کي پاڪستان مان تمام ٿوري حمايت حاصل آهي. ان ڪري بنيادي قدم به افغانستان کي کڻڻا پوندا. +صدر مشرف جو چوڻ هو ته دهشتگردن کي پيسو انڊر ورلڊ جي منشيات جي ڌنڌي مان ملي رهيو آهي. هن تسليم ڪندي چيو ته ٿي سگهي ٿو ته ڪوئٽا ۾ طالبان جون سرگرميون جاري هجن ڇاڪاڻ ته اُتي چار لک افغان پناهگير موجود آهن. صدر بارودي سرنگهن وڇائڻ واري تجويز کي ٻيهر ورجائيندي چيو ته ان کان پوءِ ڪوبه غير قانوني طور سرحد پار ڪري نه سگهندو. + + +حزب اختلاف جي ميمبرن دعوا ڪئي آهي ته سنڌ ٽي وي جي نشريات پاڪستان جي خفيه ايجنسين بند ڪرائي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي پ پ جي يوسف ٽالپر چيو ته سنڌي ٽي وي کي بند ڪرڻ پٺيان ايجنسين جو هٿ آهي. +ايم ايم اي جي اڳواڻ قاضي حسين احمد فوج جي ترجمان شوڪت سلطان کي نشريات بند ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو. هن چيو ته پهريان اي آر واءِ ۽ هاڻ سنڌ ٽي وي سان ائين ڪيو ويو. ان مان ظاهر ٿي ويو آهي ته پاڪستان ۾ ميڊيا آزاد نه آهي. +وفاقي وزير اطلاعات حڪومتي موقف بيان ڪندي چيو ته سنڌ ٽي وي جي نشريات جو بند ٿيڻ هڪ انتظامي مسئلو آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته ٽي وي جي نشريات جلد بحال ٿي وڃي. +حزب اختلاف جي پارٽين احتجاج طور واڪ آئوٽ پڻ ڪيو، جڏهن ته پريس گيلري اڳ ئي احتجاج طور خالي پيل هئي. جڏهن وزير اطلاعات صحافين کي يقين ڏياريو ته جلد نشريات بحال ڪئي ويندي تڏهن صحافين احتجاج ختم ڪيو. +ٻئي طرف سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نشريات جي بند ٿيڻ خلاف سخت احتجاج مسلسل جاري آهي. مظاهرين نشريات جي بند ٿيڻ کي محروم ماڻهن جي آواز کي بند ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو آهي. +* سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“ + + +پاڪستان پيپلز پارٽي سرحد اسيمبلي مان منظور ڪيل حسبه بل کي نجي زندگيءَ لاءِ رخنو ۽ خزاني تي بار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. +پارٽي ترجمان فرحت الله بابر مطابق اهو بل ماڻهن کي زوري پراڻي جاهل دور طرف ڌڪڻ جي سازش آهي جنهن کي اسلام جي نالي سان سرانجام ڏنو پيو وڃي. +هن حسبه بل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي آواز اٿارڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته حسبه بل کان پوءِ قومي خزاني کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ويندو. +هن حڪومت تي الزام مڙهيندي چيو ته انهن اعتدال پسند پارٽين جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي مذهبي جماعتن کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو آهي، ان عمل جو مقصد اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ کان سواءِ ڪجهه نه آهي. + + +هن چيو ته شوڪت عزيز خلاف سنڌ ۾ چونڊ مهم دوران 2 پ پ ڪارڪن قتل ڪرڻ جو الزام به رڪارڊ تي موجود آهي. + + +ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي ڪاميٽي جي ميمبر ۽ جنرل ايوب جي آمريت خلاف مزدورن، هارين، مظلوم قومن ۽ عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي 13 +نومبر 1960ع تي شاهي قلعي لاهور ۾ شهادت ماڻيندڙ ڪامريڊ حسن ناصر جي ورسي جي موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جي سامهون هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪميونسٽ پارٽي طرفان هن مظاهري جي اڳواڻي پارٽي جي صوبائي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال ۽ ڪراچي جي سيڪريٽري ڪامريڊ ڪلثوم جمال ڪئي. +احتجاجي مظاهري ۾ اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندي وردي پوش حڪمرانن تي لعنتون وڌيون ويون، حقيقي جمهوريت قائم ڪرڻ لاءِ عوامي جدوجهد جا نعرا لڳايا ويا. سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪرڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪندي مطالبا ڪيا ويا ته اهي معاهده رد ڪيا وڃن، بلوچستان ۾ فوجي آپريشن بند ڪرڻ ۽ بلوچ عوام جي قاتلن کي سزا ڏيڻ جا مطالبا ڪيا ويا. + + +حڪومت قومي اسيمبلي مان عورت تحفظ بل پاس ڪرائي ورتو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي بل جي حمايت ڪئي جڏهن ته نواز ليگ ۽ ايم ايم اي سخت مخالفت ڪندي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. +ذريعن مطابق مذڪوره بل جنهن وقت اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو ته چوڌري شجاعت استعفا اسپيڪر حوالي ڪندي چيو ته ايم ايم اي رڳو ڳالهيون ڪندي آهي مان استعفا ڏيئي رهيو آهيان بل جيڪڏهن اسلام جي خلاف آهي ته منهنجي استعفا حتمي هوندي. جڏهن ته اسپيڪر چوڌري جي استعفا واپس ڪندي کيس چيو ته اهو فيصلو وقت کان اڳ آهي. +پاڪستان پيپلز پارٽي بل جي حمايت ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو جڏهن ته مسلم ليگ ن ۽ ايم ايم اي اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويون. ايم ايم اي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته بل غير اسلامي ۽ غير شرعي آهي. +ياد رهي ته ايم ايم اي بل منظور ٿيڻ جي صورت ۾ قومي اسيمبلي تان استعفائن ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ جڏهن بل منظور ٿي ويو تڏهن مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت خلاف تحريڪ هلائي ويندي. استعفائن لاءِ هن چيو ته اهڙو فيصلو تڪڙ ۾ نه ڪيو ويندو. +* اردو ٽي وي ”اي آر واءِ“ +* اردو ٽي وي ”جيو ٽي وي“ + + +سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ“ ٽي وي تي پيمرا طرفان پابندي خلاف حيدرآباد ۾ سنڌ جي جهوني دانشور محمد ابراهيم جويي، عبدالواحد آريسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. +اها ريلي پريس ڪلب کان اولڊ ڪيمپس تائين جاري رهي. ان احتجاجي ريلي ۾ ابراهيم جويي ۽ آريسر کان سواءِ تاج جويو، ايوب شر، ليلا لطيفي ۽ ٻين ڪيترين ئي ناميارين شخصيتن شرڪت ڪئي. مظاهرين پابندي واري فيصلي جي مذمت ڪندي گهر ڪئي ته سنڌ ٽي وي جي نشريات تان فوري طور پابندي هٽائي وڃي. +ٻئي طرف سموري سنڌ ۾ پابندي خلاف احتجاجن ۽ هڙتالن جو سلسلو جاري آهي. ڪراچي، دادو، ميهڙ، سيتا روڊ، سيوهڻ، قاضي احمد، بدين سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پابندي خلاف احتجاجي مظاهرا، هڙتالون ۽ ڌرڻا هنيا ويا. + + +عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ ٻن خودڪش ڪار بم حملن ۾ 18 ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته 55 ڄڻا زخمي ٿي پيا. +ذريعن مطابق انهن مان هڪ خودڪش حملو بغداد جي صدر سٽي واري علائقي ۾ ٿيو جنهن ۾ ست ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 23 ماڻهو زخمي ٿي پيا. ٻيو ڪار بم ڌماڪو سينٽرل بغداد ۾ ٿيو جنهن ۾ 11 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 32 ڄڻا زخمي ٿي پيا. +ٻئي طر�� مليل اطلاعن موجب عراق جي انبار صوبي ۾ فوجي آپريشن دوران آمريڪا جا ڇهه فوجي پڻ مارجي ويا آهن. انهن فوجين ۾ ميرين جا فوجي پڻ شامل هئا. + + +مشهور عرب ٽي وي چينل ”الجزيره“ پنهنجي نشريات هاڻ انگريزي ٻوليءَ ۾ پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. الجزيره دنيا جي لاءِ هڪ متنازعه ترين چينل رهيو آهي جنهن ۾ القائده جي حوالي سان خبرون پيش ٿينديون رهيون آهن. +ذريعن مطابق اهو چينل انگريزيءَ ۾ تقريبن 80 ملين گهرن لاءِ پنهنجي نشريات جاري ڪئي آهي. قطر جي گادي واري هنڌ دوها مان هلندڙ هن چينل کي عربن ۾ گهڻي پذيرائي حاصل ٿي هئي انگريزي نشريات جو آغاز 15 نومبر 3 بجي ڌاري ڪيو ويو. چينل جي نشريات سڌي ڪوريج ذريعي شروع ٿي ۽ ان خبر جو تعلق غزه واري علائقي سان هو. +ان خبر ۾ چيو ويو ته فلسطيني ويڙهاڪن جي راڪيٽ فائر ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ اسرائيلي عورت مارجي ويئي آهي. + + +اڄ شڪارپور ۾ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 11 تي ضمني چونڊون ٿينديون. ان سيٽ تي مسلم ليگ ق جي اميدوار مقبول شيخ ۽ پ پ پ جي آغا تيمور پٺاڻ وچ ۾ مقابلو آهي. +ذريعن مطابق ان تڪ جي ووٽرن جو رجسٽرڊ تعداد 18400 آهي. ياد رهي ته اها سيٽ پ پ پ جي آغا طارق پٺاڻ جي وفات کان پوءِ خالي ٿي هئي. +خبرن مطابق مسلم ليگ ق جي اميدوار کي مسلم ليگ ف، جمعيت علما اسلام ف ۽ ايم ڪيو ايم جي حمايت حاصل آهي. تڪ تي سخت مقابلي ٿيڻ جا امڪان آهن. + + +جيئي سنڌ متحده محاذ جي تازو ظاهر ڪيل ٻن اڳواڻن مظفر ڀٽو ۽ ستار هڪڙو لاءِ گذريل ڏينهن ڄامشورو پوليس ستن ڏينهن جو ريمانڊ ورتو هو. اڳواڻن جي وارثن انهن جي باري ۾ صحافين کي ٻڌايو آهي ته مظفر ڀٽو ۽ ستار هڪڙو تي پوليس طرفان تشدد جاري آهي. +وارثن وڌيڪ ٻڌايو ته جيئن سميع الله ڪلهوڙي کي تشدد جي ذريعي ماريو ويو هو ائين خدشو آهي ته هنن ٻنهي اڳواڻن سان پڻ ساڳي ڪار ڪئي ويندي. هنن چيو ته ملڪ اندر ٻٽو معيار هلي رهيو آهي هڪ طرف ايم ڪيو ايم ڪارڪنن ۽ ٻين جا ڪيس ختم ڪيا ويا آهن ته ٻئي طرف قومپرستن تي جڙتو نوان ڪيس داخل ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي. وارثن سپريم ڪورٽ کي انصاف جي اپيل ڪئي آهي. + + +ماتلي ڀرسان بدين حيدرآباد روڊ تي هڪ حادثي جي نتيجي ۾ ماءُ پٽ سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا. اهو حادثو ان وقت پش آيو جڏهن تيز رفتار مسافر ڪوسٽر ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر ٿي پيو. +حادثي ۾ 20 کان وڌيڪ مسافر زخمي پڻ ٿي پيا جن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي. زخمين کي حيدرآباد ۽ بدين جي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. حادثي بعد ڪوسٽر مڪمل طور تباه ٿي ويو. + + +مولانا چيو ته ايم ايم اي جو اجلاس گهرايو ويو آهي جنهن ۾ اسيمبلي تان استعيفائن جو فيصلو ڪيو ويندو ۽ ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي هن جو چوڻ هو ته مذڪوره بل غير اسلامي آهي هاڻ مخالف ڌر عوام سان رجوع ڪندي. +ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته بل جي منظوري سان ملڪ جي اڌ آبادي يعني عورتن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ٻه اکيائي وارا رويا ختم ٿي ويندا. هن بل ۾ قرآن سان شادي جهڙين گندين رسمن جو خاتمو ڪيو ويو آهي. + + +پاڪستان جي صدر جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته عورت تحفظ بل جي منظوري کان پوءِ انتها پسندن جو زور ٽٽي ويو آهي. اها ڳالهه هن قوم کي خطاب دوران ڪئي. +صدر مشرف وڌيڪ چيو ته بل عين اسلامي آهي ڇاڪاڻ ته اسلام جي بنيادي قانونن کي جيئن جو تيئن برقرار رکيو ويو آهي. هن جو چوڻ هو ته حدود آرڊيننس ۾ جيڪي خاميون هيون اهي دور ڪيون ويون آهن. +پرويز مشرف جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهو تاثر ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته قرآن ۽ سنت جي قانونن کي پٺي ڏني ويئي آهي پر اهو سراسر ڪوڙ ۽ بي بنياد الزام آهي. +صدر چيو ته عوام هاڻي بيدار ٿي چڪو آهي ايندڙ اليڪشن ۾ اعتدال پسند ۽ ترقي پسند قوتون اسيمبلين ۾ کٽي اينديون ڇاڪاڻ ته ان ۾ ئي ملڪ جي بقا شامل آهي. +* سنڌي ٽي وي ”ڪي ٽي اين“ +* سنڌي ٽي وي ”سنڌ ٽي وي“ + + +عراق ۾ تعليمي کاتي جا اغوا ٿيل ملازم آزاد ٿي ويا آهن پهريان چيو ويو هو ته سو کان وڌيڪ ماڻهو اغوا ٿيا آهن پر هاڻ ٻڌايو ويو آهي ته چاليهه ماڻهو اغوا ٿيا هئا. +وزارت داخله جي ترجمان مطابق پوليس طرفان فوري ڪاروائي سبب ماڻهن جي واپسي ممڪن ٿي آهي. ياد رهي ته وردي پهريل نامعلوم ماڻهن تعليم کاتي جي انهن ملازمن کي اغوا ڪيو هو. +ذريعن مطابق عام خيال اهو آهي ته انهيءَ واردات پٺيان شيعه سيڪيورٽي فورسز جا ماڻهو شامل هئا. جڏهن ته مغوين جي باري ۾ چيو ويو آهي ته انهن ۾ شيعه ۽ سني ٻئي شامل هئا. + + +عراق ۾ ڪجهه مهينا اڳ چار فوجين کي هڪ 14 ساله ڇوڪري سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ بعد کيس قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو هو انهن مان هڪ ڄڻي کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي. +مذڪوره فوجين تي ڇوڪري جي سموري خاندان کي قتل ڪرڻ جو الزام پڻ هو. جڏهن ته انهن مان صرف هڪ ڄڻي کي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي. + + +ڀارت سان امن ڳالهين جي ٻئي ڏينهن پاڪستان هڪ نئون حتف 5 جو ڪامياب ميزائل تجربو ڪري ورتو آهي. ميزائل وار هيڊ کڻڻ جي قابل آهي ۽ ان جي مار 1300 ڪلوميٽر ٻڌائي وئي آهي. +پاڪستاني فوجي ذريعن مطابق وچٿري مار وارو اهو ميزائل تجربو ڪامياب ٿيو آهي. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ ڀارت سان امن ڳالهين جو دورو ڪري پاڪستاني وفد واپس پهتو آهي جنهن ۾ گڏيل طور نيوڪليئر جنگ ٽارڻ لاءِ معاهدو پڻ ڪيو ويو. + + +ادا اوهان جڏهن چاهيو صفحا ايڊٽ ڪري سگهو ٿا پر وڪي سنڌي اخبار جي پاليسي موجب اوهان کي ڪنهن ٻئي ذريعي مان خبر ڪاپي پيسٽ ڪرڻ يا جيئن جو تيئن لکڻ جو اختيار نه آهي. ذريعاتي خبر مان اوهان پنهنجو مواد جوڙي هتي پوسٽ ڪري سگهو ٿا. جيئن جو تيئن بلڪل نه + + +آمريڪا جي مختلف رياستن مان گهٽ ۾ گهٽ 33 پاڪستانين کي غير قانوني پرڏيهي هجڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. چيو ويو آهي ته ڪل 40 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، ورجينيا مان 37 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته 7 ڄڻن کي مختلف رياستن مان گرفتار ڪيو ويو. +انهن جي باري ۾ اهو شڪ پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي ته اهي مذهبي انتهاپسندي سان تعلق رکن ٿا. انهن مان ڪيترائي گيس اسٽيشن جا ملازم ۽ ٽيڪسي ڊرائيور ٻڌايا ويا آهن. گرفتار ٿيلن ۾ اڪثريت پاڪستانين جي آهي انهن جو تعداد 33 ٻڌايو ويو آهي. +ذريعن مطابق گرفتار ماڻهن کي آمريڪي قانون موجب غير قانوني طور ملڪ ۾ داخلا ۽ ڏوهن جي الزامن تحت ڪيسن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. + + +صدر مشرف جي بلوچستان دوري جي موقعي تي نيشنل پارٽي پاران احتجاج طور هڙتال ڪئي وئي. ياد رهي ته نواب اڪبر بگٽي جي قتل کان پوءِ صدر جو اهو پهريون دورو هو. +ذريعن مطابق بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويا. رستن تي ٽريفڪ به گهٽ رهڻ جا اطلاع آهن. ٻين پارٽين پڻ ان هڙتال جي حمايت ڪئي هئي. بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن مان ڪاروباري مرڪز بند ٿيڻ جا اطلاع آهن جنهن ۾ ڪوئٽا، خضدار، نوشڪي، مستونگ، حب، گوادر، تربت ۽ ٻيا ڪيترائي شهر شامل آهن. +نيشنل پارٽي جي اڳواڻ جان محمد بليدي مطابق مير حاصل بزنجو ۽ ملا برڪت کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس ذريعن انهن جي ضلعي بدري جو ٻڌايو آهي. سرڪاري ذريعن پهريان ان دوري کي جرڳي جو نالو ڏنو هو. جنهن ۾ صدر کي قبائلي سردارن کي خطاب ڪرڻو هو. بعد ۾ اهو جلسو ٻي صورت اختيار ڪري ويو ذريعن مطابق مذڪوره سردارن اهڙي جلسي ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. +نيشنل پارٽي اهو پڻ اعلان ڪيو هو ته اهي گوادر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندا جنهن جي اڳواڻي مرڪزي اڳواڻ ڪندا. جيڪو گرفتارين بعد نه ٿي سگهيو. ذريعن مطابق نيشنل پارٽي جا 145 ڪارڪن پڻ گرفتار ڪيا ويا آهن. +* سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“ + + +عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 15 عراقي مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف 4 آمريڪي فوجي پڻ هڪ آپريشن دوران مارجي ويا آهن. +ذريعن موجب بغداد جي ڏکڻ طرف ٻهراڙي جي هڪ علائقي ۾ آپريشن دوران هوائي فوج جي مدد سان 9 ويڙهاڪن کي ماريو ويو آهي. فوجي ذريعن مطابق مارجي ويلن مان ڪجهه ويڙهاڪن کي خودڪش حملن لاءِ جسم سان بم ٻڌل هئا. +فوجي ذريعن 9 ويڙهاڪن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا پڻ ڪئي آهي. تازو مارجي ويل 4 آمريڪي فوجين سميت هن مهيني مارجي ويل فوجين جو تعداد 44 ٿي ويو آهي. + + +عورت تحفظ بل جي قومي اسيمبلي مان منظوري کان پوءِ حافظ حسين احمد پنهنجي استعفا پارٽي قيادت حوالي ڪري ڇڏي آهي. قاضي حسين احمد ۽ پروفيسر غفور استعفا تي راضي آهن جڏهن ته مولانا فضل الرحمان وٽ تحفضات موجود آهن. ياد رهي ته مولانا فضل الرحمان جي پارٽي وٽ سڀني مذهبي جماعتن کان وڌيڪ سيٽون آهن. +ذريعن مطابق ايم ايم اي جي سپريم ڪائونسل جو اجلاس قاضي حسين احمد جي صدارت ۾ ٿيو جتي حافظ حسين احمد استعفا بابت پنهنجي موقف ۾ چيو ته مون پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته بل غير اسلامي آهي. +اجلاس ۾ فضل الرحمان استعفائن جي مخالفت ڪئي. اجلاس کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته 6 ۽ 7 ڊسمبر تي پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڏايو ويندو جنهن ۾ استعفائن بابت ويچاريو ويندو. +* سنڌي ٽي وي چينل ”ڪي ٽي اين“ + + +سنڌ ٽي وي جي نشريات پيمرا طرفان بنا جواز بند ڪرڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجن ۽ مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. مظاهرن ۾ هڪدم سنڌ ٽي وي جي نشريات جي بحالي جا مطالبا ڪيا ويا. +ذريعن مطابق ضلعي ڪائونسل هڪ قرارداد ذريعي پابندي واري فيصلي جي مخالفت ڪندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته ٽي وي جي نشريات بحال ڪئي وڃي. +ڪراچي، حيدرآباد، سکر، مورو، نوابشاهه، لاڙڪاڻو، سيوهڻ، دادو، خيرپور ۽ ٻين شهرن ۾ صحافين، اديبن، شهرين، سماجي تنظيمن مظاهرن ۾ حصو ورتو. مظاهرين گهر ڪندي چيو ته ميڊيا جي آزادي جي دعوا ڪندي حڪمران ٿڪجن ئي نٿا جڏهن ته سنڌ ٽي وي جي نشريات بنا ڪنهن جواز جي هفتي کان بند ڪئي وئي آهي. انهن مطالبو ڪيو ته سنڌ ٽي وي جي نشريات هڪدم بحال ڪري سنڌين مان بيچيني جي احساس کي ختم ڪيو وڃي. +سنڌ ٽي وي جي نشريات بند ٿيڻ خلاف صحافين پنجاب اسيمبلي جي اجلاس مان بائيڪاٽ پڻ ڪيو آهي. جنهن ۾ گهر ڪئي وئي ته نشريات جلد بحال ڪئي وڃي. +* سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“ + + +سائين جي ايم سيد جي پوٽي ۽ اڳوڻي سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جلال محمود شاهه چيو ته آهي ته نئين جوڙيل پارٽي جو ڪنوينشن 9 ڊسمبر تي ٿيندو. +ڄامشور ۾ هن اهڙو اعلان ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته نئين پارٽي جو نالو، جهنڊو ۽ آئين وغيره کي حتمي صورت ڏني ويندي. چيو ويو آهي ته ان جا مرڪز ۽ ضلعي سطح تي آرگنائيزر مقرر ڪيا ويندا. جنهن کان پوءِ 9 ڊسمبر تي پارٽي جو ڪنوينشن ٿيندو. +وڌيڪ چيو ويو آهي ته 17 ڊسمبر تي ڄامشور ۾ پارٽيءَ جو تعارفي جلسو پڻ ڪرايو ويندو جنهن ۾ سموري سنڌ جي ماڻهن کي شريڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون. + + +پيٽارو ڪاليج انتظاميه ۽ پوليس طرفان ڳوٺ جي زمين تي تڪرار جي نتيجي ۾ زوري لڏايل ڳوٺ صفر خاصخيلي جي ڳوٺاڻن جي سار ڪنهن به نه لڌي آهي. خبر موجب ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ راتون گذاري رهيا آهن. +ذريعن مطابق مردن جي گرفتاري ۽ روپوشي سبب کليل آسمان هيٺ ويٺل عورتن ۽ ٻارڙن وٽ پورو کاڌو پڻ موجود نه آهي. جڏهن ته ڪنهن به قومپرست جماعت ان زيادتي خلاف آواز نه اٿاريو آهي. +مقرر جاچ آفيسر پنهنجي سرڪاري انداز واري جاچ ۾ مصروف آهن جنهن مان اڃا تائين ڳوٺاڻن سان ڪوبه انصاف نه ٿي سگهيو آهي. رهواسين جاچ آفيسر وٽ پنهنجن رڪارڊ ڪرايل بيانن ۾ چيو آهي ته وٽن زمين جا ڪاغذ موجود آهن ۽ هو اتي ابن ڏاڏن کان رهن ٿا. جهيڙي بابت رهواسين چيو ته جڏهن ڪاليج جو پرنسپال ماڻهو وٺي اچي ڳوٺ ۾ عورتن جي تذليل ڪئي جنهنڪري اسان کان اها زيادتي برداشت نه ٿي سگهي. + + +آمريڪي سينيٽ ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل نيوڪليئر معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب معاهدي جي حمايت ۾ 85 جڏهن ته مخالفت ۾ صرف 12 ووٽ پيا. +آمريڪي ڪانگريس طرفان اهڙي منظوري کان پوءِ ڄڻ ته آمريڪا ڀارت کي ايٽمي طاقت طور تسليم ڪري ورتو آهي. معاهدي جي حامين ان منظوري کي تاريخ ساز قدم قرار ڏنو آهي. +ان معاهدي تي ڏهه ڪلاڪ کن بحث جاري رهڻ بعد ان کي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو. ٻئي طرف ڪجهه سينيٽرن جو خيال آهي ته اهڙي منظوري ايٽمي عدم ڦهلاءَ وارين ڪوشش کي ڇيهو رسائيندي. +منظور ٿيل معاهدي موجب ڀارت هاڻ ڪي به جوهري ڌماڪا نٿو ڪري سگهي. ڀارت پنهنجون سموريون سويلين تنصيبات عالمي ماهرن جي نگراني لاءِ کولڻ جو پابند پڻ ٿي ويو آهي. + + +برطانوي شهري مرزا طاهر حسين کي راولپنڊي جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. مرزا طاهر تي هڪ ڊرائيور کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳل هو. هن وقت تائين هو جيل ۾ 18 سال گذاري چڪو آهي. +سرڪاري ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي پر وڌيڪ ڪجهه ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي ته ان کي برطانوي ڪميشن حوالي ڪيو ويو آهي يا نه. +ذريعن مطابق مرزا طاهر کي آزاد ڪرڻ بعد هڪ خاص جهاز ذريعي اسلام آباد مان برطانيه لاءِ روانو ڪيو ويو. ان ڳالهه جي سرڪاري ذريعن تصديق نه ڪئي آهي. +وفاقي وزير آفتاب شيرپاو چيو ته هن کي آزاد ڪيو ويو آهي پر پاڪستان مان روانو ٿيو آهي يا نه ان بابت وٽس ڪابه ڄاڻ نه آهي. + + +پنجاب جي شهر لاهور ۾ هڪ بم ڌماڪي ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جڏهن ته پشاور ۾ هڪ خودڪش بم حملي ۾ حمله آور پاڻ مارجي ويو. +لاهور وارو ڌماڪو قذافي اسٽيڊيم ڀرسان فيروز پور روڊ تي ٿيو. ان ڌماڪي جي زخمين مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي. پوليس ذريعن مطابق بم هڪ ڪچري واري دٻي ۾ رکيل هئا جنهن ۾ هڪ ڪلو تائين ديسي ساخت جو بارود شامل هو. +ٻئي طرف پشاور ۾ هڪ خودڪش بم حملي آور هڪ پوليس وين کي بم سان اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ هو ڪامياب نه ٿي سگهيو. حمله آور پاڻ ان ڌماڪي سبب مارجي ويو آهي. +ياد رهي ته باجوڙ واري واقعي کان پوءِ سرحد ۾ انتهاپسند گروپن اندر سخت تاءُ پکڙيل آهي. + + +ايم ايم اي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ٻن صوبن ۾ حدود ترميمي بل لاڳو ٿيڻ نه ڏينداسين. ياد رهي ته حدود ترميمي بل عرف عورت تحفظ بل تازو قومي اسيمبلي مان منظور ٿيو هو ۽ ايم ايم اي م��مبرن اجلاس جو واڪ آئوٽ ڪيو هو. +لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت ضمني چونڊون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي روڪيو ويندو. استعيفائن بابت هن چيو ته ڊسمبر ۾ سمورا ايم ايم اي اسيمبلي ميمبر مستعفي ٿي ويندا. +مولانا فضل الرحمان تفصيل ٻڌائيندي چيو ته صرف قومي اسيمبلي تان استعيفائون ڌنيون وينديون جڏهن ته صوبائي حڪومتون برقرار رکيون وينديون. + + +هالينڊ جي ڪابينه مسلمان عورتن جي نقاب پائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب نقاب پائڻ هالينڊ ۾ هاڻ غيرقانوني بڻجي ويو آهي. +اهڙي تجويز هالينڊ جي اميگريشن جي وزير ريٽا وردنڪ ڏني جيڪا پنهنجي سخت پاليسين سبب ڪافي مشهور آهي. +ان پابندي کان پوءِ گهٽين، ريل گاڏين، بسن، تعليمي ادارن، عدالتن سميت عوامي جاين تي نقاب پائڻ غيرقانوني بڻجي ويو آهي. چيو ويو آهي ته نقاب سان نضم و ضبط، شهري زندگي ۽ سيڪيورٽي انتظام متاثر ٿين ٿا. + + +ڀارت ۾ ٿيندڙ دهشتگردي پٺيان پاڪستان جو هٿ آهي اسان وٽ ان ڳالهه جا پڪا ثبوت موجود آهن. اها ڳالهه ڀارتي پرڏيهي وزير پرناب مکرجي هڪ ٽي وي کي انٽريو ڏيندي ڪئي. +پرناب مکرجي وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ جيڪي به مذهبي ويڙهاڪ دهشتگرد ڪاروائيون ڪري رهيا آهن انهن جي پٺ ڀرائي پاڪستان ڪري رهيو آهي ان جا اسان وٽ پڪا ثبوت موجود آهن. ڀارت ۾ تازيون دهشتگرد ڪاروائيون پاڪستان جي پٺ ڀرائيءَ سان ٿيون آهن. ياد رهي ته پاڪستان اڳ ئي اهڙن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. + + +پ پ جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو عورت تحفظ بل پاس ٿيڻ تي قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين عورت تحفظ بل پاس ٿيڻ واري ڏينهن کي فتح وارو ڏهاڙو قرار ڏيندي هر سال 17 نومبر تي فتح جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. +ياد رهي ته ايم ايم اي بل جي منظوري کان پوء استعيفائن واري مسئلي تي اڃا تائين ورهايل نظر اچي ٿي. ٻئي طرف حڪومت ايم ايم اي جون استعيفائون روڪڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس چئن مهينن تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. +بينظير ڀٽو پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پ پ 25 سالن کان عورتن جي حقن بابت جدوجهد ڪري رهي هئي، هن بل جي منظوري کي عوام جي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. +ٻئي طرف الطاف حسين چيو آهي ته عورت تحفظ بل جي منظوري کان پوءِ هاڻ صوبائي خودمختياري وارو بل منظور ڪرائڻ لاءِ جدوجهد وڌيڪ تيز ڪئي ويندي. + + +جهونو دانشور محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر قادر مگسي، ايوب شر ۽ نظير ميمڻ تي ٻڌل چار رڪني وفد ممتاز ڀٽي کي پرچائڻ لاءِ ساڻس ڪراچي ۾ ملاقات ڪندو. ممتاز ڀٽي کي سنڌ قومي اتحاد جي قيادت تان ڏنل استعيفا واپس وٺڻ جو چيو ويندو. +مذڪوره وفد جي گڏجاڻي ترقي پسند هائوس حيدرآباد ۾ ٿي جنهن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ممتاز ڀٽي سان ملاقات ڪري کائنس استعيفا واپس وٺڻ جي گهر ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ قومي اتحاد متحرڪ بڻائي سگهجي. + + +عراق جي ڏاکڻي شهر بصره ڀرسان هڪ فوجي قافلي مان چار آمريڪي ۽ هڪ آسٽريلوي فوجي اغوا ٿي ويا آهن. مذڪوره فوجي قافلو ناصريه طرف وڃي رهيو هو. +سيڪيورٽي گروپ جي ترجمان موجب اغوا ٿيل سمورا ماڻهو سيڪيورٽي اهلڪار هئا. خبر مطابق مغوين جي بازيابي لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا پڻ هنيا ويا آهن. + + +افغانستان جي صدر حامد ڪارزئي چيو آهي ته مذهبي ويڙهاڪ پاڪستان جي سرزمين استعمال ڪندي افغانستان ۾ دهشتگرد ڪاروائيون ڪري رهيا آهن. هن اها ڳالهه من موهن سنگهه سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي. +افغان صدر وڌيڪ چيو ته اسان ائين نٿا چئون ته ڪو ان ۾ پاڪستان جي حڪومت ملوث آهي، پر افغان بارڊر ڀرسان ٿيندڙ ڪاروائيون پاڪستان مان ايندڙ ويڙهاڪ ڪري رهيا آهن. +هن پاڪستان تي الزام مڙهيندي چيو ته اسلام آباد دهشتگرد ڪاروائين کي روڪڻ لاءِ سنجيده ڪوششون نه پيو وٺي جنهنڪري طالبان سندن علائقن مان اچي افغانستان ۾ ڪاروائيون ڪن ٿا. +افغان حلقن ۾ اهو به سمجهيو پيو وڃي ته پاڪستان اڃا تائين طالبان جي اندروني طور مدد ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف ڀارتي حلقن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪشميري علحيدگي پسندن جي حمايت ڪري رهيو آهي. پاڪستان انهن ٻنهي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. + + +ادا ڀلي ڪري آيا اسان جون اکيون ٿڌيون. +اميد ته وري به قرب جا قدم ڀريندا رهندا. سنڌي وڪي اخبار ۾ تازا ترين خبرون پاڻ به روزانه پڙهو ۽ دوستن کي به پڙهايو. هن اخبار ۾ اوهان به حصيداري ڪري سگهو ٿا. نيون خبرون تلاش ڪري پوسٽ ڪريو ان کان علاوه اوهان پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن جون خبرون پڻ هتي پوسٽ ڪري سگهو ٿا. + + +افغانستان ۾ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ وڌي 52 ٿي ويو آهي جڏهن ته هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو لاپته پڻ ٿيا آهن. +سرڪاري ذريعن موجب اتر اولهه افغانستان ۾ ٻوڏ وگهي فوتين جو تعداد هفتي اندر 52 ٿي ويو آهي. ماڻهن کي کاڌ خوراڪ ۽ ضرورتن جون ٻيون شيون پهچايون پيون وڃن. هزارين ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن. +سياري جي مند واري شروعاتي برسات سبب آيل ان ٻوڏ جي نتيجي ۾ مختلف علائقن ۾ سوين گهرن کي نقصان پهتو آهي. + + +سريلنڪا ۾ فوج ۽ تامل باغين ۾ ٿيل ويڙهه جي نتيجي ۾ سريلنڪا جي سرڪاري ذريعن 15 تامل باغين کي مارڻ جي دعوا ڪئي آهي. ٻئي طرف هڪ بم ڌماڪي ۾ سريلنڪا جا 4 فوجي پڻ مارجي ويا جڏهن ته 18 زخمي ٿي پيا. بم ڌماڪي جو الزام تامل باغين تي لڳايو ويو آهي. +سريلنڪا جي بحريه جي ترجمان موجب فوج تامل باغين جون ٽي ٻيڙيون پڻ تباهه ڪيون آهن. ٻيڙين تي جنگي جهازن بمباري ڪري انهن کي تباه ڪيو. انهي ويڙهه جي نتيجي ۾ نيوي جا چار اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا. + + +عوامي نيشنل پارٽي جي سربراه اسفند يار ولي چيو آهي ته طالبان کي پختونن نه پر فوج آمريڪا کان پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي. ان بهاني پختونن تي الزام بازي بند ٿيڻ گهرجي. + + +سنڌ نيشنل پارٽي جي سربراه امير بخش ڀنڀري چيو آهي ته ڊيمن جي اڏاوت ۽ ٻيٽن جي وڪري خلاف پهرين ڊسمبر تي پارٽي پاران احتجاج ڪيو ويندو. +حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته پهرين ڊسمبر تي احتجاج ڪيو ويندو جڏهن ته 3 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ تاريخي ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويندو. +هن چيو ته پارٽي جي ڪارڪنن خلاف بيجا وٺ پڪڙ شروع ڪئي وئي آهي پر پارٽي جي ڪارڪنن کي اهو رياستي ظلم جهڪائي نٿو سگهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي جدوجهد سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ جاري رهندي. + + +جيئي سنڌ متحده محاذ جي ٻن اڳواڻن احمد خان تيوڻو ۽ ذوالفقار خاصخيلي کي ڪوٽڙي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت کين چالان ڪندي حيدرآباد سينٽرل جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. +جسمم ڪارڪنن کي ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ پوليس وٽائن ڌماڪيدار مادو، گرنيڊ ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي هئي. انهن تي ريل جي پٽڙي اڏائڻ جو الزام پڻ مڙهيو ويو آهي. +اڳواڻن جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته پوليس انهن تي ڪوڙا الزام لڳائي ڦاسائي رهي آهي. جڏهن ته گرفتار اڳواڻن صحافين کي چيو ته هو ��ي ڏوهي آهن. هنن وڌيڪ چيو ته ڪوڙا ڪيس مڙهي اسان کي سنڌ جي حقن جي جدوجهد ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي پر ڪنهن به صورت ۾ پٺتي نه هٽنداسين سنڌ لاءِ جدوجهد جاري رهندي. + + +ڀارتي رياست آسام ۾ پوليس اهلڪارن فائرنگ ڪري ٻن ٻارن کي ماري ڇڏيو آهي جڏهن ته مقامي ماڻهن ٿاڻي تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا جنهن مان ٽي پوليس اهلڪار زخمن جا تاب نه سهي فوت ٿي ويا. +جهيڙو ان وقت شروع ٿيو جڏهن پوليس هڪ چوڪي تي موٽرسائيڪل سوار هڪ نوجوان کي گهليندي ٿاڻي اندر وٺي وئي. ردعمل ۾ ڪيترائي مقامي ماڻهو گڌ ٿي ويا ۽ انهن ٿاڻي تي حملو ڪري ڏنو پوليس موقعي تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ ٻه ٻار مارجي ويا. جهيڙي ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار سخت زخمي پڻ ٿيا جن مان ٽن اسپتال ۾ دم ڏنو. + + +افغانستان جي صدر حامد ڪارزئي چيو آهي ته اسامه بن لادن پاڪستان ۽ افغانستان بارڊر ڀرسان ڪٿي موجود آهي. اها ڳالهه هن نيودهلي ۾ گڏيل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. +افغان صدر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هو فرار نه ٿي ويو آهي ته پوءِ پڪ انهن ئي علائقن ۾ موجود آهي. هن وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته حامد ڪارزئي هميشه دعوا ڪندو رهيو آهي ته اسامه کي پاڪستان جي بارڊر اندر ڪنهن ڳوٺ ۾ پناه ڏني وئي آهي. +هن وڌيڪ چيو ته کيس خبر آهي ته هو اسلام آباد يا نيو دهلي جي باري ۾ ڇا چئي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ڪابل جا ويجها دوست آهن. + + +آمريڪا عورت تحفظ بل پاس ٿيڻ جو خيرمقدم ڪندي چيو آهي ته ان بل جي پاس ٿيڻ سان پاڪستان ۾ عورت سان ٿيندڙ امتيازي سلوڪ ختم ٿي ويندو. +آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ذريعن وڌيڪ چيو آهي ته بل جي منظوري مان ظاهر ٿي ويو آهي ته پاڪستان جي سرڪار اعتدال پسند آهي. ان بل کي اڳڀرو قدم قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته ان سان عورت جي حوالي سان قانون ۾ موجود خاميون دور ٿيڻ ۾ مدد ملندي. +ذريعن مطابق ان بل جي منظوري سان اهو نه آهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو آهي پر ايترو ضرور ٿيندو ته ان بل ذريعي عورتن کي پنهنجا بنيادي حق حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. + + +پڪستان جي قبائلي علائقي وزيرستان ۾ نامعلوم ماڻهن هڪ مذهبي عالم کي آمريڪا لاءِ جاسوسي جي الزام تحت قتل ڪري ڇڏيو آهي. +اتر وزيرستان جي شهر ميران شاه مان مليل اطلاعن موجب هڪ لاش لڌو ويو آهي جنهن کي مٿي ۾ ٻه گوليون لڳل آهن. ان جي ڀرسان هڪ چٺي پڻ لڌي آهي جنهن مطابق مارجي ويل شخص جو نالو محمد هاشم ٻڌايو ويو آهي ۽ هن کي آمريڪا لاءِ جاسوسي جي الزام تحت قتل ڪيو ويو. +ياد رهي ته حڪومت ۽ قبائلين وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو هو جنهن تحت ٽارگيٽ ڪلنگ جي خاتمي تي اتفاق پڻ شامل هو. هن وقت تائين چئن ماڻهن کي ان الزام تحت قتل ڪيو ويو آهي. + + +برطانيه جي وزيراعظم ٽوني بليئر چيو آهي ته مذهبي انتهاپسند اسان سڀني کي طالبانائزيشن طرف وٺي وڃڻ چاهين ٿا. هن اها ڳالهه پاڪستاني دوري کان پوءِ صدر سان ملاقات بعد صحافين کي خطاب ڪندي چئي. +هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ کي هڪ عالمگير جدوجهد طور تي ڏسڻ گهرجي. ان کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ضروري آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسلامي عسڪريت پسندي کي نه روڪيو ويو ته ٽين عالمي جنگ لڳي سگهي ٿي. +ملاقات بعد مشترڪه بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي 480 ملين پائونڊ امداد ڏني ويندي. ان مان گهڻي امداد مدرسن جي سڌاري لاءِ ڏني هوندي. +ان وقت صدر مشرف ان بيان جي ترديد ڪندي چيو ته هن ڪڏهن به ائين نه چيو آهي ته دهشت��ردي خلاف جنگ نه ٿي کٽي سگهجي. هن چيو ته دشمن اڳيان هٿيار ڦٽا نه ڪنداسين. + + +پاڪستاني ڪوسٽ گارڊز 22 ڀارتي مهاڻن کي سرحدي خلاف ورزي جي الزام تحت گرفتار ڪري ورتو آهي. انهن جو ٽي ٻيڙيون پڻ قبضي ۾ ڪيون ويون آهن. +سرڪاري ذريعن مطابق ڪوسٽ گارڊز جڏهن روٽين ڦيري تي هئا ته انهن ٽن انڊين ٻيڙين کي پاڪستاني جي سامونڊي حدن ۾ ڏسي خبردار ڪرڻ جي باوجود انهن جي موجودگي سبب کين گرفتار ڪيو ويو. +گرفتار مهاڻن کي ڪراچي پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت اڪثر ڪري هڪٻئي جا مهاڻا ان الزام توڙي جاسوسي جي الزام تحت گرفتار ڪندا رهندا آهن. + + +عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 53 ڄڻا مارجي ويا آهن. ٻئي طرف عراق جو ڊپٽي صحت وزير نامعلوم هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويو آهي. +ڏکڻ بغداد ۾ هڪ خودڪش بم حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 22 پورهيت فوت ٿي ويا آهن جيڪي اتي روزگار جي حاصلات لاءِ گڏ ٿيل هئا. +اهڙي طرح عراق جي مختلف علائقن مان مليل اطلاعن موجب بغداد واري واقعي جي فوتين سميت تشدد جي مختلف واقعن ۾ 53 ماڻهو مارجي ويا آهن. + + +انڊونيشيا جي هڪ ڏورانهين صوبي ۾ هڪ ننڍو مسافر جهاز ڪري تباه ٿي ويو آهي جنهن ۾ 9 مسافر ۽ 3 جهاز جي عملي جا ماڻهو سوار هئا خدشو آهي ته ڪرڻ کان پوءِ جهاز ۾ سوار سمورا ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. +سرڪاري ذريعن موجب جهاز جي ڪريل ملبي مان ظاهر آهي ته ان ۾ سوار سمورا ماڻهو مري ويا هوندا. ريسڪيو هيلي ڪاپٽر ان علائقي ڏانهن روانا ٿي ويا آهن. + + +بئنڪاڪ ۾ مسلمان ويڙهاڪن هٿان هڪ ٻڌسٽ مارجي ويو آهي، ٽن ڏينهن اندر اهو ٽيون قتل ٿيو آهي. مقامي پوليس جي ذريعن اهڙي وارتا کي ظاهر ڪيو. +هڪ پوليس آفيسر چيو ته مون هن کي اڳ ئي خبردار ڪيو هو ته تنهنجي خاندان کي خطرو آهي اتان نڪري وڃ ڇاڪاڻ ته اهو ڳوٺ ٿائي مسلمانن جي قبضي ۾ آهي. +ذريعن مطابق اڄ تائين اهڙن قتلن جي ذميواري ڪنهن به قبول نه ڪئي آهي. چيو ويو آهي ته ٽن سالن ۾ تقريبن 1800 ماڻهو مارجي چڪا آهن. + + +پاڪستان پاران حتف 5 ميزائل تجربو ڪرڻ بعد ڀارت به پرٿوي ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي. ميزائل جو تجربو اڙيسا جي شهر چنديپور ڀرسان ڪيو ويو. +ذريعن مطابق ميزائل وار هيڊ کڻي سگهڻ جي قابل آهي ۽ ان جي مار وچٿري ٻڌائي وئي آهي. تجربو ڪرڻ کان اڳ ويجهن ڳوٺن کي خالي ڪرايو ويو هو. ميزائل کي سمنڊ طرف فائر ڪيو ويو. +ياد رهي ته ٻئي ملڪ هڪٻئي خلاف هڪ کان وڌيڪ جنگون وڙهي چڪا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جو پاڻ ۾ ڪشمير تي تڪرار هلندڙ آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ تازو امن ڳالهيون جو دور ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي. جنهن جي باري ۾ مبصرن جو خيال هو ته ان مان ڪنهن به بريڪ ٿرو جي اميد نه آهي. پاڪستاني پرڏيهي وزير خورشيد قصوري انڊيا وڃڻ لاءِ سنبريل آهي. ان باري ۾ ڪشميري اڳواڻن جو هميشه کان چوڻ رهيو آهي ته جيستائين جامع ڳالهين ۾ ڪشميرين کي شامل نٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين ڪنهن به نتيجي جي اميد ڪرڻ فضول آهي. +* اردو ٽي وي چينل ”اي آر واءِ“ +* سنڌي ٽي وي چينل ”ڪي ٽي اين“ + + +ڀارت کان آيل سنڌي شاعر موتي رام هيراننداڻي چيو آهي ته سنڌ مان لڏي وڏي غلطي ڪئي وئي هئي. هن اها ڳالهه لاڙڪاڻي ۾ ڀارت کان آيل وفد کي ڏنل آجياڻي ۾ خطاب ڪندي ڪئي. +ڀارت الهاس نگر کان آيل وفد جي مان ۾ اهو آجياڻو سنڌي ادبي سنگت ڏنو. تقريب کي مختيار سمون، عنايت ميمڻ، ڪريم بلوچ، منظور ڪوهيار، ذوالفقار سيال ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. +موتي رام وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ سنڌي ادب ۽ ٻولي کان سواءِ کوکلا ٿي ويا آهيون اُتي رڳو پيٽ ئي پاليندا رهيا آهيون. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌي ماڻهن کي جس آهي جيڪي پنهنجي ٻولي ۽ ڌرتي کي بچايو ويٺا آهن. + + +سنڌ ٽي وي کي بنا جواز پيمرا طرفان بند ڪرڻ خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري آهي. سنڌ ٽي وي جي نشريات ٻيهر بحال ڪرڻ جي حوالي سان اڃا تائين ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. +سنڌ جي مختلف شهرن جهڙوڪ: هالاڻي، حيدرآباد، ڪراچي، ٺٽو، ميهڙ، کپرو، لاڙڪاڻو وغيره ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته ترت سنڌ ٽي وي جي نشريات بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. +هالاڻي ۾ جبار ملاح جي اڳواڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ هالاڻي جي مختلف سياسي، سماجي حلقن سان واسطو رکندڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. +مظاهري کي خطاب ڪندي جبار ملاح چيو ته سنڌ ٽي وي جي نشريات بند ڪري سنڌي ماڻهن جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چتاءَ ڏنو ته سنڌي ماڻهن کي ايتري ڪاوڙ نه ڏياري وڃي جو سنڌ جا ڪيبل آپريٽر قانونن جي پاسداري به ڇڏي ڏين. +* سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“ + + +عوامي تحريڪ جي سربراه رسول بخش پليجي چيو آهي ته سنڌي ادبي سنگت تي قبضي سبب سنڌ جو اديب انقلابي نه ٿي سگهيو آهي. هاڻ نون جذبن سميت نوان ماڻهو اڳتي اچڻ گهرجن. اهي ڳالهيون هن پريس ڪلب حيدرآباد ۾ هڪ ليڪچر پروگرام ۾ خطاب دوران چيون. +پليجي چيو ته سائنس ۾ حدبندي ٿيندي آهي پر ادب ۾ ڪابه حدبندي نه ٿيندي آهي. دنيا ۾ انقلابن لاءِ اديب جو ڪردار وڌي ويو آهي. +هن وڌيڪ چيو ته سنڌي قوم جي تقدير تڏهن ئي تبديل ٿي سگهي ٿي جڏهن هتان جو اديب به انقلاب جي راه هموار ڪرڻ ۾ تنظيم هيٺ گڏ ٿئي. ڪنهن دور ۾ شاعري بادشاهن کي خوش ڪرڻ لاءِ چئي ويندي هئي پر اڄ ان جو ڪارج بدلجي چڪو آهي. +پليجي ليڪچر ۾ خطاب دوران وڌيڪ چيو ته جيستائين عورتن کي آزادي نه ملندي ان وقت تائين ڪابه تبديلي نه ايندي. سنڌي قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ انقلابي ادب ۽ فن جي ضرورت آهي. + + +ڀارتي لوڪ سڀا جي حزب مخالف اڳواڻ لال ڪرشن آڏواڻي من موهن سنگهه تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف پاڪستان سان گڏيل حڪمت عملي نه جوڙي وڃي ڇاڪاڻ ته ڪيترائي جمهوري ملڪ چئي رهيا آهن ته پاڪستان دهشتگردي جو ڳڙهه آهي. +هڪ جلسي کي خطاب ڪندي بي جي پي اڳواڻ آڏواڻي وڌيڪ چيو ته 1993ع وارن بمبئي بم ڌماڪن جي باري ۾ اڳ ئي مهاراشٽر پوليس ظاهر ڪري چڪي آهي ته ان ۾ دائود ابراهيم ملوث هو. + + +ادا ڀلي ڪري آيا اسان جون اکيون ٿڌيون. +اميد ته وري به قرب جا قدم ڀريندا رهندا. سنڌي وڪي اخبار ۾ تازا ترين خبرون پاڻ به روزانه پڙهو ۽ دوستن کي به پڙهايو. هن اخبار ۾ اوهان به حصيداري ڪري سگهو ٿا. نيون خبرون تلاش ڪري پوسٽ ڪريو ان کان علاوه اوهان پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن جون خبرون پڻ هتي پوسٽ ڪري سگهو ٿا. + + +ادا ڀلي ڪري آيا اسان جون اکيون ٿڌيون. +اميد ته وري به قرب جا قدم ڀريندا رهندا. سنڌي وڪي اخبار ۾ تازا ترين خبرون پاڻ به روزانه پڙهو ۽ دوستن کي به پڙهايو. هن اخبار ۾ اوهان به حصيداري ڪري سگهو ٿا. نيون خبرون تلاش ڪري پوسٽ ڪريو ان کان علاوه اوهان پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن جون خبرون پڻ هتي پوسٽ ڪري سگهو ٿا. + + +ادا ڀلي ڪري آيا اسان جون اکيون ٿڌيون. +اميد ته وري به قرب جا قدم ڀريندا رهندا. سنڌي وڪي اخبار ۾ تازا ترين خبرون پاڻ به روزانه پڙهو ۽ دوستن کي به پڙهايو. هن اخبار ۾ اوهان به حصيداري ڪري سگهو ٿا. نيون خبرون تلاش ڪري پوسٽ ڪريو ان کان علاوه اوهان پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن جون خبرون پڻ هتي پوسٽ ڪري سگهو ٿا. + + +ادا ڀلي ڪري آيا اسان جون اکيون ٿڌيون. +اميد ته وري به قرب جا قدم ڀريندا رهندا. سنڌي وڪي اخبار ۾ تازا ترين خبرون پاڻ به روزانه پڙهو ۽ دوستن کي به پڙهايو. هن اخبار ۾ اوهان به حصيداري ڪري سگهو ٿا. نيون خبرون تلاش ڪري پوسٽ ڪريو ان کان علاوه اوهان پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن جون خبرون پڻ هتي پوسٽ ڪري سگهو ٿا. + + +هندستاني رياست اولهه بنگال ۾ ٻن بم ڌماڪن سبب 12 ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. بي بي سي ريڊيو جي خبرن مطابق اهي ڌماڪا ٽرين ۾ ٿيا. +پوليس مطابق ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ آهي جنهنڪري فوتين جي انگ وڌڻ جو خدشو آهي. زخمين کي اسپتال پهچايو ويو آهي چيو ويو آهي ته اها ٽرين ڪلڪتا وڃي رهي هئي. +ڪنهن به گروپ يا تنظيم انهن ڌماڪن جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي. خفيه ايجنسين جي نظر ۾ اهي ڌماڪا عليحدگي پسند تنظيمن جي ڪاروائي ٿي سگهن ٿا. + + +برطانيه جي وزيراعظم ٽوني بليئر چيو آهي ته ايڪيهين صدي جي امن جو دارومدار افغانستان جي صحرا ۾ هلندڙ دهشتگردن خلاف جنگ تي آهي. هن اها ڳالهه افغانستان ۾ حامد ڪارزئي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي. +هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ طالبان جو خاتمو سموري دنيا جي مفاد ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته طالبان کي شڪست ڏيڻ سموري دنيا لاءِ اهم بڻجي ويو آهي ڇاڪاڻ ته ٻي صورت ۾ دهشتگرد ان کي پنهنجي فتح قرار ڏيندا. +ٽوني بليئر وڌيڪ چيو ته نيٽو فوج افغانستان ۾ امن جي مڪمل بحالي تائين رهندي. + + +انڊونيشيا ۾ ريل جا ٻه گاڏا پٽڙي تان لهي ويا انهن مان هڪ گاڏو ندي ۾ ٻڏي وڃڻ سبب 9 ماڻهو مرڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته 40 ڄڻا زخمي ٿي پيا. +ريلوي هيڊ مطابق اهو حادثو سماترا ٻيٽ ۾ ٿيو. ٻئي طرف اسپتال جي ذريعن چيو آهي ته 40 زخمين کي اسپتال آندو ويو آهي. +چيو ويو آهي ته انڊونيشيا جي ريل انتظامن ۾ ڪيترين ئي خامين سبب اهڙا حادثا ٿين ٿا. + + +پاڪستاني ائير فورس جو هڪ ميراج جهاز ڊيرا اسماعيل خان ڀرسان ڪري تباه ٿي ويو آهي جڏهن ته پائيلٽ حادثي کان اڳ جهاز مان نڪري ويو. +ذريعن مطابق ويڙهاڪ جهاز ٽريننگ جي اڏام تي هو ته جهاز ۾ فني خرابي ٿي پئي جنهن سبب اهو حادثو پيش آيو. چيو ويو آهي ته جهاز جي ڪرڻ سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي. + + +نيپالي مائو نواز باغي اڳواڻ پراچندا چيو آهي ته پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ خفيه طور مدد جي آڇ ڪئي هئي. +هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي اهڙي مدد اسان جي ڪنهن به ڪم جي نه هئي. هن اهڙي دعوا نيودهلي کان واپسي بعد کٽمنڊو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي. +هن آءِ ايس آءِ جي طرفان آڇيل مدد جي وڌيڪ وضاحت نه ڪئي آهي. هن جي اهڙي بيان انڊيا جي لڳايل الزامن کي هٿي ڏني آهي ته پاڪستان نيپال ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ خفيه طور سرگرم آهي. +پاڪستان جي سرڪاري ذريعن نيپالي مائو نواز اڳواڻ جي اهڙي بيان کي بي بنياد ڪوٺيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. +* بي بي سي ريڊيو ”اردو سروس“ + + +عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 48 عراقي مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. چيو ويو آهي ته مهيني جي پهرين ويهن ڏينهن ۾ مارجي ويلن جو 2005ع کان پوءِ اهو وڏو تعداد آهي. +نومبر مهيني جي پهرين ويهن ڏينهن ۾ فوتين جو انگ 1300 ٿي ويو آهي. جيڪو 2005ع کان پوءِ هن وقت تائين جو وڏو تعداد آهي. +چيو ويو آهي ته گذريل آڪٽوبر مهيني ۾ مارجي ويل ماڻهن جو تعداد 1216 هو جڏهن ته نومبر جي پهرين ويهن ڏينهن ۾ ئي اهو تعداد ان کان وڌي ويو آهي. + + +سنڌ اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ نثار کهڙو ۽ اسپيڪر مظفر حسين شاه وچ ۾ اجلاس دوران تلخ ڪلامي ٿي پئي. جنهن کان پوءِ پ پ جي ميمبرن شيم شيم جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا. جنهن تي اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو. +مخالف ڌر 91ع پاڻي ٺاهه تي عمل نه ٿيڻ، ٻيٽن جي وڪري ۽ امن امان بابت ڳالهائڻ لاءِ اجلاس ٻيهر سڏائڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. +ذريعن مطابق نثار کهڙي بغير مائيڪ جي زوري ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي اسپيڪر کيس منع ڪئي جڏهن کيس اجازت نه ملي ته کهڙي سان گڏ مخالف ڌر پڻ سندس احتجاج ۾ گڏ ٿي وئي. ڪافي جملن جي ڏي وٺ بعد اجلاس ملتوي ٿي ويو. + + +پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان بدين ۾ ٻيٽن جي وڪري ۽ ٺيڪيداري نظام خلاف هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ سوين ملاحن پنهنجي عورتن سميت شرڪت ڪئي. +گذريل اٺن ڏينهن کان هلندڙ بک هڙتال کان پوءِ قطر مسجد کان بدين پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو. +اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي مٺي پاڻي جا وارث ماهيگير آهن جن جي بيدخلي افسوسناڪ آهي. بدين جي ماهيگيرن جون زمينون کاتا بدلائي ڦٻايون پيون وڃن اهڙي زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي. +اڳواڻن اعلان ڪيو ته 23 نومبر تي ٺٽي ۾ بک هڙتالن جو هفتو ملهايو ويندو. مظاهرين گڏيل طور گهر ڪئي ته سامونڊي ٻيٽن واري وڪري جو فيصلو واپس ورتو وڃي. +احتجاجي ريلي کي محمد علي شاهه، سيد طاهره علي شاه، مٺن ملاح، ساجن شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو. + + +وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي گورنر طرفان 22 رڪني ڪميٽي مقرر ڪرڻ خلاف سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم طرفان پٽيشن تي هاءِ ڪورٽ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. +سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم پاران ايڊوڪيٽ يوسف لغاري جي ذريعي پٽيشن ۾ 22 رڪني ڪاميٽي کي غير آئيني ۽ غير قانوني سڏيندي موقوف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي گورنر وٽ صوبي جو ڪاروهنوار هلائڻ جو اختيار نه آهي گورنر وڏي وزير جي اختيارن کي اورانگهيو آهي، جنهنڪري گورنر جي کنيل قدمن کي هڪدم رد ڪيو وڃي. + + +چين ۽ ڀارت ۾ مختلف قسم جا 13 معاهدا ڪيا ويا آهن. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن تعلقاتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو عزم ڪيو آهي. +چين ۽ ڀارت ۾ اقتصادي رابطه تيزي سان وڌي رهيا آهن ۽ هن سال باهمي تجارت جي ماليت ويهه ارب ڊالر کان وڌيڪ ٿيڻ جي توقع آهي. +ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه گڏيل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ايندڙ چئن سالن ۾ اقتصادي تعاون ٻيڻو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. +چيني صدر چيو ته سرحدي تنازعن کي حل ڪرڻ جون ڪوششون جاري رهنديون. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي کي حتمي صورت ڏيڻ لاءِ جوائنٽ ٽاسڪ فورس کي هڪ سال جو وقت ڏنو ويو آهي. +ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصاديات، واپار، سائنس، توانائي، زراعت، تعليم سميت مختلف شعبن ۾ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. + + +عراق ۽ شام جي پرڏيهي وزيرن بغداد ۾ اعلان ڪيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ تعلقات بحال ڪيا ويندا. ياد رهي ته ويهن سالن کان اهي تعلقات بحالي طرف وڃي رهيا آهن. +ٻنهي ملڪن وچ ۾ ان وقت کان تعلقات ختم ٿي ويا هئا جڏهن صدام حسين 1982ع ۾ اقتدار جي مسند تي ويٺو هو. +ذريعن مطابق عراقي صدر جلال طالباني ايران جي صدر محمود احمدي جي دعوت تي ايران جو دورو ڪندو. چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطن جي بحالي جو فيصلو عراق جي صورتحال جي حوالي سان ڪيو ويو آهي. + + +نيپال ۽ مائو نواز باغين وچ ۾ امن معاهدو ٿي ويو آهي ياد رهي ته اهڙو امن معاهدو ڏهن سالن کان جاري تشدد بعد عمل ۾ آيو آهي. +سرڪاري اعلان ۾ چيو ويو آهي ته ان امن معاهدي سان ڏهن سالن کان جاري تشدد ختم ٿي ويندو. +مائو نواز باغين ۽ سرڪاري اهلڪارن وچ ٿيل امن معاهدو کٽمنڊو ۾ ٿيو جتي اهڙن دستاويزن کي وصول ڪيو ويو. معاهدي مطابق مائو نواز باغي ڏهن سالن کان جاري مسلح جدوجهد تان هٿ کڻي ملڪي سياست ۾ سرگرم حصو وٺندا. +ياد رهي ته ان ويڙهه جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 13 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي ويا هئا. چيو ويو آهي ته اڄ کان پوءِ جيڪو به تشدد جي واقعي ۾ ملوث هوندو ان کي ملڪي قانون تحت سزا ڏني ويندي. + + +ڏکڻ پولينڊ ۾ هڪ کاڻ ۾ گيس جي ڌماڪي سبب سرنگ ۾ 23 مزدور ڦاسي پيا آهن. هن وقت تائين مزدورن جي باري ۾ ڪابه خبر نه پئجي سگهي آهي ته اهي ڪهڙي حالت ۾ آهن. +ذريعن مطابق انهن جي بچاءَ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اندازو آهي ته ان ۾ ڪم ڪندڙ سمورا 23 مزدور دٻجي ويا آهن ۽ بچاءَ ورڪر هن وقت تائين انهن وٽ پهچي نه سگهيا آهن. + + +ڪراچي جي ٻيٽن جي وڪري خلاف ماهيگيرن جي عالمي ڏينهن تي ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو ويو. جنهن جو سڏ فشر فوڪ فورم ڏنو هو. +ان مظاهري ۾ فشر فوڪ فورم، جسقم، پ پ، ترقي پسند پارٽي، پ پ شهيد ڀٽو، فرنٽ، جسقپ سميت سنڌ جي مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن شرڪت ڪئي. عورتن جي وڏي تعداد پڻ پنهنجي ٻارڙن سميت شرڪت ڪئي. +احتجاجي مظاهري دوران ٻيٽن جو وڪرو نامنظور، مٺي پاڻي تي ٺيڪيداري نظام نامنظور، ڪالاباغ ڊيم نامنظور جهڙن نعرن جي گونج ٿيندي رهي. +مظاهري ۾ لوڪ گيتن تي جهمريون پڻ هنيون ويون. پوليس گورنر هائوس روڊ بند ڪري ڇڏيو هو. احتجاجي جلسي کي مختلف اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هي ٻيٽن جي تحريڪ نه پر سنڌ جي حقن جي حاصلات جي تحريڪ بڻجي چڪي آهي، ٻيٽن تي نئون شهر ٺهيو ته اهو اسان جي رت تي ٺهندو. +مظاهري کي غنوا ڀٽو، محمد علي شاه، شفيع ٺاموٽ، هوت خان گاڏهي، قمر ڀٽي، طاهره علي، الاهي بخش بڪڪ، ايوب شر ۽ ٻين خطاب ڪيو. +هوڏانهن سموري سنڌ ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي پارٽين ٻيٽن جي وڪري خلاف مظاهرا ڪيا آهن. انهن مظاهرن ۾ پڻ ماهيگيرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته ٻيٽن جي وڪري وارو فيصلو واپس ورتو وڃي. + + +ملڪ جي يارنهن مذهبي جماعتن طرفان عورت تحفظ بل خلاف ملڪ گير تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ايم ايم اي سينيٽ تان پڻ استعيفائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. +ذريعن مطابق چيو ويو آهي ته 24 نومبر جمعي واري ڏينهن کي مذمتي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو ۽ 4 ڊسمبر تي علماء ڪانفرنس پڻ ڪئي ويندي. +اهڙي فيصلي ڪرڻ لاءِ هڪ اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ ملڪ جي يارنهن مذهبي جماعتن شرڪت ڪئي. انهن جو چوڻ هو ته بل غير اسلامي آهي ان کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ٻئي طرف ايم ايم اي پاران بل خلاف سينيٽ تان پڻ استعيفائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. + + +فلسطيني علائقي غزه جي شهر خان يونس ڀرسان ٻه ريڊ ڪراس جا اهلڪار اغوا ٿي ويا آهن. ٻنهي مغوين جو تعلق اٽلي سان ٻڌايو ويو آهي. +ذريعن موجب جڏهن اهي پنهنجي گاڏي ۾ وڃي رهيا هئا ته نامعلوم هٿياربند مقامي وقت مطابق ساڍي ٽين بجي کين روڪي اغوا ڪري ويا. +مذڪوره مغوي فلسطين جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا. چيو ويو آهي ته اهڙو عمل ڪنهن به صورت ۾ قبوليت جوڳو نه آهي اهو عمل جنهن به ڪيو آهي مڃيل اصو��ن مطابق انهن عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. + + +ڪولمبيا جي فوج کاٻي ڌر جي 11 گوريلا ويڙهاڪن کي مارڻ جي دعوا ڪئي آهي، چيو ويو آهي ته ڪولمبيا جا ٽي فوجي پڻ مارجي ويا آهن. +ذريعن موجب اها ڇتي ويڙهه ملڪ جي ڏاکڻي علائقي جي ڏورانهين جهنگ ۾ ٿي. ياد رهي ته ڪولمبيا جو صدر انهن کي ڪچلڻ لاءِ آمريڪا کان لکين ڊالرن جي مدد وٺي چڪو آهي جڏهن ته اها ويڙهه چاليهن سالن کان جاري آهي. + + +پاڪستاني پوليس طالبان هجڻ جي شڪ ۾ بلوچستان مان 47 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ذريعن مطابق ڪوئٽا جي آسپاس ڇاپا هڻي کين سوگهو ڪيو ويو. +پوليس ذريعن ٻڌايو ته انهن ماڻهن وٽان مختلف قسمن جا دستاويز هٿ ڪيا ويا آهن جن مان اهو اشارو ملي ٿو ته هنن جو افغانستان ۾ موجود طالبان سان رابطو آهي. اهي سمورا غيرقانوني طور تي هفتو کن اڳ بارڊر ڪراس ڪري آيا هئا. +ياد رهي ته پوليس ڇهه مهينا اڳ ۾ پڻ 50 کن ماڻهن کي طالبان هجڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو هو. پاڪستان جي 80 هزار فوج افغانستان جي بارڊر تي موجود آهي ته جيئن اتان جي طالبان کي قبائلي علائقن ۾ اچڻ کان روڪي سگهجي. + + +پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو چيو آهي ته ملڪ جي سالميت کي دهشتگردي، ويڙهاڪ گروپن ۽ گن ڪلچر مان خطرو وڌي ويو آهي. جنهن کي پاڙان پٽڻ لاءِ سنجيده ڪوششون نه پيون ورتيون وڃن. +فياض علي شاه طرفان ڪرايل هڪ پروگرام ڏانهن موڪليل پنهنجي پيغام ۾ هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ اليڪشن کان اڳ مان پاڪستان ضرور موٽندس. +بينظير ڀٽو جو چوڻ هو ته ايندڙ اليڪشن 2007ع کان اڳ هوءَ عوام سان گڏ هوندي ۽ جنرل توڙي جمهوريت جا مخالف بري شڪست کائيندا. غيرجانبدار چونڊن ۾ ئي ملڪ جي بهتري آهي، نواز شريف ۽ مان گڏجي موٽنداسين ۽ اليڪشن ۾ حصو وٺنداسين. + + +پ پ ش ڀ جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو چيو آهي ته بيروزگاري، بدامني ۽ناانصافي مان ڇوٽڪاري لاءِ جمهوري حڪومت ضروري آهي. +شهيد شاهنواز ڀٽو جي 48 هين سالگرهه جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته مسلمان ملڪن عراق، افغانستان، فلسطين ۽ لبنان خلاف آمريڪي جارحيت جاري آهي. عوام کي ڀرپور مزاحمت ڪرڻ گهرجي. +هن چيو ته شهيد شاهنواز نوجواني ۾ ضياءَ آمريت خلاف ويڙهه ڪري عملي جدوجهد جو ثٻوت ڏنو. هن چيو ته اڄ جو نوجوان به شهيد شاهنواز جي رستي تي هلي مثال قائم ڪري. + + +ڀارت ۽ پاڪستان جا عالم موبائل فونن ۾ قرآني آيتن وارن رنگ ٽونن جي استعمال تي ورهائجي ويا آهن. ڀارتي عالمن مخالفت ۽ پاڪستاني عالم حق ۾ راءِ ڌئي رهيا آهن. +ٻنهي ملڪن ۾ رنگ ٽونن ذريعي قرآني آيتن ۽ آذان جا آواز استعمال ۾ اچي رهيا آهن. پاڪستاني اسلامي عالمن ان کي اسلام جي تبليغ جو هڪ طريقو قرار ڏنو آهي جڏهن ته ڀارتي عالمن ان جي مخالفت ڪئي آهي. +مسئلو اهو آهي ته قرآن ۽ حديث ۾ موبائل رنگ ٽونن جي باري ۾ ڪا به وضاحت ٿيل نه آهي. ڀارت جي هڪ اسلامي عالم محمد ڪاظمي چيو آهي ته قرآن جو آيتون تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ نه آهي. + + +صوماليه ۾ هڪ ندي جا بند ٽٽڻ سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. اندازي مطابق ست ماڻهو وڌيڪ فوت ٿي ويا آهن جنهن ۾ هڪ ٻار پڻ شامل آهي. ڪينيا مان پڻ ڇهن ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن. +ذريعن مطابق ڪيترو ئي مال لڙهي ويو آهي. جڏهن ته ٻوڏ سبب 3 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ڪيترين ئي عمارتن جي تباهه ٿيڻ جا اطلاع آهن. +ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، متاثر ماڻهن تائين امداد پهچائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ذريعن مطابق خدشو ڏيکاريو ويو آهي ته جاني نقصان وڌي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته تيز برسات اڃا تائين ٿي رهي هئي. + + +عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ هڪ صحافي سميت 7 ماڻهو مارجي ويا آهن. پوليس ذريعن مطابق سرڪاري عمارت ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي فورس جا 7 اهلڪار مارجي ويا. +چيو ويو آهي ته بم پلاسٽڪ جي هڪ ٿيلي ۾ لڪايو ويو هو ۽ اهو ان وقت ڦاٽو جڏهن اهي پگهارون وٺي رهيا هئا. بغداد جي اتر ۾ هڪ صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. ياد رهي ته عراق ۾ هن وقت تائين 92 صحافين کي قتل ڪيو ويو آهي. + + +آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ جي ذريعن چيو آهي ته بش حڪومت ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي ايندڙ گرمين ۾ حملو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. +ٿنڪ ٽينڪ جي ڊائريڪٽر جان پائڪ وڌيڪ چيو آهي ته صدر ايران لاءِ سفارتڪاري بجاءِ فوجي ڪاروائي کي اهميت ڏيئي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ايران جي خلاف فوجي ڪاروائي معمولي نوعيت جي هوندي. جنهن ذريعي صرف ايٽمي ٺڪاڻن ۽ وڏي پيماني تي تباهي ڦهلائيندڙ هٿيارن جي اڏن کي تباه ڪيو ويندو. + + +طالبان جي وڌندڙ طاقت کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا جو پلان آهي ته 2008ع تائين افغاني فوج جي تعداد کي ٻيڻو ڪيو وڃي ۽ پوليس کي پڻ جديد ٽڪنالاجي سان ليس ڪيو وڃي. +پينٽاگون ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ليفٽنينٽ جنرل ڪارل ايڪنبري چيو آهي ته افغان جي جنگ ۾ خطرا اڳي کان وڌي ويا آهن افغان ۽ آمريڪي وزارت دفاع ۽ وزارت داخله گڏجي منصوبه بندي تي ويچاريو آهي. +هن وڌيڪ چيو ته افغان سيڪيورٽي فورسز کي مضبوط بنائڻ سان ئي ڪاميابي ماڻي سگهجي ٿي. منصوبي مطابق 35 هزار فوج جي تعداد کي 2008ع تائين ٻيڻو ڪيو ويندو ۽ پوليس پڻ وڌائي 62 هزار ڪئي ويندي. + + +انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير حسن ورجدا چيو آهي ته هو عراق ڏانهن امن فوج موڪلڻ لاءِ تيار آهن ۽ مسلمان ملڪن کي پڻ ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي. +هن صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته انڊونيشيا جي صدر پڻ آمريڪي صدر بش کي اهڙي صلاح ڏني هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن موقعو مليو ته عراق ڏانهن امن فوج موڪلينداسين. + + +حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراه پير پاڳاري چيو آهي ته ڪراچي جي ٻيٽن تي عيش سينٽر ٺهندا جنهن وٽ گهڻو پيسو هوندو اهو ئي اُتي وڃي سگهندو. +پنهنجي سالگره تي شوڪت عزيز کان مبارڪ جي وصولي وقت صحافين جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته سنڌي آفيسر آهن ئي ڪونه تنهنڪري رستي روڪ وقت مون کان نالو پڇيو ويو ته مان پنهنجو نالو ”چوڌري شاه مردان خان مهاجر“ ٻڌائيندس. +هن وڌيڪ چيو ته ايم ايم اي ٻن پٺاڻن جي ور چڙهي وئي آهي، مولانا فضل الرحمان چوي ٿو ته ملڪ کي سيڪس فري زون قرار ڏنو ويو آهي ان ڳالهه جي پڪ مسرت شاهين کان ڪرڻي پوندي. +هڪ سوال جي جواب ۾ پير پاڳاري چيو ته مسلم ليگ ق ڪاغذن تائين محدود پارٽي آهي. حڪومتي ليگ سان اتحاد نه ٿيندو باقي پ پ پ سان ٿي سگهي ٿو. + + +جيئي سنڌ متحده محاذ جي اڳواڻن کي 13 ڊي جي ڪيس ۾ ڪوٽڙي جي عدالت اڳيان پيش ڪري چالان ڪيو ويو. عدالت ٻنهي کي حيدرآباد سينٽرل جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي. +عدالت ۾ پيشي وقت ٻنهي اڳواڻن جي وارثن ساڻن ملاقات ڪئي، جيڪي روئندا به رهيا ته پيار ۾ کين چميون به ڏيندا رهيا. +صحافين سان ڳالهائيندي ٻنهي اڳواڻن چيو ته اسان تي ڪوڙا ڪيس مڙهي جيل حوالي ڪرڻ چاهين ٿا پر اسان جا حوصلا بلند آهن سنڌ جي آجپي واري جدوجهد جاري رهندي. + + +سنڌ ٽي وي جي نشريات پيمرا طرفان بند ڪرڻ خلاف س��ڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، مظاهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ٽي وي جي نشريات هڪدم بحال ڪئي وڃي. +سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي، سماجي، ادبي ۽ علمي تنظيمن احتجاجي جلوس ڪڍي ڌرڻا هنيا ۽ علامتي بک هڙتالون ڪيون. +دادو، ميهڙ، پنوعاقل، سيوهڻ، دولت پور صفن، رسول آباد، هنڱورجا ۽ سڳيون سميت سنڌ جي ٻين شهرن مان پڻ مظاهرن جا اطلاع آهن. + + +بلوچستان ۾ نامعلوم ماڻهن طرفان گيس پائپ لائنن کي تباه ڪرڻ سبب گذريل ڪجهه سالن کان سوا ٽي ارب رپين کان مٿي جو نقصان پهتو آهي. +وفاقي وزير نصير مينگل سينيٽ کي اها ڄاڻ ڏيندي وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل ٽن سالن ۾ پائپ لائنن کي 43 ڀيرا تباه ڪيو ويو آهي. جڏهن کائنس سوال پڇيو ويو ته ايئن ڇو پيو ٿئي تڏهن هو ڳالهه کي گول ڪري ويو. + + +انڊونيشيا جي علائقي جاوا ۾ گيس پائپ لائن ڌماڪي سان تباه ٿي وئي جنهنڪري گهٽ ۾ گهٽ ست ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. +سرڪاري ذريعن مطابق گيس پائپ لائن جي ڌماڪي سبب 12 کان وڌيڪ ماڻهو گم ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا. ست لاشن کي هٿ ڪيو ويو آهي انهن مان هڪ جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. + + +هر انسان جي ڊي اين اي ۾ ڏه سيڪڙو فرق هوندو آهي. جڏهن ته عام طور اهو سمجهيو پئي ويو ته هر انسان جي ڊي اين اي ۾ هڪجهڙائي هوندي آهي. +ذريعن مطابق چيو ويو آهي ته هن نئين کوجنا سان ”انساني وراثتي ڪتاب“ جي ڪيترن ئي صفحن ۽ بابن جي گمشدگي بابت پتو پيو آهي. مطلب ته انساني ڊي اين اي جو پراڻو مفروضو جنهن ۾ چيو پئي ويو ته انساني ڊي اين اي ۾ نوانوي سيڪڙو کان مٿي هڪجهڙائي آهي شڪ جو شڪار ٿي ويو آهي. +وراثتي مواد کي چڱي طرح سمجهڻ سان ئي بيمارين کي سمجهي سگهجي ٿو. ان سان اهو سمجهڻ ۾ پڻ مدد ملندي ته هڪڙن کي بيماري لڳي ويندي آهي ته ٻين کي ساڳي انداز سان ڇو ڇو نه لڳندي آهي. +دنيا جا ڪيترائي سائنسي سينٽر اهو سمجهڻ جي کوجنا ڪري رهيا آهن ته 3 هزار سڃاتل جينز (وراثت جا جز) ڪيئن تبديل ٿين ٿا. + + +سنڌ ۾ ٿيل ضمني چونڊن جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا پڌرا ٿي ويا آهن جنهن مطابق تعلقي حيدرآباد جي يو سي ۾ ايم ڪيو ايم جو اشتياق راجپوت ڪامياب ٿي ويو آهي. +ذريعن مطابق ضلعي ڪشمور ۾ عوامي اتحاد جو ناظم اميدوار عبدالخالق مزاري ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. لاڙڪاڻي جي ڇهن يو سيز مان سٽي يو سي 3 تي خوشحال پاڪستان جي عظيم ميراڻي، يو سي 6 مان خوشحال پاڪستان جي نورجهان پنهور، يو سي 8 مان عوام دوست پينل جي ڪلثوم شيخ، يو سي بنگل ديرو ۾ عوام دوست جي امتياز ڀٽو کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. +يو سي وارث ڏنو ماڇي مان سنڌ نيشنل فرنٽ جي اميدوار ڏنو ماڇي ۽ عوام دوست پينل جي نثار احمد ڪاميابي ماڻي. يو سي ڏوڪري مان خوشحال پاڪستان جي شمن جوڻيجو، جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي خوشحال پاڪستان جي فردوس شاهين چونڊجي وئي آهي. + + +بغداد جي صدر سٽي واري علائقي ۾ ٿيل لڳاتار بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ سوين ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا پيا. +ٻئي طرف تازن اطلاعن مطابق مارجي ويل ماڻهن جو انگ جمعي ڏينهن تائين 213 ٿي چڪو آهي. جڏهن ته زخمين جو تعداد 257 ٻڌايو ويو آهي. +چيو ويو آهي ته صدر سٽي ۾ لڳاتار ٽي ڪار بم ڌماڪا ٿيا. عراق تي آمريڪي حملي کان پوءِ اهو سنگين ترين واقعو قرار ڏنو ويو آهي. +ذريعن جو چوڻ آهي ته شيعه اڪثريتي علائقي ۾ انهن ڌماڪن کان پوءِ اتان جا ماڻهو هٿيارن سميت رستن تي نڪري آيا آهن ۽ انهن سنين خلاف نعري بازي پڻ ڪئي ��هي. + + +قومي اسيمبلي مان حدود آرڊينينس جو ترميمي عورت تحفظ بل اڪثريت راءِ سان منظوري بعد هاڻ سينيٽ مان به منظور ٿي ويو آهي. پ پ پ بل جي حمايت ڪئي جڏهن ته مذهبي جماعتن ۽ نواز ليگ طرفان پيش ڪيل ترميمن کي حڪومت رد ڪري ڇڏيو. +ذريعن مطابق بل جي منظوري وقت مخالف جماعتن جي ميمبرن نعري بازي پڻ ڪئي. ياد رهي ته حدود آرڊينينس بل صدر ضياءُالحق جي دور ۾ لاڳو ٿيو هو. +عورت تحفظ بل ۾ اڃا تائين چار گواهن وارو شرط برقرار آهي پر تبديلي اها ڪئي وئي آهي ته شڪايتن تحت عدالت چار گواهن کان سواءِ به ڪاروائي ڪري سگهي ٿي. نئين قانون موجب سورنهن سالن جي عمر کان گهٽ واري ڇوڪري سان رضامندي واري جنسي عمل کي پڻ زنا قرار ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف ملڪ ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ سورنهن سالن کان گهٽ عمر ۾ ڇوڪرين جون شاديون ڪرايون وينديون آهن تنهنڪري ان نئين قانون ۾ ان ڳالهه جي باري ۾ ڪابه وضاحت ٿيل نه آهي. + + +دنيا جي مختلف ملڪن ۾ حسن جي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ ۽ پاڪستاني حسينائن جي منتظم سونيا احمد چيو آهي ته صدر جنرل پرويز مشرف لبرل شخص آهي جيڪڏهن هو وڌيڪ ٻه سال حڪومت ۾ رهيو ته پاڪستان ۾ حسن جا مقابلا ضرور ٿيندا. +هن وڌيڪ چيو ته مشرف فرسوده خيال ماڻهن جي گهيري ۾ آهي تنهنڪري هن کي پنهنجا صلاحڪار بدلائڻ کپن. +ٻئي طرف فلپائن ۾ حسن جي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ سحر محمود چيو آهي ته پاڪستاني عورتن کي پنهنجي خوبصورتي ڏيکارڻ جو موقعو ملڻ کپي. هن جو چوڻ هو ته ملڪ جي نمائندگي ڪندي کيس فخر محسوس ٿيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مقابلن ۾ جسم جي نمائش ئي ضروري نه آهي بلڪه نوجوان نسل جي تربيت ۽ تعليم جا موقعا پڻ آهن. +سونيا احمد وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ماڊريٽ مسلم اسٽيٽ هجڻ جي دعويداري ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ عورت جي حسن جي مقابلن ۾ شرڪت کي همٿايو ڇو نه ٿو وڃي. سونيا جو چوڻ هو ته کيس ڌمڪيون ملي رهيون آهن پر هو گهٻرائڻ وارن مان نه آهي. + + +اسرائيلي فوج غزه ۾ ڪاروائي ڪندي 7 فلسطينين کي ماري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ويڙهاڪن جو هڪ اهم ڪمانڊر به شامل آهي. جڏهن ته هڪ 57 سالن جي عورت خودڪش حملي جي ڪوشش پڻ ڪئي. +غزه جي اترئين علائقي ۾ ڪاروائي دوران اهي ماڻهو ماريا ويا. جڏهن فوجين ڪاروائي ڪندي هڪ گرنيڊ اڇلايو ته هڪ عورت ان کي کڻي ورتو ۽ پنهنجو پاڻ کي ماري وڌائين جنهن ۾ ٽي اسرائيلي فوجي زخمي ٿي پيا. +ٻئي طرف حماس حملي جي ذميواري قبوليندي خودڪش حملو ڪندڙ عورت جو نالو فاطمه ال نجار ظاهر ڪيو آهي. ان عورت جي خاندان جو چوڻ آهي ته ان حمله آور عورت جا 9 ٻار آهن ۽ هوءَ 30 ٻارن جي ناني ڏاڏي آهي. هن کي پهرين ڏاڏي حمله آور عورت طور ظاهر ڪيو ويو آهي. + + +ٽنڊومستي ۾ وارثن پنهنجي ٻن نياڻين کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي جيڪي ڪجهه ڏينهن اڳ ٻن نوجوانن سان فرار ٿي ويون هيون. انهن جي واپسي ان شرط تي ٿي هئي ته انهن کي ڪجهه به نه چيو ويندو. +ٻئي طرف اهي به اطلاع آهن ته مذڪوره ماڻهن نوجوانن جي گهرن سميت ٽن گهرن کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو آهي. +ٻئي ناريون لالي ڌي مرحوم ڌڻي بخش ڦلپوٽو ۽ ياسيمن ڌي امام بخش ڦلپوٽو ساڳئي ڳوٺ جي ٻن نوجوانن سهراب ۽ راشد علي سان گڏجي فرار ٿيون هيون. برادري جي چڱن مڙسن معرفت انهن نارين کي ان شرط تي وارثن وٽ موٽايو ويو هو ته کين ڪوبه نقصان نه پهچايو ويندو. +ذريعن موجب نارين جي واپسي بعد وارث انهن کي ڳوٺ کان پري وٺي وڃي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد لاشن کي روهڙي ڪينال ۾ اڇلائي ويا. جنهن کان پوءِ 10 کن هٿياربندن مذڪوره نوجوانن جي گهرن کي باهيون پڻ ڏنيون جن کي وسائڻ لاءِ فائر برگيڊ گاڏيون پهتيون. هوڏانهن نوجوانن جا وارث گهر خالي ڪري هليا ويا آهن. + + +پيارا دوست ڀلي ڪري آيا! +اسان جون اکيون ٿڌيون، اميد ته سنڌي وڪي اخبار ۾ اسان جي مدد ڪندا. ڇاڪاڻ ته هي پروجيڪٽ اسان سڀني سنڌين لاءِ آهي. خاص طور انهن لاءِ جن کي شڪايت هجي ٿي ته کين ميڊيا تي ڪوريج ڪانه ٿي ملي. پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن جون خبرون هتي پوسٽ ڪريو. + + +فشر فوڪ فورم گوادر يونٽ جي اڳواڻ ڪي بي بلوچ تنظيم جي مرڪزي اڳواڻ محمد علي شاه سان ملاقات دوران چيو آهي ته بلوچستان جي علائقي گوادر ۾ صدين کان آباد بلوچ ماهيگيرن کي بيدخل ڪرڻ جي سارش رٿي وئي آهي. +هن وڌيڪ چيو ته گوادر جي ترقي واري ماسٽر پلان جي آڙ وٺي ماهيگيرن جي بيدخلي لاءِ راه هموار ڪئي پئي وڃي. گوادر ۾ رهائشي منصوبن جهڙوڪ گراب هائوسنگ اسڪيم ۽ نيون ٽائون اسڪيمن ۾ ماهيگيرن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. +پلاٽن جون قيمتون 5 لک کان وڌيڪ رکيون ويون آهن جن کي امير طبقي جا ماڻهو ئي خريد ڪري سگهن ٿا جنهنڪري هڪ لک کان وڌيڪ ماهيگيرن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي خدشو اهو آهي ته ماهيگيرن کي گوادر کان پري ڪنهن علائقي ۾ ڦٽي ڪيو ويندو. + + +پيارا دوست ڀلي ڪري آيا! +اسان جون اکيون ٿڌيون، اميد ته سنڌي وڪي اخبار ۾ اسان جي مدد ڪندا. ڇاڪاڻ ته هي پروجيڪٽ اسان سڀني سنڌين لاءِ آهي. خاص طور انهن لاءِ جن کي شڪايت هجي ٿي ته کين ميڊيا تي ڪوريج ڪانه ٿي ملي. پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن جون خبرون هتي پوسٽ ڪريو. + + +ڪڇي ڪينال تي ڪم ڪندڙ پورهيتن تي نامعلوم هٿياربندن ڇهه راڪيٽ فائر ڪيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ٻه پورهيت زخمي ٿي پيا ۽ ڪم بند ڪري ڪيمپ واپس پهچي ويا. +ذريعن مطابق ان وقت پورهيت ڪڇي ڪينال تي ڪم رهيا هئا ته ڇهه راڪيٽ فائر ڪيا ويا. ان حملي جي نتيجي ۾ چار ٽريڪٽر پڻ تباه ٿي ويا آهن. +ليويز ۽ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا، ڪنهن به گروپ ان واقعي جي ذميواري نه قبولي آهي. ايجنسيون وڌيڪ تحقيقات ڪري رهيون آهن. + + +ڀارتي پوليس دعوا ڪئي آهي ته ڪشمير جي علائقي ڊوڊا ۾ ٽي ڪشميري ويڙهاڪ مارجي ويا آهن. +ذريعن مطابق اهي ويڙهاڪ هڪ غار ۾ لڪل هئا. انهن پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني جوابي فائرنگ ۾ ويڙهاڪن جا ٽي ماڻهو مارجي ويا. اهو مقابلو ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيو. +مارجي ويلن کي محمد عرفان، محمد اسماعيل ۽ مدثر جي نالن سان سڃاتو ويو آهي. انهن وٽان اي ڪي 47 رائيفل سميت ٻيا هٿيار پڻ هٿ آيا آهن. + + +سريلنڪا جي فوج ۽ تامل باغين وچ ۾ ويڙهه جي نتيجي ۾ 26 ماڻهو مارجي ويا آهن. فوجي ذريعن سريلنڪا جي اڀرندي علائقي ۾ 19 تامل باغي مارڻ جي دعوا ڪئي آهي. +خدشو ڏيکاريو ويو آهي ته وڌندڙ جهڙپن سبب اها ويڙهه ڳري جنگ جو روپ وٺي سگهي ٿي. بٽيڪالوا جي علائقي ۾ تامل باغين جي سرڪاري فوجن تي حملي بعد ڪاروائي لاءِ هوائي فوج ۽ ٽينڪون روانيون ٿيون. هوائي حملن ۾ 15 ويڙهاڪ مارڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. ٻئي علائقي ۾ پڻ چئن ويڙهاڪن کي ماريو ويو. +ٻئي طرف تامل ذريعن دعوا ڪئي آهي ته انهن جو هڪ ماڻهو جڏهن ته فوج جا ست اهلڪار مارجي ويا آهن. آزاد ذريعن وٽان تصديق نه ٿي سگهي آهي. + + +پاڪستان ڀارت تي واضع ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت ورڪنگ بائونڊري تي تعمير جو ڪم بند نه ڪيو ته سيز فائر ختم ڪري ڇڏينداسين. +پاڪستان رينجرز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڀارتي بارڊر تي ڀارت ۾ ٿيل ڳالهين بعد واپسي تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي وڌيڪ چيو ته ڀارت تي واضع ڪري ڇڏيو آهي ته ڪشمير متنازعه علائقو آهي تنهنڪري ان مسئلي جي حل تائين ورڪنگ بائونڊري جي تعمير کي روڪيو وڃي. +هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن تعمير جاري رکي وئي ته سيز فائر ختم ڪري ڇڏينداسين. هن ٻڌايو ته ڀارت ان سلسلي ۾ تعاون جو يقين ڏياريو آهي. + + +اسرائيل فلسطيني ويڙهاڪن جي ان آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ انهن چيو هو ته اسرائيل غزه ۾ ڪاروائيون بند ڪري ته اهي اسرائيل تي حملا بند ڪري ڇڏيندا. +اسرائيلي حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته فلسطيني ويڙهاڪن عارضي جنگ بندي جي آڇ ڪئي هئي، صرف راڪيٽ فائر نه ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي امن جي قيام ۾ سنجيده نه آهن. +ياد رهي ته اسرائيل کي اها پيشڪش سمورن ويڙهاڪ گروپن جي گڏجاڻي کان پوءِ ڪئي وئي جنهن ۾ حماس جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي هئي. + + +ترڪ فوج ۽ ڪرد ويڙهاڪن ۾ جهڙپن دوران هڪ ترڪ فوجي ۽ ٽي ويڙهاڪ مارجي ويا آهن. ويڙهاڪن جو تعلق ڪردستان ورڪز پارٽي سان ٻڌايو ويو آهي. +ذريعن مطابق ويڙهاڪن فائرنگ ڪري هڪ ترڪ فوجي ڪمانڊر کي ماري ڇڏيو ان جهڙپ ۾ هڪ ويڙهاڪ پڻ مارجي ويو. +ساڳي ئي علائقي ۾ هڪ ٻي جهڙپ دوران ٻه گوريلا مارجي ويا آهن. اتر عراق سان ملندڙ ان علائقي ۾ ڪردستان ورڪز پارٽي جا 5 هزار گوريلا موجود آهن. ترڪي ڪيترائي ڀيرا عراقي ۽ آمريڪي فوجن کي انهن خلاف ڪاروائي جو چئي چڪو آهي. +چيو ويو آهي ته 1984ع کان مذڪوره پارٽي جي ويڙهاڪن طرفان شروع ڪيل مهم کان پوءِ هن وقت تائين 30 هزار ماڻهو مارجي چڪا آهن. + + +افغانستان ۾ موجود آمريڪي فوج مطابق جمعي ڏينهن اتحادي فوج هٿان ست طالبان ويڙهاڪ مارجي ويا آهن. +ڪنڌار جي ڏکڻ ۾ ويڙه دوران هڪ اتحادي فوجي جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. چيو ويو آهي ته ڪنهن به شهري کي نقصان نه پهتو آهي. +ٻئي طرف اهي اطلاع به آهن ته خميس ڏهاڙي ويڙهاڪن طرفان نيٽو فوجن جي گاڏي تي راڪيٽ فائر ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ فوجي مارجي ويو هو. +ذريعن مطابق هن سال 3700 ماڻهو مارجي چڪا آهن جن مان ستر سيڪڙو ويڙهاڪ ٻڌايا ويا آهن. + + +سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي قومپرست سياست اڃا پنهنجي نابالغي واري دور مان گذري رهي آهي، ممتاز ڀٽي سنڌ قومي اتحاد جي اڳواڻي تان استعيفا ڏئي سياسي طور نابالغي جو ثبوت ڏنو. +هن وڌيڪ چيو ته نئين بلدياتي نظام سان سنڌ ۾ وڏيرا شاهي جي ڪرندڙ ديوار کي ٽيڪو ڏنو ويو آهي. اسان کي جبر ۽ زور زبردستي وارو پاڪستان نه کپي اسان چاهيون ٿا ته سڀني صوبن کي خودمختياري ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته موجوده پاڪستان ۾ پنجاب جي بالادستي قائم آهي. +قادر مگسي جو چوڻ هو ته نون صوبن جو راڳ الاپي سنڌ کي ورهائڻ جي رٿا جوڙي وئي آهي جنهن جي هر سطح تي مزاحمت ڪئي ويندي. + + +جيئي سنڌ متحده محاذ جي اسير اڳواڻن تي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ تشدد ۽ ملاقات تي پابندي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. +احتجاجي مظاهري دوران آصف ڀٽو، شاهنواز زنئور، علي ديشي ۽ ٻين چيو ته جڏهن اسان سينٽرل جيل حيدرآباد مذڪوره اڳواڻن سان ملاقات لاءِ وياسين ته جيل انتظاميه ملاقات ڪرڻ نه ڏني جنهنڪري سموري سنڌ مان آيل سندن دوستن ۽ ڪارڪن کي واپس موٽايو ويو. +مظاهرين مطالبو ڪندي چيو ته اسير اڳواڻن کي سياسي قيدين مطابق جيل مينوئل تحت سهولتون ڏيئي مٿن جاري تشدد ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سموري سنڌ ۾ سخت احتجاجن جو سلسلو ش��وع ڪيو ويندو. + + +ڀارتي رياست يو پي پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ جي سرگرمين جو ڳڙهه آهي ڇاڪاڻ ته بلوچستان پاڪستان مان 200 نوجوان آءِ ايس آءِ ذريعي سکيا حاصل ڪري هتي پهچي ويا آهن. +آءِ جي (ايس ٽي ايف) جگ موهن يادوَ وڌيڪ چيو ته رياست کي انهن نوجوانن مان خطرو آهي جيڪي جيش محمد ۽ لشڪر طيبه ۾ يقين رکن ٿا جن پنهنجا ماڻهو يو پي ۾ سرگرم ڪري ڇڏيا آهن. +جگ موهن چيو ته هاڻي آءِ ايس آءِ ڀارت ۾ پنهنجي مشن جي تڪميل لاءِ هٿيار موڪلڻ بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ سندن ڇاڙتا مقامي مارڪيٽن مان گيس سلينڊر نموني جيان ڌماڪيدار مادو آساني سان هٿ ڪري سگهن ٿا. +هن جو چوڻ هو ته آءِ ايس آءِ منشيات ۽ جعلي ڪرنسي ذريعي ڀارت ۾ ڄڻ ته هڪ جدا حڪومت قائم ڪري ورتي آهي هاڻي انهن جو ڌيان يو پي، دهلي، مها راشٽر ۽ ڏاکڻين رياستن ڏانهن دهشتگردي پکيڙڻ آهي جتان جا ڪيترائي شهر انهن جو ڳڙهه بڻجي چڪا آهن. +هن ڪيترائي نالا کڻندي چيو ته انهن جو بنگلاديش جي دهشتگرد گروپ سان رابطو آهي ۽ نيپالي دهشتگردن کي پڻ آءِ ايس آءِ سپورٽ ڪندي رهي آهي. ياد رهي ته پاڪستان ڀارت طرفان لڳايل اهڙن الزامن کي هميشه رد ڪندو رهيو آهي. + + +سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“ جنهن کي پيمرا بنا ڪنهن جواز ڄاڻائي ڪجهه هفتا اڳ بند ڪري ڇڏيو هو ان جي نشريات بحال ٿي وئي آهي. +ذريعن موجب وفاقي حڪومت ٽي وي چينل کي پابندي کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي پر اها ڳالهه اڃا تائين راز بڻيل آهي ته ان کي نيٺ ڪهڙي ڏوهه تحت بند ڪيو ويو هو. +سنڌي چينل جي بحاليءَ ۾ خاص ڪردار سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جو ڄاڻايو پيو وڃي جنهن چويهه ڪلاڪن جي اندر نشريات جي بحاليءَ جو وعدو ڪيو هو. +ڪالهه شام کان سنڌ ٽي وي جي نشريات بحال ٿي وئي آهي، ان کان اڳ پڻ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٽي وي جي نشريات وقفي وقفي سان ڪيبلن تان ڏيکاري پئي ويئي. +اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سنڌ ٽي وي جي مقابلي واري هڪ چينل پنهنجي خبرن يا سلائيڊز ۾ ڪڏهن به اها خبر نه هلائي ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ٽي وي چينل کي بنا جواز ڄاڻائي بند ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي انهن پنهنجي اخبار ۾ اهڙي خبر هلائي. باشعور حلقن ان اخبار جي پيشه ور ڪردار تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي. +ياد رهي ته سنڌ ٽي وي جي نشريات جي بحاليءَ لاءِ سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن، ڌرڻن ۽ بک هڙتالن جو هڪ طوفان متل هو. باشعور حلقن ۾ سنڌ جي گورنر جي پوري ڪيل وعدي کي واکاڻيو پيو وڃي جنهن پنهنجو وعدو وقت کان اڳ پورو ڪري ڏيکاريو. +* سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“ +* پريس ڪلب حلقا ۽ مختلف عوامي حلقا + + +عراق جي گادي واري هنڌ بغداد ۾ سنين جي مسجدن تي حملا ڪيا ويا جنهن ۾ 31 ماڻهن جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا. +انهن حملن کي شيعه اڪثريتي علائقن ۾ ٿيل ڪار بم حملن جو ردعمل قرار ڏنو پيو وڃي جنهن ۾ ٻه سو کان مٿي ماڻهو مارجي ويا هئا. +حالتون خراب ٿيڻ کان پوءِ بغداد ۾ ڪرفيو نافذ ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڪار بم ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جي تدفين وقت ڪرفيو ۾ نرمي ڪئي وئي هئي. ان حملي ۾ ٿيل جاني نقصان کي سڀ کان وڏو جاني نقصان قرار ڏنو ويو هو. + + +روس آمريڪي دٻاءَ باوجود ايران کي هٿيارن جي فراهمي شروع ڪري ڇڏي آهي. اطلاعن مطابق ايران کي زمين کان هوا ۾ مار ڪندڙ ميزائل ٽور ايم 1 جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي. +ٻئي طرف آمريڪا جو دٻاءَ آهي ته ايران جي ڪوبه ملڪ هٿيارن جي سلسلي ۾ مدد نه ڪري. اهڙي دٻاءَ باوجود روس ايران کي هٿيارن جي فراهمي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. + + +ڀارتي فوجي ذريعن مطابق ڪشمير ۾ ويڙهاڪن سان جهڙپن دوران چار ڀارتي فوجي ۽ ٻه ويڙهاڪ مارجي ويا آهن. +رات دير سان شروع ٿيل ويڙهه جي اڃا تائين جاري هجڻ جا اطلاع آهن. اها ويڙهه سرينگر کان 35 ميل ڏکڻ طرف ٿي رهي آهي. ياد رهي ته ڪشمير ۾ جاري ويڙهه ۾ 1989ع کان هن وقت تائين 45 هزار ماڻهو موت جو کاڄ ٿي چڪا آهن. +ان علائقي تي تنازعي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٻه جنگون پڻ ٿيون هيون. هن وقت ٻنهي ملڪن ۾ امن ڳالهيون هلندڙ آهن. + + +بنگلاديش ۾ ايندڙ سال جنوري ۾ اعلانيل عام چونڊن جي نگراني وارو اختلاف نه نبرجي سگهيو آهي، فسادن ٻه حياتيون وڌيڪ ڳڙڪائي ڇڏيون جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. +عوامي ليگ جي جنرل سيڪريٽري چيو آهي ته جيستائين مظفر الرحمان کي نه هٽايو ويندو ان وقت تائين صدر تي دٻاءَ لاءِ احتجاج جاري رهندو. +ٻئي طرف ڍاڪا يونيورسٽي مان مليل اطلاعن موجب صورتحال انتهائي ڳنڀير آهي ۽ عوامي ليگ توڙي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي ڪارڪنن ۾ هڪٻئي خلاف تاءُ پکڙيل آهي. + + +اڄ سموري دنيا ۾ عورتن تي تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، سڄاڻ حلقن پاڪستان جي معاشري کي فرسوده رسمن وارو خطو قرار ڏيئي ڇڏيو. +ٻئي طرف هيومن رائٽس ڪميشن جي انگن اکرن مطابق گذريل ڇهن مهينن دوران 144 عورتن کي غيرت جي نالي تي جڏهن ته 46 عورتن کي ڪاريون قرار ڏئي قتل ڪيو ويو. +185 عورتن کي گينگ ريپ بعد قتل ڪيو ويو ۽ 69 عورتون گهريلو تشدد جو نشانو بڻيون انهن مان ڪيترين ئي عورتن کي پنهنجن مائٽن باه ڏئي ساڙيو. چيو ويو آهي ته ڪيترائي اهڙا واقعا ٿين ٿا جيڪي رجسٽر يا ميڊيا تي نٿا پهچي سگهن. +پاڪستان ۾ اهڙو معاشرو قائم آهي جتي پٽ کي ڌيءُ اڳيان وڌيڪ اهميت حاصل آهي، جڏهن ته ڇوڪرين کي شروع کان ئي سماج جي گندين رسمن لاءِ قربان ٿيڻ جو سبق ڏنو ويندو آهي. + + +پيارا دوست ڀلي ڪري آيا! +اسان جون اکيون ٿڌيون، اميد ته سنڌي وڪي اخبار ۾ اسان جي مدد ڪندا. ڇاڪاڻ ته هي پروجيڪٽ اسان سڀني سنڌين لاءِ آهي. خاص طور انهن لاءِ جن کي شڪايت هجي ٿي ته کين ميڊيا تي ڪوريج ڪانه ٿي ملي. پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن جون خبرون هتي پوسٽ ڪريو. + + +پيارا دوست ڀلي ڪري آيا! +اسان جون اکيون ٿڌيون، اميد ته سنڌي وڪي اخبار ۾ اسان جي مدد ڪندا. ڇاڪاڻ ته هي پروجيڪٽ اسان سڀني سنڌين لاءِ آهي. خاص طور انهن لاءِ جن کي شڪايت هجي ٿي ته کين ميڊيا تي ڪوريج ڪانه ٿي ملي. پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن جون خبرون هتي پوسٽ ڪريو. + + +ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي پريس ريليز ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ٽي وي نشريات جي بحاليءَ جي خوشي سنڌ سميت پرڏيھ ۾ رهندڙ سنڌين کي پڻ ٿي آهي. +اهڙو اظهار ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي چيئرمين ڊاڪٽر حليم ڀٽي، سيڪريٽري جنرل لکومل لوهاڻو، انفارميشن سيڪريٽري مالڪ ڏنو شيخ، فنانس سيڪريٽري روبينا شيخ، ميمبر ايگزيڪٽو ڪاميٽي ڊاڪٽر هدايت ڀٽو، ستار زنگيجو، رحمان ڪاڪيپوٽو، امبرين هيسباڻي ۽ ٻين ڪيو. +هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي نالي سان منسوب سنڌي چينل سنڌ ٽي وي جي بحالي سنڌي ماڻهن جي جدوجهد جو نتيجو آهي ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي ماڻهو پنهنجي ٻولي ۽ ان جي ادارن سان ڪيترو پيار ڪن ٿا. +* ورلڊ سنڌي ڪانگريس (پريس ريليز) + + +عراق ۾ پوليس چيو آهي ته بغداد کان ستر ڪلوميٽر پري هڪ ڳوٺ ۾ هٿياربندن ٻن شيعه خاندانن جي 21 مردن کي گهرن مان ڪڍي گوليون هڻي ماري ڇڏيو آهي. +ٻئي طرف آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته بغدا�� جي ويجهو هڪ ڪاروائي ۾ 22 ويڙهاڪن کي ماريو ويو آهي اهڙي طرح هڪ ٻئي ڳوٺ ۾ بم جوڙڻ واري هڪ فيڪٽري تي ڇاپي دوران پڻ 10 ويڙهاڪ مارجي ويا. آمريڪي فوج مطابق فائرنگ جي ڏي وٺ سبب اتي هڪ نوجوان مارجي ويو ۽ هڪ گرڀ وتي عورت زخمي ٿي پئي. +ترجمان مطابق هڪ اسلحه فيڪٽري مان وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ آيا آهن جن ۾ گرنيڊ، مشين گن، پائپ بم ۽ اينٽي ايئر ڪرافٽ شامل آهن. اسلحي جي فيڪٽري کي بمباري ڪري تباه ڪيو ويو آهي. + + +سنڌ قومي اتحاد جو هڪ اجلاس سنڌ جي جهوني دانشور محمد ابراهيم جويو جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ قومي اتحاد کي فعال ۽ متحرڪ بنايو ويندو. +اجلاس ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي، گل محمد جکراڻي، حسين بخش ٿيٻي، ايوب شر، نذير ميمڻ، حميد ميمڻ، هوت خان گاڏهي ۽ نندلال مالهي شرڪت ڪئي. +چيو ويو آهي ته سنڌ جي موجوده صورتحال ۾ اتحاد جي ضرورت اڳي کان گهڻي آهي تنهنڪري ان کي وڌيڪ متحرڪ بنايو ويندو. اجلاس دوران شرڪت نه ڪندڙ پارٽين جي شرڪت کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ويئي جيڪا مذڪوره پارٽين سان الڳ الڳ گڏجاڻي ڪندي. +اجلاس ۾ ٻيٽن کي غيرملڪي ڪمپني کي وڪرو ڪرڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم سميت ٻين ڊيمن جي اڏاوت جي مذمت ڪندي اهڙن عملن جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي. + + +قادر پور کان گهوٽڪي ايندڙ شاگردن جي ڊاٽسن سان باءِ پاس وٽ ٽرالر سان ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻه سڳا ڀائر فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻيا 20 شاگرد زخمي ٿي پيا. +زخمي شاگرن مان گهڻن کي سندن مائٽ کڻائي ويا جڏهن ته ٻين زخمين کي سول اسپتال گهوٽڪي مان طبي امداد بعد وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي، سکر ۽ ٻين شهرن ڏانهن موڪليو ويو. +ضلعي ناظم گهوٽڪي سڀني زخمين جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ۽ جاچ لاءِ هڪ ڪاميٽي پڻ تشڪيل ڏني. + + +لنڊن جي عدالت ۾ دهشتگردي جي الزام هيٺ آيل هڪ جوابدار صلاح الدين امين عدالت کي ٻڌايو ته کيس تشدد ڪري اعتراف تي مجبور ڪيو ويو. +صلاح الدين جو چوڻ هو ته آءِ ايس آءِ جي اهلڪارن چيو ته جرم جو اعتراف ڪر نه ته پُٺ ۾ هڪ ٻيو سوراخ ڪنداسين جنهنڪري مجبور ٿي هن جرم جو اعتراف ڪيو آهي. هن چيو ته مون دهشتگردي جي منصوبه بندي نه ڪئي آهي. +صلاح الدين پنهنجو پاڻ کي اپريل 2004ع ۾ آءِ ايس آءِ حوالي ڪيو جتي هن کي بنا ڪنهن مقدمي جي ڏهه مهينا رکيو ويو جنهن کان پوءِ کيس برطانيه روانو ڪيو ويو. برطانيه پهچندي ئي کيس دهشتگردي جي رٿابندي ڪرڻ جي الزام تحت گرفتار ڪيو ويو هو. + + +ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٿيل دهشتگرد ڪاروائين ۽ بم ڌماڪن ۾ ڀارتي خفيه ايجنسي ”را“ ۽ اسرائيل جي خفيه ايجنسي ”موساد“ ملوث آهن. +اهڙو انڪشاف باخبر ذريعن ڪيو جن جو چوڻ هو ته ملڪ جي ڪجهه خفيه ادارن حڪومت ڏانهن اماڻيل هڪ رپورٽ ۾ اهڙو اظهار ڪيو آهي. رپورٽ مطابق مذڪوره خفيه ايجنسين جا ايجنٽ خوبصورت ڇوڪرين ۽ وڏين رقمن ذريعي مقامي ماڻهن کي پاڻ سان ملائي اهڙيون ڪاروائيون ڪن ٿا. +رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هتي آيل دهشتگرد انهن خفيه ايجنسين جي دهشتگرد ڪيمپن مان سکيا حاصل ڪري ملڪ ۾ داخل ٿيا آهن انهن سان خوبصورت ڇوڪريون پڻ گڏ آهن. + + +ٽن ويڙهاڪ تنظيمن سان وابسته 18 ويڙهاڪن بارامولا ۾ ڀارتي فوج اڳيان هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا آهن. جنوري کان هن وقت تائين هٿيار ڦٽي ڪندڙن جو تعداد 119 ٿي ويو آهي. +ذريعن مطابق هٿيار ڦٽي ڪندڙ ويڙهاڪن جو تعلق ٽن مختلف ويڙهاڪ تنظمين سان آهي جنهن ۾ پاڪستان حامي حزب الله پڻ شامل آهي. انهن فوج وٽ 10 اي ڪي رائيف��، 10 پسٽل، ڇهه موبائل فون ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ جمع ڪرايو. +چيو ويو آهي ته مذڪوره ويڙهاڪن ذريعي پختيون ثابتيون مليون آهن ته انهن کي پاڪستاني ڪشمير وٽان سکيا ڏئي اماڻيو ويو. + + +2003ع ۾ امن جو نوبل انعام حاصل ڪندڙ ايراني عورت شيرين عبادي چيو آهي ته نيوڪليئر ملڪن کي پئسو هٿيارن بجاءِ عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ خرچ ڪرڻ گهرجي. +نيودهلي ۾ ترجمه نگار جي مدد سان نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڪثر ٻڌبو آهي ته عورتن جي ڀلائي لاءِ فنڊن جي کوٽ آهي پر ڏسبو ته اهي ئي ملڪ هٿيارن جي خريداري تي پئسو خرچ ڪن ٿا. +شيرين عبادي جو چوڻ هو ته انڊيا، پاڪستان، آمريڪا، ايران يا اسرائيل کي ايٽم بم جي ڪابه ضرورت نه آهي. +هن وڌيڪ چيو ته عورتون ضرورتن تحت پنهنجي جسم کي ارپڻ ڪن ٿيون. اهو جسماني وڪرو مجبورين سبب ٿئي ٿو. + + +افغانستان جي هڪ هوٽل ۾ بم ڌماڪو ست ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف 57 ويڙهاڪن کي مارڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. +اهو بم حملو پڪتڪيا صوبي جي ضلعي ارگن ۾ ٿيو جيڪو علائقو پاڪستاني بارڊر جي ويجهو آهي. چيو ويو آهي ته مارجي ويلن ۾ عام شهري شامل آهن. +ٻئي طرف نيٽو فورسز جي ذريعن دعوا ڪئي آهي ته ارگن جي مختلف علائقن ۾ 57 ويڙهاڪن کي ماريو ويو آهي. انهن جهڙپن ۾ هڪ نيٽو فوجي پڻ مارجي ويو. + + +ملتان ڀرسان هڪ وين جي ڪينال ۾ ڪرڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 11 ماڻهو فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن. جڏهن ته 12 ماڻهن کي ڪينال مان زنده ڪڍيو ويو. +ذريعن مطابق فوتين ۾ ڇهه مرد، هڪ عورت ۽ ٽي ٻارڙا شامل آهن. فوتين جي لاشن کي ڪينال مان ڪڍيو ويو آهي. +زخمين کي ويجهن اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو. وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ تمام گهڻا روڊ حادثا ٿين ٿا جنهن جا سبب قانونن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ رستن جي خراب صورتحال آهن. + + +عراقي صوبي انبار ۾ قبائلين دعوا ڪئي آهي ته انهن 55 القائده جي ويڙهاڪن کي ماري ڇڏيو آهي جڏهن ته سرڪاري ذريعن طرفان ان جي تصديق نه ٿي سگهي آهي. +قبيلي جي هيڊ جو چوڻ هو ته انهن اولهندي صوبي انبار ۾ 55 القائده ويڙهاڪن کي ماري ڇڏيو آهي. جڏهن ته 25 القائده ويڙهاڪن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. ان جهڙپ ۾ 9 قبائلي پڻ مارجي ويا آهن. +هن دعوا ڪئي ته مارجي ويل القائده ويڙهاڪن ۾ 10 ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو پڻ شامل هئا. +ٻئي طرف بغداد مان اطلاع آهن ته هڪ ڪار بم ڌماڪي ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته 23 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اهو واقعو بغداد کان ڏکڻ طرف هڪ ڳوٺ حسوا جي مارڪيٽ ۾ ٿيو. + + +پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيرافگن چيو آهي ته جيڪا به صوبائي حڪومت حدود بل لاڳو ڪرڻ ۾ رڪاوٽ وجهندي اها برطرف ٿي سگهي ٿي. +لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن سرحد ۽ بلوچستان جي حڪومتن حدود بل لاڳو ڪرڻ ۾ رڪاوٽ وڌي ته سندن حڪومت برطرف ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايم ايم اي کي استعيفائون ڏيڻيون هجن ها ته بل جي منظوري وقت ئي ڏيئي ڇڏين ها. +شيرافگن چيو ته حدود بل سموري ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ويندو، ان کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي جيڪڏهن صوبن روڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندن حڪومت کي ختم ڪيو ويندو. + + +سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سيد جلال محمود شاه چيو آهي ته چاليهه سال اڳ جي ايم سيد اسان کي خطرن کان آگاه ڪيو پر اسان ان وقت سندس پيغام تي اعتبار نه ڪيو تنهنڪري اڄ سنڌ جي مٿان ٻٽي تلوار لٽڪيل آهي. +جسم پاران جشن سيد جي موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته وڏو وزير چوي ٿو ته سنڌ جا ٻيٽ ت��قي لاءِ وڪرو ڪيا ويا آهن. اصل ۾ اهو ترقي جي نالي ۾ بيٺڪيت جو پروگرام آهي. +هن وڌيڪ چيو ته اسان کي ذاتي ۽ گروهي مفادن واري سياست کان نڪري پنهنجي ووٽ کي سنڌ پرست ڌارا ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي. اسان وٽ سائين جي ايم سيد جو فڪر موجود آهي جيڪو اسان سنڌين لاءِ راه نجات آهي. +جشن کي سيد زين شاه، مير محمد پيرزادي، رسول بخش ٿيٻي، نورالدين جمالي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. + + +جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالواحد آريسر چيو آهي ته ممتاز ڀٽي سنڌ قومي اتحاد اسلام آباد وارن کي ڏيکارڻ لاءِ ٺاهيو هو ته جيئن سنڌ جي وڏ وزارت ماڻي سگهي. +ميهڙ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اتحاد ٺاهڻ جو مقصد ئي اهو هو ته ظاهر ڪري سگهجي ته سنڌ جون سموريون ڌريون ساڻس گڌ آهن. +هن چيو ته اتحاد جڏهن سرگرم ئي نه ٿيو هو ته ممتاز ڀٽي استعيفا ڏئي ڇڏي. پارلياماني سياست مان سنڌ کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو. هن چيو ته حڪمران صوبن جي قدرتي وسيلن تي قبضي لاءِ قومپرستن کي خريد ڪري رهيا آهن. + + +يمن جي هڪ اخبار انڊپينڊنٽ ويڪلي جي ايڊيٽر کي عدالت ڊينمارڪ ۾ شايع ٿيل ڪارٽونن جي ٻيهر اشاعت واري جرم تي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. جڏهن ته ان اخبار تي پڻ ڇهن مهينن تائين پابندي وجهي ڇڏي آهي. +مذڪوره ايڊيٽر ڪمال العلافي جو چوڻ آهي ته هن ڪارٽون شعور اجاڳر ڪرڻ لاءِ شايع ڪيا هئا ان جو مقصد مسلمانن جي توهين ڪرڻ نه هو. +سزا هيٺ آيل ايڊيٽر کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي، هاڻي هو پنهنجي سزا خلاف اپيل داخل ڪندو. ياد رهي ته يمن ۾ ٻين ايڊيٽرن تي پڻ ساڳيا الزام لڳايا ويا آهن. + + +پيارا دوست ڀلي ڪري آيا! +اسان جون اکيون ٿڌيون، اميد ته سنڌي وڪي اخبار ۾ اسان جي مدد ڪندا. ڇاڪاڻ ته هي پروجيڪٽ اسان سڀني سنڌين لاءِ آهي. خاص طور انهن لاءِ جن کي شڪايت هجي ٿي ته کين ميڊيا تي ڪوريج ڪانه ٿي ملي. پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن جون خبرون هتي پوسٽ ڪريو. + + +هڪ ايراني فوجي ائيرڪرافٽ جي حادثي سبب ان ۾ سوار ٽن ڄڻ جي عملي کان علاوه 35 گارڊز فوت ٿي ويا آهن. چيو ويو آهي ته جهاز تهران جي ايئرپورٽ تان اڏاڻو هو. +سرڪاري ذريعن مطابق اڏام کان ٿوري دير پوءِ ئي طيارو تباه ٿي ويو. اڃا تائين تباهي جا سبب واضع نه ٿي سگهيا آهن. +ذريعن مطابق فوتين جي اصل تعداد جي باري ۾ ڪي به تصيديق شده اطلاع نه آهن. اها خبر ايران جي هڪ ٽي وي چينل جي حوالي سان ڏني وئي آهي. + + +فيصل آباد جي عدالت ٻن عيسائين کي قرآن پاڪ شهيد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 15 سال قيد ۽ 25 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. +ذريعن موجب انهن ٻنهي عيسائين کي ملتان جي نشاط آباد جي علائقي مان 8 سيپٽمبر 2006ع ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. ڪورٽ 295 بي تحت کين سزا ڏني آهي. +ٻنهي عيسائين جيمز مسيح ۽ بوٽا مسيح تي الزام هو ته انهن قرآن پاڪ کي ساڙي شهيد ڪيو هو. + + +جمون ڪشمير لبريشن فرنٽ جي سربراه ياسين ملڪ چيو آهي ته ڪشمير جي نوجوانن کي ويڙهه بجاءِ پرامن سياست ذريعي حق وٺڻ طرف راغب ڪيو ويندو. +هن وڌيڪ چيو ته لبريشن فرنٽ بندش هيٺ آيل پارٽي نه آهي تنهنڪري سياسي طريقن سان حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي. ياد رهي ته ياسين ملڪ ماضيءَ ۾ ويڙهه جي طريقن جي حمايت ڪندو رهيو آهي. +ياسين ملڪ چيو ته ڪيترن ئي ادارن سروي ڪيا آهن انهن مطابق 85 سيڪڙو ڪشميري آزادي چاهين ٿا. + + +برٽش اخبار سنڊي ٽائيمز لکيو آهي ته باجوڙ مدرسي تي آمريڪا حملو ڪيو هو، پاڪستاني سرڪار جي دعوا درست نه آهي ته انهن پاڻ اها ڪار��ائي ڪئي. +ياد رهي ته باجوڙ ۾ مدرسي تي حملي جي نتيجي ۾ 82 ماڻهو مارجي ويا هئا. اخبار جي صحافي ڪرسٽينا ليمب وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته کيس ڳجهن ذريعن وٽان ڄاڻ پئي آهي ته اهو حملو آمريڪي جهازن ڪيو هو. +اخبار مطابق اهو حملو القائده اڳواڻ ايمن الزواهري جي موجودگي جي خبر تي ڪيو ويو جنهن جي اڳواٽ پاڪستان کي ڪابه ڄاڻ نه ڏني وئي. + + +ڀارت هوا ۾ ٻن ميزائلن جي ٽڪراءُ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي، پرٿوي ٽو جي ٻن ميزائلن کي الڳ الڳ هنڌن تان ڇڏيو ويو هو. +ذريعن مطابق تجربو ڪامياب ثابت ٿيو آهي، هڪ پرٿوي ميزائل ڇڏڻ کان پوءِ ٻيو هڪ منٽ بعد ٻيو ان کي تباه ڪرڻ لاءِ ڇڏيو ويو. +پروگرام مطابق اهي ٻئي ميزائل سمنڊ ۾ ڪرڻا هئا تڏهن به احتياط طور علائقي مان ڳوٺن کي خالي ڪرايو ويو هو. + + +ڀارتي سيڪيورٽي فورسز هٿان ٽي ڪشميري ويڙهاڪ مارجي ويا آهن. اهي ويڙهاڪ ٻن الڳ الڳ هنڌن تي مارجي ويا جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز مان ڪنهن کي به نقصان نه پهتو آهي. +ذريعن مطابق انهن مان ٻه سرينگر کان 30 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف هڪ ڳوٺ ميج ۾ مارجي ويا. جڏهن ته هڪ ڄڻو سرينگر کان 100 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف هڪ ڳوٺ سيمسن ۾ مارجي ويو. + + +افغانستان ۾ هڪ خودڪش بم حملي جي نتيجي ۾ ٻه نيٽو فوجي مارجي ويا آهن. خودڪش حملي وارو اهو واقعو ڪنڌار ڀرسان ٿيو. +ٻئي طرف هڪ ٻيو نيٽو فوجي زخمي پڻ ٿيو آهي. پوليس ذريعن مطابق ٻه نيٽو فوجي مارجي ويا جڏهن ته هڪ نيٽو فوجي زخمي پڻ ٿيو آهي. ان ساڳي علائقي ۾ 12 اٺ پڻ زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. + + +سنڌ جي مخالفت باوجود وفاقي پلاننگ ڪميشن تڪراري ڪالاباغ ڊيم ۽ ڀاشاڊيم سميت ڪيترن ئي رٿائن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ياد رهي ته ڪالاباغ ڊيم خلاف ٽن صوبن جون اسيمبليون هڪ کان وڌيڪ ڀيرا قرارداد پاس ڪري چڪيون آهن. +ڪميٽي جي اجلاس ۾ 35 منصوبا آندا ويا جن مان 30 کي منظوري ڏني وئي. ان کان علاوه ڪالاباغ ڊيم سميت ٻين منصوبن تي قرض وٺڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي. +ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن پنهنجا خدشا ڏيکاريا هئا جن کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي ٻئي طرف سموري سنڌ جا ماڻهو ڪالاباغ سميت سمورن ڊيم منصوبن جي مخالفت ۾ پنهنجا پرامن احتجاج اڃا تائين ڪندا رهن ٿا. + + +ضلعي ڪائونسل مٽياري اڪثريت راءِ سان سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪرڻ خلاف رٿ منظور ڪري ورتي آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته اهڙو فيصلو سنڌين سان ناانصافي تي ٻڌل آهي. +اجلاس کي خطاب ڪندي ڪائونسلرن چيو ته ٻيٽن تي سنڌي ماهيگيرن جو حق آهي. ٻيٽن جو وڪرو ماهيگيرن توڙي سنڌين سان ناانصافي آهي. عورت ميمبر فردوس ابڙو اهڙي رٿ پيش ڪئي جنهن جي اڪثر ميمبرن حمايت ڪئي. + + +ڀارتي ڪوسٽ گارڊز هٿان سنڌ جا 21 مهاڻا گرفتار ٿي ويا آهن انهن گرفتارين سميت ڀارت ۾ جهليل ماهيگيرن جو تعداد 113 ٿي ويو آهي. +ذريعن مطابق مهاڻن جي گرفتاري وقت سندن ٽن ٻيڙين کي پڻ قبضي ۾ ڪيو ويو آهي. چيو ويو آهي ته کين ڄام نگر ضلعي جي اوکا پورٽ تي رکيو ويو آهي. انهن گرفتارين سميت ڀارت ۾ جهليل ڪل مهاڻن جو تعداد 113 ٿي ويو آهي جڏهن ته قبضي ۾ ڪيل ٻيڙين جو تعداد 35 ٻڌايو ويو آهي. +ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت هڪ طرف پاڻ ۾ امن ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف ٻئي ملڪ سامونڊي سرحدن جي ڀڃڪڙي جي الزام تحت غريب ماهيگيرن کي لاڳيتو گرفتار پڻ ڪري رهيا آهن. + + +برطانيه ۾ ڀارتي نزاد مسلمان عورت کي اسڪول جي ٽائيم تي پردي ڪرڻ جي ڏوه ۾ اسڪول انتظاميه برطرف ڪري ڇڏيو آهي. +ذريعن موجب اولهه يارڪشائر ۾ هڪ اسڪول جي انتظاميه ۽ 24 ساله عورت عائشه اعظمي ۾ تڪرار هلندڙ هو. عائشه اعظمي کي چيو ويو هو ته اسڪول ۾ نقاب ويڙهي نه اچي، هن اهڙي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. +عائشه جي قانوني صلاحڪار چيو آهي ته اسان کي اڃا تائين لکت ۾ برطرفي جو سبب نه مليو آهي تنهنڪري ان کان اڳ ڪنهن به قسم جي اپيل نه ڪئي ويندي. +عائشه شادي شده آهي ۽ کيس هڪ ڌيءَ پڻ آهي. عائشه اسڪول ۾ ست کان يارنهن سالن جي ٻارن کي پڙهائيندي هئي جنهن مان 92 سيڪڙو ٻار مسلمان هئا. + + +پاڪستاني حڪومت بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراه ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير کي پنهنجي ذاتي رهائشگاه ۾ نظربند ڪري ڇڏيو آهي. +پوليس ذريعن مطابق کيس حب شهر ويجهو ساڪران جي رهائشگاه ۾ نظربند ڪيو ويو آهي. سموري صوبي ۾ پارٽي جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. هن وقت تائين ستر کن ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن. +ياد رهي ته بلوچستان نيشنل پارٽي 30 نومبر کان گوادر کان لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي. جيڪو لانگ مارچ 11 ڊسمبر تي ڪوئٽا پهچندو جتي مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا. +اختر مينگل چيو آهي ته سندن ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته گرفتارين باوجود لانگ مارچ رٿيل ڏينهن تي ضرور ٿيندو. +ٻئي طرف بي اين پي جي سيڪريٽري جنرل حبيب جالب چيو آهي ته رٿيل لشڪر مارچ فوجي ڇانوڻين، ميگا پروجيڪٽس، عدالت کان مٿڀرن قتلن ۽ نواب اڪبر بگٽي کي مارڻ وارڻ واري واقعي خلاف ڪيو پيو وڃي. اهو مارچ بلوچستان جي عوام طرفان حڪومت جي پاليسين خلاف ريفرينڊم ثابت ٿيندو. + + +نيويارڪ ٽائيمز آمريڪي خفيه اداري جي حوالي سان چيو آهي ته حزب الله عراقي ويڙهاڪ گروپ مهدي مليشيا سميت ٻين شيعه گروپن جي مدد ڪري رهي آهي انهن هزار کان مٿي ماڻهن کي سکيا ڏني. +عراقي مليشيا جنهن جي اڳواڻي مقتدالصدر ڪري رهيو آهي انهن جي ويڙهاڪن کي لبنان ۾ سکيا ڏني وئي. اهو پڻ چيو ويو آهي ڪجهه حزب الله ويڙهاڪن پڻ عراق جو دورو ڪري سکيا جي صورتحال جو جائزو ورتو. +ذريعن مطابق ايران ۽ شام پڻ ان حوالي سان مهدي مليشيا ۽ شيعه عراقي ويڙهاڪن جي مدد ڪري رهيا آهن. + + +ڀارتي اداڪار سنجي دت کي 1993ع ۾ ٿيل بم ڌماڪن جي ڏوه مان آجو قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته غيرقانوني اسلحو رکڻ جو ڏوه ثابت ٿي ويو آهي، ذريعن مطابق کيس پنج سال سزا يا ڏنڊ جي سزا لڳي سگهي ٿي. +خبر موجب عدالت جو چوڻ هو ته سنجي دت دهشتگرد نه آهي. عدالت کيس 19 ڊسمبر تائين ٻيهر پيش پوڻ جو حڪم ڏنو آهي ان وقت تائين هو آزاد رهندو. +سنجي دت تي غيرقانوني طور اي ڪي 65، 9 ايم ايم پسٽل ۽ هينڊ گرنيڊ رکڻ جو ڏوه ثابت ٿيو آهي. سنجي دت جو چوڻ هو ته هن اسلحو پنهنجي حفاظت لاءِ رکيو هو. سندس ايڊوڪيٽ جو چوڻ آهي ته سنجي دت اڳ ئي 18 مهينا جيل ۾ رهي چڪو آهي تنهنڪري کيس رڳو ڏنڊ جي سزا ملي سگهي ٿي. + + +منو ڀيل جي خاندان جي ڪيترائي سال گذرڻ باوجود بازيابيءَ لاءِ ڪابه پيش رفت نه ٿي سگهي آهي توڙي جو هو ڪيتريون ئي بک هڙتالون، مظاهرا ۽ بالا حڪام کي اپيلون ڪندو رهيو آهي. +ذريعن موجب هن جو خاندان هڪ مقامي زميندار جي قبضي ۾ آهي. هن جي گم ٿيل خاندان ۾ سندس زال موتا، سندس ڌيئرون مومل ۽ ڏيلي، سندس پٽ چمن ۽ ڪلجي ۽ سندس ڀاءَ جلال شامل آهن. +ذريعن موجب انهن هارين جي خاندان جي عورتن سان جنسي زيادتي پڻ ڪئي ويندي آهي. اهڙن هارين کي هڪ وڏيري کان ٻئي وڏيري وٽ وڪرو پڻ ڪيو ويندو آهي. + + +مسلم ليگ (ن) جي سربراه نواز شريف متحده مجلس عمل کي اسيمبلين تان استعيفا نه ڏيڻ جي صلاح ڏني آهي. +نواز شريف قاضي حسين احمد ۽ مولانا فضل الرحمان کي چيو آهي ته اهي عورت تحفظ بل جي مخالفت ۾ پنهنجي استعيفائن واري فيصلي تي نظرثاني ڪن. +ذريعن موجب نواز شريف ساڻن فون تي ڳالهائيندي چيو ته استعيفائن وارو فيصلو وقتائتو نه آهي. هن ٻنهي اڳواڻن کي صلاح ڏني ته آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائڻ لاءِ ڪوششون وٺن ته جيئن گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگهجي. + + +پاڪستاني صدر جنرل پرويز مشرف جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته مشرف ان ڳالهه تي راضي آهي ته بينظير ڀٽو واپس اچي ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺي پر اها وزيراعظم نه ٿي ٿي سگهي. +ذريعن مطابق هو قانوني طور ٽيون ڀيرو وزيراعظم نه ٿي سگهندي، ٻئي طرف پ پ پ جي فرحت الله بابر جو ان باري ۾ چوڻ هو ته اسان ان قسم جي راءِ تي ويچاري رهيا آهيون. +نواز شريف لاءِ چيو ويو آهي ته اهو گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سالن تائين نه ئي واپس اچي سگهي ٿو ۽ نه ئي اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو. + + +پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي ڳڻپڪاري جاري آهي هن وقت تائين تقريبن پنج لک افغانين کي رجسٽر ڪيو ويو آهي. انهن افغانين 1979ع ۾ سوويت يونين جي داخلا بعد پاڪستان ۾ اچي پناه ورتي هئي. + + +68 سيڪڙو آمريڪين پاڪستاني صدر پرويز مشرف جي باري ۾ راءِ ڏني آهي ته ان تي اعتماد نه ٿو ڪري سگهجي پر متبادل نه هجڻ ڪري ان کي موجود مان بهتر چونڊ سڏيو ويو آهي. +23 سيڪڙو آمريڪين جو سروي ۾ چوڻ هو ته اصل ۾ پاڪستان انتهاپسندن خلاف ڪاروائي نه ڪرڻ جي حق ۾ آهي پر صدر مشرف آمريڪي دٻاءَ جي ڪري ائين ڪرڻ لاءِ مجبور آهي. +صرف 9 سيڪڙو آمريڪين جي راءِ هئي ته پرويز مشرف دهشتگردي خلاف آمريڪا سان گڏ ۽ سرگرم آهي. + + +ممتاز ڀٽي چيو آهي ته مان سنڌ جي معدني وسيلن ۽ خودمختياري جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهيان. سنڌ نيشنل فرنٽ طرفان ممتاز ڀٽي جي 73 هين سالگره تقريب ٿي گذري جنهن ۾ ممتاز ڀٽي جو پيغام پڙهي ٻڌايو ويو. +ممتاز ڀٽي پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي آجپي لاءِ سنڌين جي ساٿ جي ضرورت آهي جيئن منظم ٿي سنڌ دشمنن جي سازشن کي ناڪام بڻائي سگهجي. +سالگره واري تقريب کي گل محمد جکراڻي، ڊاڪٽر قادر مگسي، محمد ابراهيم جويي، خليل قاضي، حسين بخش ٿيٻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. + + +آمريڪي فوج ۽ ويڙهاڪن وچ ۾ ٿيل هڪ جهڙپ دوران پنج عراقي ڇوڪريون مارجي ويون آهن. ساڳئي واقعي ۾ هڪ ماڻهو جي فوت ٿيڻ ۽ هڪ عورت جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن. +ذريعن موجب مارجي ويل ڇوڪرين ۾ هڪ ٻارڙي پڻ شامل هئي جنهن جي عمر ڇهه مهينا ٻڌائي وئي آهي جڏهن ته ٻيون ڇوڪريون پڻ ڏهن سالن کان ننڍي عمر جون هيون. +واقعو بغداد کان 115 ڪلوميٽر اولهه طرف عراقي صوبي انبار جي شهر رمادي ۾ پيش آيو جتي سني ويڙهاڪن جي اڪثريت آهي. + + +برٽش جوائنٽ انٽيليجينس ڪاميٽي جي ذريعن دعوا ڪئي آهي ته القائده ۽ طالبان پاڪستاني علائقي اتر وزيرستان ۾ کليل نموني سان پنهنجون سرگرميون ڪري رهيا آهن. +اتر وزيرستان اهو علائقو آهي جتي سيپٽمبر ۾ پاڪستاني سرڪار ۽ قبائلين وچ ۾ هڪ امن معاهدو ٿيو هو. ذريعن مطابق باجوڙ ۾ ٿيل حملي جي نتيجي ۾ انهن سرگرمين کي نئين هٿي ملي آهي. +ذريعن دعوا ڪئي آهي ته پاڪستاني علائقن اتر وزيرستان، باجوڙ، دير ۽ ٻين علائقن ۾ طالبان طرفان افغانستان ۾ جهاد لاءِ ڀرتيون ٿي رهيون آهن. +پاڪستاني ويڙهاڪن باجوڙ جي علائقي کار ۾ ڀرتي مرڪز قائم ڪري ڇڏيا آهن ج��ي نيٽو ۽ آمريڪي فوجن تي خودڪش حملن ۽ ويڙهه لاءِ مجاهد ڀرتي ڪيا پيا وڃن. + + +پاڪستان هڪ وچٿري رينج واري حتف 4 شاهين 1 بلاسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي. ان ميزائل جي رينج 700 ڪلوميٽر آهي. +چيو ويو آهي ته اهو تجربو هلندڙ دفاعي حڪمت عملي جو حصو آهي، چيئرمن جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪاميٽي جنرل احسان الحق سائنسدانن کي ڪامياب تجربي تي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاعي صلاحيت تي فخر ڪري ٿو. +ياد رهي ته پاڪستان ۽ انڊيا لاڳيتو ميرائل تجربا ڪري رهيا آهن. صرف ٻه ڏينهن اڳ انڊيا ٻن ميزائلن جي هوا ۾ ٽڪراءُ جو ڪامياب تجربو ڪيو هو. + + +افغانستان ۾ هڪ بم حملي جي نتيجي ۾ ٻه نيٽو فوجي مارجي ويا آهن اهو واقعو ڪابل کان 60 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف لوگر صوبي ۾ ٿيو. اها ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي ته مارجي ويلن جو تعلق ڪهڙي ملڪ سان هو. +ذريعن موجب طالبان پنهنجي ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن گذريل هڪ هفتي دوران نيٽو جا ڇهه فوجي ماريا ويا آهن. سومر ڏهاڙي پڻ ٻن ڪينڊين فوجين کي ماريو ويو هو. +ذريعن مطابق ڪجهه ملڪن صلاح ڏني آهي ته افغانستان ۾ نيٽو فوج جو تعداد وڌايو وڃي. ٻئي طرف اهو به چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ ترقي جي عمل کي تيز ڪري نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. + + +پاڪستاني پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوري چيو آهي ته طالبان ويڙه ۾ سوڀارا ٿي رهيا آهن تنهنڪري کين اقتدار ۾ ڀائيوار ڪيو وڃي ۽ افغانستان ۾ وڌيڪ نيٽو فوجون نه گهرايون وڃن. +قصوري خانگي بريفنگ ۾ وڌيڪ چيو ته هن جي صلاح آهي ته طالبان سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، هن اهو به چيو ته نيٽو جون وڌيڪ فوجون افغانستان ۾ نه گهرايون وڃن. +اولهه جي ذريعن مطابق اصل ۾ قصوري جو مطلب آهي ته طالبان اڳيان جُهڪي وڃو. انهن دعوا ڪئي ته پاڪستان ۽ قبائلين وچ ۾ ٿيل امن معاهدو ناڪام ثابت ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته ان کان پوءِ افغانستان ۾ موجود نيٽو فوج تي حملا وڌي ويا آهن. +ذريعن مطابق ڪيترن ئي افغانين جو چوڻ آهي ته صدر مشرف طالبان کي ٻيهر مضبوط ڏسڻ جو خواهشمند آهي. + + +ڀارت جي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر ايم ڪي نارائن چيو آهي ته پاڪستاني ويڙهاڪ تنظيم جي دهشتگردن نيپال ۽ بنگلاديش مان ڀارت ۾ داخل ٿي ڌماڪا ڪرايا هئا. +سيڪيورٽي جي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪندي ايم ڪي نارائن وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ موجود اڪثر دهشتگرد تنظيمن جو تعلق اسامه بن لادن جي انٽرنيشنل اسلامڪ فرنٽ سان آهن. + + +بلوچستان جي علائقي نوشڪي ڀرسان ريلوي ٽريڪ تي چار بم ڌماڪن ٿيڻ جا اطلاع آهن ذريعن موجب انهن ڌماڪن سبب ريل جي پٽڙين کي نقصان پهتو، ان وقت ڪنهن به ٽرين جو ٽائيم نه هو. +مقامي پوليس موجب ڪنهن به انهن ڌماڪن جي ذميواري نه قبولي آهي جڏهن ته ان کان اڳ ٿيل اهڙن ڌماڪن بابت پوليس جو چوڻ هو ته اهي بلوچن ڪرايا آهن. پوليس ذريعن مطابق ريلوي پٽڙين جي مرمت ڪئي وئي آهي. +ذريعن مطابق بلوچستان ۾ اهڙن ڌماڪن پٺيان اهي قوتون ملوث رهيون آهن جن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي قدرتي وسيلن جهڙوڪ گيس وغيره تي وڌيڪ رائلٽي ڏني وڃي. + + +اقوام متحده جي پناهگيرن لاءِ جوڙيل هاءِ ڪميشن جا ٻه اهلڪار پاڪستان جي اترئين علائقي مان اغوا ٿي ويا آهن. +ذريعن مطابق اقوام متحده جا مذڪوره اهلڪار رات جو هڪ افغان پناهگير ڪيمپ مان واپس پنهنجي گهر وڃي رهيا هئا ته کين اغوا ڪيو ويو. +ٻنهي اهلڪارن کي نامعلوم جوابدارن ڳوٺ مٽاني وٽان هڪ گاڏي ۾ ويهاري کڻي ويا. ڪافي دير بعد انهن اهلڪارن جي واسطيدارن کي اطلاع ڏنو ويو ته اهي اغوا ٿي ويا آهن. + + +بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراه اختر مينگل چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت اسان جي اعلانيل لانگ مارچ کي روڪي سخت قدم کڻڻ تي مجبور ڪري رهي آهي. ياد رهي ته اختر مينگل کي سندس ذاتي رهائشگاه ۾ نظربند ڪيو ويو آهي. +بي بي سي سان ڳالهائيندي اختر مينگل وڌيڪ چيو ته پهاڙن تي وڙهندڙ بلوچن لاءِ حڪومت چوي ٿي ته اها تخريب ڪاري آهي اسان جڏهن جمهوري طريقي سان جدوجهد شروع ڪري رهيا آهيون ته رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن خبر نه آهي ٽيون ڪهڙو طريقو آهي جنهن جي ٻولي حڪومت کي سمجهه ۾ ايندي. +اختر مينگل جو چوڻ هو ته گوادر ويندڙ سمورن رستن تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي بيهاريو ويو آهي ۽ ٻئي طرف اسان جي سوين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت جمهوري احتجاج کي غير آئيني طريقي سان روڪي رهي آهي. + + +لاهور هاءِ ڪورٽ 12 ساله مولي عرف مصباح ارم کي پنهنجي ماءُ جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اهڙو فيصلو مولي جي ماءَ جي اپيل تي ڪيو ويو. +لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج ميان ثاقب نثار پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته مصباح ارم کي برٽش هاءِ ڪميشن جي عورت اهلڪارن جي حوالي ڪيو ويندو جيڪي ڇوڪري کي ستن ڏينهن اندر اسڪاٽلينڊ موڪلڻ جو بندوبست ڪندا. + + +متحده مجلس عمل جون عورت اسيمبلي ميمبر حدود ترميمي بل المعروف عورت تحفظ بل خلاف احتجاجي طور استعيفائون نه ڏينديون. اهڙي پڌرائي جي يو آءِ (ف) جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات مولانا امجد خان ڪئي. +مولانا جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهڙو فيصلو ايم ايم اي جي سپريم ڪائونسل جي رضامندي سان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايم ايم اي استعيفائن واري فيصلي تي قائم آهي جڏهن ته پ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) استعيفائون نه ڏيڻ جي صلاح ڏني آهي. +مولانا امجد چيو ته استعيفائن بابت بحث 4 ڊسمبر واري گڏجاڻي ۾ ڪيو ويندو. سينيٽ جون عورت ميمبر پڻ سينيٽ تان استعيفائون نه ڏينديون. + + +شڪارپور چڪ ڀرسان هٿياربندن هڪ ڳوٺ عبدو ۾ چار عورتن کي ڪاريون هجڻ جي الزام تحت بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. پوليس ڇوڪرين جي مامي سميت 16 ماڻهن تي ڪيس داخل ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. +پوليس ذريعن مطابق جوابدارن ايوب مهر جي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ ايوب مهر جون ٽي ڌيئرون 17 ساله نسيم، 33 ساله صفيه، 40 ساله شهزادي ۽ سندس پٽ جي زال مارجي ويون. پوليس مطابق ڇوڪريون سکر ۾ ڪنهن مائٽ وٽ ويون هيون جنهن تي سندن مامي ناراضگي جو اظهار ڪندي انهن کي ڪاريون قرار ڏنو هو. +مارجي ويل ڀيڻن جي ڀاءَ گلبهار جو چوڻ آهي ته سندس ڀيڻن کي ڪوڙي الزام تحت قتل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهڙي شڪايت سردار وٽ ڪئي وئي هئي جنهن يقين ڏياريو هو ته ڇوڪرين کي ڪجهه نه ٿيندو. + + +پاڪستان، افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي ان بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان نيٽو پرڏيهي وزيرن کي ائين چيو هو ته طالبان کي افغان حڪومت ۾ شامل ڪيو وڃي. +پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم ان بيان کي رد ڪندي وڌيڪ چيو ته پاڪستان اهڙي ڪابه تجويز نه ڏني آهي. هن ان ڳالهه کي به رد ڪيو ته پاڪستان افغانستان جي اندروني معاملن ۾ دخل اندازي ڪري رهيو آهي. + + +ايمنيسٽي انٽرنيشنل چيو آهي ته پاڪستان جي خفيه ايجنسين ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتاري بعد گم ڪري ڇڏيو آهي. انساني حقن جي تنظيمن مطابق 2002ع کان هن وقت تائين اهڙا 400 خفيه ڪيس ظاهر ٿيا آهن. +پاڪستان جي سپريم ڪورٽ وزارت داخله کي حڪم ڏنو آهي ته 41 گم ٿيل باندين کي ظاهر ڪيو وڃي. +پاڪستان اندر خفيه ايجنسين جي باري ۾ شڪايتون وڌي رهيون هيون ته اهي سياسي مخالفن کي گرفتاري بعد گم ڪري ڇڏين ٿيون انهن ۾ اهڙا ماڻهو پڻ شامل آهن جيڪي فوجي حڪومت جي مخالفت ڪري رهيا هئا. +هڪ عورت شمس النساء جو چوڻ هو ته مون پنهنجي پٽ کي 25 جون 2004ع کان پوءِ نه ڏٺو آهي. اهڙي ئي هڪ عورت زينب خاتون 2005ع کان پنهنجي پٽ کي ڳولي رهي آهي ان جو چوڻ آهي ته مان مشرف جي موت جون دعائون ڪندي آهيان ڇاڪاڻ ته هن مون جيان ٻين مائرن کي پنهنجي پٽن کان جدا ڪيو آهي. جيڪڏهن مونکي بم هٿ اچي وڃي ته شايد مشرف کي ماري ڇڏيان. +ذريعن مطابق پاڪستان جي خفيه ايجنسي آءِ ايس آءِ ڪنهن به سول قانون تي نٿي هلي. انهن 1990ع ۾ طالبان کي افغانستان ۾ هٿي ڏني هئي ۽ اها اڃا تائين طالبان جي مدد ڪري رهي آهي. +ٻئي طرف پاڪستاني قانون موجب ڪورٽ جي اجازت کان سواءِ ڪنهن کي به تحويل ۾ نٿو وٺي سگهجي. پر خفيه ايجنسيون ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ وٺنديون رهن ٿيون. +پاڪستان رائٽس ڪميشن جي آءِ اي رحمان جو چوڻ آهي ته معاملو هاڻ ڪورٽ ۾ آهي ڏسجي ته ڪورٽ پنهنجي رٽ قائم رکي ٿو يا خفيه ايجنسيون ڪورٽ کي به شڪست ڏيئي وينديون. + + +پنجاب اختيارين پاڪستان جي اڀرندي علائقن ۾ عورت تحفظ بل خلاف ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. قاضي حسين احمد جي سربراهي ۾ هڪ ريلي لاهور کان گجرات تائين رٿيل هئي. +ذريعن موجب پنجاب حڪومت ان ريلي کي روڪڻ لاءِ پابندي مڙهي ڇڏي آهي. ايم ايم اي جي اڳواڻ منور حسن چيو آهي ته اسان جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. +ٻئي طرف چوڌري شجاعت ايم ايم اي کي رٿيل ريلي ملتوي ڪرڻ ۽ کين ڳالهين جي ميز تي اچڻ جي صلاح ڏني آهي. +ريلي کي پوليس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ان دوران ڪجهه علائقن ۾ چڪريون پڻ ٿيون ۽ ڪجهه وقت لاءِ قاضي حسين احمد کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو. بعد ۾ قاضي حسين احمد چيو آهي ته حڪومت جي ڪوششن باوجود ريلي ڪامياب ٿي آهي. + + +پاڪستان افغان بارڊر ڀرسان قبائلي علائقن ۾ طالبان جون سرگرميون جاري آهن. افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت آمريڪين هٿان ختم ٿيڻ بعد ملا احسان الله جي سربراهي ۾ سکيا ڪيمپون هلي رهيون آهن. +ذريعن موجب ملا احسان طالبان حڪومت ۾ خفيه ايجنسيءَ ۾ هو جيڪو هاڻ پاڪستان جي اترئين علائقن ۾ گوريلن کي سکيا ڏياري رهيو آهي. +ملا احسان چيو آهي ته ڀرتيون ۽ سکيا جاري آهي نئين ٽهي کي خودڪش حملن بابت پڻ سکيا ڏني پئي وڃي. اهڙي سکيا جي ڪري افغانستان ۾ هر مهيني تقريبن 600 حملا ڪيا ويندا آهن. +هن چيو ته افغانستان ۾ طالبان ويڙهاڪ ڳوٺاڻن کي ڏوهاري ٽولن کان بچائي رهيا آهن. آمريڪي فوجن جي بمباري سان ويڙهاڪن سميت عام شهرين کي پڻ ماريو ويو آهي جنهنڪري اسان لاءِ همدردي پيدا ٿي آهي. +ٻئي طرف پوليس ذريعن جو پڻ اهو ئي چوڻ آهي ته ڪيترن ئي افغاني علائقن ۾ ڏوهاري ٽولن کي پوليس تحفظ مهيا ڪري رهي آهي، ڊرگ مافيه جا تعلقات افغان سرڪار جي بالا اختيارين تائين آهن. + + +پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مخدوم امين فهيم چيو آهي ته صدر مشرف جي نگراني ۾ ايندڙ عام چونڊون پ پ پ لاءِ قابل قبول هونديون. +صحافين سان ڳالهائيندي مخدوم امين فهيم وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومت غيرجانبدار ۽ شفاف چونڊون ڪرايون ته پ پ پ صدر مشرف جي هوندي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار هوندي. +هن جو چوڻ هو ته هڪ آزاد ۽ اڻ ڌري اليڪشن ڪميشن جوڙي وڃي. پ پ پ حڪومتي مسلم ليگ سميت ڪنهن به پارٽي سان ڳالهين لاءِ تيار آهي. + + +فلپائني فوج جي ترجمان دعوا ڪئي آهي ته انهن هڪ جهڙپ دوران 5 ويڙهاڪن کي ماري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن. +ترجمان وڌيڪ چيو ته اها جهڙپ فلپائن جي جزيري نيگروس ۾ ٿي، جتي فوج ۽ نيو پيپلز آرمي جي ويڙهاڪن وچ ۾ هڪ جهڙپ ٿي جنهن ۾ 5 ويڙهاڪ مارجي ويا. ترجمان جو چوڻ هو ته فلپائني فوج کي ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي. سندس دعوا موجب 5 ويڙهاڪن جي مارجي وڃڻ بعد ٻيا ويڙهاڪ موقعي تان فرار ٿي ويا. + + +پيارا دوست ڀلي ڪري آيا! +اسان جون اکيون ٿڌيون، اميد ته سنڌي وڪي اخبار ۾ اسان جي مدد ڪندا. ڇاڪاڻ ته هي پروجيڪٽ اسان سڀني سنڌين لاءِ آهي. خاص طور انهن لاءِ جن کي شڪايت هجي ٿي ته کين ميڊيا تي ڪوريج ڪانه ٿي ملي. پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن جون خبرون هتي پوسٽ ڪريو. + + +پيارا دوست ڀلي ڪري آيا! +اسان جون اکيون ٿڌيون، اميد ته سنڌي وڪي اخبار ۾ اسان جي مدد ڪندا. ڇاڪاڻ ته هي پروجيڪٽ اسان سڀني سنڌين لاءِ آهي. خاص طور انهن لاءِ جن کي شڪايت هجي ٿي ته کين ميڊيا تي ڪوريج ڪانه ٿي ملي. پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن جون خبرون هتي پوسٽ ڪريو. + + +ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي سابق ڪپتان سارو گنگولي چيو آهي ته هو ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ سليڪٽ ٿيڻ ته خوش آهي. سليڪٽر دليپ وينگسارڪر طرفان نالن جي اعلان بعد گنگولي هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. +گنگولي مسلسل ناڪامي سبب ٽيم کان ٻاهر ٿيل هو ۽ هاڻ سندس نالو ڏکڻ آفريڪا خلاف ٿيندڙ ٽيسٽ سيريز لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. +گنگولي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڏکڻ آفريڪا سان ٽيسٽ سندس لاءِ پڻ چيلينج جي حيثيت رکي ٿو ۽ مان حالتن مطابق بهتر راند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. + + +ڀارتي ڪشمير ۾ فوج ۽ ويڙهاڪ وچ ۾ ٿيل جهڙپ دوران ٽي ويڙهاڪ مارجي ويا جڏهن ته ٻه ڀارتي فوجي زخمي ٿي پيا. +ذريعن مطابق اها جهڙپ اڌمپور جي جهنگ ۾ ٿي، جهڙپ بعد ڀارتي فوج طرفان ٻيلي ۾ موجود ٻين ويڙهاڪن جي تلاش شروع ڪري ڇڏي. +ٻئي طرف بارامولا ۾ هڪ ڌماڪي سبب ٻه ڀارتي فوجي زخمي ٿي پيا ڌماڪي جو شڪ حزب الله تي ظاهر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب حزب الله ڌماڪي جي ذميواري قبولي ورتي آهي. + + +عراق ۾ ٻن مختلف واقعن ۾ ٻه آمريڪي فوجي مارجي ويا جڏهن ته باقوبا مان هڪ اجتمائي قبر مان 28 ماڻهن جا لاش لڌا ويا آهن. +ذريعن موجب بغداد جي علائقي ۾ فوجي آپريشن دوران هڪ آمريڪي فوجي مارجي ويو. فوجي ذريعن مطابق ان کان اڳ انبار صوبي ۾ پڻ هڪ آمريڪي فوجي مارجي ويو هو. هن مهيني مارجي ويل آمريڪي فوجين جو تعداد 29 ٿي ويو آهي. +ٻئي طرف آمريڪي ۽ عراقي فوجين باقوبا مان اڻ ڄاتل ماڻهن جي اجتمائي قبر پڻ لڌي جنهن ۾ 28 لاش پوريل هئا. اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته انهن ماڻهن کي ڪڏهن ماريو ويو. + + +آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش ۽ عراقي وزيراعظم نوري المالڪي وچ ۾ ملاقات ٿي گذري جنهن ۾ ٻئي اڳواڻ ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته عراق کي نه ورهايو ويندو. +اردن ۾ ملاقات دوران اهم ڳالهين بعد عراق کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ واري تجويز کي متفقه طور رد ڪيو ويو آهي. ان ڳالهه جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن عراق کي ورهايو ويو ته تشدد وڌي سگهي ٿو. +شيعه اڳواڻ مقتدالصدر ان ملاقات جي مخالفت ڪئي هئي، مذڪوره ملاقات ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهي. ملاقات بعد پريس ڪانفرنس دوران بش کي ڪيترن ئي سوالن کي منهن ڏيڻو پيو. بش سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته آمريڪي فوج ان وقت تائين عراق ۾ رهندي جيستائين ان جو مشن مڪمل نٿو ٿي وڃي. + + +پوپ بينيڊڪٽ ترڪي ۾ استنبول جي هڪ تاريخي مسجد جو دورو ڪيو جنهن ۾ هن ٻن منٽن لاءِ خاموش ٿي عبادت پڻ ڪئي. ياد رهي ته هو مسلمانن ۽ عيسائين ۾ ويجهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي. +ذريعن مطابق پوپ مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پنهنجا جوتا لاهيا ۽ اندر وڃي ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪندي عبادت ڪئي. +تاريخ ۾ اهو ٻيون واقعو آهي جو هڪ پوپ مسجد جو دورو ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ پوپ جان پال شام اچڻ وقت دمشق جي هڪ مسجد جو دورو ڪيو هو. +ٻئي طرف خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته پوپ صوفيه ميوزم جو دورو ڪرڻ وقت جيڪڏهن ڪو مذهبي اشارو ڪري وڌو ته نئين تنازعي جو جنم ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته اهو ميوزم اڳ ۾ گرجا هو جنهن کي مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو پوءِ ان کي ميوزم جي صورت ڏني وئي هئي. + + +پاڪستاني سينيٽرن برٽش جي پارليامينٽرين کي صلاح ڏيندي چيو آهي ته طالبان سان امن ڳالهيون ڪيون وڃن. +پاڪستاني سينيٽرن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ واشنگٽن جي غلط پاليسين جي ڪري حالتون وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن. حالتن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ طالبان سان ڳالهيون ڪيون وڃن. برٽش پارليامينٽرين سان ملاقات ڪندڙن ۾ مشاهد حسين پڻ شامل هو. +ان موقعي تي چيو ويو ته افغانستان ۾ سڀني سان امن ڳالهيون نه پيون ڪيون وڃن خاص طور انهن سان جن جي ڪري حالتون خراب ٿي رهيون آهن. مشاهد حسين ان ڳالهه کي رد ڪيو ته پاڪستان حالتن جي سڌاري لاءِ ڪجهه نه پيو ڪري. اصل ۾ افغانستان ۾ موجود نيٽو ۽ اولهه جون فوجون پنهنجي ذميواري ۾ خاميون مڃڻ لاءِ تيار نه آهن. + + +فلپائن ۾ سخت سامونڊي طوفان سبب تقريبن 146 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته سوين ماڻهن جي گم ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن. +ذريعن مطابق طوفان ۽ برسات سبب مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ ڪري 146 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. ٻه ڳوٺ مٽيءَ جي ڇپن هيٺ دٻجي ويا ذريعن مطابق پنج ٻيا ڳوٺ پڻ متاثر ٿيا آهن. +چيو ويو آهي ته سوين ماڻهو اڃا تائين لاپته آهن ۽ امدادي ڪاروائين ۾ پڻ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن تنهنڪري فوتين جي تعداد وڌڻ جو خدشو آهي. + + +پاڪستان ويسٽ انڊيز کان ڪراچي ٽيسٽ 199 رنسن تان کٽي ورتي آهي، محمد يوسف ويسٽ انڊيز جي ويون رچرڊ جو سال ۾ گهڻين رنسن جوڙڻ جو عالمي رڪارڊ پڻ ٽوڙي ڇڏيو. +دانش ڪنيريا سڀ کان وڌيڪ ڪامياب بالر رهيو جنهن 69 رنسن عيوض ٽن کلاڙين کي آئوٽ ڪيو. ميچ جي چوٿين ڏينهن تي محمد يوسف هڪ سال ۾ 9 سينچريون جوڙڻ جو پڻ عالمي رڪارڊ قائم ڪيو ياد رهي ته ويون رچرڊ 30 سال اڳ هڪ سال دوران 8 سينچريون جوڙي عالمي رڪارڊ قائم ڪيو هو. + + +پاڪستاني شهر پشاور جي ڊفينس واري علائقي ۾ هڪ شخص سائيڪل تي هڪ بم کڻي وڃي رهيو هو ته اچتو ڦاٽي پيو جنهن سبب سائيڪل سوار فوت ٿي ويو. +ذريعن مطابق هو اهو بم ڪنهن مجمعي طرف ڦاڙڻ لاءِ کڻي وڃي رهيو هو ته جيئن حملو ڪري سگهجي. چيو ويو آهي ته بم ڦاٽڻ وقت ڀرپاسي ماڻهو موجود نه هجڻ سبب ڪوبه نقصان نه ٿيو آهي. +پوليس جي ذريعن چيو آهي ته اهو خودڪش حملي آور نه هو ڇاڪاڻ ته سندس لاش سلامت آهي. فوتيءَ جي شناخت ٿي چڪي آهي پر پوليس تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. + + +پاڪستان جي صدر جنرل پرويز مشرف قومي اسيمبلي مان پاس ٿيل حدود ترميمي بل المعروف عورت تحفظ بل تي صحيح ڪري ڇڏي آهي هاڻ اهو بل سموري ملڪ جي قانون جو حصو بڻجي چڪو آهي. +ان بل تي متحده مجلس عمل کي سخت اعتراض هو جنهنڪري اهي اسيمبلين تان استعيفائن ڏيڻ جو ڌمڪيون پڻ ڏيندا رهيا آهن. ان بل جي باري ۾ ايم ايم اي جو موقف آهي ته ان ۾ غير اسلامي شقون شامل آهن جڏهن ته حڪومت سندن دعوا کي رد ڪندي رهي آهي. +وفاقي وزير شيرافگن چيو آهي ته صدر جي صحيح بعد اهو بل نئين قانون طور لاڳو ٿي چڪو آهي. ان بل سان عورتن جي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. + + +پاڪستان جي صدر جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته ڪالاباغ سميٽ سمورن منصوبن کي 2015ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. صدر مشرف اها ڳالهه بلوچستان ۾ هائڊرو پاور منصوبن بابت اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي. +هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ سبڪ زئي ڊيم تيار ٿيڻ تي آهي ۽ ايندڙ سال ان منصوبي جو افتتاح ڪيو ويندو. حڪومت 2020ع جي واٽر ويزن پاليسي تي عمل ڪندي 2015ع تائين ڪالاباغ ڊيم سميت سمورا وڏا ڊيم ٺاهيندي. +هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن 2015ع تائين سمورا وڏا ڊيم نه ٺاهيا ويا ته تمام گهڻي دير ٿي ويندي ۽ ملڪ ۾ شديد پاڻيءَ جو بحران پيدا ٿي ويندو. +ياد رهي ته ڪالاباغ ڊيم خلاف پاڪستان جي چئن مان ٽن صوبن هڪ کان وڌيڪ ڀيرا قراردادون پاس ڪيون آهن. + + +بلوچستان جي شهر ڪوئٽا ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراه اختر مينگل جي نظربندي خلاف احتجاجي مظاهري دوران ڪيترين ئي گاڏين کي باه ڏئي ساڙيو ويو، پوليس شيلنگ ڪري ڏني ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو. +ذريعن موجب بي اين پي جي مرڪزي اڳواڻ ساجد ترين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪارڪنن سرياب روڊ بند ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترين ئي گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. بعد ۾ پوليس 33 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو. +اڳواڻن ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته لانگ مارچ اسان جو جمهوري حق آهي حڪومت ڄاڻي واڻي حالتون خراب ڪرڻ چاهي ٿي ۽ سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. +ٻئي طرف بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراه اختر مينگل جي نظربندي خلاف بلوچستان جي ٻين شهرن مان پڻ احتجاج ۽ گرفتارين جا اطلاع آهن. + + +ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني کي وڪرو ڪرڻ خلاف سنڌ نيشنل پارٽي جي سڏ تي سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا ۽ بک هڙتالون ڪيون ويون، ڌرڻن سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ ٽريفڪ ڪجهه وقت لاءِ معطل ٿي وئي. +ذريعن موجب حيدرآباد، دادو، ڄامشورو، ڪوٽڙي، سيوهڻ، ٽنڊو محمد خان، مٽياري، ميهڙ، نوابشاه، خيرپور، ڪوٽڙي ڪبير، ماتلي، لاڙڪاڻي، موري، قمبر، ٽنڊوڄام، ڪراچي، ڀان سعيد آباد، هالا سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪارڪنن احتجاجي جلوس ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا. +مظاهرين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌين جي مليڪيت آهن انهن کي وفاقي سرڪار پاران وڪرو ڪرڻ وارو قدم غير قانوني ۽ غير آئيني آهي. اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته يڪدم اهڙو فيصلو واپس ورتو وڃي. +ٻئي طرف سنڌ نيشنل پارٽي جي سربراه امير ڀنڀري چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران متنازعه منصوبن لاءِ پيسا رکڻ صوبائي اسيمبلين جي فيصلن جي توهين آهي. + + +ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ جي صدر زاهد مخدوم هڪ پريس ريليز ذريعي اعلان ڪيو آهي ته جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر سرڪي جي خفيه ايجنسين هٿان گمشدگي خلاف ورلڊ سنڌي انسٽيٽوٽ هڪ مهم جو آغاز ڪيو آهي ته جيئن صفدر سرڪي کي بازياب ڪرائي سگهجي. +پريس ريليز مطابق ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ آصف بالادي کي ڪميونٽي هيومن رائٽس ايوارڊ لاءِ نامزد پڻ ڪيو ويو آهي جيڪو 8 ڊسمبر تي هڪ تقريب ذريعي ڏنو ويندو. +پريس ريليز ۾ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي حوالي سان وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستاني خفيه ايجنسيون سنڌ ۽ بل��چستان جي قومپرست اڳواڻن کي اغوا بعد گم ڪري ڇڏين ٿيون. +* پريس ريليز ”ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ“ + + +نيٽو فوج جي ذريعن دعوا ڪئي آهي ته افغانستان جي هيلمند صوبي ۾ نيٽو ۽ افغان فوج جي گڏيل آپريشن دوران 10 طالبان مارجي ويا آهن جڏهن ته ٻن طالبان ڪمانڊرن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. +ذريعن مطابق هيلمند صوبي ۾ هڪ ڇتي ويڙهه کان پوءِ 10 طالبان کي ماريو ويو ۽ ٻن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته هڪ نيٽو فوجي معمولي زخمي پڻ ٿيو آهي. +نيٽو فوج جي ذريعن ٻن گرفتار ڪمانڊرن بابت تفصيل جاري نه ڪيا آهن. تازي آپريشن دوران ڌماڪيدار مواد، راڪيٽ ۽ گرنيڊ هٿ ڪرڻ جي دعوا پڻ ڪئي وئي آهي. +ذريعن مطابق ٻئي طرف پوليس سان جهڙپن دوران ڪجهه شڪي طالبان ويڙهاڪن جي مارجي وڃڻ جا اطلاع پڻ آهن. + + +لبنان جي وزيراعظم کي هٽائڻ لاءِ حزب الله طرفان بيروت ۾ لکين ماڻهن جو احتجاجي مظاهرو ٿيو آهي. مظاهرين جو مطالبو هو ته لبنان جو وزيراعظم فوري طور مستعفي ٿي وڃي. +ذريعن مطابق لکين ماڻهو احتجاج دوران بيروت جي رستن تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ٻئي طرف لبناني وزيراعظم فواد سنيورا جو چوڻ آهي ته هو پارليامينٽ جي حمايت سان وزيراعظم ٿيو آهي ۽ جيستائين پارليامينٽ جي حمايت حاصل هوندي ان وقت تائين هو مستعفي نه ٿيندو. +ان باري ۾ آمريڪا جو چوڻ آهي ته ايران ۽ شام جون حڪومتون لبناني حڪومت کي ڪيرائڻ چاهين ٿيون. +ان لکين ماڻهن واري مظاهري جي اڳواڻي حزب الله اڳواڻ ۽ فوج جو سابق جنرل مشل آئيون ڪري رهيو هو. ان مطالبو ڪيو ته موجوده حڪومت کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي قومي حڪومت تشڪيل ڏني وڃي. + + +سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ تي سنڌ ۽ بلوچستان متفق ٿي چڪا آهن پر پنجاب ۽ سرحد کي اختلاف آهن. +صحت بابت اجلاس دوران هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت ۾ هڪٻئي جي اختلافن لاءِ سهپ وارو رويو هجڻ گهرجي. حزب مخالف کي هارايل اليڪشنن جا نتيجا قبولڻ جو رواج وجهڻ گهرجي جيئن انهن ضمني چونڊن دوران کٽڻ وقت نتيجا قبول ڪيا آهن. +ارباب رحيم وڌيڪ چيو ته ضلعي جي سڀني اسپتالن کي اپ گريڊ ڪيو ويندو ۽ ڊاڪٽرن جي مقرري پڻ ميرٽ جي بنيادن ڪئي ويندي. + + +افغان پارليامينٽ پنهنجي تازي اجلاس ۾ پاڪستاني پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوري جي ان صلاح جي مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته طالبان کي افغان حڪومت جو حصو بڻايو وڃي. +ذريعن موجب افغان پارليامينٽ جو اجلاس اسپيڪر محمد يوسف قانوني جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ قصوري جي اهڙي صلاح جي مذمت ڪئي وئي. ٻئي طرف پاڪستان قصوري جي حوالي سان ڇپيل اهڙي بيان کي رد ڪندي ترديد ڪئي هئي ته اهڙي صلاح نه ڏني وئي آهي. +افغان اسيمبلي قصوري جي بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي. + + +صحت جي عالمي اداري پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۾ تقريبن 80 هزار ماڻهو ايڊز جهڙي موذي مرض جو شڪار آهن. ٻئي طرف پاڪستان جي صحت وزارت صرف ٽي هزار مريض هجڻ جي دعويدار آهي. +ذريعن موجب صحت وزارت کي ڪروڙين رپيا فنڊ فراهم ڪيا ويا آهن پر اهي پنهنجي ذميوارين کان نابري واريندي رڳو گڏجاڻين، سيمينارن ۽ ميوزيڪل شوز ڪرڻ ۾ پورا آهن. +پهرين ڊسمبر ايڊز بابت جاڳرتا جو عالمي ڏينهن هو پر اسلام آباد طرفان ان ڏينهن تي ڪوبه پروگرام رٿيل نه هو. اداري جي رپورٽ مطابق دنيا ۾ ايڊز جي مريضن جو تعداد 4 ڪروڙ تائين پهچي ويو آهي. + + +گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان سيڪيورٽي ڪائونسل کي هڪ خط ذريعي چيو آهي ته شام کان لبنان طرف هٿيار اسمگل ٿي رهيا آهن. +ذريعن موجب هن پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته گڏيل قومن جي ماهرن کي اها ڳالهه نظر آئي آهي ته لبنان جي شام سان ڳنڍيل ايئرپورٽ، سامونڊي پورٽس ۽ ٻين داخلا ذريعن وٽان شام مان لبنان ۾ هٿيارن جي اسمگلنگ ٿي رهي آهي. +عنان وڌيڪ چيو آهي ته لبنان هٿيارن جي اهڙي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي. اسمگلنگ جي باري ۾ مسلسل اهڙيون رپورٽون ملي رهيون آهن پر ان ڳالهه جي خاطري اڃا نه ٿي سگهي آهي. +ڪوفي عنان جو چوڻ هو ته لبنان جي ان سلسلي ۾ مدد ڪئي ويندي ته جيئن هو ان مسئلي کي منهن ڏئي سگهي. + + +عراق پوليس جي ذريعن مطابق عراق ۾ لاڳيتن ٽن ڪار بم ڌماڪن سبب 50 ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته 80 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. +بغداد جي مصروف بازار ۾ ٽي ڪار بم ڌماڪا ٿيا اهي ڌماڪا شيعه اڪثريتي علائقي ۾ ٿيا جيڪي 100 ميٽرن جي مفاصلي تي نصب ٿيل هئا ۽ هڪ ئي وقت ڦاٽي پيا. ڌماڪن وقت اتي عورتن جي اڪثريت موجود هئي. +اهي ڌماڪا ان وقت ٿيا آهن جڏهن باقوبا مان آمريڪي ۽ عراقي فوج جي گڏيل آپريشن ذريعي 30 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. + + +پاڪستاني صدر پرويز مشرف چيو آهي ته ڀارت جيڪڏهن اسان جي ڏنل امن تجويزن کي قبول ڪري ته ڪشمير تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهيون. +ڀارتي چينل اين ڊي ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽريو ۾ صدر مشرف ان سلسلي ۾ خطي مان فوجن جي واپسي ۽ ڪشمير جي عوام جي حڪمراني جي تجويز پڻ ڏني. +ان پيشڪش جي جواب ۾ ڀارت چيو آهي ته سندس مطلب اهو آهي ته ڪشمير جو نقشو نٿو مٽائي سگهجي پر سرحد کي بي مطلب ڪري ڇڏجي. +ٻئي طرف سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته صدر مشرف اهڙي تجويز ڏئي ثابت ڪيو آهي ته هو انتهائي قسم جي پيش رفت لاءِ پڻ تيار آهي. + + +صوبي سرحد جي وڏي وزير چيو آهي ته ڌماڪيدار مواد رکندي گرفتار ٿيل همراه انٽيليجينس بيورو جو ملازم آهي. جنهن کي بعد ۾ ڳجهي ايجنسي جي هڪ عملدار مذڪور ڇڏائي ورتو. +پشاور ۾ سرحد جي وڏي وزير جي سيڪريٽريٽ ٻاهران حفاظتي عملي هڪ جوابدار کي سوگهو ڪيو جنهن وٽ هڪ خطرناڪ بم موجود هو. +وڏي وزير چيو ته ان همراه کي پوليس جي حوالي ڪيو ويو ته کيس ڇڏايو ويو آهي. +وڏي وزير جو چوڻ هو ته ان حالت ٿيڻ کان پوءِ پوليس آءِ بي جي آفيس تي ڇاپو هنيو جتي جوائنٽ ڊائريڪٽر ۽ اهلڪار ٻئي ڄڻا غائب هئا ۽ ڌماڪيدار مواد پڻ پاڻ سان گڏ کڻي ويا. + + +اينٽي ڊوپنگ اپيل ڪاميٽي پاڪستاني فاسٽ بالر تي لڳل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ کين وارننگ ڏني وئي آهي ته هو اڳتي اهڙيون دوائون نه واپرائيندا. +فيصلي جو اعلان هڪ پريس ڪانفرنس ذريعي اپيل ڪاميٽي جي سربراه جسٽس رٽائرڊ فخرالدين جي ابراهيم ڪيو. +ٻنهي فاسٽ بالرن تي ممنوعه دوائن جي استعمال جي ڏوهه ثابت ٿيڻ سبب سندن ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي. + + +متحده قومي مومينٽ جي سربراه الطاف حسين چيو آهي ته جيڪڏهن پنجاب ۾ اسان جي ڪارڪنن کي ڪجهه ٿيو ته پوءِ اسان به چوڙيون ناهن پاتيون پوءِ اهي ماڻهو ڪراچي ۾ داخل به نٿي سگهندا. +ايم ڪيو ايم حڪمران ليگ جي خلاف ٽن صوبن ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو هو. اسلام آباد ۽ ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف حصن مان مليل اطلاعن موجب ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن احتجاجي ريليون ڪڍيون ۽ ڌرڻا هنيا. +ٻئي طرف اهي به اطلاع آهن ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. متحده جي آفيسن تي ڇاپا هڻي ڪيتر��ئي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن. + + +آمريڪي خلائي اداري ناسا چنڊ تي خلا جي کوجنا لاءِ مستقل بيس جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جيڪو 2020ع تائين مڪمل ٿي ويندو. جڏهن ته انسانن جي چنڊ تي رهائش 2024ع ڌاري ٿي سگهندي. +ناسا جي چيف جو چوڻ هو ته چنڊ تي اهڙي قسم جي سائٽ جي چونڊ ٿي چڪي آهي جيڪا ڏکڻ پول هوندي ڇاڪاڻ ته ان سائٽ جي حالت وڌيڪ محفوظ آهي. + + +بغداد ڀرسان هڪ بم ڌماڪي ۾ 16 عراقي مارجي ويا جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي پڻ ٿي پيا. ٻئي طرف هڪ آمريڪي فوجي جي مارجڻ جا اطلاع پڻ آهن. +ڊسمبر مهيني ۾ مارجي ويل آمريڪي فوجين جو تعداد 17 ٿي ويو آهي. بغداد ڀرسان ٿيل ڌماڪي جي زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي. + + +ڏاکڻي افغانستان ۾ هڪ خودڪش بم حملي ۾ ٻه آمريڪي ۽ چار افغاني مارجي ويا آهن جڏهن ته ٽي ٻيا همراه پڻ زخمي ٿي پيا. +افغاني سرڪاري ذريعن مطابق هڪ خودڪش حمله آور اوچتو ظاهر ٿي ڌماڪو ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٻه آمريڪي ۽ چار افغاني سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا. +چيو ويو آهي ته ڪنڌار ۾ گذريل نون ڏهاڙن دوران اهو ڇهون حملو آهي، تقريبن چار هزار ماڻهو هن سال ۾ مارجي ويا آهن. + + +موسا قلعا ۾ سيز فائر کان هڪ مهينو پوءِ نيٽو فوج ۽ طالبان وچ ۾ ڇتي ويڙهه سبب 80 طالبان مارڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. +مقامي سرڪاري ذريعن مطابق طالبان نيٽو جي هڪ ڪانوائي تي حملو ڪري ڏنو جنهنڪري امن معاهدي جي ڀڃڪڙي پڻ ٿي وئي. ان موقعي تي نيٽو هوائي مدد پڻ گهري ورتي ۽ جتي طالبان پوزيشنون سنڀاليو ويٺا هئا اتي بمباري ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 70 کان وڌيڪ طالبان مارجي ويا. +ذريعن مطابق نيٽو جي ڪنهن به فوجي کي ڪوبه نقصان نه پهتو آهي. ياد رهي ته ان علائقي ۾ هڪ معاهدي تحت نيٽو فوجون واپس هليون ويون هيون. + + +جميعت علماء اسلام اسيمبلين تان استعيفائن وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي. جي يو آءِ اعلان ڪيو آهي ته عورت تحفظ بل خلاف استعيفائن بجاءِ حڪومت خلاف ملڪ گير تحريڪ هلائي ويندي. +ذريعن مطابق اهڙو فيصلو جي يو آءِ جي مرڪزي اجلاس ۾ ڪيو ويو. جي يو آءِ جي مرڪزي اڳواڻ مولانا امجد مطابق اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته استعيفائون نه ڏنيون وينديون. + + +پاڪستان جي صدر جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته ايندڙ چونڊون بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف کان سواءِ ٿينديون، هن اها ڳالهه هڪ چينل کي انٽريو دوران چئي آهي. +ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي صدر مشرف جي اهڙي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پ پ جي اڳواڻ فرحت الله بابر چيو آهي ته اهڙي اليڪشن جو مقصد عوام کان سندن راءِ جو حق کسڻ جي برابر آهي. +پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اعتدال پسند پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ غيرجانبدار ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿين. + + +متحده قومي مومينٽ ڀارت جي ريلوي وزير لالو پرساد يادو کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني آهي، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم هن جي استقبال لاءِ هڪ ريلي جو اهتمام پڻ ڪندي. +ايم ڪيو ايم جي ڳواڻ فاروق ستار پڌرو ڪيو آهي ته لالو پرساد يادو کي اهڙي دعوت ڏني وئي آهي. هن جي اچڻ جي صورت ۾ اورنگي واري علائقي مان ريلي جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو جتي بهارين جي اڪثريت آهي. + + +پاڪستاني پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوري افغانستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي وڃي رهيو آهي جتي هو افغانستان جي سرڪاري عملدارن سان سيڪيورٽي ۽ ٻه طرفه دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪندو. +ذريعن مطابق پهريان اهو دورو ٽن ڏينهن جو رٿيل هو هاڻ ان کي تبديل ڪري ٻن ڏي��هن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. +ڳالهين جو اهم موضوع افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ موجود بارڊر واري علائقي ۾ امن جي بحالي هوندو. قصوري جي افغانستان جي پرڏيهي وزير سان پڻ ملاقات رٿيل آهي. + + +افغانستان جي صدر حامد ڪارزئي چيو آهي ته پاڪستاني علائقن مان ٿيندڙ دهشتگرد ڪاروائين مان ڦاسي ويا آهيون، هن اها ڳالهه پاڪستاني پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوري سان ملاقات دوران چئي. +ذريعن مطابق هن وڌيڪ چيو ته افغانستان پاڪستان سان بهتر تعلقاتن جو خواهشمند آهي پر ان لاءِ وڏي رڪاوٽ پاڪستاني علائقن مان افغانستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪاروائيون آهن. +ياد رهي ته نيٽو فوج ۽ افغان سرڪار افغانستان ۾ وڌندڙ طالبان ڪاروائين لاءِ پاڪستان کي ذميوار مڃين ٿا جڏهن ته پاڪستان ان الزام کان انڪار ڪندو رهيو آهي. + + +قصوري خميس ڏهاڙي جيئن افغانستان جي دوري جي شروعات ڪئي ته ٻئي طرف افغانستان ۾ طالبان جي هڪ خودڪش حملي ۾ ٻه افغاني شهري مارجي ويا جڏهن ته 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا. +ذريعن مطابق قصوري افغاني پرڏيهي وزير ۽ افغان صدر حامد ڪارزئي سان ملاقاتون پڻ ڪيون جنهن ۾ افغان صدر چيو آهي ته پاڪستاني علائقن مان ٿيندڙ دهشتگرد ڪاروائين مان ڦاسي ويا آهيون. + + +سرحد ۾ هڪ بس جي کاهيءَ ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ چار فوجين سوڌو ويهه ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. اها بس راولپنڊي کان اتر جي علائقي استور وڃي رهي هئي. +سرڪاري ذريعن مطابق حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو جنهنڪري بس ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کاهيءَ ۾ وڃي ڪري. +ذريعن مطابق امدادي ڪاروائيون جاري آهن چوڏنهن لاشن کي کاهيءَ مان ڪڍيو ويو آهي. وڌيڪ لاشن کي ڪڍڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر گهرايو ويو آهي. + + +عراق ۾ آمريڪي فوج جي دعوا مطابق ويهه ويڙهاڪن کي ماريو ويو آهي جڏهن ته برطانيه جي نيوز ايجنسي رائٽر مطابق مارجي ويلن ۾ ڇهه ٻار ۽ چار عورتون شامل آهن. +آمريڪي فوجي ذريعن مطابق عراق جي ٿرٿر واري علائقي ۾ فوجي قافلي تي حملو ڪيو ويو جنهن بعد هوائي فوج ان علائقي تي بمباري ڪري ڏني جنهن ۾ القائده جا ويهه ويڙهاڪ مارجي ويا. +عراقي پوليس جي ذريعن مطابق بغداد کان نوي ڪلوميٽر پري اساقي ۾ آمريڪي هوائي حملي جي نتيجي ۾ 32 ماڻهو مارجي ويا. شهر جي ميئر مطابق اتي ٻن گهرن کي نشانو بڻايو ويو. + + +آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل ايٽمي معاهدي کي قانوني تحفظ ڏيڻ لاءِ آمريڪي ڪانگريس جا مذاڪراتڪار متفق ٿي ويا آهن، جنهن مطابق ڀارت غير دفائي مقصدن لاءِ ايٽمي ٻارڻ گهرائي سگهندو. +ان بل جي منظوري لاءِ بل جو آمريڪا جي ٻنهي ايوانن مان پاس ٿيڻ ضروري آهي. ياد رهي ته آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل ان ايٽمي معاهدي تحت ڀارت کي آمريڪي ايٽمي ٽيڪنالاجي حاصل ٿي ويندي جڏهن ته آمريڪي ماهرن کي ڀارت جي ري ايڪٽرن جي چڪاس جي اجازت هوندي. + + +وڪرو ڪيل ڪراچي جي ٻيٽن تي تعميراتي ڪم جو آغاز ٿي چڪو آهي ان سلسلي ۾ ٽريڪٽر ۽ بلڊوزر وغيره ٻيٽن تي پهچايا ويا آهن. ٻيٽن جي ماهيگيرن کي ٻن ڏينهن اندر ٻيٽ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. +ياد رهي ته وفاقي حڪومت ڪراچي ڀرسان موجود ٻن ٻيٽن ڀنڊار ۽ ڏنگي کي عرب امارات جي هڪ ڪمپني کي سنڌين جي ڀرپور احتجاج باوجود وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. +ان منصوبي کي ڊائمنڊ سٽي جو نالو ڏنو ويو آهي. ٻارنهن هزار ايڪڙ تي مشتمل ان رهائشي اسڪيم ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي جا پندرهن سيڪڙو شيئرز هوندا. +سنڌي اخبار عوامي آواز طرفان ڪرايل سروي ۾ رسول بخش پليجي چيو ته سرڪار ۽ ان جو اتحادي ٽ��لو سنڌ جي ٻيٽن کي نيلام ڪري صدين کان رهندڙ ماڻهن کي زبردستي لڏائي رهيو آهي. +ٻئي طرف ٻيٽن جي رهواسين چيو آهي ته ٺيڪيدارن اسان جون پنجاهه جهڳيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون آهن. اهي به اطلاع آهن ته پاڪستان جي وردي پوش ۽ سادن ڪپڙن پاتل اهلڪارن زوري ڳوٺ خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهلڪارن ماڻهن تي تشدد ڪري کين زخمي ڪري ڇڏيو. اطلاع آهن ته ڪاروائي بعد ماڻهن اها رات سيءُ ۾ بنا اجهي جي گذاري. + + +ڪوئٽا ۾ صدر مشرف جي دوري جي ٻئي ڏينهن تي پڻ احتجاجي ڌماڪا ٿيا، اها ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي ته ڌماڪا ڪهڙي هنڌ ٿيا آهن. +ذريعن مطابق اهي ڌماڪا راڪيٽ فائر ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٿيا ڌماڪن سان ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع نه آهن. +ٻئي طرف آزاد بلوچ نالي شخص ٽيليفون تي چيو آهي ته اسان ٻه راڪيٽ فائر ڪيا آهن ۽ بلوچ لبريشن آرمي طرفان ذميواري قبوليون ٿا. + + +پاڪستان پاران وچٿري مار واري حتف 3 غزنوي ميزائل جي ڪامياب تجربي جي دعوا ڪئي وئي آهي. ميزائل جي رينج 290 ڪلوميٽر ٻڌائي وئي آهي. +ذريعن مطابق چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل تنوير محمود احمد، سنئير فوجي آفيسر، سائنسدان ۽ انجنيئر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. +ان موقعي تي چيو ويو ته پاڪستان کي پنهنجي جوهري طاقت تي فخر آهي. ايئر چيف مارشل حصيداري ڪندڙن جي تعريف ڪندي چيو ته گذريل ستن سالن کان انهن لاڳيتي محنت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان بهتر دفاعي پوزيشن ۾ پهچي ويو آهي. + + +ڀارتي پوليس دعوا ڪئي آهي ته انهن ٻه پاڪستاني دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي جن جو تعلق لشڪر طيبه سان هو. +ذريعن مطابق اهو واقعو ڪشمير جي ڊوڊا ضلعي ۾ ٿيو جتي تلاشي دوران انهن دهشتگردن جو پتو پيو. +ٻئي طرف اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته الڳ الڳ واقعن ۾ ٽي ٻيا ويڙهاڪ پڻ مارجي ويا آهن. +ذريعن مطابق دهشتگردن وٽان هڪ اي ڪي رائيفل، هڪ پسٽل، ٻه گرنيڊ ۽ هڪ وائرليس سيٽ پڻ برآمد ڪيا ويا آهن. + + +بنگلاديش ۾ ٿيندڙ عام چونڊن دوران امن امان قائم رکڻ لاءِ ڍاڪه سميت مختلف شهرن ۾ فوج پهچي وئي آهي. +بنگلاديشي وزارت داخله موجب ايندڙ اليڪشن کي نظر ۾ رکندي اهڙو قدم کنيو ويو آهي. اها هدايت عبوري حڪومت جي صدر ايازالدين احمد جاري ڪئي آهي. +ذريعن مطابق صدارتي محل جي آسپاس مظاهرن تي پابندي پڻ وڌي وئي آهي. اها پابندي عوامي ليگ جي مظاهرن کان پوءِ هنئي وئي آهي. ياد رهي ته عوامي ليگ مظاهرا ڪندي رهي آهي ته چونڊون منصفاڻيون ٿيڻ گهرجن، انهن ووٽر لسٽن خلاف پڻ آواز اٿاريو هو. + + +افغانستان جي صدر حامد ڪارزئي چيو آهي ته نيٽو، آمريڪي فوجن ۽ پاڪستان وٽان ايندڙ دهشتگردن کان اسان جا معصوم ٻار به محفوظ نه رهيا آهن. +ذريعن مطابق افغان صدر ڏکاري لهجي ۾ ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان مان ايندڙ دهشتگردن کي روڪي نٿا سگهون ۽ اسان اتحادي فوج جي دهشتگردن خلاف ٿيندڙ حملن کي پڻ نٿا روڪي سگهون جنهن جو نشانو افغانستان جا معصوم ٻار بڻجي رهيا آهن. هن جي ان خطاب کي ٻڌندڙ به پنهنجا لڙڪ نه روڪي سگهيا. +ذريعن مطابق حامد ڪارزئي خطاب دوران وهي آيل پنهنجن لڙڪن کي رومال سان اگهندو رهيو. ٻئي طرف ڪارزئي جي ترجمان چيو آهي ته صدر کي ٻن سالن جي ٻار جي مارجي وڃڻ گهڻو ڏک پهچايو آهي. + + +ڪراچي ڀرسان ٻن ٽرڪن جي ٽڪرجڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتين جو تعلق قاضي احمد جي هڪ مهر ڳوٺ سان ٻڌايو ويو آهي. +فوتي مزدوريءَ لاءِ ڪراچي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. زخمين کي ڳڻتي واري حالت ۾ سول اسپتال ڪراچي پهچايو ويو آهي. +حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن مذڪوره ٽرڪ ناردن بائي باس وٽ پهتي ته سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي. + + +سنڌ ۽ بلوچستان سان لاڳاپيل قومي ڪارڪنن جي پاڪستان جي خفيه ايجنسين هٿان گمشدگيءَ کي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين هڪ سازش قرار ڏئي ڇڏيو آهي. +حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ مظاهري کي خطاب ڪندي سنڌ جي جهوني دانشور محمد ابراهيم جويو چيو آهي ته موجوده حڪمرانن سنڌ کي يرغمال بڻائي ورتو آهي. +ان مظاهري ۾ مختلف اين جي اوز کان علاوه ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ مختلف سياسي ڌرين جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ويو ته رياستي دهشتگردي پنهنجون حدون پار ڪري وئي آهي ان خلاف سخت احتجاج جي ضرورت آهي. مظاهري ۾ عورتن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. + + +پاڪستاني سرڪار جي قبائلي علائقن ۾ مختلف قبيلن سان ٿيل امن سمجهوتن جي ڪري دهشتگردن کي سهولت ملي وئي آهي ۽ اهي آساني سان پاڪستان ۾ پنهنجو اثر وڌائي رهيا آهن. اهڙي رپورٽ انٽرنيشنل ڪرائسس گروپ جي ٿينڪ ٽينڪ طرفان ظاهر ڪئي وئي آهي. +رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 2001ع کان پوءِ افغان بارڊر ڀرسان دهشتگردن جون پناهگاهون جڙي ويون آهن جن خلاف پاڪستان کي سنجيده ڪاروائي ڪرڻ گهرجي. +رپورٽ مطابق وزيرستان جهڙا علائقا القائده وارن جا مرڪز ٿي چڪا آهن جتان افغانستان ۾ موجود اتحادي فوجن تي حملا ڪيا ويندا آهن. پاڪستان جا ست قبائلي علائقا پاڪستاني سرڪار جي رٽ ۾ نه آهن اتان آزاداڻه ڪاروائيون ٿين ٿيون. + + +عراق جي شهر بغداد ۾ ٻن ڪار بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 54 ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. +ذريعن مطابق اهي ٻئي ڌماڪا هڪ ئي وقت ٿيا. ڌماڪن کان پوءِ فائرنگ جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو پر اها ڳالهه واضع نه آهي ته فائرنگ ڪنهن ڪئي. +پوليس ذريعن مطابق هڪ گاڏي کي خودڪش حمله آور پاڻ هلائي رهيو هو جڏهن ته ٻي گاڏي شهر جي مصروف علائقي ۾ بيهاري وئي هئي. ڌماڪن سبب ڏهه گاڏيون پڻ تباه ٿي ويون. + + +افغانستان جي صوبي هلمند ۾ هڪ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ 8 افغاني مارجي ويا آهن، مارجي ويلن ۾ ٻه شهري پڻ شامل هئا. +ذريعن مطابق حملي ۾ ڇهه پوليس اهلڪار ۽ ٻه شهري بم جو نشانو بڻيا جڏهن ته اٺ ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا. +ٻئي طرف طالبان دعوا ڪئي آهي ته اهو حملو انهن ڪيو آهي. ان کان اڳ افغانستان جي اڀرندي علائقي ۾ چار ويڙهاڪ ۽ هڪ ڇوڪري اتحادي فوجن ۽ افغان فوجين جي گڏيل حملي ۾ مارجي ويا هئا. + + +افغانستان جي صدر حامد ڪارزئي پاڪستان تي الزام هنيو آهي ته پاڪستان طالبان جي دهشتگردن کي مدد فراهم ڪري رهيو آهي. جنهنڪري افغانستان ۾ امن جي حاصلات ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. +حامد ڪارزئي چيو ته خطي ۾ امن جو دارومدار افغانستان تي آهي جيڪڏهن افغانستان ۾ حالتون بهتري طرف نه ويون ته اهو سموري خطي لاءِ خراب هوندو. +هن وڌيڪ چيو ته جيڪي افغانستان ۾ دهشتگردي کي همٿائي رهيا آهن انهن سان به ساڳيون حالتون پيش اچي سگهن ٿيون. + + +افغانستان ۾ خودڪش بم حملن ۽ اتحادي فوجن جي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 افغاني مارجي ويا آهن. +مارجي ويل ماڻهن جي باري ۾ ڪي به تفصيل نه ملي سگهيا آهن. افغانستان ۾ تشدد جا اهي مختلف واقعا اڄوڪي ڏينهن ٿيا آهن. + + +طالبان جي ترجمان قاري محمد يوسف بي بي سي کي ٽيليفون ڪري چيو آهي ته پاڪستان هنن لاءِ غيرمحفوظ هنڌ آهي تنهنڪري ان ڳالهه ۾ ڪابه سچائي نه آهي ته طالبان کي پاڪستان جي مدد يا حمايت حاصل آهي. +ياد رهي ته افغان انتظاميه پاڪستان تي طالبان جي مدد جا الزام هڻندي رهي آهي. طالبان ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته طالبان پنهنجي ملڪ ۾ آمريڪين خلاف جهاد ڪري رهيا آهن، پاڪستان سان انهن جو ڪوبه تعلق نه آهي ۽ نه ئي هو انهن جي مدد ڪري رهيا آهن. + + +افغانستان جي صوبي زابل ۾ هڪ خوڪش حملي سبب گهٽ ۾ گهٽ 5 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 28 زخمي ٿي پيا آهن. +ذريعن مطابق اهو حملو زابل صوبي جي شهر قلات ۾ پوليس تي ڪيو ويو. چيو ويو آهي ته ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ چار شهري پڻ شامل آهن. +ٻئي طرف اهي به اطلاع آهن ته افغانستان جي صوبي فرح ۾ پوليس ۽ فوج جي گڏيل ڪاروائي دوران 8 طالبان مارجي ويا آهن. + + +ڀارتي پرڏيهي معاملن واري وزير پرناب مکرجي چيو آهي ته چين ڀارت جي 3800 چورس ڪلوميٽرن تي قبضو ڪيو ويٺو آهي. اهو علائقو چين پاڪستاني ڪشمير جي قبضي واري علائقي ذريعي حاصل ڪيو ويو آهي. +ذريعن مطابق پرناب مکرجي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان کوکراپار موڻاٻائو تان واپار جي حق ۾ راضي نه آهي. + + +پاڪستان جي خفيه ايجنسين هٿان گم ٿيل قومي ڪارڪنن ۽ ڪراچي جي ٻيٽن جي وڪري خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ پاران حيدرآباد ۾ مظاهرو ڪيو ويو. +ان موقعي تي جسقم اڳواڻ شفيع ڪرناڻي چيو ته سنڌي قوم خلاف سازشون رٿيون ويون آهن. سنڌ جا ٻيٽ وفاق پنهنجي ناجائز قبضي هيٺ آندا آهن اسان ان عمل جي مذمت ڪريون ٿا. جسقم اڳواڻ سنڌ حڪومت جي ان معاملي تي خاموشي جي پڻ نندا ڪئي. +سنڌ جي ٻين شهرن مان پڻ اهڙن احتجاجن جا اطلاع آهن جتي پڻ مظاهرا، جلوس ۽ ڌرڻا هنيا ويا آهن. + + +پاڪستان جي سابق وزيراعظم ۽ مسلم ليگ جي سربراه نواز شريف چيو آهي ته پاڪستاني جنرل ملڪ کي تباه ڪري رهيا آهن. +نواز شريف وڌيڪ چيو ته ڀارتي فوج پاڪستان کي ايترو نقصان نه ڏنو آهي جيترو پاڪستاني فوجي جنرلن ڏنو آهي. +مسلم ليگ اڳواڻ ڀارتي فوج ۽ پاڪستاني فوج جي ڀيٽ ڪندي چيو ته ڀارت فخر سان دنيا جي وڏي ۾ وڏي جمهوريت هجڻ جي دعوا ڪندو رهيو آهي. ڀارتي فوج هميشه پنهنجي ملڪ جي دفاعي ڪمن ۾ مشغول رهندي آئي آهي جڏهن ته پاڪستاني جنرل سياست ۾ حصيداري ڪري ملڪ کي تباه ڪري رهيا آهن. + + +پاڪستان جي پرڏيهي وزارت پڌرو ڪيو آهي ته هن سال پاڪستان 500 طالبان کي گرفتار ڪري افغانستان جي حوالي ڪيو آهي. +هن هفتي جي شروعات ۾ افغان صدر حامد ڪارزئي پاڪستان تي الزام مڙهيو هو ته اهي طالبان جي مدد ڪري رهيا آهن، جنهنڪري افغانستان ۾ تشدد جي ڪاروائين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. +ٻئي طرف افغانستان اهو پڻ چوندو رهيو آهي ته پاڪستان جي شهر ڪوئٽا مان افغانستان ۾ ڪاروائيون ٿي رهيون آهن. جڏهن ته پاڪستان جي دعوا مطابق گهڻا طالبان ڪوئٽا مان ئي گرفتار ڪيا ويا آهن. + + +ڀارتي سرڪاري ذريعن موجب بمبئي بم ڌماڪن جي الزام هيٺ گرفتار همراه محمد افضل شيخ دعوا ڪئي آهي ته بمبئي ڌماڪا گجرات ۾ ٿيل فسادن جو جواب هئا. +ذريعن مطابق محمد افضل پوليس کي ٻڌايو آهي ته هو انڊيا جي ماڻهن کي پاڪستان هٿيارن لاءِ موڪليندو رهيو آهي. +ڀارتي دعوا مطابق گرفتار ان همراه قبول ڪيو آهي ته هن ٻه مهينا ڪراچي ۽ مظفر آباد ۾ سکيا حاصل ڪئي آهي. اها سکيا خاص طور بمبئي ريل ڌماڪن لاءِ حاصل ڪئي وئي. +چيو ويو آهي ته افضل وڌيڪ قبوليو آهي ته هو لاهور هٿيارن لاءِ پڻ ويو هو. ان کان پوءِ هو ڪراچي ۽ مظفرآباد خاص سکيا لاءِ روانو ٿيو. + + +ڪراچي ۾ پٺاڻن جي لويا جرڳه طرفان ڪرايل هڙتال دوران ٻه نوجوان مارجي ويا ۽ ست اهلڪارن سميت 10 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. +ذريعن مطابق هڙتال پشتون علائقن کي مسمار ڪرڻ خلاف هئي. اهي فساد پشتون آبادي وارن علائقن ۾ ٿيا جنهن ۾ ست اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا. +هڙتال دوران گاڏين کي باهيون ڏيڻ جا ڪيترائي واقعا ٿيا پوليس جي روڪڻ دوران فائرنگ ٿيڻ جي نتيجي ۾ اهي پرتشدد واقعا ٿيا. +مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ پوءِ رينجرز طلب ڪئي وئي. ڪيترن ئي گاڏين ۽ سرڪاري ملڪيتن کي باهيون ڏئي ساڙيو پڻ ويو. پوليس پنجاه کان مٿي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. + + +پاڪستاني سپريم ڪورٽ سرحد اسيمبلي طرفان پاس ڪيل حسبه بل کي صدر مشرف جي درخواست تي روڪي ورتو آهي. +ذريعن مطابق پنج رڪني بينچ رجسٽرار کي حڪم ڏنو ته چيف سيڪريٽري ذريعي گورنر کي ڄاڻ ڏئي ته ڪورٽ جو فيصلو اچڻ تائين بل تي صحيح نه ڪئي وڃي. +عدالت اهي به حڪم جاري ڪيا ته اهڙي ڄاڻ سرحد اسيمبلي جي اسپيڪر کي پڻ ڏني وڃي. عدالت ان بل جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌڻي جنوري جي ٽئين هفتي ۾ ڪندي. + + +آمريڪي انٽيليجينس چيو آهي ته جڏهن کان پاڪستان اتر وزيرستان جي قبائلين سان امن معاهدو ڪيو آهي ان وقت کان طالبان جون سرگرميون وڌي ويون آهن. +آمريڪي انٽيليجينس جي آفيسر وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان کي اڳي پوءِ ان مسئلي کي حل ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي قبائلي علائقن وٽان افغانستان ۾ القائده ۽ طالبان جون ڪاروائيون وڌي رهيون آهن. +ذريعن مطابق معاهدي کان پوءِ مذڪوره علائقي مان پاڪستاني فوج جي واپسي کان پوءِ قبائلي سردارن امن معاهدي تي عمل نه ڪيو آهي جنهنڪري مسئلا پيدا ٿيا آهن. +آفيسر مطابق پاڪستان ۾ طالبان ۽ القائده جي موجودگي افغانستان توڙي پاڪستان لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي. + + +پنجاب جي ضلعي ڊيره غازي خان جي هڪ ڳوٺ ۾ شادي جي تقريب دوران باه لڳڻ جي واقعي سبب ڪنوار سميت 18 ڄڻا فوت ٿي ويا. +ذريعن مطابق شادي جي تقريب ڊيره غازي خان کان پندرهن ڪلوميٽر پري هڪ ڳوٺ نالي جهوڪ اترا ۾ ٿي رهي هئي. پوليس ذريعن ارڙهن ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي سندن چوڻ مطابق تعداد وڌڻ جو خدشو آهي. +پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته باه هڪ ٽينٽ کان شروع ٿي جتي عورتون ڪنوار سان گڏ ويٺيون هيون. فوتين ۾ 13 عورتون ۽ پنج ٻار شامل آهن. چيو ويو آهي ته باه بجلي جي تارن مان اسپارڪنگ سبب لڳي. زخمين کي طبي امداد لاءِ مقامي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. + + +نواب خير بخش مري خان آف قلات جي سربراهي ۾ ٿيل جرڳي جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ بلوچستان جي خودمختياري لاءِ عالمي عدالت سان رجوع ڪيو ويندو. +نواب خير بخش مري بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هي وقت ان قدم لاءِ انتهائي مناسب آهي جنهنجي ذريعي عالمي سطح تي بلوچ مزاحمت کي اجاگر ڪري سگهبو. +هن وڌيڪ چيو ته هن خطي جي سمورن علائقن ۾ بلوچن جي تحريڪ زور وٺي رهي آهي، هاڻ پڙهيل لکيل نوجوان هن تحريڪ جو حصو بڻجي رهيا آهن. +ياد رهي ته نواب خير بخش مري اسيمبلي سياست کي حقن وٺڻ لاءِ صحيح رستو نٿو سمجهي. هن جو چوڻ آهي ته رياست جي اهڙن ادارن کان جدا ٿي انهن کي مفلوج ڪرڻ جي ضرورت آهي. + + +سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراه جلال محمود شاه چيو آهي ته سنڌ کي مڪمل اختيار کپن، ڪراچي جا ٻيٽ سنڌين جي ملڪيت آهن انهن کي ڪنهن به صورت ۾ کسجڻ نه ڏينداسين. +ڄامشورو ۾ ڪوٺايل پارٽي جي جلسي عام کي خطاب ڪندي جلال شاه وڌيڪ چيو ته اسين پاڪستان کي ٽوڙڻ جي ڳالهه نٿا ڪريون پر سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي. +هن جلسي کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن کي گهرجي ته هو سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهن ۽ انهن کي پنهنجي اڳئين سڃاڻپ ختم ڪرڻ گهرجي. +جلسي ۾ عورتن جي وڏي تعداد پڻ شرڪت ڪئي، جلال محمود شاه پنهنجي خطاب دوران اردو ۾ پڻ ڳالهايو. + + +سرحد صوبي جي شهر بنون ۾ نامعلوم هٿياربندن ڊي آءِ جي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ان حملي ۾ ڊي آءِ جي بنون عابد علي ۽ ان جو ڊرائيور موقعي تي مارجي ويا. +پوليس مطابق واقعو رات دير سان ٿيو هو ان واقعي جي تفتيش ڪري رهيا آهيون ان ڪري وقت کان اڳ ڪجهه نٿو چئي سگهجي. +مرحوم ڊي آءِ جي کي ٻه ڀيرا قائداعظم ميڊل هڪ ڀيرو پاڪستان پوليس ميڊل ملي چڪا هئا. + + +فلسطين ۾ حماس ۽ الفتح وچ ۾ ٻيهر جهڙپون ٿيون آهن جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا ٻه اهلڪار مارجي ويا آهن. ياد رهي ته اهي واقعا عارضي صلح بعد پيش آيا آهن. +ٻئي طرف اهي پڻ اطلاع آهن ته الشفاء اسپتال ڀرسان جهڙپ دوران حماس جو هڪ ڪارڪن مارجي ويو جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. +فلسطيني صدر ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ٻي ڌر ان اعلان کي رد ڪري چڪي آهي. چونڊن جي اعلان بعد حالتون تشويشناڪ ٻڌايون ويون آهن. + + +بلوچستان جي شهر ڊيره بگٽي ۾ سابق بگٽي ڪمانڊر بنگان بگٽي هڪ ڌماڪي ۾ مارجي ويو جڏهن ته هن جا چار ساٿي زخمي ٿي پيا. +ذريعن مطابق بنگان بگٽي اڄ جڏهن ڪوئٽا کان اچي رهيو هو ته واٽ تي هڪ ڌماڪو ٿيو. +ٻئي طرف اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته بلوچستان لبريشن آرمي جي آزاد بلوچ ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪئي آهي. +آزاد بلوچ مطابق بلوچستان جي تحريڪ ۽ ان جي اڳواڻن سان غداري ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو. + + +پاڪستان جي صوبي بلوچستان مان افغان سرحد لڳ ڏهن ماڻهن کي غيرقانوني طور سرحد پار ڪرڻ جي الزام تحت گرفتار ڪيو ويو آهي. +ذريعن مطابق گرفتار ٿيلن ۾ پنچ ليويز اهلڪار پڻ شامل آهن. سرڪاري ذريعن مطابق بلوچستان ليويز جا پنج اهلڪار ۽ ٻيا پنج ماڻهو هڪ ٽرالي تي سوار ٿي سرحد پار ڪري ويا تنهنڪري کين افغان انتظاميه طرفان گرفتار ڪيو ويو. +ٻئي طرف اهي اطلاع پڻ آهن تي ٻنهي ملڪن ۾ سرحد بابت اختلافن جي ڪري اهو واقعو پيش آيو آهي. چيو ويو آهي ته باقائدي سرحد نه هجڻ سبب اهڙا واقعا ٿي ويندا آهن. + + +راولپنڊي جي اذيت خانن ۾ ملڪ جي مختلف حصن مان گرفتار چوڏنهن ماڻهو قيد آهن، اهڙو انڪشاف تازو آزاد ٿيل جمهوري وطن پارٽي جي اڳواڻ سليم بلوچ ڪيو آهي. +سليم بلوچ جو چوڻ آهي ته قيدي اتي تنگ ٿي خودڪشي لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن اهو پڻ انڪشاف ڪيو آهي ته راولپنڊي جي جنهن اذيت خاني ۾ کيس رکيو ويو اتي تصويرون لڳل هيون جنهن مان هڪ تصوير ۾ ڪنهن ماڻهو کي ذبح ڪندي ڏيکاريو ويو هو. +سليم بلوچ قيد ماڻهن جا نالا صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته اهي ماڻهو اڃا تائين انهن اذيت خانن ۾ قيد آهن. +هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته کيس اهو اعتراف ڪرڻ جو چيو ويندو هو ته سندس تعلق بلوچستان لبريشن آرمي سان آهي ۽ ان لاءِ پاڙيسري ملڪ کان پنجاه ڪروڙن جو اسلحو خريد ڪيو ويو آهي. +ياد رهي ته سليم بلوچ کي ڪراچي لياري مان سادن ڪپڙن پاتل اهلڪارن گرفتار ڪيو هو. + + +عراقي پوليس جي ذريعن مطابق بغداد شهر جي مختلف علائقن مان 76 لاش لڌا ويا آهن جن کي گوليون هڻي ماريو ويو. انهن مان اڪثر لاشن جي اکين تي پٽيون ٻڌل هيون. +ميڊيا جي ذريعن مطابق بغداد ۾ روزانه سو کان وڌيڪ ماڻهو مارجي رهيا آهن ۽ تشدد ۾ ڪا به گهٽتائي نه پئي ٿئي. +ٻئي طرف آمريڪا جي صدر جارج بش پهريون ڀيرو اعتراف ڪيو آهي ته کين عراق ۾ اڃا تائين ڪاميابي نه ملي سگهي آهي. + + +نيٽو فوج جي ذريعن دعوا ڪئي آهي ته انهن 50 شڪي طالبان کي ماري ڇڏيو آهي. اهو خاص آپريشن ڏکڻ افغانستان ۾ ٿيو جنهن ۾ افغان فوجين پڻ حصو ورتو. +ذريعن مطابق طالبان جي هڪ وڏي ڳوٺ ۽ ٻن ننڍن ڳوٺن کي ڪليئر ڪيو ويو آهي. اهي ڳالهيون نيٽو جي هڪ ڪمانڊر ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيون. +اهو پڻ چيو ويو آهي ته ڪنهن به نيٽو فوجي يا افغان فوجي کي ڪوبه نقصان نه پهتو آهي. + + +”محمد جي باري ۾ سچ“ نالي هڪ ڪتاب تي پاڪستان ۾ پابندي وڌي وئي آهي ان جون سموريون ڪاپيون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف ليکڪ رابرٽ اسپينسر چيو آهي ته اصل ۾ ڪتاب کي صحيح طور پرکيو ئي نه ويو آهي. +ذريعن مطابق پاڪستان ۾ ڪتاب جون سموريون اصل توڙي ترجمي واريون ڪاپيون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اهو پڻ چيو ويو آهي ته ڪتاب ۾ اعتراض جوڳو مواد شامل آهي. +ٻئي طرف ڪتاب جي ليکڪ چيو آهي ته ڪتاب ۾ بخاري ۽ مسلم جا حوالا شامل آهن، اصل ۾ ڪتاب کي مڪمل پرکڻ کانسواءِ پابندي وڌي وئي آهي. + + +حزب المجاهدين اڳواڻ ۽ متحده جهاد ڪائونسل جي سربراه صلاح الدين چيو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به مونکي ڀارت جي حوالي نه ڪندو. +صلاح الدين جيو ٽي وي سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو آهي ته کيس يقين آهي ته ڀارت جي حوالي نه ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته هو ڪشمير جو رهواسي آهي ڪو ٻاهريون ماڻهو نه آهي. +هن ڀارت تي الزام لڳائيندي چيو ته ڀارت پاڪستان جي تجويزن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهيو آهي. هن ڀارت سان سيز فائر مڪمل رد ڪندي چيو ته جيستائين ڀارت ٽه فريقي ڳالهين لاءِ راضي نه ٿيندو جدوجهد جاري رهندي. + + +عراق جي شهر حديثه ۾ چويهه بيگناه عراقين کي مارڻ جي الزام تحت آمريڪي فوجين تي مقدمو قائم ڪيو ويو آهي. +اهو مقدمو اٺ فوجين تي قائم ڪيو ويو جنهن مان چار ڄڻن تي غيرارادي طور قتل ڪرڻ ۽ چئن ڄڻن طرفان واقعي کي لڪائڻ جي حوالي سان فرد جرم عائد ڪيو ويو آهي. +اهو واقعو نومبر 2005ع ۾ ٿيو هو جڏهن مذڪوره فوجين هٿان عورتن ۽ ٻارن سميت چويهه ماڻهو مارجي ويا هئا. + + +يورپي يونين جي هڪ پارلياماني وفد جي ميمبرن هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف کي پاڪستان واپس ورڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن ايندڙ چونڊون شفاف ٿي سگهن. +دوري جي اختتام تي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي انهن وڌيڪ چيو ته ٻئي اڳواڻ جيڪڏهن اليڪشن ۾ حصو وٺڻ چاهين ٿا ته کين واپس اچڻ ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وڃن. +يورپي يونين وفد جو وڌيڪ چوڻ هو ته هر پارٽي کي اليڪشن ۾ حصيداري جو حق حاصل هجڻ گهرجي ان ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه هجي. ياد رهي ته وفد جي ميمبرن صدر پرويز مشرف، وزيراعظم شوڪت عزيز سميت مختلف شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون آهن. + + +ڀارت جي رياست مڌيه پرديش طرفان مسلمانن جي وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي قرآن مان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن مطابق هڪ اهڙي ڪتاب جي ورهاست جي منصوبه بندي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ قرآن مان آيتون ڏئي آبادي تي قابو پائڻ بابت چيو ويو ويندو. +ذريعن مطابق ”آبادي، اسلام ۽ خانداني منصوبه بندي“ نالي ڪتاب ۾ قرآن جي ڪجهه آيتن کي ڏئي انهن جو مفهوم عالمن جي ذريعي واضع ڪري فيملي پلاننگ جي باري ۾ دليل جوڙيا ويا آهن. +ياد رهي ته ڀارتيه جنتا پارٽي ۽ ٻيون جماعتون چونديون رهيون آهن ته مسلمان ڄاڻي واڻي پنهنجي آبادي وڌائي رهيا آهن ته جيئن هندو پنهنجي ئي ملڪ ۾ اقليت ۾ تبديل ٿي وڃن. + + +يو ايس آرمي وار ڪاليج ڊپارٽمينٽ آف نيشنل سيڪيورٽي اينڊ اسٽارٽيجي جي سربراه ليري گڊسن چيو آهي ته پاڪستان طالبان کي همٿائي رهيو آهي جنهن سان سموري خطي ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي. +ليري گڊسن وڌيڪ چيو ته پاڪستان طالبان جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي جنهن سان امن بجاءِ خطرا وڌڻ جا امڪان آهن. +ٻئي طرف ڪراچي جي حسين حقاني چيو آهي ته مشرف ڊبل گيم کيڏي رهيو آهي، هڪ طرف هو طالبان کي همٿائي رهيو آهي ته ٻئي طرف هو اولهه کي اعتماد ڏياري رهيو آهي. + + +پاڪستاني صوبي سرحد جي شهر ڊيرا اسماعيل خان ۾ هڪ پروفيسر جي قتل بعد احتجاج سبب هنگاما شروع ٿي ويا جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ماڻهو مارجي ويا آهن. +پوليس مطابق عيد گاه ۾ هڪ جنازي ۾ شريڪ چار ماڻهن فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن ڪري اهو واقعو پيش آيو. پنج ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. +ياد رهي ته پروفيسر جو تعلق فقه جعفريه سان هو ۽ مقتول شاعر هجڻ سان گڏ ذاڪر پڻ هو. + + +جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان حيدرآباد پريس ڪلب آڏو شروع ڪيل بک هڙتال پنجين ڏينهن پڻ جاري رهي، احتجاجي بک هڙتال جو مقصد ايجنسين جي طرفان ڪارڪنن کي گم ڪرڻ خلاف آواز بلند ڪرڻ هو. +بک هڙتالين جو مطالبو هو ته ڊاڪٽر صفدر سرڪي، آڪاش ملاح ۽ آصف بالادي سميت سمورا گم ڪيل ڪارڪن بازياب ڪرايا وڃن. +احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ايجسنين جو اهو عمل غيرانساني آهي. هنن حڪومت جي سنڌ دشمن پاليسين جي مذمت پڻ ڪئي. +بک هڙتال جي اڳواڻي سرائي قربان کهاوڙ ڪئي، نياز ڪالاڻي سميت جسقم جي مختلف اڳواڻن ۽ ڪارڪنن بک هڙتالي ڪيمپ جو دورو پڻ ڪيو. + + +ايٿوپيا سرڪاري طور تي تصديق ڪئي آهي ته سندن فوجون صوماليه جي اندر اسلامي انتهاپسندن خلاف ڪاروائيون ڪري رهيون آهن ۽ ملڪ جو اڪثر علائقو سندن ڪنٽرول ۾ آهي. +ايٿوپيا جي وزير اطلاعات مطابق اسلامڪ ڪورٽس يونين خلاف ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته ان کان اڳ ايٿوپيا چوندو رهيو آهي ته انهن صرف فوجي ٽرينرز موڪليا آهن. +ٻئي طرف مذڪوره انتهاپسند تنظيم مطابق اهي حڪومت سان گڏجي ايٿوپيا جي فوج کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هڪ اپيل ۾ غير مذهبي جنگجوئن کي پڻ ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. + + +پاڪستاني صوبي سرحد جي شهر پشاور ايئرپورٽ تي هڪ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ماڻهو مارجي ويو آهي. ان بم ڌماڪي ۾ ٻه ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. +ذريعن مطابق بم ڌماڪو ايئرپورٽ جي داخلا گيٽ ٻاهران بيٺل گاڏين ۾ ٿيو. مذڪوره گاڏي هڪ فوجي گرائونڊ ڀرسان بيٺل هئي. چيو ويو آهي ته ڌماڪو انتهائي زوردار هو. +ڌماڪي جي ذميواري ڪنهن به ڌر نه قبولي آهي، پوليس ذريعن مطابق ڌماڪي جي جاچ شروع ڪئي ويئي آهي جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي. + + +پاڪستاني سرڪاري ذريعن چيو آهي ته سرحد پار دهشتگردي جي روڪ لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان سرحد وٽان جهنگلو ۽ بارودي سرنگون وڇايون وينديون. +اطلاعن موجب جيڪي علائقا حساس آهن انهن علائقن ۾ اها ڪاروائي ڪئي ويندي. پاڪستان جي سيڪريٽري خارجه اسلام آباد ۾ هڪ بريفنگ دوران ٻڌايو ته پاڪستاني فوج کي چيو ويو آهي ته اهي اهڙن هنڌن جي نشاندهي ڪن جتي اها ڪاروائي ضروري آهي. + + +افغانستان جي صدر حامد ڪارزئي پاڪستان جي پاران ڪيل فيصلي جي مخالفت ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته پاڪستان افغانستان سان ملندڙ سرحد تي لوهي جهنگلا ۽ بارودي سرنگون وڇائيندو. +افغان صدر حامد ڪارزئي چيو آهي ته لوڙها لڳائڻ سان دهشتگردي جي خاتمي ۾ ڪابه مدد ڪانه ملندي بلڪه قبائلي خاندان ورهائجي ويندا. +هن وڌيڪ چيو ته ان کان بهتر قدم اهو آهي ته جن مدرسن مان دهشتگردي کي هٿي ملي رهي آهي انهن مدرسن خلاف ڪاروائي ڪري انهن کي ختم ڪيو وڃي. + + +عورت فائونڊيشن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته هن سال سنڌ ۾ 475 عورتن کي قتل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته گذريل سال اهو تعداد 384 هو. +رپورٽ مطابق 12 نابالغ ڇوڪرين کي زوري جنسي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو. جڏهن ته 30 عورتن کي اجتماعي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. + + +افغانستان ۾ موجود نيٽو فوج جي ذريعن دعوا ڪئي آهي ته انهن هيلي ڪاپٽر جي مدد سان هڪ هوائي حملي ۾ ڏه طالبان کي ماري ڇڏيو آهي. +چيو ويو آهي ته ان حملي ۾ نيٽو فوج کي ڪنهن به قسم جو ڪوبه نقصان نه پهتو آهي. +خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان کان ڪجهه وقت اڳ ملا عمر پشتو ۾ پنهنجو عيد جو پيغام جاري ڪيو هو جنهن ۾ اهو پڻ ڄاڻايو هئائين ته ڌاري فوج کي ڪنهن به صورت ۾ افغانستان مان ڪڍيو ويندو. + + +آمريڪي فوج هٿان گرفتار ٿيل اڳوڻي عراقي صدر صدام حسين کي عدالتي حڪم تحت ڦاهيءَ جي سزا ڏني وئي آهي. ڦاهي ڏيڻ جا ڪجهه حصا عراقي ٽي وي تان پڻ نشر ڪيا ويا. +صدام حسين کي ڦاهي ڏيڻ وقت عراقي حڪومت جو هڪ نمائندو، سني مسلمانن جو هڪ عالم ۽ ڪيمري واري عملي کان علاوه ڪجهه عراقي پڻ موجود هئا. + + +عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 68 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. ياد رهي ته صدام حسين کي ڏنل ڦاهي کان ڪجهه ڪلاڪن بعد اهي واقعا ٿيا. +ٻئي طرف اهي اطلاع پڻ آهن ته ڇهه آمريڪي فوجي پڻ مارجي ويا آهن. چيو ويو آهي ته ڊسمبر 2006ع گذريل ٻن سالن بعد آمريڪي فوج لاءِ سڀ کان بدتر مهينو ثابت ٿيو آهي. +ذريعن موجب بغداد جي شيعه اڪثريتي علائقن ۾ بم ڌماڪا ٿيا جتي ايڪٽيهه ماڻهو مارجي ويا. ٻئي طرف اهو پڻ چيو ويو آهي ته صوبي انبار ۾ آمريڪي فوجن ۽ فسادين وچ ۾ جهڙپون جاري آهن. + + +پنجاب جي شهر وهاڙي ڀرسان هڪ خوفناڪ بس حادثي ۾ چوڏنهن مسافرن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن. جڏهن ته اَٺ ماڻهو شديد زخمي ٿيا آهن. +ذريعن مطابق مسافرن سان ڀريل بدنصيب بس آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب اهو حادثو پيش آيو. +بس ۾ پنجيتاليهه ماڻهو سوار هئا جيڪي لاهور مان ڀوري والا وڃي رهيا هئا. ٽڪر جي نتيجي ۾ چار ٻارن سميت چوڏنهن مسافر فوت ٿي ويا. +زخمين کي ڀرپاسي جي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. پوليس مطابق آئل ٽينڪر کي باه نه لڳي آهي ۽ ان مان سمورو تيل ڪڍيو ويو آهي. + + +هڪ ڏينهن واري انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ ۾ نيوزيلينڊ سريلنڪا کي هارائي ڇڏيو آهي. سريلنڪا کي اها شڪست هڪ وڪيٽ تان ملي. +پنجن ميچن جي سيريز ۾ ٻنهي ٽيمن هڪ هڪ ميچ کٽيو آهي جڏهن ته ٽيون ميچ اڱاري تي ڪرائسٽ چرچ ۾ ٿيندو. +نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان سريلنڪا کان بيٽنگ ڪرائي، فرينڪلين نيوزيلينڊ کي کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ڇائيتاليهه بالن تي پنجيتاليهه رنسون اسڪور ڪيون. + + +ٿائيلينڊ جي شهر بئنڪاڪ ۾ بم ڌماڪن سبب ٻه ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته ويهن کان مٿي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. +پوليس مطابق اهي ننڍا ننڍا ڌماڪا مختلف هنڌن تي ٿيا. اهي سمورا ڌماڪا لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ جي وقت اندر ٿيا. +ٻئي طرف پوليس ماڻهن کي هدايت ڪئي آهي ته نئين سال ملهائڻ وقت ضروري آهي ته احتياط کان ڪم ورتو وڃي. + + +عراقي سرڪار چيو آهي ته صدام حسين کي عدالتي حڪم تحت ڏنل ڦاهي ڪنهن به صورت ۾ انتقامي جذبي تحت نه ڏني وئي آهي. +چيو ويو آهي ته عراقي سرڪار جو اهو موقف ان موبائل وڊيو کان پوءِ واضع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪو ماڻهو صدام کي ڦاهي ڏيڻ وقت طعنه زني ڪري رهيو آهي. +ذريعن مطابق مذڪوره وڊيو صدام جي مخالفن ۽ حامين ۾ اڃا به وڌيڪ ويڇا وڌائيندي. جڏهن ته سرڪاري طور ظاهر ڪيل وڊيو مان اهڙي ڪابه ڳالهه واضع نه هئي. + + +منهنجو نالو قدير مکريو آهي. مان حيداآباد جو آهيان. + + +  شاهه لطيف جي شاعري]] +نوٽ: ممڪن آهي ته اوهان کي پراڻيون خبرون نظر اينديون هجن صفحي کي نئون ڪرڻ لاءِ Refresh ڪريو. + + +$1 تي آخري ڀيرو ترميميو ويو. + + +ھيءُ صفحو $1 تي آخري ڀيرو $2 ترميميو ھو. + + +منتظم ٿيڻ جي خواهش جيڪڏهن اوهان هيٺين شرطن تي پورا لهو ٿا ته توهان منتظم ٿيڻ جا اهل آهيو: + + +نئين سنڌي ويب سائيتس جي لسٽ +هتي ڪجهه نيون سنڌي ويب سائيٽس ڏجن ٿيون جيڪي اوهان جي ديد جي قابل آهن + + +سلام هجي حسين ابن علي تي ۽ سندس با وفا ساٿين تي +جن ڪربلا جي رڻ ۾ پنهنجي عظيم قربانين سان اسلام کي بچايو + + +هتي خبرون ڪيئن لکجن مهرباني ڪري وضاحت ڪندا. + + +منهنجو نالو زبير زرار منگي آهي، آئون گذريل ڪيتري عرصي کان ڪي ٽي اين نيوز ۾ اسئينمينٽ رپورٽر ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪري رهيو آهيان. +وڪي نيوز پاران سنڌي وڪي اخبار شروع ڪرڻ واري عمل کي تمام بهتر سمجهان ٿو ۽ وڪي اخبار لاءِ ڪم ڪندڙ دوستن کي مبارڪون ڏيان ٿو ته انهن سنڌي ٻولي لاءِ تمام بهتر قدم کنيو آهي. +سنڌي ٻولي جي ختم ٿيڻ وارو خدشو ته سنڌي ٽي وي چينل ڪي ٽي اين کلڻ بعد ختم ٿي ويو آهي پر آن لائين سنڌي اخبارن سان سنڌي ٻولي وڌيڪ مضبوط ٿيندي. +سنڌي وڪي نيوز کي اپ ڊيٽ رکڻ لاءِ پاڻ به جاکوڙبو ۽ دوستن کي به ان عمل لاءِ همٿائبو. + + +سنڌ ۾ اغوا جون وارڌاتون زور پڪڙي رهيون آهن زبير زرار منگي +خيرپور جي ناري تعلقي مان اغوا ٿيل 3 واپارين کي پوليس بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي سنڌ جي مختلف علائقن مان ٻن عورتن سميت اغوا ٿيل 16 ڄڻا اڃا تائين هٿياربندن وٽ يرغمال بڻيل آهن. +تعلقي ناري جي ڳوٺ گلاب چانگ مان 3 مهينا اڳ اغوا ٿيل واپاري ڪُندن لال، وِڪِي ڪمار ۽ نندو مل کي پوليس شڪارپور ويجهو بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. +پوليس شڪارپور مان ٽنهي مغوين کي خيرپور آڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪرائي. +ڪراچي جي ڊي ايڇ اي واري علائقي مان فلم ڪمپني جي مالڪ ستيش آنند کي هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن. +ٺٽي ضلعي جي شهر ٻيلي لڳ اغوا ٿيل منظور سولنگي ۽ آفتاب زنئور کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. +جيڪب آباد مان دليپ ۽ سنگيت نالي ٻه نوجوان گم ٿي ويا آهن، جن جي وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي. +مديجي ويجهو هڪ مهينو اڳ اغوا ٿيل فيض محمد بروهي به اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي. +گهوٽڪي ضلعي مان اغوا ٿيل گل محمد عباسي کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. +خيرپور ضلعي جي شهر گمبٽ ويجهو 2 هفتا اڳ اغوا ٿيل طارق ڪولاچي، عبدالقادر سهتو، سڪندر سهتو ۽ ضمير گهمرو جو به اڃا تائين ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي. +لاڙڪاڻي شهر مان اغوا ٿيل سلميٰ شيخ ۽ رتوديرو ويجهو وڏا ٻوسڻ مان اغوا ٿيل ساجد ٻوسڻ جي بازيابي لاءِ پوليس ڪي به ڪوششون نه ورتيون آهن. +نوشهروفيروز ض��عي جي شهر مٺياڻي مان سڱاوتي تڪرار تان اغوا ٿيل ريشمان مگسي به اڃا تائين واپس نه ٿي آهي. +سکر مان اغوا ٿيل ڊاڪٽر وجي ڪمار ۽ پنو عاقل مان اغوا ٿيل نينگر به اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيا آهن. +مغوين جي وارثن پوليس جي ڪارڪردگي مان مايوس ٿي مغوين جي بازيابي لاءِ راڄوڻي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. + + +پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ قرض لاءِ پهچي ويو زبير زرار منگي +پاڪستان ۽ عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي عملدارن وچ ۾ اهم ڳالهيون دبئي ۾ ٿي رهيون آحن، جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين ڪري رهيو آهي. +وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف کان دبئي ۾ ٿيندڙ اڄوڪي گڏجاڻي ۾ امداد نه گهري ويندي پر اجلاس ۾ آءِ ايم ايف جي عملدارن کي پاڪستان جي معيشت بابت آگاهه ڪيو ويندو. +دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو ته اڄوڪي گڏجاڻي ۾ آءِ ايم ايف کي پاڪستان جي اقتصادي صورتحال بابت آگاهي ڏني ويندي. +هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي واري صلاحڪار چيو ته معاشي بحران مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف حڪومت جي فهرست ۾ سڀ کان پهرين نمبر تي آهي، تنهن باوجود انهيءَ آپشن کي انتهائي ڏکيائي واري صورتحال ۾ استعمال ڪيو ويندو +آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان کي قرضن تي ڊفالٽ کان بچڻ لاءِ ايندڙ ٻن سالن ۾ 10 ارب ڊالرز جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان باضابطا طور درخواست ڪئي ته ان تي غور ڪيو ويندو. +دبئي ۾ هڪ خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي انٽرنيشنل مانٽري فنڊ جي ريجنل ڊائريڪٽر محسن خان چيو ته پاڪستان کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچڻ لاءِ 3 کان 4 ارب ڊالرز جي ضرورت آهي. +هن چيو ته آءِ ايم ايف اختيارين جي سوچ آهي ته پاڪستان کي 5 ارب ڊالرز هن سال ۽ 5 ارب ڊالرز ايندڙ سال گهربل هوندا. +پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف اختيارن وچ ۾ دبئي ۾ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٿيندڙ گڏجاڻي جي حوالي سان محسن خان چيو ته جيڪڏهن پاڪستان پاران فنڊز لاءِ باضابطا طور درخواست ڪئي ته ان تي غور ڪيو ويندو. +هن چيو ته دبئي ۾ گڏجاڻي کانپوءِ آءِ ايم ايف اختيارن کي پيش مونجهارو ڪليئر ٿي ويندو ته پاڪستان کي ڪيتري رقم جي ضرورت آهي، جنهن بعد آءِ ايم ايف پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندي. + + +فشر فوڪ فورم ڊي ايڇ اي کي رد ڪري ڇڏيو آهي زبير زرار منگي +فشر فوڪ فورم ۽ ٻين سماجي تنظيمن ڊي ايڇ اي پاران گِذري جي ماهيگيرن خلاف مڙهيل پابندين کي رد ڪندي 31 آڪٽوبر تي احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي. +ڊي ايڇ اي ڪراچي پاران گذري جي ماهيگيرن تي سمنڊ ڪناري ٻيڙيون بيهارڻ ۽ مڇي مارڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. +اهڙي پابندي خلاف فشر فوڪ فورم سميت مختلف سماجي تنظيمن جي اڳواڻن محمد علي شاهه، شرافت علي، الهه بخش بلوچ، فاروق احمد ۽ نائلا اهڙي فيصلي خلاف 31 آڪٽوبر تي ڊي ايڇ اي آفيس آڏو احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي جو اعلان ڪيو. +اڳواڻن چيو ته ڊي ايڇ اي پاران ماهيگيرن کي روزگار کان محروم ڪرڻ واريون ڪارروايون بند نه ڪيون ويون ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. + + +اي ڪيو مغل سنڌ زرعي يونيورسٽي جو نئون وي سي مقرر زبير زرار منگي.. +سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي تڪراري وائيس چانسلر ڊاڪٽر بشير احمد شيخ کي هٽايو ويو آهي ۽ ڊاڪٽر اي ڪيو مغل کي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو نئون وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي. +سنڌ جي مڙني يونيورسٽين جي چانسلرس ۽ سنڌ جي گورنر جي تعليم بابت صلاحڪار آفتاب لوڌيءَ ڪي ٽي اين نيوز کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر بشير احمد شيخ، پنهنجي پوٽي جي علاج لاءِ ڀارت وڃڻ پئي چاهيو، ان لاءِ هن 4 مهينا موڪل جي درخواست ڏني هئي. +هن چيو ته اهڙي درخواست کانپوءِ گورنر سنڌ، ڊاڪٽر اي ڪيو مغل کي سنڌ زرعي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ سندس باقاعده مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو پيو وڃي. +ٻئي طرف سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي ملازمن پاران وائيس چانسلر ڊاڪٽر بشير احمد شيخ خلاف هلندڙ هڙتال جاري رهي. +ملازمن جي اڳواڻ حسين بخش وِيسر چيو ته هو هٽايل وائيس چانسلر خلاف تحقيقات واري مطالبي تي قائم آهن. +هن چيو ته هٽايل وي سي سنڌ جي هن قومي اداري کي برباد ڪيو آهي. + + +لاڙڪاڻي ۾ فريال ٽالپر مستحقن ۾ امدادي چيڪ ورهايا زبير زرار منگي.. +پيپلز پارٽيءَ جي ايم اين اي ۽ صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر لاڙڪاڻي جي مستحق عورتن ۾ سلائي مشينون ۽ زڪوات جا چيڪ ورهايا آهن، فريال ٽالپر چيو آهي ته عوام کي بهتر کان بهتر سهولتون فراهم ڪيون وينديون. +لاڙڪاڻي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي فريال ٽالپر چيو ته يوسي سطح تي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. +هن ميڊيا کي عوام جي بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ حڪومت سان سهڪار ڪرڻ جي اپيل ڪئي. +فريال ٽالپر چيو ته ضلعي ۾ ڊرينيج نظام کي بهتر ڪيو ويندو ۽ ماڻهن کي صاف پاڻي جي فراهمي به يقيني بڻائي ويندي. +ان موقعي تي هن هڪ سئو مستحق عورت ۾ سلائي مشينون ۽ هڪ سئو 75 عورتن ۾ زڪوات جا چيڪ ۽ تعليم کاتي جي سپروائيزس ۾ 2 سئو 80 موٽرسائيڪلون به ورهايون. + + +بشير قريشي پاران قادرپور گيس فيلڊ جي نجڪاري خلاف ٽهريڪ جي حمايت..زبير زرار منگي +جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير احمد قريشي چيو آهي ته گئس، تيل ۽ ڪوئلو سنڌ جي ملڪيت آهن، جن تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. +بشير احمد قريشي گهوٽڪي ۾ قادرپور گئس فيلڊ جي نجڪاري خلاف قائم بک هڙتال تي پهچي بک هڙتال ۾ شريڪ ٿيو. +ان موقعي تي بشير قريشي چيو ته جسقم قادرپور گئس جي نجڪاري خلاف احتجاجي تحريڪ ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندو . +هن مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت قادرپور گئس فيلڊ جي نجڪاري وارو فيصلو جلد واپس وٺي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ کي وسيع ڪيو ويندو. + + +لاڙڪاڻو صرافا يونين جي اڳواڻن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار کهڙو جي درخواست رد ڪري ڇڏي زبير زرار منگي +لاڙڪاڻي جي صرافا ايسوسئيشن جي اڳواڻن سنڌ اسيمبليءَ جي اسيپڪر نثار احمد کهڙو جي اپيل مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته سونارن کان ڦر واري واقعي ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتارين تائين سندن احتجاج جاري رهندو. +سونارن کان 80 تولا سون ڦر ٿيڻ واري واقعي خلاف صرافا يونين پاران چئن ڏينهن کان شٽربند هڙتال جاري آهي. +سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙو چيمبر آف ڪامرس جي اڳواڻن سان گڏجي صرافا يونين جي آفيس پهتو، جتي هن اڳواڻن سان ملاقات ڪري واقعي بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ کين احتجاج ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي. +سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار کهڙو صرافا يونين جي اڳواڻن کي يقين ڏياريو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ قدم کنيا ويندا. +صرافا يونين جي ا ڳواڻن نثار احمد کهڙي جي اپيل کي رد ڪندي چيو ته واقعي ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري ۽ ڦر ٿيل سون جي واپسي تائين سندن احتجاج جاري رهندو. + + +ڊي جي رينجرز ميجر جنرل لياقت علي دعويٰ ڪئي آهي ته هاءِ ويز تي رينجرز جي مقرريءَ بعد ڏوهي ڪاررواين تي ضابطو ٿي ويو آهي. +رينجرز هيڊ ڪوار��ر سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊي جي رينجرز چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻو زون جي هاءِ ويز تي رينجرز جي مقرريءَ بعد امن قائم ٿي چڪو آهي. +ڊي جي رينجرز ٻڌايو ته حڪومت پاران زرعي ڀاڻ ۽ ڪڻڪ جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن. +ڊي جي رينجرز سنڌ-بلوچستان سرحد تي امن امان واري صورتحال بابت ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان جي صورتحال بهتر ٿيندي پئي وڃي ۽ سرحدي علائقن ۾ ڏوهن تي ضابطو اچي چڪو آهي. + + +جوهي ۾ قائم تيل ۽ گئس جي پرڏيهي ڪمپني پاران اعلان باوجود تعلقي کي مفت گئس فراهم نه ڪرڻ ۽ ڊولپمينٽ آفيسر جي مبينا ڪرپشن خلاف شهرين ۽ سڄاڻ ڌرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. +يوسي ناظم غلام قادر ٻٻر، ڊاڪٽر مجيد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلاول پارڪ کان احتجاجي مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. +ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پرڏيهي ڪمپني تعلقي کي مفت گئس فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، جنهن تي اڃان تائين عمل نه ٿيو آهي. +هنن الزام مڙهيو ته ڪميونٽي آفيسر تعلقي جي ٽن يوسيز ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ گهر اڏڻ واري اسڪيم ۾ به وڏي پئماني تي گهوٻيون هنيون آهن. +مظاهرين مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري تعلقي کي مفت گئس فراهم ڪرڻ واري اعلان تي عمل ڪرايو وڃي. + + +چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردن پاران فيس ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. +چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن داخلا فيس ۾ ڏيڍ سئو سيڪڙو واڌ ڪرڻ خلاف ڊاڪٽر عبدالرحمان اوڳاهي، ڊاڪٽر فرخ سهرياڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. +شاگردن چيو ته فيس ۾ ڏيڍ سئو سيڪڙو واڌ سبب غريب شاگرد پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. +هنن مطالبو ڪيو ته فيس ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي،ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. + + +خيرپور ۽ نوشهروفيروز جي ڪاٽن فيڪٽريز جي انتظاميا لوڊشيڊنگ ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ 5 نومبر کان فيڪٽرين کي تالا هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. +اهڙو اعلان خيرپور ۾ گذريل ڏينهن ڪاٽن فيڪٽري مالڪن جي گڏجاڻي کانپوءِ اڄ ڪيو ويو آهي. +ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي ڪاٽن جنرس ايسوسيئيشن نوشهروفيروز جي ضلعي وائيس چيئرمين پريم چند ڪوهستاني ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ٿيل گڏجاڻي ۾ ٻنهي ضلعن جي 28 فيڪٽري مالڪن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. +هن چيو ته هڪ پاسي لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي ته ٻي پاسي ٽيڪسٽائيل ملز پاران ڪپهه خريد نه ڪرڻ سبب ڦٽيون خراب ٿي رهيون آهن. +هن چيو ته گڏجاڻي ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته بجلي بحران ختم ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ فيڪٽرين جي تالا بندي ڪئي ويندي. + + +گڏيل پارليامينٽ جو ان ڪئميرا اجلاس اسپيڪر ڊاڪٽر فهيمدا مرزا جي صدارت ۾ جاري آهي، جنهن ۾ حڪومتي ميمبر گڏيل ٺهراءَ آڻڻ لاءِ مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. +ذريعن موجب بند ڪمري وارو اجلاس اسپيڪرڊاڪٽر فهيمدا مرزا جي صدارت ۾ جيئن ئي شروع ٿيو ته پيپلزپارٽي جا رضارباني ۽ سيد خورشيد شاهه، چوڌري نثار علي، رياض پيرزاده، خواجه آصف ۽ مخالف ڌر جي ٻين اڳواڻن سان ڳالهين لاءِ سندن سيٽن وٽ پهتا. +ذريعن موجب حڪومتي ڌر جا ميمبر گڏيل ٺهراءُ آڻڻ لاءِ مخالف ڌر جي ميمبرن کي راضي ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن پر اڃان تائين ٻنهي ڌرين ۾ اتفاق ٿي نه سگهيو آهي. +ذريعن موجب اجلاس جي پڄاڻي واري ڏينهن وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجو پاليسي خطاب پڻ ڪندو. +ذري��ن ٻڌايو آهي ته پارليامينٽ جو بند ڪمري وارو اجلاس سڀاڻي به جاري رهندو. + + +سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي خوبصورت آواز جي مالڪ گلوڪاره زيب النساءِ گڙدن ۾ انفيڪشن بعد سخت بيمار ٿي پئي آهي جنهن کي نوابشاهه کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. +64 ورهين جي گلوڪارا زيب النساءِ جو خانگي اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي ۽ ڊگهي عرصي کان گلوڪاريءَ کان پري هجڻ سبب سندس معاشي حالتون به ٺيڪ نه آهن. +محمد جمن، محمد ابراهيم، محمد يوسف، زرينا بلوچ، امينا ۽ ٻين گلوڪارن ۽ گلوڪارائن جي همعصر زيب النساءِ، معاشي تنگيءَ سبب پريشاني جو شڪار آهي. +مشهور ڍولڪ نواز مير مڱڻهار کي پڻ دل جو دورو پوڻ سبب سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جتي ٻن ڏينهن کان سندس علاج هلندڙ آهي. +ڍولڪ وڄائي پنهنجي خاندان جو پيٽ گذر ڪندڙ مير مڱڻهار اسپتال ۾ داخل هئڻ ڪري هڪ طرف روزي نه ٿو ڪمائي سگهي ته ٻئي طرف هزارين روپين جي روزانو دوائن جو خرچ ڪرڻ لاءِ به وٽس وسيلا نه آهن. +ڍولڪ نواز مير مڱڻهار اختيارين کي واهر جي اپيل ڪئي آهي + + +بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا سميت الهندي وارن علائقن پشين، زيارت، پاڪ-افغان سرحدي علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن سبب 41 کان وڌيڪ ماڻهو فوت 68 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته بلوچستان جي وڏي وزير زلزلي سٽيل علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. +بلوچستان جي ڪوئيٽا، چمن، قلعه عبدالله، قلات، پَشِين،گنداواه، ڀاڳ ناڙي، لورالائي، تويا اَچڪزئي ۽ پاڪ افغان سرحدي علائقن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. +پشين ۾ گهر ڪرڻ سبب هڪ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 11 زخمي ٿي پيا . +زيارت ضلعي جي ڊي سي او ۽ ڊي پي او هائوس ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جڏهن ته زيارت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ جبلن تان ڇپون ڪرڻ سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ اتي 40 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ان بابت تصديق نه ڪئي وئي آهي. +زيارت ۾ امدادي ڪارڪنن پاران کوٽائي دوران 15 لاش هٿ آيا آهن جڏهن ته وڌيڪ ڪيترن ئي گهرن جي کوٽائي جاري آهي، جنهن لاءِ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته مرندڙن جو تعداد وڌي سگهي ٿو. +زيارت ضلعي ۾ زخمين جو تعداد وڌي 50 ٿي ويو آهي، جن کي زيارت اسپتال سميت ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. +بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي سي ايم سيڪريٽريٽ پهچي زلزلي سٽيل علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ صوبي جي تمام ڊي سي اوز کي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا آهن. +ڪوئيٽا جي بولان ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۽ سول اسپتال سميت بلوچستان صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري عملي کي هنگامي بنيادن تي طلب ڪيو ويو آهي. +ٻڌايو پيو وڃي ته زلزلي سبب وڌيڪ ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. +آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 2 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڪوه چِلتن ٻڌايو پيو وڃي. +صدر آصف علي زرداري زلزلي متاثر خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي حڪومتي اختيارين کي فوري طور امدادي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. +بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا سميت پشين، چمن، پاڪ-افغان سرحدي علائقن ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن سبب 19 ڄڻا فوت ۽ 23 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته بلوچستان جي وڏي وزير زلزلي سٽيل علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. +بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ڪوئيٽا، چمن، قلعه عبدالله، قلات، پَشِين،گنداواه، ڀاڳ ناڙي، لورالائي، تويا اَچڪزئي ۽ پاڪ افغان سرحدي علائقن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن. +پشين ۾ گهر ڪرڻ سبب ٽي فوت ۽ 11 زخمي ٿي پيا آهن،جڏهن ته زيارت واري علائقي ۾ گهر ڪرڻ سبب هڪ فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي. +سي سي پي او ڪوئيٽا صلاح الدين دعويٰ ڪئي آهي ته زلزلي سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي. +زيارت ضلعي جي ڊي سي او ۽ ڊي پي او هائوس ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جڏهن ته زيارت ضلعي جي مختلف علائقن مان 15 لاش هٿ آيا آهن. +بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي زلزلي سٽيل علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري عملي کي هنگامي بنيادن تي طلب ڪيو ويو آهي. +ٻڌايو پيو وڃي ته زلزلي سبب وڌيڪ ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. +آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 2 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڪوه چِلتن ٻڌايو پيو وڃي. +بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا رپورٽ: زبير زرار منگي..29 آڪٽوبر صبح 6 وڳي.. +ڪوئيٽا، پشين، چمن، پاڪ افغان سرحدي علائقن سميت ٻين شهرن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، زلزلي سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن. +ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ڪوئيٽا، چمن، قلعه عبدالله، قلات، پشين ۽ پاڪ افغان سرحدي علائقن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن. +زلزلي جي جهٽڪن دوران بجلي بند ٿي وئي ۽ رهواسي خوف وچان گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. +ٻڌايو پيو وڃي ته زلزلي سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، سيراب روڊ تي گهر ڪرڻ سبب 3 ڄڻا زخمي، جڏهن ته وڌيڪ نقصان جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. +آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 5 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڪوه چِلتن ٻڌايو پيو وڃي. +لاڙڪاڻي ۾ وڌندڙ بدامني، واپارين پاران شٽربند هڙتال جو سڏ زبير زرار +لاڙڪاڻو سٽي فيڊريشن جي اڳواڻن قانون جي صوبائي وزير اياز سومرو، آر پي او سکر ۽ ٻين جي اپيل کي رد ڪندي چيو آهي ته اڄ هر صورت ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي. +لاڙڪاڻي مان سونارن کان 80 تولا سون ڦر ٿيڻ واري واقعي خلاف صرافا ايسوسئيشن پاران گذريل 4 ڏينهن کان هڙتال جاري آهي، جڏهن ته سٽي فيڊريشن اهڙي هڙتال جي حمايت ڪندي اڄ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو هو. +صوبائي وزير محمد اياز سومرو، آر پي او سکر محمد رمضان چنا، ڊي سي او عبدالعزيز عقيلي ۽ پ پ اڳواڻن جو قافلو سٽي فيڊريشن جي آفيس پهچي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. +ملاقات دوران سٽي فيڊريشن جي اڳواڻن عبدالستار شيخ، هادي بخش شيخ ۽ ٻين صوبائي وزير کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻو ضلعو بدامني جي باهه ۾ ٻري رهيوآ هي، ڦر ۽ اغوا جون واداتون معمول بڻيل آهن ۽ شهري عدم تحفظ جو شڪار آهن. +صوبائي وزير اياز سومرو اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته شٽر بند هڙتال جو ڏنل سڏ واپس ورتو وڃي، جڏهن ته سونارن کان ڦر ٿيل سون واپس ڪرائي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. +سٽي فيڊريشن اڳواڻن اهڙي اپيل کي رد ڪندي چيو ته شهر ۾ امن امان جي بحالي ۽ ڦر ٿيل سون جي واپسي تائين احتجاج جاري رکيو ويندو. +حيدرآباد ۾ قتل جي وارڌاتن ۾ واڌ قتل جي جاچ بابت انڪشاف +حيدرآباد جي مڪي شاهه ٿاڻي جي حد ال آمنا ڪامپليڪس ۾ نويد شيخ واري قتل ڪيس ۾ وڏا ڦاٽ ڦاٽا آهن ۽ نوجوان جي قتل ڪيس ۾ هڪ نرس ۽ هڪ اردن جي شه��ي سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. +مڪي شاهه پوليس مارجي ويل 24 ورهين جي نويد شيخ جي والد بشير احمد شيخ جي فرياد تي اردن جي رهواسي محمد، سول اسپتال حيدرآباد جي نرس شگفتا انصاري ۽ سندس ڀاءُ شعيب تي ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري ورتو آهي. +مقتول جي پيءُ بشير احمد شيخ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته شگفتا انصاري بئراج ڪالوني سکر جي هڪ اسپتال ۾ ڪم ڪندي هئي جتي نويد شيخ کي ساڻس پيار ٿي ويو ۽ ڪجهه عرصو اڳ هوءَ پنهنجي مائٽن سان گڏ حيدرآباد هلي وئي جتي محمد نالي اردن جي رهواسي سان سندس واسطو ٿيو. +هن چيو ته محمد سندس پٽ کي فون تي ڌمڪيون پڻ ڏنيون جنهن بعد هن شگفتا سان ڳالهائڻ گهٽائي ڇڏيو هو. +بشير شيخ چيو ته شگفتا انصاري 3 ڏينهن اڳ نويد شيخ کي فون ڪري سکر کان حيدرآباد گهرايو، جتي کيس قتل ڪيو ويو. +هن چيو ته پوليس ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي ۽ پوليس جي چوڻ موجب ته انهن ٻن جوابدارن کي گرفتار پڻ ڪيو آهي جڏهن ته گرفتار ڪيل جوابدار ظاهر ناهن ڪيا ويا +شڪارپور ضلعي ۾ انسانيت دشمن جرڳو رپورٽ: زبير زرار منگي +جرڳي ۾ نوجوان اسد الله پنهور جي پيرسن ماءُ سارا پنهور ۽ سندس 16 ورهين جي ڀيڻ عذرا کي ڏنڊ عيوض مهرن حوالي ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته نوجوان ناري نه موٽائي وئي ته سندس نوجوان جي ماءُ ڀيڻ ڏنڊ طور مهر برادري کي پرڻائي ڏنيون وينديون. +جرڳي دوران مهرن پاران پنهور برادري جي اغوا ڪيل مسمات اقبال بانو زال حبدار پنهور کي پڻ مائٽن حوالي ڪيو ويو. +هوڏانهن ايس پي جاچ خيرپور اڪبر وڳڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کيس اهڙي قسم جي جرڳي بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي. +هن وڌيڪ چيو ته پنهور برادري جي اغوا ڪيل اقبال بانو جي ڪيس ۾ هڪ جوابدار نصرالله مهر کي گرفتار ڪيو آهي ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي. + + +لاڙڪاڻو اغوا جون وڌندڙ وارڌاتون زبير زرار منگي +لاڙڪاڻي ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن واپاري چندر لال کي اغوا ڪري ويا، پوليس ناڪابندي بعد هڪ هٿياربند کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. +واپاري چندر لال کي ڌامراهه کان رتوديرو ويندي ڪار ۾ سوار اڻڄاتل هٿياربندن اغوا ڪري کڻي ويا، مزاحمت تي هٿياربندن مغوي نوجوان جي پيءُ جڳو مل کي زخمي ڪيو. +زخمي ٿيل جڳو مل کي چانڊڪا سپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيوويو آهي +واقعي جي اطلاع تي پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪري مغوي جي بازيابي لاءِ ايندڙ ويندڙ گاڏين جي تلاشي ورتي،جنهن دوران نوجوان واپاري جي اغوا ۾ ملوث هٿياربندن مان هڪ ڄڻي کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. + + +پاڪ افغان لاڳاپا بهتر بڻائڻ تي اتفاق رپورٽ: زبير زرار منگي +افغانستان ۽ پاڪستان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ گڏيل اپاءُ ورتا ويندا، شاهه محمود جو چوڻ آهي ته دهشتگردن سان ڪي به ڳالهيون نه ڪيون وينديون، افغاني وزير چيو ته افغانستان مان پاڪستان ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏني ويندي. +اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ افغان پرڏيهي وزير رانجن دادفر اسپانٽا گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽرانسپورٽ ڪميونيڪيشن ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. +پ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ چيو ته 27 آڪٽوبر تي پاڪ افغانستان جرڳي جي ايجنڊا تيار ڪئي وئي آهي. +هن چيو ته افغانستان سان ٽرانسپورٽ، ڪميونيڪيشن ۽ ٻين معاملن تي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. +پر ڏيهي وزير چيو ته دهشتگردن سان ڪي به ڳالهيون ڪيون وينديون انهن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون. +افغان پرڏيهي وزير رنگين دادفر اسپانٽا چيو ته افغانستان مان پاڪستان ۾ مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي ۽ پاڪستان کي ڀارتي سفارتخاني ۽ قونصل خانن بابت ڳڻتي نه ڪرڻ گهرجي. +هن چيو ته افغانستان ۾ ڀارت جي فوج ناهي، اتي رڳو ڀارتي انجنيئر ترقياتي ڪمن ۾ حصو وٺن پيا. + + +استاد بخاري کي ڀيٽا زبير زرار منگي +سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن استاد بخاري کي ڀيٽا ڏيندي چيو آهي ته استاد بخاري حساس انسان سان گڏ ڌرتي جو درد رکڻندڙ عوامي شاعر هو. +ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران استاد بخاري جي ياد ۾ ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي اديبن ۽ شاعرن چيو ته استاد بخاري عوامي شاعر هو، جنهن جي شاعري جهر جهنگ ڳائي وڃي ٿي. +تقريب کي شمشير الحيدري، تاجل بيوس، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر خورشيد عباسي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، نصير سومري ۽ ٻين خطاب ڪيو. + + +پ پ سرحد جي صدر ۽ سينيئر وزير رحيم داد خان چيو آهي ته پاڪستان خاص ڪري سرحد صوبو دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهي. +پشاور ۾ پ پ جي پارلياماني ميمبرن ۽ ضلعي عهديدارن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گورنر اويس غني جي تبديلي، وفاقي ڪابينا ۾ واڌ ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. +اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي رحيم داد خان چيو ته موجوده حڪومت کي ڪيترائي مسئلا ورثي ۾ مليا آهن، ان جي باوجود حڪومت بيروزگاري جي خاتمي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي. +هن چيو ته پاڪستان ۽ خاص ڪري سرحد صوبو دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهي. +رحيم داد خان چيو ته سوات ۽ باجوڙ جي متاثرن کي نظرانداز نه ڪيو ويندو. حڪومت سمورا واعدا پورا ڪندي. +رحيم داد خان چيو ته ايف سي آر ۾ ترميمون ڪيون پيون وڃن ۽ فاٽا ۾ غربت ختم ڪري ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويندو. +هن چيو ته مخالف ڌر جون پارٽيون اجائي تنقيد بدران تجويزون ڏين ته جيئن گڏيل حڪومت بهتر انداز ۾ معاملا حل ڪري سگهي. + + +گڏيل قومن جو ڏينهن ۽ تاريخ رپورٽ: زبير زرار منگي +پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ گڏيل قومن جي قيام جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، 43 سال اڳ 24 آڪٽوبر 1945 ۾ گڏيل قومن جو ادارو وجود ۾ آيو. +28 جولائي 1914 تي يورپ ۽ آفريڪا کنڊ ۾ شروع ٿيل پهرين مهاڀاري جنگ دنيا ۾ تباهي مچائي ڇڏي، لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. +18 نومبر 1918 تي پهرين مهاڀاري جنگ جو خاتمو ٿيو، جنهن بعد انگلستان، جرمني، فرانس ۽ ٻين ملڪن پاران1 جنوري 1920 ۾ ليگ آف نيشن جي نالي سان تنظيم جوڙي وئي، جنهن ۾ 28 اتحادي ۽ 13 اڻ ڌريا ملڪ شامل هئا. +ليگ آف نيشن جوڙڻ جو مقصددنيا ۾ جنگ جي واقعن کي روڪڻ، انسان جي سياسي، سماجي ۽ معاشي معيار کي بهتر بڻائڻ، عورت ۽ مرد کي برابري جا حق ڏيارڻ ۽ ڪنهن به ملڪ کي ٻئي تي اڳرائي ڪري حملو ڪرڻ کان روڪڻ توڙي خطرناڪ هٿيارن جي خاتمي لاءِ ڪوششون وٺڻ هو. +ليگ آف نيشن ۾ برطانيا، فرانس، جرمني، جاپان ۽ اٽلي سميت دنيا جا 51 ملڪ شامل هئا. +1 سيپٽمبر 1936 ۾ ٻئي مهاڀاري جنگ جي شروعات ٿي ، جنهن کي ليگ آف نيشن روڪڻ ۾ ناڪام وئي ۽ يورپ، اوڀر اتر ايشيا، آمريڪا ۽ آفريڪا کنڊ جي 61 ملڪن ۾ جنگ شروع ٿي وئي، جيڪا دنيا جي 80 سيڪڙو آبادي هئي. +ٻئي مهاڀاري جنگ دوران امريڪا جاپان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم ڪيرايا، جنگ سبب لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا ۽ ڪروڙين زخمي ٿيا، جڏهن ته لکين فيڪٽريون ۽ ڪروڙين گهر تباهه ٿيا. +گڏيل قومن جي وجود ۾ اچڻ بعد 2 سيپٽمبر 1945 تي ٻي مهاڀاري جنگ جو خاتمو آندو ويو ۽ دنيا ۾ صلح ڪ��ايو ويو. +گڏيل قومون 6 حصن تي مشتمل آهي، جن ۾ جنرل اسيمبلي، سلامتي ڪائونسل، اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل، ٽرسٽي شپ ڪائونسل، عالمي عدالت ۽ سيڪريٽريٽ شامل آهن، +گڏيل قومن جو هيڊڪوارٽر امريڪي شهر نيويارڪ ۾ آهي ۽ ٻين ادارن جون آفيسون جنيوا، ويانا، نيروبي ۽ دي هيگ ۾ قائم آهن، جڏهن ته گڏيل قومن جون شاخون دنيا جي هر ملڪ ۾ قائم ڪيون ويون آهن. +گڏيل قومن جون 6 آفيشل ٻوليون آهن، جن ۾ انگريزي، عربي، فرينچ، جرمني، رشين ۽ اسپينش شامل آهن، جڏهن ته سيڪريٽريٽ جو ڪم ڪار انگريزي ۽ فرينچ ٻولين ۾ ڪيو ويندو آهي. +پاڪستان 30 سيپٽمبر 1947 ۾ گڏيل قومن جو ميمبر بڻيو ۽ هن وقت گڏيل قومن جا 192 ملڪ ميمبر آهن، 2000 ۾ گڏيل قومن جي 192 ميمبرن يونائيٽيڊ نيشن ملينيم ڊڪليئريشن تي صحيحون ڪيون، جنهن کي ملينيئم ڊولپمينٽ گول اچيومينٽ سڏيو ويندو آهي، جنهن موجب 2015ع تائين دنيا مان غربت، بک، بدحالي، بيروزگاري، ناخواندگي، سماجي ۽ جنسي اڻ برابري ۽ وبائي بيمارين جو خاتمو آڻي، دنيا ۾ امن ۽ استحڪام آندو ويندو. + + +جرڳي پاران جوڙي کي قتل ڪرڻ ۽ نوجوان جي ماءُ ۽ ڀيڻ کي ناري جي وارثن حوالي ڪرڻ جو انسانيت کان ڪريل فيصلو رپورٽ زبير زرار منگي +جرڳي ۾ نوجوان اسد الله پنهور جي پيرسن ماءُ سارا پنهور ۽ سندس 16 ورهين جي ڀيڻ عذرا کي ڏنڊ عيوض مهرن حوالي ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته نوجوان ناري نه موٽائي وئي ته سندس نوجوان جي ماءُ ڀيڻ ڏنڊ طور مهر برادري کي پرڻائي ڏنيون وينديون. +جرڳي دوران مهرن پاران پنهور برادري جي اغوا ڪيل مسمات اقبال بانو زال حبدار پنهور کي پڻ مائٽن حوالي ڪيو ويو. +هوڏانهن ايس پي جاچ خيرپور اڪبر وڳڻ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته کيس اهڙي قسم جي جرڳي بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي. +هن وڌيڪ چيو ته پنهور برادري جي اغوا ڪيل اقبال بانو جي ڪيس ۾ هڪ جوابدار نصرالله مهر کي گرفتار ڪيو آهي ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي. + + +هٿيارن جي خاتمي جو عالمي هفتو رپورٽ: زبير زرار منگي +پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾24 کان 30 آڪٽوبر تائين هٿيارن جي خاتمي جو هفتو ملهايو پيو وڃي،گڏيل قومن جي اداري آءِ اي اي اي پاران 1952 ۾ ويانا ۾ گهرايل امن ڪانفرنس جي روشني ۾ گڏيل قومن پاران 1978 ۾ دنيا مان خطرناڪ هٿيارن جي خاتمي لاءِ قرارداد پاس ڪئي وئي. +28 جولائي 1914 کان 11 نومبر 1918 تائين پهرين مهاڀاري جنگ جاري رهي جنهن ۾ ڳرن هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو ۽ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪروڙين زخمي ٿيا، جنهن بعد 1920 ۾ ليگ آف نيشن جي نالي سان هڪ تنظيم جوڙي وئي، جنهن جٽادار امن لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ۽ 52 ميمبرن ملڪن کي وڌيڪ اسلحي جي تياري تي بندش وڌي. +ليگ آف نيشن جي بندش باوجود جرمني ۾ قائم هٽلر جي حڪومت ڳجهي نموني هٿيارن جي تياري تيز ڪري ڇڏي ۽ نيٺ 1935 ۾ جرمني ليگ آف نيشن کان ڌار ٿيڻ اعلان ڪيو ۽ 3 ڊسمبر 1939 تي جرمني پولينڊ تي حملو ڪري ڏنو ۽ اهڙي طرح ٻئي مهاڀاري جنگ جي شروعات ٿي وئي. +ٻئي مهاڀاري جنگ انسان جي تاريخ ۾ وڏي تباهي آڻيندڙ جنگ هئي، جنهن ۾ بندوقون ۽ رائيفلون گهٽ، پر جهازن ذريعي بنباري ڪئي وئي، جن ۾ حياتياتي، بم ۽ ايٽم بم شامل هئا ۽ جنگ دوران دنيا جي 40 ملڪن حصو ورتو، 80 سيڪڙو آبادي متاثر ٿي ۽ 5 ڪروڙ ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪروڙين زخمي ۽ بي گهر ٿيا +جنهن بعد آمريڪا جي مختلف سائنسدانن پاران برطانيا ۽ ڪينيڊا جي تعاون سان ايٽم بم تيار ڪيو، جنهن جو پهريون تجربو جولائي 1945 ۾ نيو ميڪسيڪو جي ٽرنٽي سائيٽ ۾ ڪيو ويو. +دنيا جي سموري تاريخ تي پهريون ڀيرو ايٽمي هٿيارن جو استعمال آمريڪا ٻئي مهاڀاري جنگ دوران 6 آگسٽ 1945 ۾ بي 29 بمبار جهاز ذريعي جاپان جي شهر هيروشيما ۾ لٽل بوائي جي نالي سان ڄاتو ويندڙ يورينيم بم ڪيريو ويو، جنهن سبب 60 هزار ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته 9 آگسٽ تي ناگاساڪي تي فيٽ مين جي نالي سان پلوٽينيم بم ڪيرايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 1 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي ويا ۽ 65 سال گذريڻ باوجود به اڄ انهن شهرن ۾ پيدا ٿيندڙ آبادي تي ايٽم جا تابڪاري اثر ظاهر اڄ به ظاهر ٿي رهيا آهن ۽ جسماني ۽ ذهني معذوري سميت ڪيتريون ئي وبائي بيماريون انهن جي پلئي پيل آهي. انسان جي تاريخ ۾ اهڙي ڪنهن واقعي جو اڳ ۽ پوءِ به ڪو مثال نه ٿو ملي. +2 ڊسمبر 1945ع ۾ ٻئين مهاڀاري جنگ جو خاتمو ٿيو ۽ 24 آڪٽوبر 1945ع ۾ گڏيل قومن جي نالي سان اداري ڪم شروع ڪيو، گڏيل قومون 6 مکيه حصن تي مشتمل آهي، جن ۾ هٿيارن جي خاتمي ۽ عالمي امن لاءِ سڪيورٽي ڪائونسل يا سلامتي ڪائونسل نالي سان ادارو جڙيل آهي، جنهن جي ماتحت اداري جو نالو ايٽمي ڪميشن آهي، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر ويانا ۾ آهي، ٻئي مهاڀاري جنگ کانپوءِ دنيا ۾ گهرو ويڙهه جي شروعات ٿي، عراق ۾ صدام حسين جي دور اقتدار ۾ سندس ويڳي ڀاءُ علي حسن الماجد عرف ڪيميڪل علي 13 مارچ 1987 کان 23 اپريل 1989 تائين ڪردن خلاف ظالماڻيون ڪارروائيون ڪندو رهيو، مٿس الزام هيو ته هن ڪردن خلاف ڪيميائي هٿيار استعمال ڪيا، جنهن ۾ سندن 2 هزار ڳوٺ تباهه ٿي ويا هئا ۽ 50 هزار ڪردن جو قتل عام ٿيو، جڏهن ته ڪردن جي دعويٰ آهي ته سندن هڪ لک 82 هزار ماڻهو قتل ڪيا ويا. +دنيا ۾ ايٽم بم، هائڊروجن بم، نيوٽران، ڪوبالٽ بم، ڊرٽي بم ۽ سوٽ ڪيس بم نالي خطرناڪ هٿيار موجود آهن، جڏهن ته ننڍڙن هٿيارن سميت انفينٽري سپورٽ ويپن، فورٽي فڪيشن ويپن، مائونٽين ويپن، ايئر ڪرافٽ ويپن، نيول ويپن، اسپيس ويپن، بائلاجيڪل ويپن، ڪيميڪل ويپن، انرجي ويپن،ايڪسپلوزين ويپن، ميگنيٽڪ ويپن، نيوڪليئر ويپن، رينجڊ ويپن، سوئيسائيڊ ويپن، ڪلسٽر بم، ليزر گائيڊيڊ ميزائيل، بئليسٽڪ ميزائيل۽ ٻيا خطرناڪ هٿيار موجود آهن، +دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هٿيار رکندڙ ملڪن ۾ روس ۽ آمريڪا شامل آهن، جڏهن ته دنيا ۾ هائيڊروجن بم رکندڙ ملڪن ۾ آمريڪا، برطانيا، روس، چين، فرانس ۽ ڀارت شامل آهن. +ڀارت 1974 ۾ سمائيلنگ بڌا نالي سان ايٽم بم جو تجربو ڪيو، ۽ 11 مئي 1998 ۾ شڪتي ون ۽ ٽو نالي سان ٻيهر ڌماڪا ڪيا، جنهن بعد پاڪستان 28 مئي 1998 تي چاغي ون جي نالي سان ايٽمي ڌماڪا ڪري ايٽمي قوت طور اڀريو. +دنيا ۾ هن وقت 40 هزار ايٽمي هٿيار موجود آهن، جن مان 12هزار 70 آمريڪا، روس وٽ 28 هزار 240، برطانيه وٽ 400 سئو،فرانس وٽ 510، چائنا وٽ 425، انڊيا وٽ 70 ۽ پاڪستان وٽ 15 ايٽمي هٿيار موجود آهن جڏهن ته اسرائيل وٽ 70 کان 300 ايٽمي هٿيار آهن پر هو ان کان هميشا انڪار ڪندو رهيو آهي +اين پي ٽي نالي معاهدو 1968 ۾ ڪيو ويو، جيڪو 1970 ۾ وجود ۾ آيو، جنهن تي دنيا جي 189 ميمبرن صحيحون ڪيون آهن، جنهن جو مقصد دنيا ۾ ڳرن هٿيارن جو محدود مقدار ۾ رکڻ آهي. +اين ٽي پي ٽي تي ڀارت، پاڪستان، اتر ڪوريا سميت 12 ميمبرن صحيحون نه ڪيون آهن. +ايٽمي هٿيارن جي وڌيڪ تجربن کان روڪڻ لاءِ 1996 ۾ سي ٽي بي ٽي معاهدو ڪيو ويو، جنهن ۾ دنيا جي 177 رياستن صحيحون ڪيون +1993 ۾ روس جي صدر بوريس يلستن ۽ آمريڪا جي صدر جارج بش وچ ۾ 6 هزار ايٽمي هٿيار ۽ 16 سئو بيلاسٽڪ ميزائيلن کي تباهه ڪرڻ جو معاهدو ٿيو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ 24 مئي 2002 ۾ ماسڪو معاهدي ٿيو، جنهن تي امريڪي صدر جارج ڊبليو بش ۽ روسي صدر ولادي مير پيوٽن صحيحون ڪيون، معاهدي موجب 31 ڊسمبر 2015 تائين 17 سئو ايٽمي هٿيار ۽ 22 سئو اينٽي بئليسٽڪ ميزائيل ختم ڪيا ويندا +هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي دنيا ۾ امن، پيار، محبت ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪري خطرناڪ هٿيارن جو خاتمو آندو وڃي ته جيئن دنيا ٽئين مهاڀاري جنگ ڏانهن وڌندڙ قدمن کي هميشا لاءِ نيست و نابوت ڪري سگهجي. + + +والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت کي 61 سال پورا ٿيڻ تي والاريل ڪشمير ۾ اڄ عام هڙتال ڪئي پئي وڃي ۽ والاريل ڪشمير جي مختلف علائقن مان حريت اڳواڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، وادي ۾ ڀارتي فوج هٿان وڌيڪ 5 ڪشمير نوجوان شهيد ٿي ويا آهن +رپورٽن موجب، والاريل ڪشمير جي ڪشتواڙ واري علائقي ۾ ڀارتي فوج گهر گهر تلاشي دوران 5 ڪشميري نوجوانن کي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو آهي. +والاريل ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن مير واعظ عمر فاروق، مختار احمد ۽ ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ جي اڳواڻ ياسين ملڪ سوڌو ڪيترن ئي ٻين اڳواڻن کي گهرن ۾ نظربند ڪيو ويو آهي. + + +حيدرآباد ۾ قتل جي وارڌاتن ۾ اضافو رپورٽ: زبير زرار منگي.. +حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻن الڳ الڳ پراسرار واقعن ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ سخت زخمي ٿي پيو. +حيدرآباد جي مڪي شاهه ٿاڻي جي حد ال آمنا ڪامپليڪس مان پراسرار حالت ۾ فوت ٿيل 24 ورهين جي نويد پٽ بشير جو لاش مليو آهي، جيڪو سکر جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. +پراسرار نموني فوت ٿيل سکر واسي نوجوان نويد کي بلڪل ويجهي کان مٿي ۾ گولي لڳل آهي. +هٽڙي ڀرسان ناريجا اسٽاپ جي رهواسي 16 ورهين جي نوجوان راشد پٽ جمعو بهرام کي سخت زخمي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد پهچايو ويو آهي. +زخمي نوجوان جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. + + +سانگهڙ ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو رپورٽ: زبير زرار منگي.. +ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سانگهڙ جي حڪم تي سول جج پريتم آباد ٿاڻي تي ڇاپو هڻي مبينا طور باندي بڻايل 3 ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. +ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سانگهڙ امجد علي ٻوهيو جي حڪم تي سول جج سانگهڙ ملڪ محمد يوسف پريتم آباد ٿاڻي تي ڇاپو هڻي 4 ڏينهن اڳ مبينا طور ناحق باندي بڻايل محمد صادق پٺاڻ ۽ سندس ٻن پٽن رياض احمد ۽ ارشاد احمد کي ڪڪڙن جي هڪ فارم مان بازياب ڪرائي ورتو آهي. +سيشن جج پاران کڏڙو ۽ پريتم آباد ٿاڻن جي انچارجز کي سڀاڻي عدلت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. + + +سي بي آر جي نئين جوڙجڪ جو فيصلو رپورٽ: زبير زرار منگي.. +ناڻي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته سي بي آر جي نئين سر جوڙجڪ ڪري ان ۾ نجي شعبي کي به شامل ڪيو ويندو. +لاهور ۾ چيئمبر آف ڪامرس جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شوڪت ترين چيو ته ملڪ مان غربت جو خاتمو آڻڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، زراعت ۽ واپار وارين پاليسين کي درست ڪيو ويندو. +هن چيو ته زرعي شعبي کي هٿي ڏيڻ سان ملڪ ترقي ڪندو پر هن وقت تائين ان کي نظرانداز ڪري ترقي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا ناڪام ثابت ٿي آهي. +هن چيو ته سي بي آر صنتعڪارن ۽ واپارين کي هراسان ڪرڻ بند ڪري. +شوڪت ترين چيو ته ملڪ جو معاشي نظام تمام گهڻو منجهيل آهي ۽ انڪم ٽئڪس ۽ ويليو ايڊٽ ٽئڪس کانسواءِ ٻيا ڪي به ٽئڪس نه هجڻ گهرجن، ملڪ ۾ ٽيڪسز جي وصولي وارو نظام بهتر بڻائڻو پوندو. +هن چيو ته بجلي اگهن وارو فارمولو سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ ته بجلي پيدا ڪندڙ ادارا پنهنجي منهن بجلي اگهه وڌائي رهيا آهن. + + +سياحت جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌ جا سياحتي ماڳ: رپورٽ: زبير زرار منگي.. +اڄ سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ سياحت جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اڄوڪي ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد دنيا ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ آهي. +سياحت وارو شعبو دنيا ۾ انڊسٽري واري صورت اختيار ڪري چڪو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڀارت، والاريل ڪشمير، مصر، ترڪي ۽ ايران سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ سياحتي مرڪز بڻجي ويا آهن. +پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومتي ڪوششون مڪمل طور تي ناڪام ويون آهن، پاڪستان ۾ سياحت جي حوالي سان سنڌ جي تاريخي ماڳن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آهي. +گذريل سال وفاقي حڪومت سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وزٽ پاڪستان 2007 جي نالي سان سال ملهايو، جنهن ۾ به سنڌ جي تاريخي آثارن کي مڪمل طور نظرانداز ڪري سياحت جي شعبي کي اسرڻ ئي نه ڏنو ويو آهي سنڌ جي تاريخي ماڳ موهن جو دڙو، مڪلي، چوڪنڊي جو قبرستان، عمرڪوٽ جو قلعو ۽ ڪوٽڏيجي جي قلعي سميت مختلف سياحتي مرڪزن ۾ ڪي به سهولتون ميسر نه ڪيون ويون آهن. +پاڪستان سميت عالمي طور تي دهشتگردي وڌڻ بعد سياحت وارو شعبو سخت متاثر ٿيو آهي، عالمي سطح تي مصر ۾ گذريل هفتي دوران 11پرڏيهي سياح جن ۾ 5 جرمن، 5 اطالوي ۽ هڪ روماني سياح ۽ ٽريول ايجنسي جي 8 ملازمن سميت 19 ڄڻن کي سفاري ڊرزٽ واري علائقي ۾ سوڊان سان ملندڙ سرحد وٽان اغوا ڪيو ويو جنهن سبب مصر جي سياحت واري شعبي کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. +مصر جي احرامن ۽ ٻين تاريخي آثارن تي پرڏيهي سياحن جي دلچسپي سبب سياحت انڊسٽري جو شعبو اختيار ڪري ورتو آهي ۽ هزارين خاندان ان ڌنڌي سان سلهاڙيل آهن، جڏهن ته ملڪي معيشت جو 6 سيڪڙو ناڻو سياحت وارو شعبو ڏيندو آهي. +ٽوئرسٽ ايجنسين جو چوڻ آهي ته سفاري ڊزرٽ جي علائقي ۾ اغوا واري وارڌات پنهنجي نوعيت جو پهريون واقعو آهي، پر تنهن هوندي به پرڏيهي سياح ڪافي خوفزدهه آهن ۽ اهي مصر اچڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن. +پاڪستان جي علائقن سوات ۽ باجوڙ سميت ٻين وادين ۾ انتها پسندي ۽ دهشتگردي جون ڪارروائيون ۽ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن سبب سياحن جي دلچسپي ختم ٿي وئي آهي. +سنڌ جي سياحت مرڪزن موهن جو دڙو، مڪلي، چوڪنڊي جو قبرستان، عمرڪوٽ جو قلعو ۽ ڪوٽڏيجي جي قلعي سميت مختلف سياحتي ماڳن ۾ نه ڪو انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو ڪو واقعو پيش آيو آهي ۽ نه ڪنهن ڏيهي توڙي پرڏيهي سياح کي اغوا ڪيو ويو آهي پي تنهن باوجود وفاقي توڙي صوبائي حڪومت سنڌ ۾ سياحت واري شعبي کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڪي خاطر خواهه نتيجا نه ڏئي سگهيون آهن. +سنڌ جو ثقافت کاتو موهن جو دڙو، مڪلي، چوڪنڊي جي قبرستان ۽ ٻين تاريخي آثارن تي جديد سهولتون ميسر ڪرڻ جي دعويٰ ته ڪري پيو پر اڃان تائين ڪم صرف فائيلن ۾ ٿئي پيو، جڏهن ته تاريخي آثارن تي ڪو به عملي ڪم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته آرڪيالاجي جا ماهر پڻ حڪومتي دعوائن کي صرف دعوائون سمجهن ٿا. +سياحت جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان صدر آصف زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ موهن جي دڙي، هڙاپا، گنڌرا جون تهذيبون ۽ ڀرپور ثقافت ۽ سياحن لاءِ جنت آهن، جتي هر سال دنيا جي مختلف ملڪن کان هزارين ماڻهو گهمڻ اچن ٿا. +صدر آصف علي زرداري سياحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي دنيا جي سياحن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته سيلاني پاڪستان اچن ۽ دنيا جي قديم تهذيبن جي ثقافتي ورثي ۽ قدرت جي عطا ڪيل خوبصورت منظرن جو مشاهدو ڪن. +هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ سميت پاڪستان جي ثقافتي ۽ سياحتي ماڳن تي ايندڙ سياحن کيِ جديد سهولتون ڏيڻ لاءِ حڪومت کوکليون دعوائون ڪرڻ بجاءِ عملي قدم کڻي ته جيئن پاڪستان ۾ به سياحت واري شعبي کي هٿي وٺرائي سگهجي. + + +خوراڪ جو عالمي ڏينهن ۽ سنڏ ۾ غربت..رپورٽ: زبير زرار منگي.. +خوراڪ جو عالمي ڏينهن زبير زرار منگي +اڄ سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ خوراڪ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، +اڄوڪي ڏينهن کي ملهائڻ جو سلسلو 1945کان ايف اي او جي اڳواڻي ۾ ٿيو، جنهن جو مقصد دنيا ۾ پيدا ٿيل خوراڪ جي بحران تي ضابطو آڻڻ آهي. +دنيا ۾ کاڌ خوراڪ جي شين ۾ گهٽتائي جو مکيه ڪارڻ معاشي مسئلن جو جنم وٺڻ آهي ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جي اگهه ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ لکين خاندانن کي غربت جي لڪير کان هيٺ ڌڪي ڇڏيو آهي جنهن سبب عام ماڻهولاءِ 2 ويلا ماني به تمام وڏو مسئلو بڻجي وئي آهي. +ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ سال دوران ڪڻڪ جي اگهه ۾ ٻيڻ تي ۽ چانورن جي اگهه ۾ ٽيڻ تي واڌ ٿي آهي، چانور دنيا جي 3 ارب آبادي جي بنيادي خوراڪ آهي ۽ اڪثر غريب ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ چانور جو تمام گهڻو استعمال ٿيدو آهي جنهن ڪري انهن ملڪن ۾ گهٽ آمدني وارو طبقو سخت متاثر ٿيو آهي جڏهن ته تيل جي اگهه ۾ پڻ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيو آهي. +پاڪستان جي شهري آبادي ۾ ڪڻڪ جو تمام گهڻو استعمال ٿئي ٿو ۽ ڪڻڪ جي اٽي جي کوٽ ۽ وڌندڙ اگهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ موجوده اتحادي حڪومت في مڻ ڪڻڪ جي امدادي قيمت ساڍا 9 سئو مقرر ڪئي پر تنهن هوندي به حڪومت اٽي جي بحران تي ضابطو نه آڻي سگهي آهي ۽ اڄ به هزارين خاندان کاڌ خوراڪ کان محروم آهن ۽ اڄ به يوٽيلٽي اسٽورن تي وڏيون قطارون لڳل آهن ۽ لاتعداد ماڻهو اٽي کان محروم ٿي خالي هٿين گهرن ڏانهن موٽن ٿا +پاڪستان ۾ خوراڪ جي کوٽ، انتهاپسندي ۽ معاشي بحران سبب نئين جوڙيل حڪومت پڻ سخت پريشاني جو شڪار آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري ته پاڪستان لاءِ اڳ ئي مسئلو بڻيل هئي پر خوراڪ جي کوٽ ۽ معاشي بحران ۾ ڦاٿل پاڪستان پنهنجي دوست ملڪن ڏانهن مدد لاءِ وانجهائي رهيو آهي پر عالمي طور تي معاشي بحران جو شڪار دنيا پاڪستان ۾ پيدا ٿيل معاشي توڙي غذائي بحران کي حل ڪرڻ کان قاصرنظر اچي رهي آهي. +گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام پاڪستان ۾ کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي جي شڪار ماڻهن جو انگ 4 ڪروڙ کان وڌي 7 ڪروڙ 7 لک تي پهچي ويو آهي، جيڪو آبادي جو اڌ حصو آهي، جڏهن ته عالمي بينڪ پاڪستان کي انهن 36 ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي جتي خوراڪ جي شديد بحران جو خطرو موجود آهي. +گڏيل قومن جي رپورٽ موجب نامناسب ۽ غير معياري خوراڪ واپرائڻ سبب اڄ به لکين عورتون ۽ ٻار موت جو شڪار ٿين ٿا، جڏهن ته اڄ به دنيا ۾ 850 ملين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿي رهيا آهن +خوراڪ جي بحران بابت هلندڙ سال جون ۾ پئرس جي شهر روم ۾ گڏيل قومن جي نگراني ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ اعتراف ڪيو ويو ته گذريل 30 سالن جي ڀيٽ ۾ هن سال کاڌي پيتي جي شين ۾ وڌيڪ واڌ آئي آهي، جنهن سبب دنيا جا وڌيڪ 10 ڪروڙ ماڻهو غربت جي گهرائين ۾ ڌڪجي رهيا آهن. +هاڻي ضروت ان ڳالهه جي آهي ته گڏيل قومن ۽ ترقي يافتا ملڪن کي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ کاڌ خوراڪ جي وڌندڙ اگهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ گڏجي جاکوڙڻو پوندو ته جيئن غربت، بک ۽ بدحالي جو خاتمو آڻي ڪروڙين قيمتي جانيون ضايح ٿيڻ کان بچائي سگهجن. + + +صدر آصف زرداري جو آمريڪي دورو..رپورٽ: زبير زرار منگي.. +صدر آصف علي زرداري گڏيل قومن جي 63 هين جنرل اسيمبلي ۾ شرڪت ۽ آمريڪي صدر بش سميت اهم عالمي اڳواڻن سان ملاقات لاءِ آچر ڏينهن اسلام آباد جي شهيد بينظير ڀٽو ايئر پورٽ تان لوڪل فلائيٽ ذريعي لنڊن جي رستي آمريڪا روانو ٿيو. +صدر آصف علي زرداري سومر ڏينهن لنڊن ۾ مختصر قيام بعد هڪ مختصر وفد سان گڏ روانو ٿيو، وفد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وزير سيد نويد قمر، سڌسماءَ واري وزير شيري رحمان، وزير اعظم جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار محمود علي دراني کان علاوه سينيئر اهلڪار پڻ شامل هئا. +22 سيپٽمبر تي صدر آصف علي زرداري جي نيويارڪ پهچڻ کان اڳ جان ايف ڪينيڊي ايئرپورٽ تان هڪ دستي بم هٿ آيو، جنهن کانپوءِ ڪجهه وقت لاءِ سڄو ايئرپورٽ خالي ڪرايو ويو، جيڪو صدر آصف علي زرداري جي آمد وقت ٻيهر کوليو ويو. +گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي حوالي سان صدر آصف علي زرداري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسلام آباد ۾ بم ڌماڪو پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ چئلينج آهي ۽ حڪومت دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. +هڪ آمريڪي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي صدر آصف زرداري چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ پوري دنيا سان گڏ وڙهندو. +صدر آصف چيو ته آمريڪي جهازن جي پاڪستاني سرزمين تي حملا پاڪستان جي خودمختياري تي حملا آهن ۽ اهي آمريڪي فوج پاڪستان جي مرضي کانسواءِ ئي ڪيا ۽ حملا گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪئي ۽ هاڻي پاڪستاني فوج کي سرحدن جي تحفظ لاءِ واضع حڪم ڏنا ويا آهن. +نيويارڪ ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش وچ ۾ ملاقات ٿي، ان موقعي تي صدر بش جو چوڻ هو ته آمريڪا پاڪستان جي خودمختياري جو احترام ڪري ٿو. +نيويارڪ ۾ ملاقات دوران صدر بش اسلام آباد بم ڌماڪي ۾ مارجي ويندڙن جي صدر آصف زرداري سان تعزيت ڪئي. +صدر بش چيو ته پاڪستان اسان جو اتحادي آهي ۽ ان جي خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا ۽ سندس خواهش آهي ته پاڪ آمريڪالاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿين. +صدر بش سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر آصف زرداري چيو ته بينظير ڀٽو ملڪ ۾ جمهوريت پئي چاهي، آمريڪا ۽ ٻين دوست ملڪن جي ڪري پاڪستان ۾ جمهوريت قائم ٿي. +هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا تعلقات اڃان وڌيڪ مضبوط ٿيندا. +نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڊنر ڏنو، جنهن ۾ صدر آصف زرداري سميت مختلف عالمي اڳواڻن شرڪت ڪئي. +صدر آصف علي زرداري برازيل جي صدر لوئس انا سيئوڊي سلو ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وزيراعظم هان سيونگ سو سان ملاقات ڪئي. +ملاقات دوران پاڪستان ڏکڻ ڪوريا ۽ برازيل وچ ۾ واپار ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ بابت اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.. +صدر آصف علي زرداري ۽ ڀارت جي وزيراعظم من موهن سنگهه وچ ۾ اهم ملاقات ٿي، نيويارڪ جي هڪ مقامي هوٽل ۾ پاڪستان جي صدر ۽ ڀارتي وزيراعظم وچ ۾ انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جيڪا 35 منٽن تائين جاري رهي. +من موهن سنگهه چيو ته ملاقات ۾ سڀني معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هو انتهائي مطمئن آهي سندس چوڻ هو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي تي عمل ڪندو.. +صدر زرداري جو چوڻ هو ته هو وزيراعظم من موهن سنگهه جي تجربي مان فاعدو وٺڻ چاهي ٿو. +هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ ۽ غربت جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. +صدر آصف چيو ته من موهن سنگهه سان ڪشمير مسئلي ۽ سرحد پار دهشتگردي سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. +خميس ڏينهن صدر آصف زرداري نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي چيني وزيراعظم وين جيا بائو سان ملاقات ڪئي. +ملاقات دوران چيني وزير اعظم اسلام آباد بم ڌماڪن جي مذمت ڪندي چيو ته چين پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. +ان موقعي تي صدر آصف زرداري چين جي حمايت تي چيني وزير اعظم ۽ عوام جو ٿورو مڃيو ۽ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ خطي جي صورتحال ۽ سياسي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. +صدر آصف علي زرداري جو نيويارڪ جي مائونٽ سينائي اسپتال ۾ دل جي ماهر ڊاڪٽر جاويد سليمان، مارٽر گولڊ مين ۽ سمين شرما جو معائنو ڪيو. +ڊاڪٽر جاويد سليمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر آصف جي دل ۽ هو پاڻ تندرست آه ۽ ٽيسٽن جي رپورٽن موجب صدر آصف زرداري جي دل جو متاثر حصو به صحيح انداز ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هو مڪمل صحتمند آهي. +صدر آصف علي زرداري ريپبلڪن پارٽي جي نائب صدارتي اميدوار سارا پالن سان ملاقات ڪئي. +نيويارڪ ۾ ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران پاڪ – آمريڪا لاڳاپن، دهشتگردي خلاف جنگ ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي وٺ ڪئي. +صدر آصف زرداري سارا پالن سان انتهائي گرم جوشي سان استقبال ڪيو ۽ ان جي خوبصورتي جي تعريف ڪندي چيو ته هو سمجهي سگهي ٿو ته آخر تمام گهڻا آمريڪي سندس ديوانا ڇو آهن. +صدر آصف علي زرداري جاپان جي نئين چونڊيل وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته هو اميد ٿو ڪري ته مستقبل ۾ به پاڪستان ۽ جاپان جا تعلقات وڌيڪ مضبوط هوندا ۽ ٻنهي ملڪن جو هڪ ٻئي سان تعاون جاري رهندو. +صدر آصف علي زرداري بان ڪي مون سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن سميت اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان موقعي تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قتل جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. +ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن بينظير ڀٽو جي قتل جي جاچ آزاد ڪميشن کان ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ان موقعي تي گڏيل قومن ۽ پاڪستاني اختيارين وچ ۾ ٿيندڙ معاونت تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. +صدر آصف زرداري فرانس جي صدر نڪولس سرڪوزي، افغانستان جي صدر حامد ڪرزئي، آمريڪا جي پرڏيهي وزير ڪونڊوليزا رائيس ۽ آمريڪا جي نائب وزير خزانا سميت ٻين عملدارن سان پڻ گڏجاڻيون ڪيون. +صدر آصف زرداري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ رڳو بندوقن ۽ بمن سان کٽي نه ٿي سگهجي سندس چوڻ هو ته اسان دهشتگردي جو سبب نه پر پاڻ ان جو شڪار آهيون. +هن چيو ته هو ان ملڪ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، جيڪو پاڻ دهشتگردي جو شڪار آهي. +صدر آصف زرداري چيو ته دنيا جي عظيم ليڊر ۽ سندس گهرواري شهيد بينظير ڀٽو کي پڻ دهشتگردن آپگهاتي بم حملي ذريعي قتل ڪيو. +صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀارت سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ مضبوطي آندي ويندي ۽ ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڀارت سان ڳالهيون جاري آهن. +صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف هڪ جمهوري حڪومت ئي جنگ کٽي سگهي ٿي ۽ پاڪستان ۾ عوام جي چونڊيل حڪومت قوم جي مدد سان دهشتگردي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿي. + + +سرڪار پاران اٽي جي اگهن ۾ اضافو..رپورٽ: زبير زرار منگي.. +وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي جـِي هڪ سئو ڪلو راي ٻوري تي 4 سئو رپيا ۽ 10 ڪلو واري ٿيلهي تي 40 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي. +وفاقي حڪومت اٽي جي اگهه ۾ واڌ وارو ليٽر جاري ڪندي يوٽلٽي اسٽورز جي اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته اٽي جي اڍائي مڻ واري ٻوري 4 سئو رپيا ۽ 10 ڪلو واري ٿيلهي جي اگهه ۾ 40 رپيا واڌ ڪئي وڃي. +يوٽيلٽي اسٽورز جي ريجنل مئنيجر ڪمال مصطفيٰ تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته وفاقي حڪومت پاران اٽي جي اگهه ۾ واڌ وارو ليٽر جاري ڪيو آهي، جنهن بعد سمورن اسٽورز جي اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو آهي. +انڊسٽر��ز بابت وزير اعظم جي صلاحڪار منظور وٽو چيو آهي ته جيڪڏهن قاف ليگ پيپلز پارٽي ۽ حڪومت جي حمايت ڪري ته کين وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪري سگهجي. +اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وٽو چيو ته مرڪزي حڪومت پنجاب ۾ نواز ليگ کي ڪمزور نه پئي ڪري، پيپلز پارٽي جي قيادت سياسي استحڪام ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. +هن چيو ته سياسي پارٽين جو ڪمزور ٿيڻ ۽ انهن وچ ۾ جهيڙا ٿيڻ نه صرف جمهوريت پر ملڪ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو. +هن چيو ته عام ماڻهن پاران بنيادي استعمال ٿيندڙ شين جي اگهن ۾ واڌ واري عمل جو نوٽيس ورتو ويو آهي ۽ گيهه ۽ اٽي جي اگهن ۾ جلد گهٽتائي آندي ويندي. + + +حيدرآباد جي مڪي شاهه ٿاڻي جي حد ال آمنا ڪامپليڪس ۾ نويد شيخ واري قتل ڪيس ۾ وڏا ڦاٽ ڦاٽا آهن ۽ نوجوان جي قتل ڪيس ۾ هڪ نرس ۽ هڪ اردن جي شهري سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. +مڪي شاهه پوليس مارجي ويل 24 ورهين جي نويد شيخ جي والد بشير احمد شيخ جي فرياد تي اردن جي رهواسي محمد، سول اسپتال حيدرآباد جي نرس شگفتا انصاري ۽ سندس ڀاءُ شعيب تي ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري ورتو آهي. +مقتول جي پيءُ بشير احمد شيخ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته شگفتا انصاري بئراج ڪالوني سکر جي هڪ اسپتال ۾ ڪم ڪندي هئي جتي نويد شيخ کي ساڻس پيار ٿي ويو ۽ ڪجهه عرصو اڳ هوءَ پنهنجي مائٽن سان گڏ حيدرآباد هلي وئي جتي محمد نالي اردن جي رهواسي سان سندس واسطو ٿيو. +هن چيو ته محمد سندس پٽ کي فون تي ڌمڪيون پڻ ڏنيون جنهن بعد هن شگفتا سان ڳالهائڻ گهٽائي ڇڏيو هو. +بشير شيخ چيو ته شگفتا انصاري 3 ڏينهن اڳ نويد شيخ کي فون ڪري سکر کان حيدرآباد گهرايو، جتي کيس قتل ڪيو ويو. +هن چيو ته پوليس ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي ۽ پوليس جي چوڻ موجب ته انهن ٻن جوابدارن کي گرفتار پڻ ڪيو آهي جڏهن ته گرفتار ڪيل جوابدار ظاهر ناهن ڪيا ويا. + + +ڪراچي ۾ ايڪسپو سينٽر ۾ فيشن شو رپورٽ: زبير زرار منگي.. +ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ فيشن شو دوران سياري واري موسم جي لباسن جو نماءُ ڪيو ويو، جنهن جي ڪيٽ واڪ ۾ ٽاپ ماڊلس حصو ورتو. +ايڪسپو سينٽر جي هال ۾ فيش شو دوران پاڪستاني ٽاپ ماڊلس جينز، ليڌر جئڪٽس ۽ ٻيا سياري جي موسم ۾ استعمال ٿيندڙ لباس پهري ريمپ تي ڪيٽ واڪ ڪيو. +فيشن شو ۾ ڏيهي ڪمپنين جي تيار ڪيل جديد ۽ عالمي معيار جي لباسن جي نماءَ ۾ شهرين دلچسپي جو اظهار ڪيو. +ايڪسپو سينٽر ۾ چئن ڏينهن تائين جاري رهندڙ عالمي نمائش جي موقعي تي هرروز فيش شوز ٿيندا، جن ۾ مختلف موسمن واري عالمي معيار جي لباسن جو نماءُ ڪيو ويندو. + + +ڪراچي ۾ وڌندڙ خونريزي زبير زرار منگي +ڪراچي جي بلديا ٽائون واري علائقي ۾ هڪ مسجد تي هٿياربندن پاران ڪيل فائرنگ جي نتيجي ۾ پيش امام سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ساڳي علائقي ۾ فائرنگ سبب وڌيڪ هڪ نوجوان مارجي ويو آهي. +قائمخاني ڪالوني ۾ هڪ مسجد تي 20 کان وڌيڪ هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ مسجد جو پيش امام شمس الحق، عالمگير، عبدالمالڪ ۽ ڪمال مارجي ويا. +واقعي بعد علائقي جو ڪاروبار بند ٿي ويو ۽ رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. +پوليس مارجي ويلن جا لاش سول اسپتال پهچايا، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. +بلديه ٽائون جي علائقي 7 نمبر ۾ فائرنگ جي هڪ ٻئي واقعي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو. +ڊي آءِ جي ويسٽ عليم جعفري ڪي ٽي اين نيوز کي ٻڌايو ته ٻن سياسي گروپن ۾ پلاٽ جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ هو، ��نهن سبب هڪ ڌر جي ماڻهن فائرنگ ڪري 4 ڄڻن کي قتل ڪيو آهي. + + +قادرپور گيس فيلڊ جي نجڪاري ۽ جوهي ۾ تيل ڪمپنين خلاف پورهيتن جا احتجاجي مظاهرا رپورٽ: زبير زرار منگي +جوهيءَ ۾ مقامي ڳوٺاڻن تيل ۽ گيس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڪمپني جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيوويو، جڏهن ته قادر پور گيس فيلڊ کي خانگائڻ خلاف اسلام آباد ۽ قادرپور گيس فيلڊ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. +قادر پور گيس فيلڊ کي خانگائڻ واري فيصلي خلاف پورهيتن اسلام آباد ۽ قادرپور گيس فيلڊ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا، پورهيت اڳواڻن حڪومت کان مزدور دشمن پاليسيون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. +اسلام آباد ۾ پاڪستان ورڪرس فيڊريشن طرفان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ جماعت اسلامي، واپڊا، سي ڊي اي ۽ پي ٽي سي ايل ۽ ٻين پورهيت يونينز جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. +مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته صنعتي ايڪٽ 2008، مهانگائي، لوڊشيڊنگ، بيروزگاري ۽ ادارن کي خانگائڻ وارو عمل بند ڪيو وڃي. +هن چيو ته حڪومت کي گهرجي ته پورهيت دشمن پاليسيون ختم ڪري ليبر قانون تي عمل ڪرائي. +هنن مطالبو ڪيو ته ادارن کي خانگائڻ بدران ڪميٽي ٺاهي پورهيتن جا مسئلا حل ڪيا وڃن +گهوٽڪي جي علائقي قادرپور گئس فيلڊ آڏو پورهيتن گئس فيلڊ کي خانگائڻ واري فيصلي خلاف بک هڙتال ڪئي. +او جي ڊي سي ايمپلائيز يونين مزدور اتحاد جي مرڪزي صدر چوڌري اڪرم نور خان ناريجو، زاهد ڀٽو ۽ ٻين ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته جنهن فيلڊ جو افتتاح شهيد بينظير ڀٽو ڪيو، ان کي پ پ حڪومت پاران خانگائڻ افسوس جوڳي ڳالهه آهي. +احتجاج ڪندڙن چيو ته هو آخري دم تائين قادر پور گئس فيلڊ جي نجڪاري خلاف احتجاج جاري رکندا. +ٻئي طرف جوهيءَ ۾ مقامي ڳوٺاڻن تيل ۽ گيس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڪمپني جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو . +احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن جي هٿ ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا ۽ هو گئس ڪمپني خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا. +احتجاجي مظاهرو ڪندڙ ڳوٺاڻن غازي پنهور، الهداد ۽ ٻين چيو ته ڪمپنيءَ جي انتظاميا ساڻن لکت ۾ طئي ڪيو هو ته کين سرڪاري اگهه موجب زمين جي ليز ڏني ويندي جنهن جي لکت هر سال نئين سر ٿيندي. +هنن چيو ته ڪمپني پنهنجي ٺاهه تان ڦري وئي آهي ۽ هر سال نئين لکت نه پئي ڏني وڃي جڏهن ته ڪمپنيءَ ۾ ملازمت ڪندڙن ۾ به مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. +ڳوٺاڻن چيو ته 1998 ۾ ڪمپني ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ 25 هزار رپيا في ايڪڙ جي حساب سان ليز طئي ٿيل هئي. +هنن مطالبو ڪيو ته ڪڻڪ، ڀاڻ ۽ ٻين زرعي شين جي اگهه ۾ واڌ اچڻ کانپوءِ سندن ليز کي 50 هزار رپيا في ايڪڙ ساليانو ڪيو وڃي ۽ مقامي ماڻهن کي اوليت جي بنياد تي ڪمپنيءَ ۾ ملازمتون ڏنيون وڃن. +ڪمپنيءَ جي مينيجر مظاهرو ڪندڙ ڳوٺاڻن سان ڳالهائيندي چيو ته 17 ڳوٺاڻن کي فوري طور ڪمپنيءَ ۾ ملازمت ڏني ويندي ۽ سندن ٻين مطالبن کي هو اعليٰ اختيارين تائين پهچائيندو. + + +ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويل جيڪب آباد واسي 2 ڄڻا بازياب: زبير منگي +بلوچستان جي علائقي ڊيرا مراد جمالي مان اغوا ٿيل جيڪب آباد جا 2 رهواسي بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن. +10 ڏينهن اڳ واڍڪو ڪم ڪندڙ ڳوٺ احمد ميان سومرو جا رهواسي 2 نوجوان جاويد ۽ غلام سرور سومرو ڊيرا مراد جمالي کان جيڪب آباد ايندي رستي مان هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويا هئا. +هٿياربندن فون تي نوجوان جي وارثن سان رابطو ڪري کانئن 10 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو. +سندن وارثن جو چوڻ هو ته هو 3 ويلا کائڻ جي وصيت نٿا رکن، ��ن ڪري هو 10 لک رپيا ڀنگ نٿا ڀري سگهن. +مغوي نوجوانن جي بازيابي لاءِ محمد ميان سومرو سميت ڪيترائي بااثر ماڻهو سرگرم ٿي ويا هئا، جن تر جي مختلف وڏيرن ۽ سردارن سان رابطو ڪيو. +اڄ صبح مغوي نوجوانن کي هٿياربندن موٽرسائيڪل تي چاڙهي سندن اکيون ٻڌي ڳوٺ احمد ميان سومرو جي ٻاهران ڪوئيٽا روڊ تي ڇڏيو. +ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي نوجوانن ٻڌايو ته هو بنا ڀنگ ڀرڻ جي بازياب ٿيا آهن. +هنن چيو ته ڌاڙيلن پنهنجي طرفان جاچ ڪئي، جنهن ۾ کين معلوم ٿيو ته هي غريب آهن، ان ڪري کين ڇڏيو ويو. + + +پ پ جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿي رهيو آهي: قائم علي شاه رپورٽ: زبير زرار منگي +سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته صدر آصف زرداري جي صدارت هيٺ اڄ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ پارٽي جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. +جماعت اسلامي جي اڳواڻ پروفيسر غفور سان سندس گهرواري جي وفات تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته غير جمهوري دور ۾ 73ع جي آئين ۾ غير آئيني ترميمون ڪري آئين جي اصل روح کي بگاڙيو ويو. +هن چيو ته 73 جو آئين پيپلز پارٽي طرفان عوام لاءِ وڏو تحفو آهي، جنهن کي هر صورت ۾ بحال ڪيو ويندو. +قائم علي شاهه چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي ۽ ڪڻڪ جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ٺوس اپاءَ ورتا پيا وڃن. +پروفيسر غفور چيو ته هو 73ع جي آئين کي ٺاهڻ واري ڪميٽي جو ميمبر هو ۽ آئين کي هر صورت ۾ بحال ڪيو وڃي. + + +جبري پورهئي وٺڻ خلاف احتجاجي مظاهرو: رپورٽ: زبير زرار منگي +ٽنڊو فضل، ٽنڊو حيدر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سِرن جي بَٺن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جبري پورهيو وٺندڙن کان آزادي ڏيارڻ لاءِ حيدرآباد ۾ احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو. +بٺن جي پورهيتن، عورتن ۽ ٻارن سميت هٿن ۾ بئنرز کڻي شهر جي مختلف رستن تي مارچ ڪيو ۽ شهباز بلڊنگ آڏو ڌرڻو هنيو، جنهن سبب گاڏيون بيهجي ويون. +پورهيتن جو چوڻ هو ته هو ٻه کان چار هزار رپيا ايڊوانس رقم وٺي بٺن تي ڪم ڪرڻ لاءِ آيا، جتي کين ڪم ڪندي 8 کان 10 سال گذري ويا آهن. +هنن چيو ته ايترا سال سِرن جي بٺن تي ڪم ڪرڻ باوجود مٿن لکين رپيا ڪوڙو قرض چاڙهيو ويو آهي ۽ سندن چرپر تي بندش مڙهيل آهي، جنهن ڪري هو علاج به نٿا ڪرائي سگهن. +پورهيتن چيو ته جبري پورهيو وٺندڙن کان آزادي ڏياري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي. +احتجاج ڪندڙن جي هڪ وفد ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسيءَ سان ملاقات ڪئي، جنهن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ بٺا مزدورن ۽ جبري پورهئي جي حوالي سان تحقيقاتي آفيسر مقرر ڪيو آهي. +ڊي آءِ جي ثناءُ الله عباسيءَ پورهيتن تي واضح ته قانون مطابق هو آزاد شهري آهن ۽ کين ڪو به پئسن جي بنياد تي قيد نه ٿو رکي سگهي، ان ڪري هو پنهنجي مرضيءَ مطابق زندگي گذاري سگهن ٿا. + + +تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين خلاف احتجاج..رپورٽ: زبير زرار منگي. +سنڌ ايمپلائيز الائنس ۽ ڪلرڪ ايسوسيئيشن پاران مبينا طور تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين ۾ ڪلرڪن کي ملوث ڄاڻائڻ ۽ بالا آفيسرن کي بچائڻ جي ڪوشش خلاف اِي ڊي او آفيس حيدر آباد آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. +سنڌ ايمپلائيز الائنس ۽ ڪلرڪ ايسوسيئيشن جي سڏ تي اسدالله دراني، ظفر علي شاهه، عبدالرزاق، محمد علي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ شريڪ تعليم کاتي جا ڪلرڪ ۽ ٻيو عملو سيڪريٽري تعليم، ڊي سي او حيدرآباد ۽ وقتي اِي ڊي او تعليم حيدرآباد خلاف نعريبازي پڻ ڪري رهيا هئا. +اڳواڻن الزام مڙهيندي چيو ته تعليم کاتي ۾ ٿيل جعلي ڀرتين جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي ذريعي جعلسازيءَ ۾ ملوث بالا آفيسرن کي بچائي 12 ڪلرڪن کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. +هنن چيوته جعلي ڀرتين ۾ 12 ڪلرڪن کي ملوث ڏيکاري کين ضلع بدري ڪرڻ جون سازشون سٽيون ويون آهن. +هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن تعليم کاتي ۾ ٿيل جعلي ڀرتين ۾ ملوث بالا آفيسرن کي بچائي ڪلارڪن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ته سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. + + +8 ورهين جو ٻار موذي بيماري ۾ مبتلا رپورٽ: زبير زرار منگي +خيرپور ناٿن شاهه تعلقي جي ڳوٺ نورنگ چانڊيو جو رهواسي 8 ورهين جو ٻارڙو ڇـِتي ڪـُتي جي چڪ سبب هائڊرو فوبيا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. +ميهڙ اسپتال ۾ وئڪسين نه هئڻ سبب نينگر جو صحيح نموني سان علاج نه ٿي سگهيو ۽ کيس زخم اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو. +ٻن مهينن بعد نينگر تي هائڊرو فوبيا جو اثر ٿيو، سندس والدين کيس لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو. +نينگر جي والد ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس پٽ جي علاج لاءِ ساڻس مدد ڪئي وڃي. + + +هالا ۾ بزرگ پرڏيهي فقير جو ساليانو عرس شروع: زبير زرار منگي.. +هالا ڀرسان بزرگ پرڏيهي فقير جي ٽن ڏينهن واري سالياني عرس جون تقريبون شروع ٿي ويون آهي. +سعيد خان لغاري ۾ بزرگ پرڏيهي فقير جي ٽن ڏينهن واري سالياني عرس جي موقعي تي درگاهه جي متولي انجنيئر غلام عباس لغاري درگاهه تي چادر چاڙهي عرس جي تقريبن جو افتتاح ڪيو. +ميلي جون تقريبون ٽي ڏينهن جاري رهنديون، جڏهن ته چوٿون ڏينهن عورتن لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي. +ميلي جا ٽئي ڏينهن راڳ رنگ ۽ ملاکڙو ٿيندو، جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا پهلوان ۽ فنڪار حصو وٺندا، جڏهن ته آخري ڏينهن تي اسٽيج ڊرامون منعقد ڪيو ويندو. + + +بجلي جي بلن ۾ 40 سيڪڙو ڪٽوتي جو فيصلو..رپورٽ: زبير زرار منگي +ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 40 سيڪڙو رعايت سان بجلي جا بل پيارڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي پر ڪراچي جي ڪجهه بئنڪن پيپڪو پاران نوٽيفڪيشن نه ملڻ جو سبب ڄاڻائيندي رعايتي بل وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. +ان حوالي سان اسان رابطو ڪيو آهي، گلشن اقبال ۾ واقع هڪ بئنڪ عملدار اعجاز احمد سان. +اعجاز صاحب، بجلي صارفين ني شڪايت ڪي هي ڪي بئنڪ عملدار اعلان ڪرده رعايت سي بل وصول نهين ڪر رهي، آپ ڪيا ڪهين گي؟ +بهت شڪريا اعجاز احمد صاحب. + + +سنڌ جي معدني وسيلن تي قبضا ناڪام بڻايا ويندا:جسقم چيئرمين بشير قريشي رپورٽ: زبير زرار منگي +جسقم چيئرمين بشير قريشيءَ چيو آهي ته سنڌ جي معدني وسيلن تي قبضي ڪرڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو . +نوابشاهه ۾ هڪ تقريب دوران صحافين سان ڳالهائيندي جسقم چيئرمين چيو ته قادرپور گيس فيلڊ کي خانگائڻ خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي، جنهن جي شروعات ٿي چڪي آهي. +بشير قريشيءَ چيو ته سنڌ نازڪ ۽ ڏکئي دور مان گذري رهي آهي ۽ ان جي وسيلن کي ڌارين حوالي ڪيو ويو آهي، جن تي صرف سنڌين جو حق آهي. +هن چيو ته سنڌ جي معدني وسيلن تي ٿيندڙ قبضي جي هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو +هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جنهن کي ملڪ جي چئني صوبن جي زنجير سمجهيو ويندو هو کيس سنڌي هئڻ سبب شهيد ڪيو ويو . +بشير قريشيءَ جو چوڻ هو ته ٿل ڪينال سميت ڪنهن به سنڌ دشمن رٿا کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. +ان موقعي تي جسقم اڳواڻ سرفراز ميمڻ، اخلاق جوکيو، فقير امداد منگي، نجف لغاري، ڪيهرانصاري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. + + +ڪاري قرار ڏنل عورت جي وارثن پاران انصاف جي اپيل +خير��ور ويجهو لڳ ڀڳ 7 مهينا اڳ مڙس پاران ڪاري قرار ڏيڻ کانپوءِ قتل ڪيل ناري تسليمه جو پيءُ انصاف لاءِ ڪراچي پهچي ويو آهي، سندس چوڻ آهي ته هن جي نياڻي کي بيگناهه غير انساني سلوڪ ڪري قتل ڪيو ويو آهي. +هن واقعي جي پس منظر ڄاڻڻ لاءِ جيڪا پوسٽ مارٽم رپورٽ ٿي هئي تنهن ۾ ڇا ڄاڻايل هو ته عورت تي تشدد ڪري کيس قتل ڪيو ويو آهي. + + +آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ نواز شريف سان وارثن جو رابطو رپورٽ: زبير زرار منگي +ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ فوزيه صديقي رائيونڊ پهچي نواز ليگ جي سربراهه ميان نوز شريف سان ملاقات ڪئي، نواز شريف چيو آهي ته ڊاڪٽر عافيه کي آمريڪي قيد مان آزادي ڏيارڻ لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن. +ملاقات دوران نواز ليگ سربراهه ميان نواز شريف چيو ته مشرف دور ۾ آمريڪا حوالي ڪيل سمورن پاڪستانين کي آزادي ڏيارڻ جي ضرورت آهي. +هن چيو ته حڪومت کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ پڻ اثرائتا قدم کڻي. +ملاقات دوردان ڊاڪٽر فوزيه صديقي ميان نواز شريف کي ڊاڪٽر عافيه جي گرفتاري توڙي گهر ڀاتين کي جي ڳڻتي بابت تفصيلن کان آگاه ڪيو. + + +پشاور ۾ سڱاوتي تڪرار تان 3 عورتن سميت 5 ڄڻا قتل رپورٽ: زبير زرار منگي +پشاور ۾ سڱاوتي تڪرار تان اڻ ڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري 3 عورتن سميت 5 ڄڻن کي قتل ڪر ي ڇڏيو آهي. +واقعو ڪريم آباد ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن ڪار ۾ سوار اڻ ڄاتل هٿياربندن هڪ گهر ۾ داخل ٿي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي 3 عورتن سميت 5 ڄڻا موقعي تي مارجي ويا. +ٻڌايو پيو وڃي ته هٿياربندن جو مارجي ويل ڪٽنب سان پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو، جنهن به ڄاڻايل ڪٽنب لڏپلاڻ ڪري ڪريم آباد ۾ آباد ٿيو هو. +مارجي ويلن ۾ هڪ عورت، سندس ٻه ڌيئرون، هڪ پٽ ۽ مڙس شامل آهن. +اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال پهچايا. + + +ڀارت پاران سرحد پار ڪندڙ 5 رينجرز اهلڪار پاڪستان حوالي..رپورٽ: زبير زرار منگي.. +ڀارتي حڪومت پاران غيرقانوني طور سرحد پار ڪندڙ 5 پاڪستانين کي واگها سرحد وٽ پاڪستاني اهلڪارن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ هڪ جو تعلق گهوٽڪي ۽ هڪ جو نوابشاهه سان آهي. +ڀارتي اهلڪارن پاران غيرقانوني طور سرحد پار ڪندڙ پنجن پاڪستاني شهري قيدين کي واگها بارڊر تي پاڪستاني رينجرس اهلڪارن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي روزگار لاءِ غيرقانوني طور سرحد پار ڪري هندستان جي مختلف علائقن ۾ ويا هئا. +ڀارتي پوليس پاڪستاني شهرين کي پڪڙڻ بعد هندستان جي مختلف جيلن ۾ سندن مٿان ڪيس هلايا ويا هئا. +ڀارت جي جيلن مان آزادي حاصل ڪندڙ انهن قيدين ۾ گهوٽڪي سان واسطو رکندڙ 46 ورهين جو نور محمد، نوابشاهه جو 40 ورهين جو مرزا علي، گجرات مان 45 ورهين جو اسلم بيگم گجرانوالا جو 44 ورهين جو محمد رياض ۽ 45 ورهين جو ذهني مريض محراج الدين شامل آهن. +رينجرس اهلڪارن پاران انهن پنج پاڪستانين کي ايڌي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جن کي ايڌي اهلڪارن پاران انهن جي گهرن تائين پهچايو ويندو. + + +سوات ۽ مٽا جي علائقن جي تازي صورتحال رپورٽ: زبير زرار منگي.. +سوات جي تعلقي ڪبل ۽ مٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران اڻ اعلانيل مدي تائين لاڳو ڪيل ڪرفيو کان پوءِ ويڙهاڪن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن دوران گهرن تي گولا ڪرڻ سبب هڪ ٻارڙي ۽ هڪ عورت سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. +ذريعن مطابق سوات جي تعلقي ڪبل ۽ مٽا جي علائقن، سَرسنَيئِي، توتانو بانڊَئِي، ڪوٽ لَئي، هزارا، علي گراما،وانٽِي چيڪ پوسٽ ۽ بريم پل جي علائقن ۾ اڻ اعلانيل ڪرفيو کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز ويڙهاڪن خلاف ڪارروائي ڪئي . +سرسنيئي، تانشڪئي ۽ توتانوبانڊئي ۾ گهرن تي گولا ڪرڻ سبب هڪ معصوم ٻارڙي ۽ عورت سميت 4 مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. +هوڏانهن مينگورا جي ٻهراڙي واري علائقي اَوڊِي گرام ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن سيڪنڊري گرلس اسڪول کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو آهي. + + +آءِ ايم ايف جو عالمي بحران بابت اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي..رپورٽ: زبير زرار منگي.. +معاشي بحران جي وَرچڙهيل ملڪن جي سهائتا بابت فيصلا ڪرڻ لاءِ عالمي مالياتي اداري جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، ڊپٽي ايم ڊي، آءِ ايم ايف چيو آهي ته متاثر ملڪن جي مدد ڪرڻ لاءِ وڌيڪ رقم جي ضرورت پئي ته ميمبر ملڪن سان رابطو ڪيو ويندو. +واشنگٽن مان عالمي مالياتي اداري جي ڊپٽي مَئنجِنگ ڊائريڪٽر جي حوالي سان جاري ٿيل بيان موجب جمعي ڏهاڙي تي رٿيل اجلاس اڄ ٿيندو، جنهن ۾ معاشي بحران کان متاثر ملڪن کي قرض ڏيڻ بابت فيصلا ڪيا ويندا. +هُن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ 2 سئو بلين ڊالرز موجود آهن، تنهن باوجود وڌيڪ رقم جي ضرورت پئي ته ميمبرن ملڪن کان مدد ورتي ويندي. +ڊپٽي ايم ڊي وڌيڪ چيو ته معاشي بحران جو شڪار ٿيل ملڪن کي قرض ليڪوڊيٽي تحت ڏنا ويندا. + + +خيرپور ۾ ڪاري قرار ڏنل ناري تي ڪتا بڇي قتل ڪرڻ وارو مامرو رپورٽ: زبير زرار منگي +پير ڳوٺ ويجهو 7 مهينا اڳ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل ناري تسليم سولنگي جي ڏاڏِي مسمات ڪَمـُل مقتول ناريءَ تي ڪتا بڇڻ واري دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته سندس پٽ گلشير پنهنجي ڌيءَ جي قتل ۾ ملوث آهي، ايم اين اي نفيسا شاهه مقتول ناريءَ جي ڳوٺ پهچي معلومات حاصل ڪري رپورٽ صدر آصف زرداري ڏانهن اماڻي ڇڏي. +مقتول ناري تسليم جي پيءُ گلشير پاران سندس ڌيءَ تي ڪتا بڇڻ واري دعويٰ کانپوءِ سينيٽ به ان جي رپورٽ طلب ڪئي آهي. +تسليم سولنگي کي 7 مهينا اڳ ڪارنهن الزام هيٺ سندس مڙس ابراهيم پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو هو. +صحافين جي ٽيم پاران واقعي جي شروعاتي طور ڪيل جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته 7 مهينا اڳ تسليم کي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس پوسٽ مارٽم ڊاڪٽر حسنا خلجي ڪيو هو، جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو هو ته تسليم جي موت جو سبب 3 گوليون لڳڻ هو، جڏهن ته سندس جسم تي تشدد جا ڪي به نشان موجود نه هئا. +ايس پي ۽ ٻين آفيسرن تي ٻڌل جاچ ٽيم علائقي ۾ پهچي مقتول عورت جي وارثن توڙي علائقي واسين جا بيان قلمبند ڪيا ۽ ايم اين اي نفيسا شاهه به واقعي جي جاچ لاءِ ڳوٺ حاجن شاهه پهچي حقيقتون معلوم ڪيون. +هن چيو ته حڪومت مڪمل طور اڻ ڌري رهندي ۽ جيڪا به ڌر ڏوهي ثابت ٿي ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. +نفيسه شاهه مقتول ناري جي ڳوٺ مان مليل معلومات جي آڌار تي رپورٽ جوڙي صدر آصف زرداري ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. +صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي مقتول ناري تسليم جي ڏاڏِي مسمات ڪَمـُل ٻڌايو ته سندس پٽ گلشير ڪوڙو آهي ۽ هو پنهنجي ڀائرن کي هروڀرو ڦاسائي رهيو آهي. +مقتول ناري تسليم جي ڏاڏي مسمات ڪمل چيو ته جنهن وقت تسليم کي سندس مڙس ابراهيم قتل پئي ڪيو، ان وقت گلشير به ساڻس ٻٽ بڻيل هو. +مسمات ڪَمُل چيو ته گلشير جي زال ذاڪرا اوڙي پاڙي وارن کان سون وٺي ڳاري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي قرضين کان بچڻ لاءِ ٻئي زال مڙس ڪراچي ڀڄي ويا آهن ۽ ڊرامو ڪندي چئي رهيا آهن ته تسليم تي ڪتا بڇيا ويا هئا + + +بلوچستان ۾ زلزلي جون تباهڪاريون رپورٽ: زبير زرار منگي.. +بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا سميت پشين، چمن، پاڪ-افغان سرحدي علائقن ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن سبب 19 ڄڻا فوت ۽ 23 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته بلوچستان جي وڏي وزير زلزلي سٽيل علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. +بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ڪوئيٽا، چمن، قلعه عبدالله، قلات، پَشِين،گنداواه، ڀاڳ ناڙي، لورالائي، تويا اَچڪزئي ۽ پاڪ افغان سرحدي علائقن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن. +پشين ۾ گهر ڪرڻ سبب ٽي فوت ۽ 11 زخمي ٿي پيا آهن،جڏهن ته زيارت واري علائقي ۾ گهر ڪرڻ سبب هڪ فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي. +سي سي پي او ڪوئيٽا صلاح الدين دعويٰ ڪئي آهي ته زلزلي سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي. +زيارت ضلعي جي ڊي سي او ۽ ڊي پي او هائوس ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جڏهن ته زيارت ضلعي جي مختلف علائقن مان 15 لاش هٿ آيا آهن. +بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي زلزلي سٽيل علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري عملي کي هنگامي بنيادن تي طلب ڪيو ويو آهي. +ٻڌايو پيو وڃي ته زلزلي سبب وڌيڪ ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. +آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 2 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڪوه چِلتن ٻڌايو پيو وڃي. + + +بلوچستان زلزلو اپڊيٽ زبير زرار منگي +بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا سميت الهندي وارن علائقن پشين، زيارت، پاڪ-افغان سرحدي علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن سبب 41 کان وڌيڪ ماڻهو فوت 68 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته بلوچستان جي وڏي وزير زلزلي سٽيل علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. +بلوچستان جي ڪوئيٽا، چمن، قلعه عبدالله، قلات، پَشِين،گنداواه، ڀاڳ ناڙي، لورالائي، تويا اَچڪزئي ۽ پاڪ افغان سرحدي علائقن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. +پشين ۾ گهر ڪرڻ سبب هڪ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 11 زخمي ٿي پيا . +زيارت ضلعي جي ڊي سي او ۽ ڊي پي او هائوس ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جڏهن ته زيارت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ جبلن تان ڇپون ڪرڻ سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ اتي 40 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ان بابت تصديق نه ڪئي وئي آهي. +زيارت ۾ امدادي ڪارڪنن پاران کوٽائي دوران 15 لاش هٿ آيا آهن جڏهن ته وڌيڪ ڪيترن ئي گهرن جي کوٽائي جاري آهي، جنهن لاءِ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته مرندڙن جو تعداد وڌي سگهي ٿو. +زيارت ضلعي ۾ زخمين جو تعداد وڌي 50 ٿي ويو آهي، جن کي زيارت اسپتال سميت ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. +بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي سي ايم سيڪريٽريٽ پهچي زلزلي سٽيل علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ صوبي جي تمام ڊي سي اوز کي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا آهن. +ڪوئيٽا جي بولان ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۽ سول اسپتال سميت بلوچستان صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري عملي کي هنگامي بنيادن تي طلب ڪيو ويو آهي. +ٻڌايو پيو وڃي ته زلزلي سبب وڌيڪ ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. +آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 2 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڪوه چِلتن ٻڌايو پيو وڃي. +صدر آصف علي زرداري زلزلي متاثر خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي حڪومتي اختيارين کي فوري طور امدادي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. + + +پ پ ڪمشنريٽ نظام جي بحالي واري واعدي تان ڦري وئي رپورٽ: زبير زرار منگي.. +سنڌ جي قانون ۽ پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير اياز سومرو ڪمشنري نظام جي بحاليءَ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ واري پنهنجي موقف تان ڦري ويو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته ڪمشنري نظام جي بحالي بابت اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ بابت اڃا فيصلو ناهي ٿيو. +ڪراچي ۾ حڪومتي اتحاد جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اياز سومرو، آغا سراج دراني، فيصل سبزواري، سردار احمد، سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ۽ ٻين شرڪت ڪئي. +اجلاس ۾ ڪمشنري نظام جي بحالي ۽ پوليس جي جاچ ۽ آپريشن وارن شعبن کي گڏائڻ، جانورن ۽ پکين جي غيرقانوني شڪار کي روڪڻ ۽ سرڪاري زمينن تان غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ قانون سازي بابت ويچاريو ويو. +صوبائي وزير اياز سومري ميڊياسان ڳالهائيندي چيو ته اجلاس ۾ 5 نقطن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ انهن تي اتفاق ٿيڻ بعد بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. +هوڏانهن جاري ڪيل وضاحتي بيان ۾ صوبائي وزير چيو آهي ته هن ڪمشنري نظام جي خاتمي جي ڳالهه ناهي ڪئي. + + +وڪيل تنظيمن جي سڏ تي لاهور ۾ وڪيلن هاءِ ڪورٽ کان ميان اسلم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مارچ ڪري گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. +اسلام آباد ۾ وڪيلن سپريم ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو آهي. +ڪراچي جي سٽي ڪورٽ، ملير ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن. +ڪراچي بار ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وڪيلن سٽي ڪورٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ايم اي جناح روڊ تي ڌرڻو هنيو ، ملير جي وڪيلن مين روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. +پشاور،نوابشاهه،حيدرآباد،دادو،عمرڪوٽ،گمبٽ،نوشهروفيروز، ڪنڌڪوٽ، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن. +سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن صدر علي احمد ڪرد چيو آهي ته حڪومت پاران ڳالهين جي آڇ ٿي آهي ۽ جڏهن سمورا وڪيل اجازت ڏيندا ته حڪومت سان ڳالهيون ڪيون وينديون. +اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي احمد ڪرد چيو ته پاڪستان جو عوام وڪيلن جي تحريڪ سان گڏ آهي. +هن چيو ته وڪيل چاهين ٿا ته 2 نومبر واري عدليا بحال ٿئي ۽ عدليا جي بحالي تائين سندن جدوجهد جاري رهندي. +رٽائرڊ جسٽس راڻا ڀڳوان داس چيو آهي ته وڪيلن جي تحريڪ ضرور ڪامياب ٿيندي ۽ عدليه تي ڪيل وار خلاف وڪيل ۽ عوام گڏ آهن، هٽايل چيف جسٽس جي ترجمان اطهر من الله چيو آهي ته صدر آصف زرداري بينظير ڀٽو جي عدليه جي آزادي واري واعدي تي عمل نه ڪري قوم سان غداري ڪئي آهي. +ملير بار ۾ وڪيلن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي راڻا ڀڳوان داس چيو ته جن لالچ ۾ اچي عدليه جي تحريڪ سان بيوفائي ڪئي، انهن کي شرمندگي ٿيندي. +هن چيو ته جنهن ماڻهو 8 سال حڪومت ڪئي، اقتصادي نظام تباهه ڪيو، جمهوريت کي پيرن هيٺان لتاڙيو ۽ عدليه تي بار بار وار ڪيا، ان کي تمام گهڻو غرور هيو، جنهن جو حشر سڀني جي سامهون آهي. +آمر جي پيروي ڪندڙن جو به حشر خراب ٿيندو، حڪومت جي خاموشي باوجود قوم نظام تبديل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ نظام تڏهن تبديل ٿيندو، جڏهن عدليه آزاد هوندي. +راڻا ڀڳوان داس چيو ته افتخار چوڌري ضرور بحال ٿيندو ۽ هو واضح ڪري ٿو ته وڪيلن جي تحريڪ ضرور ڪامياب ٿيندي. +هن چيو ته 3 نومبر تي هڪ آمر اقتدار کي بچائڻ لاءِ عدليه ۽ ميڊيا تي وار ڪيو. +هٽايل چيف جسٽس جي ترجمان اطهر من الله چي�� آهي ته پ پ حڪومت بينظير ڀٽو جي وصيت تي عمل ڪندي جسٽس افتخار چوڌري سميت عدليه کي بحال ڪرڻ گهرجي. +هن چيو ته صدر آصف زرداري بينظير جي وصيت کان منهن موڙي ڇڏيو آهي، جيڪو عمل قوم سان غداري برابر آهي. + + +سارين جي اگهن ۾ گهٽتائي واپارين جي هٿرادو بدمعاشي رپورٽ: زبير زرار منگي +سنڌ ۾ سارين جي اگهه ۾ لاٿ اچڻ سبب آبادگارن سخت پريشان آهن، قمبر ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. +ٺٽي ضلعي اندر قائم ڏيڍ سئو رائيس ملز جي مالڪن ۽ واپارين پاران سارين جو اگهه 4 سئو 50 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ سبب آبادگارن کي سخت مالي نقصان رسيو آهي. +ايڪسپورٽرن ۽ وڏن واپارين جي ملي ڀڳت سبب ضلعي ۾ قائم رائيس ملز ۾ پڻ سارين جا ڍير لڳي ويا آهن. +زراعت کاتي جي حڪم باوجود پاسڪو پاران ٺٽي ۾ اڃا تائين سارين جي خريداريءَ لاءِ مرڪز قائم نه ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري ضلعي اندر زرعي بحران پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي. +قمبر ۾ آبادگارن سارين جي اگهه ۾ لاٿ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. +آبادگارن جو چوڻ آهي ته سارين جي اگهه ۾ لاٿ سبب کين مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. + + +بلوچستان ۾ زلزلي کانپوءِ جي صورتحال تي هڪ نظر--رپورٽ: زبير زرار منگي +بلوچستان ۾ زلزلي کانپوءِ آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري آهي، ٿڌ ۾ اضافي سبب متاثر وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. +ڪوئيٽا، زيارت، پشين ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب عوام ۾ خوف آهي. +زلزلي سبب زيارت ضلعي جو شهر وام مڪمل طور تباهه ٿي ويو،يوسي ڪڇ ۽ ڪواس ۾ وڏي تباهي آئي، جنهن سبب زيارت ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جا 70 هزار ماڻهو اڃا تائين بي گهر آهن. +70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو خيما بستين ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، جتي پڻ سيءَ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافي سبب سندن مشڪلاتون وڌي رهيون آهن. +زلزلي متاثرن کي خيما بستين ۾ کاڌ خوراڪ ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. +متاثرن جو چوڻ آهي ته ٿڌ ۾ اضافي سبب ٽينٽن ۾ زندگي گذارڻ مشڪل ٿي وئي آهي، ان ڪري وڌيڪ ٽينٽ ۽ ڪمبل فراهم ڪيا وڃن. +زلزلي متاثر علائقن جي سروي لاءِ جوڙيل ٽيم سروي شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ مختلف علائقن ۾ وڃي جاني ۽ مالي نقصان جا انگ اکر گڏ ڪري رهي آهي. +ڊي جي موسميات قمرالزمان چوڌري موجب متاثر علائقن ۾ وڌيڪ آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري رهندو پر وڏي زلزلي جا امڪان گهٽ آهن. + + +آمريڪي صدارتي چونڊون ۽ اميدوار رپورٽ: زبير زرار منگي.. +آمريڪي چونڊون زبير زرار منگي +امريڪا ۾ اڄ صدارتي چونڊون آخري مرحلي ۾ پهچي چڪيون آهن، صدارتي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ ۽ ريپبلڪن پارٽي جي اميدوارن براڪ اوباما ۽ جان مڪين وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي، پري ووٽنگ جو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد اڄ جنرل پولنگ ٿي رهي آهي. +امريڪا جون صدارتي چونڊون هميشه جنگين جي بنياد تي کٽيون وينديون آهن پر هن ڀيري معاشي بحران سبب امريڪي سخت پريشان آهن ۽ هينئر ووٽ ڏيڻ تي دلچسپي جو نقطو معاشي پاليسيون آهن. +امريڪا جي صدارتي چونڊن جي ڊوڙ ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران براڪ اوباما کي صدارت جو اميدوار جڏهن ته جوزف بائيڊن کي نائب صدارت جي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف صدر بش جي صورت ۾ 8 سال مسلسل اقتدار ۾ رهندڙ ريپبلڪن پارٽي صدارت جي عهدي لاءِ جان مڪين ۽ سارا پيلن کي نائب صدار طور نامزد ڪيو آهي. +امريڪي چونڊن ۾ بيهندڙ اميدوارن تي هڪ نظر وجهبي ته صدارت لاءِ نامزد ڪيل اميدوار افريڪي نسل جو ڪاري چمڙيءَ وارو امريڪي شهري بارڪ اوباما هڪ مسلمان حسين اوباما جي گهر امريڪي رياست هوائي ۾ پيدا ٿيو، سندس نالو براڪ حسين اوباما رکيو ويو، سندس پيءُ ڪينيا سان واسطو رکندڙ هو، جيڪو اعليٰ تعليم لاءِ هُوائي يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ تي پڙهڻ آيو هو، سندس پيءُ ۽ ماءُ ۾ طلاق ٿيڻ کانپوءِ اوباما پنهنجي والده سان گڏ امريڪا ۽ ڪجهه عرصي لاءِ ويڳي پيءُ سان انڊونيشيا ۾ رهيو. +براڪ حسين اوباما ڪولمبيا يونيورسٽي ۽ هار ورڊ يونيورسٽي لا اسڪول ۾ تعيلم حاصل ڪئي ۽ هار ورڊ يونيورسٽي ۾ هار ورڊ لا ِريوِيو جو پهريون سياح فام امريڪي صدر بڻيو. +هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات شڪاگو ۾ سماجي تنظيمن ۾ ڪم ڪرڻ سان ڪئي ۽ پوءِ وڪيل طور ڪم ڪيو، جتي هن عيسائي مذهب سان وابستگي اختيار ڪئي ۽ هڪ ڪاري نسل جي مشيل رابنسن جيڪا پڻ وڪيل هئي سان شادي ڪئي، ان مان کيس ٻن ڌيئرن جو اولاد آهي. +براڪ اوباما گذريل سال سائوٿ ڪيرولينا ۾ آمريڪي صدارتي نامزدگي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، جتي سندس جلسي ۾ 30 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي. +صدارتي چونڊن لاءِ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي نامزدگي حاصل ڪرڻ لاءِ براڪ اوباما آمريڪا جي اڳوڻي صدر بل ڪلنٽن جي گهرواري ۽ سينيٽر هيلري ڪلنٽن کي شڪست ڏئي صدارتي ڊوڙ ۾ شامل ٿيو، سندس صدر ٿيڻ سان کيس پهرين ڪاري نسل جي صدر هئڻ جو اعزاز حاصل ٿيندو. +براڪ اوباما جي ۽ هيلري ۽ بل ڪلنٽن سميت بش انتظاميا جي اڳوڻي بچاءَ واري وزير رمسلفيڊ سميت ٻياڪيترائي عملدار حمايت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آمريڪي سياح فام ۽ سفيد فام به سندس حمايت ڪري رهيا آهن. +براڪ اوباما پنهنجي مخالف اميدوار جان مڪين کان پري پولنگ ۾ ڪيترن ئي پوائنٽن تان اڪثريت حاصل ڪئي آهي. +براڪ اوباما نائب صدر لاءِ پرڏيهي معاملن ۾ مهارت رکندڙ سينيٽر جوزف بائڊن کي نامزد ڪيو آهي. +جوزف بائڊن آمريڪا جي مزدور طبقي سان واسطو رکي ٿو ۽ هو پرڏيهي معاملن ۾ پڻ مهارت رکي ٿو. +65 سالن جو جوزف بائڊن 30 سالن کان آمريڪي سياست ۾ سرگرم آهي، 1972ع ۾ رياست ڊيلا ويئر مان آمريڪي سينيٽ جو ميمبر چونڊيو. +جوزف بائڊن پرڏيهي معاملن ۾ مهارت سبب سينيٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جو 3 دفعا صدر رهي چڪو آهي ۽ نائب صدارت لاءِ سندس چونڊ به ان بنياد تي ڪئي وئي آهي. +آمريڪا جي ريپبلڪن پارٽي پاران نامزد ڪيل جان مڪين کي جنگ جو هيرو ۽ آزاد خيال سياسي اڳواڻ طور سڃاتو ويندو آهي. +جان مڪين ويٽنام جنگ جو ماهر ڄاتو ويندو آهي، جنهن ويٽنام جنگ دوران 5 سال جنگي قيدي جي حيثيت سان جيل ۾ گهاريا. +جان مڪين آمريڪي بحريه جي آفيسر مڪين جو پٽ آهي، هو نيول اڪيڊمي جو گريجوئيٽ آهي ۽ 22 ورهين جي عمر ۾ نيوي جي پائليٽ جي حيثيت سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. +1966ع جي ويٽنام جنگ دوران بمبار جهاز اڏائڻ لاءِ نڪري رهيو هو ته ٻارڻ جي ٽانڪي تي ميزائيل لڳڻ ڪري جهاز ۾ باهه لڳي وئي ۽ 134 فوجي مارجي ويا پر جان مڪين بچي ويو. +3 مهينن کان پوءِ اتر ويٽنام ۾ سندس جهاز کي ڪيرايو ويو ۽ کيس ويٽنامي فوجين قيدي بڻائي ورتو، کيس پنجن سالن تائين جيل ۾ رکي مٿس ٽارچر ڪيو ويو، آمريڪا واپسي تي ان وقت جي صدر رچرڊ نڪسن سندس آڌر ڀاءُ ڪيو، جنهن بعد کيس سينيٽ ۾ نيوي جي ليزين آفيسر جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو ۽ هو 1981ع ۾ رٽائر ٿيو. +جان مڪين پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات 1982ع ۾ ٿيندڙ سينيٽ چونڊن کان ڪئي ۽ ايريزونا رياست جو سينيٽر چونڊجي ويو. +جان مڪين پرڏيهي پاليسي ۽ فوجي معاملن ۾ به کليل موقف رکندڙ شخصيت آهي ۽ عراق جنگ جو وڏو حامي آهي، سندس چوڻ آهي ته عراق جنگ ��ٽي سگهجي ٿي، جنهن لاءِ عراق ۾ وڌيڪ فوج موڪلڻ جي ضرورت آهي. +هن عراق جنگ جي حوالي سان صدر بش ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير ڊونالڊ رمسفيلڊ تي شديد تنقيد ڪئي هئي. +جان مڪين ڪيترن ئي حڪومتي پاليسين جو سخت مخالف آهي، جن ۾ هم جنس پرستي، حمل واري قانون ۽ امريگيشن پاليسي تي سندس خيال مختلف آهن. +جان مڪين پنهنجي نائب صدر لاءِ سارا پيلن کي چونڊيو. +40 سالن جي سارا پيلن 1987ع ۾ اداهو يونيورسٽي مان صحافت ۽ سياست جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات صحافڻ طور ڪئي ۽ هوءَ ٽي وي تي راندين جون خبرون پڙهندي هئي، جنهن کان پوءِ هن پنهنجي شهر ۾ ٿيندڙ حسن جي مقابلي ۾ سونهن راڻي طور ڪاميابي حاصل ڪئي. +سارا پيلن 1996ع ۾ وسيلا شهر جي ڪائونسل جي ميمبر چونڊي ۽ 2002ع ۾ ان ئي شهر جي ميئر چونڊجي وئي، سارا پيلن کي 2006ع ۾ الاسڪا جي پهرين ۽ گهٽ عمر واري گورنر هئڻ جو اعزاز حاصل آهي، سارا پيلن بندوق هلائڻ ۽ مڇي پڪڙڻ ۾ تمام گهڻي مهارت رکي ٿي. +سارا پالن نيشنل رائيفل ايسوسيئيشن جي تاحيات ميمبر ۽ الاسڪا نيشنل گارڊ جي سربراهه آهي. +هن 24 سالن جي عمر ۾ شادي ڪئي ۽ کيس پنجن ٻارن جو اولاد آهي ،هوءَ مضبوط سماجي ۽ قدامت پسند روين سبب سڃاتي وڃي ٿي، جڏهن ته هوءَ رشوت وٺڻ واري عمل جي سخت مخالف آهي ۽ 2003ع ۾ الاسڪا جي تيل ۽ گئس ڪميشن بابت جاچ ڪرائڻ جو مثال پيش ڪيو پيو وڃي، ٻئي طرف مٿس الاسڪا جي گورنر جي حيثيت ۾ ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال بابت انڪوائري پڻ هلي رهي آهي. +سارا پيلن تي هڪ تنقيد اها به ڪئي وڃي ٿي ته هن پرڏيهي ملڪن جو تمام گهٽ سفر ڪيو آهي ۽ هوءَ صرف ڪئنيڊا، ڪويت ۽ جرمني جو دورو ڪري سگهي آهي. +هاڻي ڏسڻو ان ڳالهه کي آهي ته آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ براڪ اوباما ڪامياب ٿئي ٿو يا جان مڪين ڪامياب ٿي وائيٽ هائوس تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. +دنيا جو سپر پاور آمريڪا هينئر معاشي بحران جو شڪار آهي، جنهن سبب دنيا جا اسرندڙ ملڪ متاثر ٿي رهيا آهن، پر اسريل ملڪن جي معيشت تي پڻ ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. +آمريڪي توڙي دنيا جي عوام جون نظرون نئين آمريڪي صدر تي کتل آهن، ته جيئن سپر پاور جا اختيار رکندڙ آمريڪا جو نئون صدر دنيا مان جنگ، بک، بدحالي ۽ معاشي بحران کي حل ڪرڻ جون پاليسيون جوڙي بحرانن جو خاتمو آڻي سگهي. + + +آمريڪي صدارتي چونڊون ۽ اميدوار..رپورٽ: زبير زرار منگي +آمريڪي چونڊون زبير زرار منگي +امريڪا ۾ اڄ صدارتي چونڊون آخري مرحلي ۾ پهچي چڪيون آهن، صدارتي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ ۽ ريپبلڪن پارٽي جي اميدوارن براڪ اوباما ۽ جان مڪين وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي، پري ووٽنگ جو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد اڄ جنرل پولنگ ٿي رهي آهي. +امريڪا جون صدارتي چونڊون هميشه جنگين جي بنياد تي کٽيون وينديون آهن پر هن ڀيري معاشي بحران سبب امريڪي سخت پريشان آهن ۽ هينئر ووٽ ڏيڻ تي دلچسپي جو نقطو معاشي پاليسيون آهن. +امريڪا جي صدارتي چونڊن جي ڊوڙ ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران براڪ اوباما کي صدارت جو اميدوار جڏهن ته جوزف بائيڊن کي نائب صدارت جي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف صدر بش جي صورت ۾ 8 سال مسلسل اقتدار ۾ رهندڙ ريپبلڪن پارٽي صدارت جي عهدي لاءِ جان مڪين ۽ سارا پيلن کي نائب صدار طور نامزد ڪيو آهي. +امريڪي چونڊن ۾ بيهندڙ اميدوارن تي هڪ نظر وجهبي ته صدارت لاءِ نامزد ڪيل اميدوار افريڪي نسل جو ڪاري چمڙيءَ وارو امريڪي شهري بارڪ اوباما هڪ مسلمان حسين اوباما جي گهر امريڪي رياست هوائي ۾ پيدا ٿيو، سندس نالو براڪ حسين اوباما رکيو ويو، سندس پيءُ ڪينيا سان واسطو رکندڙ هو، جيڪو اعليٰ تعليم لاءِ هُوائي يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ تي پڙهڻ آيو هو، سندس پيءُ ۽ ماءُ ۾ طلاق ٿيڻ کانپوءِ اوباما پنهنجي والده سان گڏ امريڪا ۽ ڪجهه عرصي لاءِ ويڳي پيءُ سان انڊونيشيا ۾ رهيو. +براڪ حسين اوباما ڪولمبيا يونيورسٽي ۽ هار ورڊ يونيورسٽي لا اسڪول ۾ تعيلم حاصل ڪئي ۽ هار ورڊ يونيورسٽي ۾ هار ورڊ لا ِريوِيو جو پهريون سياح فام امريڪي صدر بڻيو. +هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات شڪاگو ۾ سماجي تنظيمن ۾ ڪم ڪرڻ سان ڪئي ۽ پوءِ وڪيل طور ڪم ڪيو، جتي هن عيسائي مذهب سان وابستگي اختيار ڪئي ۽ هڪ ڪاري نسل جي مشيل رابنسن جيڪا پڻ وڪيل هئي سان شادي ڪئي، ان مان کيس ٻن ڌيئرن جو اولاد آهي. +براڪ اوباما گذريل سال سائوٿ ڪيرولينا ۾ آمريڪي صدارتي نامزدگي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، جتي سندس جلسي ۾ 30 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي. +صدارتي چونڊن لاءِ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي نامزدگي حاصل ڪرڻ لاءِ براڪ اوباما آمريڪا جي اڳوڻي صدر بل ڪلنٽن جي گهرواري ۽ سينيٽر هيلري ڪلنٽن کي شڪست ڏئي صدارتي ڊوڙ ۾ شامل ٿيو، سندس صدر ٿيڻ سان کيس پهرين ڪاري نسل جي صدر هئڻ جو اعزاز حاصل ٿيندو. +براڪ اوباما جي ۽ هيلري ۽ بل ڪلنٽن سميت بش انتظاميا جي اڳوڻي بچاءَ واري وزير رمسلفيڊ سميت ٻياڪيترائي عملدار حمايت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آمريڪي سياح فام ۽ سفيد فام به سندس حمايت ڪري رهيا آهن. +براڪ اوباما پنهنجي مخالف اميدوار جان مڪين کان پري پولنگ ۾ ڪيترن ئي پوائنٽن تان اڪثريت حاصل ڪئي آهي. +براڪ اوباما نائب صدر لاءِ پرڏيهي معاملن ۾ مهارت رکندڙ سينيٽر جوزف بائڊن کي نامزد ڪيو آهي. +جوزف بائڊن آمريڪا جي مزدور طبقي سان واسطو رکي ٿو ۽ هو پرڏيهي معاملن ۾ پڻ مهارت رکي ٿو. +65 سالن جو جوزف بائڊن 30 سالن کان آمريڪي سياست ۾ سرگرم آهي، 1972ع ۾ رياست ڊيلا ويئر مان آمريڪي سينيٽ جو ميمبر چونڊيو. +جوزف بائڊن پرڏيهي معاملن ۾ مهارت سبب سينيٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جو 3 دفعا صدر رهي چڪو آهي ۽ نائب صدارت لاءِ سندس چونڊ به ان بنياد تي ڪئي وئي آهي. +آمريڪا جي ريپبلڪن پارٽي پاران نامزد ڪيل جان مڪين کي جنگ جو هيرو ۽ آزاد خيال سياسي اڳواڻ طور سڃاتو ويندو آهي. +جان مڪين ويٽنام جنگ جو ماهر ڄاتو ويندو آهي، جنهن ويٽنام جنگ دوران 5 سال جنگي قيدي جي حيثيت سان جيل ۾ گهاريا. +جان مڪين آمريڪي بحريه جي آفيسر مڪين جو پٽ آهي، هو نيول اڪيڊمي جو گريجوئيٽ آهي ۽ 22 ورهين جي عمر ۾ نيوي جي پائليٽ جي حيثيت سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. +1966ع جي ويٽنام جنگ دوران بمبار جهاز اڏائڻ لاءِ نڪري رهيو هو ته ٻارڻ جي ٽانڪي تي ميزائيل لڳڻ ڪري جهاز ۾ باهه لڳي وئي ۽ 134 فوجي مارجي ويا پر جان مڪين بچي ويو. +3 مهينن کان پوءِ اتر ويٽنام ۾ سندس جهاز کي ڪيرايو ويو ۽ کيس ويٽنامي فوجين قيدي بڻائي ورتو، کيس پنجن سالن تائين جيل ۾ رکي مٿس ٽارچر ڪيو ويو، آمريڪا واپسي تي ان وقت جي صدر رچرڊ نڪسن سندس آڌر ڀاءُ ڪيو، جنهن بعد کيس سينيٽ ۾ نيوي جي ليزين آفيسر جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو ۽ هو 1981ع ۾ رٽائر ٿيو. +جان مڪين پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات 1982ع ۾ ٿيندڙ سينيٽ چونڊن کان ڪئي ۽ ايريزونا رياست جو سينيٽر چونڊجي ويو. +جان مڪين پرڏيهي پاليسي ۽ فوجي معاملن ۾ به کليل موقف رکندڙ شخصيت آهي ۽ عراق جنگ جو وڏو حامي آهي، سندس چوڻ آهي ته عراق جنگ کٽي سگهجي ٿي، جنهن لاءِ عراق ۾ وڌيڪ فوج موڪلڻ جي ضرورت آهي. +هن عراق جنگ جي حوالي سان صدر بش ۽ ��ڳوڻي بچاءَ واري وزير ڊونالڊ رمسفيلڊ تي شديد تنقيد ڪئي هئي. +جان مڪين ڪيترن ئي حڪومتي پاليسين جو سخت مخالف آهي، جن ۾ هم جنس پرستي، حمل واري قانون ۽ امريگيشن پاليسي تي سندس خيال مختلف آهن. +جان مڪين پنهنجي نائب صدر لاءِ سارا پيلن کي چونڊيو. +40 سالن جي سارا پيلن 1987ع ۾ اداهو يونيورسٽي مان صحافت ۽ سياست جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات صحافڻ طور ڪئي ۽ هوءَ ٽي وي تي راندين جون خبرون پڙهندي هئي، جنهن کان پوءِ هن پنهنجي شهر ۾ ٿيندڙ حسن جي مقابلي ۾ سونهن راڻي طور ڪاميابي حاصل ڪئي. +سارا پيلن 1996ع ۾ وسيلا شهر جي ڪائونسل جي ميمبر چونڊي ۽ 2002ع ۾ ان ئي شهر جي ميئر چونڊجي وئي، سارا پيلن کي 2006ع ۾ الاسڪا جي پهرين ۽ گهٽ عمر واري گورنر هئڻ جو اعزاز حاصل آهي، سارا پيلن بندوق هلائڻ ۽ مڇي پڪڙڻ ۾ تمام گهڻي مهارت رکي ٿي. +سارا پالن نيشنل رائيفل ايسوسيئيشن جي تاحيات ميمبر ۽ الاسڪا نيشنل گارڊ جي سربراهه آهي. +هن 24 سالن جي عمر ۾ شادي ڪئي ۽ کيس پنجن ٻارن جو اولاد آهي ،هوءَ مضبوط سماجي ۽ قدامت پسند روين سبب سڃاتي وڃي ٿي، جڏهن ته هوءَ رشوت وٺڻ واري عمل جي سخت مخالف آهي ۽ 2003ع ۾ الاسڪا جي تيل ۽ گئس ڪميشن بابت جاچ ڪرائڻ جو مثال پيش ڪيو پيو وڃي، ٻئي طرف مٿس الاسڪا جي گورنر جي حيثيت ۾ ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال بابت انڪوائري پڻ هلي رهي آهي. +سارا پيلن تي هڪ تنقيد اها به ڪئي وڃي ٿي ته هن پرڏيهي ملڪن جو تمام گهٽ سفر ڪيو آهي ۽ هوءَ صرف ڪئنيڊا، ڪويت ۽ جرمني جو دورو ڪري سگهي آهي. +هاڻي ڏسڻو ان ڳالهه کي آهي ته آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ براڪ اوباما ڪامياب ٿئي ٿو يا جان مڪين ڪامياب ٿي وائيٽ هائوس تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. +دنيا جو سپر پاور آمريڪا هينئر معاشي بحران جو شڪار آهي، جنهن سبب دنيا جا اسرندڙ ملڪ متاثر ٿي رهيا آهن، پر اسريل ملڪن جي معيشت تي پڻ ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. +آمريڪي توڙي دنيا جي عوام جون نظرون نئين آمريڪي صدر تي کتل آهن، ته جيئن سپر پاور جا اختيار رکندڙ آمريڪا جو نئون صدر دنيا مان جنگ، بک، بدحالي ۽ معاشي بحران کي حل ڪرڻ جون پاليسيون جوڙي بحرانن جو خاتمو آڻي سگهي. + + +ممبئي بم ڌماڪا26 نومبر 2008- 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا رپورٽ: زبير زرار منگي +ڀارتي شهر ممبئي ۾ بم حملن ۽ فائرنگ وارن واقعن ۾ 5 اعلى پوليس عملدارن ۽ 11 اهلڪارن سميت 100 ڄڻا مارجي ويا ۽ 900 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، فوجي ڪارروائي دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 9 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعي جي دَڪن مجاهدين نالي تنظيم ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. +مهاراشٽر سرڪار موجب شهر جي 16 مختلف هنڌن سميت 2 هوٽلن تي هٿياربندن هڪ منظم منصوبي تحت فائرنگ ۽ بم ڌماڪا ڪري تاج محل ۽ اوبراءِ هوٽلن تي قبضو ڪري ڪيترن ئي پرڏيهي شهرين کي يرغمال بڻائي ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ شهر ۾ سخت خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي. +ممبئي پوليس موجب ڌماڪن ۽ فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 82 ماڻهو مارجي چڪا آهن، جڏهن ته آزاد ذريعا مارجي ويلن جو انگ 100 کان وڌيڪ ٻڌائي رهيا آهن. +ڀارتي ميڊيا ۽ اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته 6 سئو کان وڌيڪ زخمين کي شهر جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، آزاد ذريعن جو چوڻ آهي ته 9 سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. +مهاراشٽر رياست جي چيف سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته ڌماڪن ۽ فائرنگ جي واقعن ۾ مارجي ويلن جو انگ هڪ سئو کان وڌي سگهي ٿو. +ممبئي شهر ۾ ڌماڪن ۽ فائرنگ وارن واقعن کانپوءِ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو. +م��بئي پوليس ڄاڻايو آهي ته هٿياربندن رات جو 10هين وڳي شهر جي 11 مختلف هنڌن تي فائرنگ ۽ بمن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن سبب شهر ۾ سخت خوف ۽ هراس واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جنهن بعد پوليس متاثر علائقن کي گهيري ۾ آڻي سمورا روڊ ۽ رستا بند ڪري ڇڏيا. +پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن سڀ کان پهريان شهر جي مصروف ريلوي اسٽيشن سِي اَيس ريلوي تي ڌماڪو ڪيو، جنهن بعد ڪيفي ليپرز، تاج محل ۽ اوبراءِ هوٽل تي گرنيڊ اڇلايا ۽ فائرنگ ڪئي. +پوليس موجب دهشتگردن مشين گن ۽ دستي بم سميت جديد هٿيارن سان حملو ڪيو. +هٿياربندن اوبراءِ هوٽل ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا ۽ هٿياربندن هوٽل ۾ موجود ڪيترن ئي پرڏيهي شهرين ۽ اسيمبلي ميمبرن کي يرغمال بڻائي ورتو. +دهشتگردن تاج هوٽل جي 12 ماڙ تان پنج گرنيڊ هيٺ اڇلايا، جنهن سبب هوٽل کي باهه وڪوڙي وئي. +پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ دوران ممبئي پوليس جا 5 اعليٰ سطحي عملدارن سميت 11 پوليس اهلڪار مارجي ويا، جن ۾ دهشتگردي ٽوڙ اسڪواڊ جو سربراهه هيمنٿ ڪُرڪُرَي، اِنڪائونٽر اسپيشلسٽ وِجَي سالڪي ۽ ممبئي جو ايڊيشنل پوليس ڪمشنر اشوڪ ڪامِٽَي ۽ ٻيا شامل آهن. +فوج تاج محل ۽ اوبراءِ هوٽل ۾ موجود هٿياربندن کان يرغمالين کي ڇڏائڻ لاءِ گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. +ڀارتي ميڊيا ڄاڻايو آهي ته فوج ڪمانڊو آپريشن ڪري تاج هوٽل مان 300 ڄڻن کي باحفاظت نموني ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. +واقعن کانپوءِ ڀارت جي سمورن شهرن کان ممبئي ايندڙ سمورن ٽرينن کي روڪيو ويو ۽ اڏامون پڻ روڪيون ويون. +ممبئي انتظاميا دهشتگردي جي وڌيڪ ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ سمورا رستا بند ڪري شهرين کي گهرن اندر رهڻ جي هدايت ڪئي. +پوليس جو چوڻ آهي ته اوبراءِ هوٽل مان 10 لاش هٿ ڪري انهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. +پوليس جو چوڻ آهي ته واقعن بعد علائقن ۾ شروع ڪيل آپريشن دوران 9 هٿياربندن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن مان ٽن کي اوبراءِ هوٽل جي حد مان گرفتار ڪيو ويو آهي. +ممبئي پوليس موجب دهشتگردن سان مقابلي ۾ 5 هٿياربند مارجي ويا آهن، جڏهن ته پوليس پاران هٿياربندن جو ڪنهن تنظيم سان يا گروپ سان تعلق ظاهر نه ڪيو ويو آهي. +ڀارتي ميڊيا موجب ڪراچي کان 4 ڏينهن اڳ ممبئي پورٽ تي پهتل هڪ لانچ جي تلاشي ورتي پئي وڃي، ممبئي پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته دهشتگردن لاءِ ڌماڪيدار مواد ۽ ٻيو سامان ان لانچ ذريعي پهچايو ويو هو. +ڀارتي ميڊيا موجب دهشتگردن ۾ ڪجهه عورتون به شامل آهن، جيڪي هوٽل اندر موجود هيون. +ڀارتي ميڊيا موجب فائرنگ ۽ ڌماڪن جي ذميواري دڪن مجاهدين نالي هڪ غير مقبول تنظيم قبول ڪئي آهي. +مهاراشٽرا حڪومت جو چوڻ آهي ته في الحال ڪنهن کي ذميوار قرار ڏيڻ وقت کان اڳ جي ڳالهه آهي، جاچ بعد ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو. +ڀارتي ميڊيا موجب دهشتگرد ڪارروائين ۾ پابندي وڌل تنظيمون لشڪر طيبه يا انڊين مجاهدين ملوث ٿي سگهن ٿيون +ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هٿياربند هوٽلن ۾ آمريڪي ۽ برطانوي شهرين جي ڳولا ۾ هئا، جڏهن ته انهن هوٽلن ۾ انڊين چئمپين ليگ جي 7 ٽيمن کي به رهڻو هو. +مهاراشٽرا جي وڏي وزير رائو ديش مُکُ پانڊي ۽ نائب وڏي وزير آر آر پٽيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دهشتگرد رات جو نائين وڳي سمنڊ رستي ٻَيڙِين وسيلي ممبئي پهتا ۽ مختلف هوٽلن ۾ ترسيا +وڏي وزير چيو ته عوام پرامن رهي جڏهن ته واقعي جي جاچ جون سموريون حقيقتون اڄ تائين عوام جي سامهون پڌريون ڪيون وينديون. +هن اعلان ڪندي چيو ته اڄ ممبئي جا سمورا تعليمي ادارا بند رهندا جڏهن ته سرڪاري آفيسون معمول موجب کليل رهنديون. + + +ممبئي بم ڌماڪا- 100 ڄڻا مارجي ويا رپورٽ: زبير زرار منگي +ڀارتي شهر ممبئي ۾ بم حملن ۽ فائرنگ وارن واقعن ۾ 5 اعلى پوليس عملدارن ۽ 11 اهلڪارن سميت 100 ڄڻا مارجي ويا ۽ 900 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، فوجي ڪارروائي دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 9 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعي جي دَڪن مجاهدين نالي تنظيم ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. +مهاراشٽر سرڪار موجب شهر جي 16 مختلف هنڌن سميت 2 هوٽلن تي هٿياربندن هڪ منظم منصوبي تحت فائرنگ ۽ بم ڌماڪا ڪري تاج محل ۽ اوبراءِ هوٽلن تي قبضو ڪري ڪيترن ئي پرڏيهي شهرين کي يرغمال بڻائي ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ شهر ۾ سخت خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي. +ممبئي پوليس موجب ڌماڪن ۽ فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 82 ماڻهو مارجي چڪا آهن، جڏهن ته آزاد ذريعا مارجي ويلن جو انگ 100 کان وڌيڪ ٻڌائي رهيا آهن. +ڀارتي ميڊيا ۽ اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته 6 سئو کان وڌيڪ زخمين کي شهر جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، آزاد ذريعن جو چوڻ آهي ته 9 سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. +مهاراشٽر رياست جي چيف سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته ڌماڪن ۽ فائرنگ جي واقعن ۾ مارجي ويلن جو انگ هڪ سئو کان وڌي سگهي ٿو. +ممبئي شهر ۾ ڌماڪن ۽ فائرنگ وارن واقعن کانپوءِ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو. +ممبئي پوليس ڄاڻايو آهي ته هٿياربندن رات جو 10هين وڳي شهر جي 11 مختلف هنڌن تي فائرنگ ۽ بمن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن سبب شهر ۾ سخت خوف ۽ هراس واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جنهن بعد پوليس متاثر علائقن کي گهيري ۾ آڻي سمورا روڊ ۽ رستا بند ڪري ڇڏيا. +پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن سڀ کان پهريان شهر جي مصروف ريلوي اسٽيشن سِي اَيس ريلوي تي ڌماڪو ڪيو، جنهن بعد ڪيفي ليپرز، تاج محل ۽ اوبراءِ هوٽل تي گرنيڊ اڇلايا ۽ فائرنگ ڪئي. +پوليس موجب دهشتگردن مشين گن ۽ دستي بم سميت جديد هٿيارن سان حملو ڪيو. +هٿياربندن اوبراءِ هوٽل ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا ۽ هٿياربندن هوٽل ۾ موجود ڪيترن ئي پرڏيهي شهرين ۽ اسيمبلي ميمبرن کي يرغمال بڻائي ورتو. +دهشتگردن تاج هوٽل جي 12 ماڙ تان پنج گرنيڊ هيٺ اڇلايا، جنهن سبب هوٽل کي باهه وڪوڙي وئي. +پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ دوران ممبئي پوليس جا 5 اعليٰ سطحي عملدارن سميت 11 پوليس اهلڪار مارجي ويا، جن ۾ دهشتگردي ٽوڙ اسڪواڊ جو سربراهه هيمنٿ ڪُرڪُرَي، اِنڪائونٽر اسپيشلسٽ وِجَي سالڪي ۽ ممبئي جو ايڊيشنل پوليس ڪمشنر اشوڪ ڪامِٽَي ۽ ٻيا شامل آهن. +فوج تاج محل ۽ اوبراءِ هوٽل ۾ موجود هٿياربندن کان يرغمالين کي ڇڏائڻ لاءِ گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. +ڀارتي ميڊيا ڄاڻايو آهي ته فوج ڪمانڊو آپريشن ڪري تاج هوٽل مان 300 ڄڻن کي باحفاظت نموني ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. +واقعن کانپوءِ ڀارت جي سمورن شهرن کان ممبئي ايندڙ سمورن ٽرينن کي روڪيو ويو ۽ اڏامون پڻ روڪيون ويون. +ممبئي انتظاميا دهشتگردي جي وڌيڪ ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ سمورا رستا بند ڪري شهرين کي گهرن اندر رهڻ جي هدايت ڪئي. +پوليس جو چوڻ آهي ته اوبراءِ هوٽل مان 10 لاش هٿ ڪري انهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. +پوليس جو چوڻ آهي ته واقعن بعد علائقن ۾ شروع ڪيل آپريشن دوران 9 هٿياربندن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن مان ٽن کي اوبراءِ هوٽل جي حد مان گرفتار ڪيو ويو آهي. +ممبئي پوليس موجب دهشتگردن سان مقابلي ۾ 5 هٿياربند مارجي ويا آهن، جڏهن ته پوليس پاران هٿياربندن جو ڪنهن تنظيم سان يا گروپ سان تعلق ظاهر نه ڪيو ويو آهي. +ڀارتي ميڊيا موجب ڪراچي کان 4 ڏينهن اڳ ممبئي پورٽ تي پهتل هڪ لانچ جي تلاشي ورتي پئي وڃي، ممبئي پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته دهشتگردن لاءِ ڌماڪيدار مواد ۽ ٻيو سامان ان لانچ ذريعي پهچايو ويو هو. +ڀارتي ميڊيا موجب دهشتگردن ۾ ڪجهه عورتون به شامل آهن، جيڪي هوٽل اندر موجود هيون. +ڀارتي ميڊيا موجب فائرنگ ۽ ڌماڪن جي ذميواري دڪن مجاهدين نالي هڪ غير مقبول تنظيم قبول ڪئي آهي. +مهاراشٽرا حڪومت جو چوڻ آهي ته في الحال ڪنهن کي ذميوار قرار ڏيڻ وقت کان اڳ جي ڳالهه آهي، جاچ بعد ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو. +ڀارتي ميڊيا موجب دهشتگرد ڪارروائين ۾ پابندي وڌل تنظيمون لشڪر طيبه يا انڊين مجاهدين ملوث ٿي سگهن ٿيون +ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هٿياربند هوٽلن ۾ آمريڪي ۽ برطانوي شهرين جي ڳولا ۾ هئا، جڏهن ته انهن هوٽلن ۾ انڊين چئمپين ليگ جي 7 ٽيمن کي به رهڻو هو. +مهاراشٽرا جي وڏي وزير رائو ديش مُکُ پانڊي ۽ نائب وڏي وزير آر آر پٽيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دهشتگرد رات جو نائين وڳي سمنڊ رستي ٻَيڙِين وسيلي ممبئي پهتا ۽ مختلف هوٽلن ۾ ترسيا +وڏي وزير چيو ته عوام پرامن رهي جڏهن ته واقعي جي جاچ جون سموريون حقيقتون اڄ تائين عوام جي سامهون پڌريون ڪيون وينديون. +هن اعلان ڪندي چيو ته اڄ ممبئي جا سمورا تعليمي ادارا بند رهندا جڏهن ته سرڪاري آفيسون معمول موجب کليل رهنديون. + + +خدمت ۾ جناب غوث محمد ڀٽي صاحب، +صدر پاڪستان پيپلز پارٽي، پي ايس49 لطيف آباد ، حيدرآباد. +عنوان ڳوٺ باغ حاجي ڀٽي، ڳوٺ الهڏتو چانڊيو، ڳوٺ باقر ڀٽي، حيدري ٽائون ۽ ڳوٺ رياض ٿهيم جي سيوريج نالَي جِي اسڪيم لاءِ فنڊ جي منظوري لاءِ اپيل. +گذارش ته ڳوٺ باغ حاجي ڀٽي، ڳوٺ الهڏتو چانڊيو، ڳوٺ باقر ڀٽي ۽ ڳوٺ رياض ٿهيم سنڌي آبادي جا قديم ترين ڳوٺ آهن ۽ ڳوٺ الهڏتو چانڊيو جو ذڪر ، برطانوي دور ۾ ڇپيل، سِمٿ جي گزيٽيئر آف سنڌ ۾ آيل آهي. هنن ڳوٺن جي مجموعي آبادي 10000 جي قريب آهي، هر آزمائش جي گهڙي ۾ هتان جي ماڻهن پ پ پ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ ڪڏهن به پ پ پ کان جدا ناهن ٿيا. هنن ڪڏهن به وفاداري ناهي مَٽِي هي سڀ ڳوٺَ پاڪستان پيپلز پارٽِي جي بينر هيٺ جمع ٿيل آهن اِهو ئي سبب آهي ته هتان پارٽي کي 100فيصد ووٽ ملندا رهيا آهن. اوهان کي خبر آهي ته ڊڪٽيٽر شپ ۽ فوجي راڄ وارين حڪومتن ۾ هتان جي باشندن ۽ ڳوٺن کي ترقياتي اسڪيمن کان خارج ڪيو ويندو رهيو آهي، ڇو ته هنن ڳوٺن هميشه هر محاذ تي پ پ پ جي حمايت ڪئي پي هوندي آهي. گذريل مڪاني اليڪشن ۾ هتي جي علائقي واسين يوسي سطح تي عوام دوست ناظم خان محمد چانڊيو کي انتهائي سخت مقابلي سان ڪامياب ڪرايو، نتيجي ۾ ڊسٽرڪٽ حڪومت اسان تي ڏمرجي پئي ۽ اسان جِي يوسي 15 لطيف آباد کي ڪوبه ترقياتي فنڊ نه ڏنو ويو. ڊسٽرڪٽ حڪومت، تعصبانه ۽ غير جمهوري رويو اختيار ڪيو ۽ اسان کي ڪنهن به فلاحي ڪم ۾ شامل نه ڪيو ويو، نتيجي ۾ هتان جا علائقي واسي ڏک ۽ ڪاوڙ واري ڪيفيت ۾ گذارين ٿا، ۽ اها ڄاڻ اوس اوهان +اوهان کي اها به ڄاڻ هوندي ته هتي جي علائقي واسين، هر سطح تي هن ڳوٺن لاءِ سيوريج سسٽم جي بحالي ۽ مرمت لاءِ اختيارين کي لکت ۾ توڙي زباني وڏي عرصي کان گذارش ڪندا آيا هُئا، پر کين پنهنجي ديس ۾ پرائو ٿِي رهڻو ٿَي پيو. انصاف گهرڻ لاءِ، پ پ وارن لاءِ ڪُلي طور تي دروازا بند هئا. خاص طور ارباب دور ۾ هتان جي ماڻهن کي مار کائڻي پئي. ديهه گھانگهرا، جيڪو يوسي جيڏو ۽ جهڙو علائقو آهي، تنهن کي ٻه حصا ڪري، هڪ حصو لطيف آباد ۾ ۽ ٻيو حصو سٽي حيدرآباد ۾ شامل ڪيو ويو ته جيئن، هتان پاڪستان پيپلز پارٽي جي قوت ختم ڪئي وڃي، پر پوءِ به اوهان جي عزت لائق قيادت، پارٽي جي قوت کي ختم ٿيڻ نه ڏنو، سڄ پڄ ته اها گهڙي اوهان ۽ اسان لاءِ آزمائش جي گھڙي هُئي اوهان جي رهنمائي ۽ شعورَ اسان کي نت نئين قوت فراهم ڪئي. جنهن ڪري اسان سڀ پ پ پ جي جهنڊي هيٺمحترم سائين اوهان کي اها به ڄاڻ آهي ته هتان جي وڌندڙ آبادي جو وڏو مسئلو سيوريج ناليَ جو مسئلو آهي، هنن ڳوٺن جو سيوريج نالو وڏي عرصي کان تباهه ٿي ختم ٿي ويو آهي. ڳوٺن جي زميني سطح هيٺ ۽ سيوريج نالَي جي سطح مٿي هوڻ ڪري، سيوريج جو گندو پاڻي گھرن ۽ اسڪولن ۾ داخل ٿيو پئي، ۽ انهي سيوريج جي پاڻي اسڪولن جي عمارتن کي نا تلافي نقصان پهچايو آهي. اهو گندو پاڻي ٻاروهي ئي روڊ تي بيٺو رهي ٿو، جنهن ڪري اُتان گذرندڙ مردن ، زائفائن ۽ اسڪولي ٻارن کي شديد پريشان ٿيڻو پئي ٿو ۽ سنڌي ٻولي جي نامياري عالم شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جو هتي روضي هوڻ ڪري سندس مزار تي ايندڙ زائرين کي، اهو گندو پاڻي اچ وڃ ۾ تڪليف ڏئي ٿو. مطلب ته اهو سيوريج جو گندو پاڻي خاص ڪري علائقي واسين ۽ حيدرآباد ضلعي جي ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ ۽ عام مسافر ماڻهن لاءِ جيءَ جو جنجال بڻجي ويو آهي. هن سيوريج نالي جون اسٽيميٽون ته ٺاهيون ته وڃن ٿيو پر اڃان تائين ڪوبه ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو ويو تنهنڪري اوهان کي گذارش آهي ته هن ڳوٺن جي سيوريج نالي جي فنڊ سميت اسڪيم منظور ڪرائي ڏيندا ته ڳوٺن سان پارٽي جي واعدي جي تڪميل ٿي سگهي ۽ هن ڳوٺن جي باشندن مان پريشاني ۽ بي چيني دُورفقط عرضدار ٿي سگهي فقط +سينيئر ميمبر پاڪستان پيپلز پارٽي +ڳوٺ الهڏتو چانڊيو ، يوسي15لطيف آباد پي ايس 49 حيدرآباد +سينيئر ميمبر پاڪستان پيپلز پارٽي +ڳوٺ باغ حاجي ڀٽي يوسي15لطيف آباد پي ايس 49 حيدرآباد +سينيئر ميمبر پاڪستان پيپلز پارٽي +ڳوٺ الهڏتو چانڊيو ، يوسي 15 لطيف آباد + + +جسقم طرفان سنڌوديش جي آزادي لاءِ ۽ پنجاب طرفان سنڌ جا ڦريل حق واپس وٺڻ لاءِ سنڌ جي راڄڌاني شهر ڪراچي ۾ ۴ کان ۵ لک سنڌي ماڻهو گڏ ٿي آزادي جو نعرو بلند ڪيو، ۽ پُر امن ريلي جي شڪل ۾ سڄي ڪراچي شهر جو گشت ڪيو. جنهن ۾ جسقم جو مرڪزي چيئر مين محترم بشير خان قريشي ۽ سيڪيٽري جنرل صفدر سرڪي پڻ شامل هئا. ۽ انهن هن موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستان کان سنڌوديش جي آزادي جي گهر ڪئي. اهو اجتماح پاڪستان جي تاريخ ۾ محترمه بينظير جي ۱۸ آڪٽوبر جو ڏيهه اچڻ تي جيڪو اجتماح ٿيو هو جنهن ۾ تقريبا ۲۵ لک ماڻهو شامل هئا، ان کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو اجتماح هو + + +سنڌ کي بڇايل اماڙيون ۽ نئين سال جي ايجنڊا +سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ کي انتهاپسند قوتن نفرت جي باهه ۾ ساڙڻ لاءِ 28 ڊسمبر 2009ع تي وڏي رٿابندي سان حملو ڪيو آهي. يوم عاشوري جي موقعي تي عزادارن جي مرڪزي جلوس ۾ ٿيل حملي ۾ هڪ طرف 50 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ سوين ماتمي زخمي ٿي اسپتالن ڀيڙا ٿيا آهن ته ٻئي طرف ان حملي بعد اڳواٽ طئه ٿيل رٿابندي هيٺ ڪراچي جي اهم واپاري مرڪزن تي حملو ڪري بولٽن مارڪيٽ سميت ڊزن کن ننڍن وڏن مارڪيٽن ۽ عمارتن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار کان وڌيڪ دڪان، آفيسون ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز سڙي ڀسم ٿي ويا آهن. جڏهن ته حملي آورن 100 کان وڌيڪ گاڏين کي به ساڙي تباهه ڪيو آهي. ڪراچيءَ کي تباهه ڪرڻ ۽ سنڌ جي معيشت کي ڪاپاري هاڃو رسائڻ جو اهو عمل ڪجهه ئي ڪلاڪن اندر سرانجام ڏنو ويو. هڪ طرف شهري بم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ۽ شهيد ٿيل پنهنجا پيارا ڳولي رهيا هئا ته ٻئي طرف هڪ منظم گروهه شهر جي مک ڪاروباري مرڪز ۾ ساڙ ٻار جو عمل شرو ع ڪري ڏنو. +ڪراچيءَ ۾ يوم عاشوري واري ڏهاڙي ٿيل هيءَ ڪارروائي ڪا اوچتو عمل ۾نه آئي هئي، نه وري ڪو حادثو هيو. پر اهڙي دهشتگرديءَ جا انديشا ان ڏينهن کان موجود هئا، جنهن ڏهاڙي سنڌ جي ڌرتي تي پهريون ڌاريون ماڻهو داخل ٿيو هو. سنڌ واسين جا ڏوهه ته ان ڏينهن کان ڏڪي رهيا هئا، جنهن ڏهاڙي سنڌ حڪومت جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ افغانستان کان آيل افغان پناهگيرن کي ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آباد ڪرڻ جا سانباها ڪيا هئا، جڏهن اسان جي معيشت جي مرڪزي شهر ۾افغانين جون بستيون آباد ٿيون هيون ته ڌرتي ڌڻين ان سڄي عمل کي سنڌ جي امن کي اماڙيون بڇائڻ جي هيبتناڪ سازش قرار ڏنو هو. افغانين جي سنڌ ۾ آمد بعد هتان جا ماڻهو پهريون ڀيرو ڪلاشنڪوف ڪلچر کان واقف ٿيا هئا. ڪابل ۽ قنڌار ۾ استعمال ٿيل بارود سرحدون ٽپي ڀٽائي جي امن واري ديس کي گهائڻ شروع ڪيو هو، اسان سنڌ جا ماڻهو جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا واري دور کان وٺي مسلسل اهي دانهون ڪندا رهياسين ته ٻيلي سنڌ جون سرحدون تاتارين، چنگيز خان ۽ مدد خان جي پوئلڳن لاءِ نه کوليو، درندن ۽ وحشين جا اهي لشڪر ماضيءَ وانگر سنڌ کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندا، پر محڪوم بڻايل ماڻهن جي دانهن تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو. پوءِ دنيا ڏٺو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ جا شهر ۽ وسنديون بارود سان واسجي ويون. اسان پنهنجن پيارن جي ڪفن دفن ۾ مصروف ٿي وياسين. +جڏهن سوات ۽ مالاڪنڊ ۾ مذهبي جنونيت خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو ته ان وقت به سنڌ جون سرحدون پناهگيرن جي ڪٽڪن لاءِ کولي امن ۽ رواداري واري ماحول کي سوليءَ تي چاڙهڻ جا سنباها ڪيا ويا. سنڌ جي ماڻهن دانهون ڪيون، مظاهرا ڪيا، بک هڙتالون ڪيون پر اسان جا حڪمران مهمان نوازيءَ جي نالي بدامني جا کوليل در بند ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا. سرحد صوبي جي پهاڙن مان آيل پناهگير نه فقط سنڌ ۾ داخل ٿيا پر هنن پاڻ سان گڏ دهشت ۽ ڏهڪاءَ جا سڀ سامان هڙن ۾ ٻڌي آندا. لکين سواتين ۽ مالاڪنڊين سان گڏ اهي دهشتگرد به منهنجي ڌرتيءَ تي پهچي ويا، جيڪي فوجي آپريشن بعد محفوظ هنڌ جي تلاش ۾ هئا. حڪمرانن سوات ۽ مالاڪنڊ کي ته محفوظ بنائڻ تي شادمانا ملهايا پر انهن ان ڳالهه ڏانهن قطعن ڌيان نه ڏنو ته اهي وحشي ۽ درندا سنڌ ديس ۾ ڪهڙا اچي هاڃا ڪندا. اسان سوات ۽ مالاڪنڊ کي محفوظ بنائڻ تي ارها نه هياسين پر ان امن جي قيمت تي منهنجي ديس کي ساڙڻ جا جيڪي سانباها ڪيا ويا. ان ڏانهن اسان جي حڪمرانن ڪو به ڌيان نه ڏنو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي معصوم ماڻهن کي جيئندان ڏيڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا. +اسان جي شهر ڪراچيءَ ۾ ٻين صوبن کان آيل ماڻهو جنهن نموني طاقتور ٿيڻ لڳا ۽ هتان جي ڌرتيءَ تي والار ڪرڻ لڳا، ان سڄي عمل کان اسان جا حڪمران چٽيءَ طرح واقف هيا، ڪراچيءَ ۾گذريل ٻه سالن دوران سوات، مالاڪنڊ ۽ وزيرستان سميت اترين علائقن سان واسطو رکندڙ ڪيترائي دهشتگرد سوگها ڪيا ويا، جن وٽان ايترو بم ۽ بارود مليو جيڪو حڪمرانن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي هو. پر پوءِ به هتان جي عوام جي ان مطالبي کي مان نه ڏنو ويو ته “سنڌ مان ڌارين ماڻهن کي تڙي ڌرتي ڌڻين کي محفوظ بڻايو وڃي”. حڪمران يڪجهتي جي نشي ۾ايڏو ته سرشار هيا جو هنن سن�� ۾ طالبان جي ڪٽڪن داخل ٿيڻ جو ڪوبه نوٽيس نه ورتو. اٽلندو سنڌي ماڻهن جي آواز کي چٿرن ۽ ٽوڪن جي ور چاڙهي ڇڏيو. +اڄ جڏهن سنڌ ۾ سرحد پار کان آيل درندا ۽ وحشي منهنجي شهرن کي ساڙي ٻاري ڀسم ڪرڻ لاءِ ميدان تي آيا آهن ته ان وقت اسان جي حڪمرانن کي اکيون کولڻ گهرجن. سنڌي ماڻهن جي ان پراڻي مسلسل گهر کي مان ڏيڻ گهرجي ته شاهه لطيف جي ديس ۾ آيل مڙني پرڏيهين کي نيڪالي ڏئي هتان جي معصوم ماڻهن جي مستقبل کي محفوظ بڻايو وڃي. ڪراچي سميت سنڌ جي مڙني وسندين مان سواتين، مالاڪنڊين، وزيرستان واسين ۽ افغانين کي ڪڍي پنهنجن وطنن ڏانهن موڪلڻ جا بندوبست ڪيا وڃن. +سنڌ جو هر ٻچو ۽ ٻار، ٻڍو ۽ جوان، ڀيڻ ۽ ماءُ تڏهن محفوظ رهي سگهي ٿي، جڏهن هتان درندن جا ٿاڪ ۽ وٿاڻ مڪمل طور تي ختم ڪيا وڃن. ان لاءِ سنڌ جي هر پارٽي ۽ مڪتب فڪر جي ماڻهو کي گڏجي حڪومت مٿان اهو زور بار وجهڻ گهرجي ته اسان جي ڌرتي کي ڪابل، قنڌار، سوات ۽ مالاڪنڊ بنائيندڙ ٽولن کي بنا دير جي پنهنجن وسندين ڏانهن موڪليو وڃي. جيڪڏهن اڃا به اسان ملڪي وحدت ۽ يڪجهتيءَ جي نانءَ تي سنڌ جون سرحدون ٻاهرين ماڻهن لاءِ کليل رکيون ته پوءِ خبر ناهي ته اسان جي ڪيترن مائرن ۽ ڀينرن کي پنهنجن پيارن جا لاش وصول ڪرڻا پوندا. اڃا ڪيتريون ونيون پنهنجن ورن جا مڙهه وصول ڪرڻ لاءِ مرده خانن جا چڪر ڪاٽينديون. +اڄ جڏهن نئين سال 2010ع جي شروعات ٿي رهي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي مڙني ساڃهه وندن کي نئين سال جي ايجنڊا ۾ “سنڌ کي ڌارين کان پاڪ ڪرڻ” وارو نقطو شامل ڪرڻ گهرجي، هن سال ۾ جيڪڏهن اسان سنڌ کي ڌارين جي ڪٽڪن کان بچائڻ ۾ ڪامياب وياسين ته هي سال سنڌ لاءِ سڦلائتو ثابت ٿيندو. + + +آ هو ا اداسي جي +